پِيراڻـي
ھڪڙي ھنڌ مانجهاندو ڪيائون. گودڙيءَ مان سُڪل مانين جا ٽڪر سڀني کي ملي ويا. ٻئي بُجڪي مان سڪل ڏڌ جا اڇا ٽڪر ڪڍي، پاڻيءَ جي جَمن ۾ وڌائون ۽ سڀني ٻه ٽي ڍڪ ڀريا. ننڍڙي نون سالن جي پيراڻيءَ چيو، ”سنڌ ۾ شيون کوڙ ۽ سٺيون سٺيون!“ پڻس ٽوپ لاھي جُونئن ھاڻو مٿو کنھيو. ماڻس خفي ٿي ڏانھس نھاريو. ٻين ٻارن جي آڏو مٺين مٺين شين جون خيالي قطارون گھمي ويون.
سنڌ ۾ پَلال جي جھوپڙين ۾ ويٺا، پَلال تي سمھيا ۽ پَلال جا جو تا ٺاھي پاتائون. بانس جون لٺيون ۽ ڏاسن جا رسا وِڪيائون. ڪڍيون ڪيائون ۽ ڪيڻون ڪڍيائون.
سيارو گذريو ۽ موٽڻ جا سانباھا ٿيا. ٻارڙن کي شيون ڪونه مليون.
وڃڻ کان اڳ ۾ پيراڻيءَ جي پيءُ زال جي منھن ۾ ڏٺو. سندن اڳيان سڃ ۽ بک ڦِري ويئي. جوڻس ھيسجي پيراڻيءَ جي چولڙي کي ڏٺو، جو اڃان ھاڻي ڌوئي وڌو ھئائين. سندس خاموش بيوس اکين ۾ انڪار ڪين ھو!
پيراڻيءَ جو پيءُ ڀر واري ڳوٺ ۾ آيو. ”سلاماليڪ!“ ڪيائين، ”ادو ڪو ’سنگ‘ کپي؟“ پيءُ جو مطلب ڌيءَ کي وڪڻڻ جو ھو. سنڌ ۾ سَڱن جي اڻاٺ. ڪيترن جا پڙ باسيل ھئا. ’شل بادشاھه پِير سڀ جي پُڄائي!‘ لالوءَ جي پيءُ پٽ ڏي ڏٺو، مڇن جي ساول. آواز گگهو، ڏاڙھيءَ جا ڇڊا ڇڊا کنڀ به نڪتا ھئس. ٻه ٽي ڄڻا بروھيءَ سان گڏجي ويا.
بروھين جا ڪتا سنڌين کي ڏسي ڇتا ٿي پيا. ھوءَ ھا مچائي ڏنائون. پيراڻي پٺيءَ اگھاڙي ڄُنڊا کليل، ڀڄي وڃي ماءُ جي چولي کي جھليائين. لالوءَ جي پيءُ کيس ھٿ لاءِ ڏٺو.
پيراڻيءَ جي پيءُ پڪائي ڪندي چيو، ”ڊُبرو (ڏٻري) ناھي!“ ڪتن ڀونڪ نه ڇڏي. ڳوٺ جي ٻاھرئين رستي تائين ڀونڪندا ڊوڙندا آيا، کين ٻاهر ڪڍي پُڇ لوڏڻ لڳا ۽ بدن کي ڌُوڻي ٽِڙي پکڙِي ويا. ھنن پنھنجو فرض پورو ڪيو.
ڳوٺ جي ٻاھران ’سٺ‘ روپين تي فيصلو ٿيو. اڄ بروھين پنھنجا تڏا پٽيا. مڏي ويڙھجي سيڙهجي، ڏاندن تي پئجي ويئي. ٻارڙن ڳوٺ جون ڳالھيون ٿي ڪيون. ٽَڪر جون ۽ ٽَڪر جي ٻيرن جون. لالوءَ جو ڳوٺ واٽ تي ھو. پيراڻيءَ جي ماءُ پيراڻيءَ سان بلڪل لڳي ٿي ھلي. پڻس به کيس اڱر ڏني ھئي.
”ابا ھاڻي ڳوٺ ٿا ھلون!“ پڻس ڪنڌ سان ھائو ڪئي. سندس اندر کاڌو پيو ھو. ماڻس محسوس ڪيو ته ڪا وڏي شيء سندس ڇاتيءَ ۾ اٽڪي بيٺي آھي، جا ٻاھر نڪرڻ لاءِ اُڌ ما پئي کائي. لالوءَ وارا اڳيئي بيٺا ھئا. ماڻس مشين وانگر سٽ ڏيئي پيراڻيءَ کي کڻي ورتو ۽ ڇاتيءَ سان چنبڙايو. ماءُ ۽ ڌيءُ جون دليون ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳيون. ماڻھو مڙي ويا. پڻس ڏڪندڙ ھٿن سان پيراڻيءَ جي ٻانھن کي ڇڏايو. ماءُ جو ھنيانءُ ڦِسي پيو، آنڊا وڍجي پيا، دل دانھن ڪئي، ”اڙي، منهنجو پيراڻي ننڍڙو!“ ڇوڪريءَ هيانءُ ڦاڙي دانهن ڪئي. پکي ڀڙڪو ڏيئي اڏاميا.
پَٽ ۾ پيل پيراڻيءَ کي لالوءَ جي پيءُ جھليو. پيراڻيءَ جي پيءُ جي نڪ ۽ اکين جو پاڻي سندس ڏاڙھيءَ مان ٿي ٽميو ۽ ڦٿڪندڙ زال کي جهليائين. لَڏ رواني ٿي، پيرڻيءَ اوٻاسين ۾ ”ابا ۽ اما“ پوڪاريو. ماڻس کي گھليندا ويا ۽ پري کان آواز ايندو رھيو، ”او جي خدا، منھنجو پيراڻي ننڍڙو! ... او ٽڪر کي باھه لڳي ... ، سنڌ وسي ... ، منھنجو پيراڻي ننڍڙو!“ ھن وار پئي پٽيا.
ڦٿڪندڙ پيراڻيءَ کي گھر کڻي ويا. ھن بُل پئي کاڌا، ڇڙھيون ٿي ھنيون، ڀڳي ڀڳي ٿي ويئي. لالو ڊوڙيندو شيون وٺي آيو. زور سان سندس وات ۾ مصري وڌائون جا اجھڪي سان نڪري آئي. ٻاراڻيءَ ڪچيءَ نڙيءَ مان گگهو آواز اچڻ لڳو، اوٻاسين ۽ سُڏڪن ۾ ڀڳل، ٽٽل،” ابا...، امان...“ ٿي نڪتس. ڪنھن کيس سڏ نه ڏنو. لالوءَ کي باھه وٺي ويئي، ڪاتي کڻي آيو. اکيون ڦوٽاري چيائين، ” بس ڪر نه ته ڪُـھندوسانءِ“.
مٽي ۾ پيل پيراڻيءَ سڄي رھيل طاقت سان چيخ ڪئي ... ... مائي ڀاڳل پنھنجي ننڍڙيءَ ڌيءَ کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو. ٻڪريءَ ڪن اُڀا ڪري ٻيڪاٽ ڪيو ۽ ڦَـر کي چٽڻ لڳي.
پيراڻي اڄ به جيئري آھي، سندس ھڪ پُٽ پوليس وارو آھي ۽ ٻيو جيل ۾ آھي.