ٻه چار لفظ
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي قوم ۽ سماج جو هڪ اهم ۽ سڄاڻ ماڻهو هو. فقط پنجيتاليھن ورهَن تي پکڙيل پنھنجي ننڍي ڄمار منجهان، ستاويھه ورھه هُن عملي سياست ۽ سماجي سرگرمين سميت علمي، تحقيقي ۽ ادبي خدمتون ڪندي گذاريا، جن کيس هڪ ڏاهي، محقق، ٻوليءَ جي ڄاڻُو، اديب، ڪھاڻيڪار، مضمون نويس، تنقيدنگار، مترجم، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ کاهوڙي پُٽ جي سُڃاڻ ڏني. گڏوگڏ، هُو هڪ حساس دل ۽ ٿڌو مزاج رکندڙ ماڻهو به هو. هُو ڪنھن به قسم جي مصلحت ۽ منافقيءَ کي ننديندڙ هو. هُو حقيقي معنى ۾ پورهيت-دوست ۽ پورهئي سان پيار ڪندڙ شخص هو. هن جي محبتي اکڙين منجهه، سچائيءَ ۽ سورهيائيءَ کي چاهيندڙ سندس روحَ کي پَسي سگهبو هو. جن دوستن، عزيزن ۽ قريبن سندس اکڙين ۾ جهاتي پاتي هوندي، تن هن جي ’روح جا رنگ‘ به ڏٺا هوندا! هو دليل جي دنيا ۾، سوالن جي سوچ کي پري تائين پکيڙي ۽ انهن جا ممڪن جواب ووڙي سگهندو هو. سندس سوچ جي سگهه ۾ سائنسيت سمايل هئي، جنھن کيس ڏور-رس ۽ استدلالي نگاھ جو مالڪ بڻايو هو. هُن جي ذهانتَ جي عڪسن کي، سندس سندر اکڙين جي گھرائيءَ؛ مٺڙي ڳالهائڻ جي انداز ۽ ٻھڪندڙ مُنھن جي سوجهري مان چڱيءَ پر محسوس ڪري سگهبو هو. اِها ئي ذهانت ڀَرِي رِيتِ؛ هن جي لکڻين ۾ پڻ اوتيل آهي، جيڪي گذريل ويھارو سالن کان اسان سھيڙيندا رهيا آهيون!
اسان، ڊاڪٽر محبت جي گذريل وِيھن ورسين تي ــــ 1998ع کان 2017ع دوران ــــ سندس لکيل توڙي ترجمو ڪيل اڻويھه ڪتاب پڌرا ڪيا آهن، جڏهن ته ويھين ورسيءَ تي، سندس باري ۾ لکيل مقالن، مضمونن ۽ تاثرن تي جُڙيل ضخيم ڪتاب ”محبت جن جي من“ آندو، ۽ هڪ ڪتاب ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: شخصيت، فڪر ۽ فن“ 2014ع ۾ ڇپرايو، جڏهن ته ڪجهه ڪتابن جا ٻيا ۽ ٽيان ڇاپا به ڇپيا آهن. ڊاڪٽر محبت جي لکيل تحقيقي مقالن ۽ علمي مضمونن تي مشتمل ڪتابن ۾: ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا“ 1998ع ۾ پھرين ورسيءَ تي، ”اچو ته پنھنجي سنڌي لکت سنواريون“ 2000ع ۾ ٽينءَ ورسيءَ تي، ۽ ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“ 2003ع ۾ ڇھين ورسيءَ تي ڇپيا هئا، جيڪي گهڻي وقت کان ختم ٿي ويل هئا، ۽ علمي اُڃ هيٺ، اديبن ۽ محققن سميت سڄاڻ پڙهندڙَ انهن ڪتابن جي گُهر ڪري رهيا هئا. موجوده ڪتاب، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي“ ۾، اسان اِن علمي گُهر کي مانُ ڏيندي، ٽنهي ڪتابن جي سمورن مقالن ۽ مضمونن کي، سواءِ هڪ مقالي ’ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي‘ جي، هڪ ئي ڪتاب منجهه پيش ڪري رهيا آهيون، جنھن سان، ٻوليءَ، انسائيڪلوپيڊيا، لغت، لکيت ۽ اصطلاحسازيءَ سان لاڳاپيل اهم مقالا ۽ مضمون، ڄڻ ته، هڪ ئي ڪتاب ۾ سھيڙيا ويا آهن. انهن سمورن مقالن ۽ مضمونن کي اسان، ٽنهي ڪتابن جي پھرِيَن ڇاپن ۾ آندل ترتيب موجب ئي رکيو آهي، ته جيئن مقالن جو تسلسل، موضوعي طور، هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهي. ان ئي ريت، ’ضميري پڇاڙين‘ جي سلسلي جا لاڳاپيل مِڙئي مقالا پڻ ڌار، ٻئي گڏيل ڪتاب ۾ پيش ڪيا ويندا، ته جيئن ٻوليءَ جي موضوع وارن اڀياسي مقالن ۽ مضمونن جو سلسلو، ٻن ڪتابن ۾ سھيڙجي وڃي. ٽئين گڏيل ڪتاب ۾؛ ٻن الڳ الڳ ڇپرايل مڪمل ڪتابن: ”ٻوليءَ جو بڻ“، 2002ع ۾ پنجين ورسيءَ تي، ۽ ”ٻول جو بڻ“، 2007ع ۾ ڏهين ورسيءَ تي آندل، کي شامل ڪيو ويندو.
تحقيق جو موضوع تسلسل ۽ مستقل مزاجي گهرندو آهي. اسان ڪوشش ڪئي آهي، ته ان تسلسل ۽ تحقيقي رويي کي برقرار رکون، جنھن جي اڳواڻي، سنڌي ٻوليءَ سان محبت جي جذبي تحت، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڳوڙهائپ ۽ خوبين کي کوجيندي، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪئي پئي. هونئن به، محبتَ ڪو وقتي جذبو ته ناهي، ان جي حسناڪي ۽ جماليات سندس لافانيت ۾ ئي ته لڪل آهي!
سدائين گڏ.
رياضت ٻرڙو
4-اپريل 2018ع، لاڙڪاڻو