سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر علي گل سانگيءَ جي لو ڪ گيتن تي مشتمل ڪتاب ”گجر پائي گج“ اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿو.
سنڌ جي تاريخ ۾ لوڪ گيتن جي ڪنھن بہ شاعر جو هي پھريون مڪمل ڪتاب آهي. ھن ڪتاب ۾ شامل لوڪ گيتن ۾ علي گل سانگيءَ لوڪ يا عوامي رنگ جي شاعريءَ جي اوتان اوت ڪئي آھي. رواني، سلاست، موسيقيت، سادگي ۽ سونھن علي گل سانگيءَ جي شاعريءَ جون خاص خوبيون آھن. سانگيءَ پنھنجي گيتن ۾ جن ڪردارن، ريتن رسمن، واقعن، مشاھدن ۽ قصن کي پنھنجي شاعريءَ جڳ مرڪز بڻايو آھي، سي سڀ اسان جي عوامي ۽ ٻھراڙيءَ واري دنيا جو عڪس پيش ڪن ٿا.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ گل حيات پبلشنگ ھائوس، لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ جي سھڪار سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي