ٻاراڻو ادب

ننڍڙو چنڊ

هن منفرد ناول ۾ هڪ شفيق پيءُ جي پنھنجي پُٽَ سان محبت، اُنسيت، ارپنا ۽ بيحد لڳاءَ جي خوبصورت عڪاسي نظر اچي ٿي. انور ابڙي جي هن ناول جي اهم ڪردار ”عنيق“ تي مشتمل هڪ اهڙي وارتا آهي، جيڪا ٻاروتڻ جي حرڪتن، معصوم انداز وارين ڳالھين ۽ ڊائلاگس کي ڏاڍي حساس انداز ۽ ويجهڙ کان محسوس ٿيندي. هُن جي هر ڳالھہ ۽ اهميت کي اجاڳر ڪيو آهي. ناول  ۾ ’عنيق‘ کي سنڌ جي تاريخي ماڳن؛ ڀٽ شاھ، قلندر جي درگاھ، ٿرپارڪر جي سئر کانسواءِ ڪراچيءَ جي تفريحي هنڌن جو سئر سفر ڏيکاريو ويو آهي، اُنھن جي اهميت ٻڌائي وئي آهي. ”ننڍڙو چنڊ“  ۾ ڳوٺاڻي زندگي ۽ شھري زندگيءَ ۾ فرق کان سواءِ پل پل جو احساس ڏياريو ويو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انور ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ننڍڙو چنڊ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار أنور ابڙي جو ٻارن لاءِ لکيل ناول ”ننڍڙو چنڊ“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
پنھنجي نوعيت جي هن منفرد ناول ۾ هڪ شفيق پيءُ جي پنھنجي پُٽَ سان محبت، اُنسيت، ارپنا ۽ بيحد لڳاءَ جي خوبصورت عڪاسي نظر اچي ٿي. انور ابڙي جي هن ناول جي اهم ڪردار ”عنيق“ تي مشتمل هڪ اهڙي وارتا آهي، جيڪا ٻاروتڻ جي حرڪتن، معصوم انداز وارين ڳالھين ۽ ڊائلاگس کي ڏاڍي حساس انداز ۽ ويجهڙ کان محسوس ٿيندي. هُن جي هر ڳالھہ ۽ اهميت کي اجاڳر ڪيو آهي. ناول  ۾ ’عنيق‘ کي سنڌ جي تاريخي ماڳن؛ ڀٽ شاھ، قلندر جي درگاھ، ٿرپارڪر جي سئر کانسواءِ ڪراچيءَ جي تفريحي هنڌن جو سئر سفر ڏيکاريو ويو آهي، اُنھن جي اهميت ٻڌائي وئي آهي. ”ننڍڙو چنڊ“  ۾ ڳوٺاڻي زندگي ۽ شھري زندگيءَ ۾ فرق کان سواءِ پل پل جو احساس ڏياريو ويو آهي.
هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آھي. مھرباني أنور ابڙي جي جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي