تعارف
پھاڪن ۽ چوڻين جي شوقينن لاءِ ھيءُ رسالو ٻيھر اي-ڪتاب جي صورت ۾ ھتي پيش ڪجي ٿو.
اصل ڪتاب ۾ داخلائن جو تعداد ۴۵۲ آھي. ٽي داخلائون ورجايل آھن، جيڪي ھن ڇاپي مان خارج ڪيون ويون آھن. ان لحاظ کان تعداد ۴۴۹ بيھي ٿو. در اصل مسودي ۾ نمبر ڏيڻ وقت ڪمپازيٽر کان سھو ٿي وئي آھي. جنھن ڪري ۴۷۶ داخلا کان پوءِ وري اندراج ۴۷۳ کان ٻيھر شروع ڪيو اٿائين. انھيءَ نسبت سان چار داخلائون اڃا وڌي ويون. جنھن ڪري ھاڻي داخلائن جو جوڙ ۴۵۳ وڃي بيھي ٿو.
داخلائن جي صورت ساڳي رکي وئي آھي. منجھن ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي وئي آھي، سواءِ پروف جي غلطين کي سڌارڻ جي. صورتخطيءَ جون غلطيون سڌارڻ لازمي سمجھندي، اھي سڌاريون ويون آھن. باقي سمورا جملا ساڳي صورت ۾ بنا ڪنھن وڌاءَ ۽ ڪاٽ ڪوٽ، بنا ڪنھن تصحيح ۽ تشريح جي، جيئن جو تيئن ڏنا ويا آھن ته جيئن اصل ڪتاب جي ساڳي صورت برقرار رھي ۽ آئندھ جي محقق کي تحقيق ڪرڻ وقت ڪا به دقت نه رھي.
انجنيئر عبدالوھاب سھتو.