بـدمـعـاش
ڏائڻ جھڙي ڪھاڙي ڪلھي تي کنيو، شينھن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو ھو. شل نه ڪير کيس للڪاري! ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جھلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين ٻه، ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگھه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪھاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.
چيلھه سنھي، ڇاتي ويڪري، ڪلھا اُڀا، مڇن کي تاءُ ڏيو، اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾ مست ٿيو وتندو. ڪنھن تي فلڪ نه آڻيندو. ننڍي کان ئي نود ھو. پڻس ڪُٽي ھڏ گڏ ڀڃي رکندو ھوس، حرام جو سڌو ٿئي. ٻرڙاٽ پيا پوندس. لتون مڪون، چنبا، گھل گھلان. ھجيس ماءُ ته ڇڏائيس! نيٺ رڙيون ڪرڻ بند ڪيائين. پيو مار کائيندو، ڪڇندو نه، ڀانئيندو ته پيءُ جي ڏاڙھي پٽي رکي، پر ڏڍو ھوس. اوڙو پاڙو تپائي ڏانائين. پاڻ جيڏن کي سٽيو ڪُٽيو ھليو ويندو.
ٻارن جا ماءُ پيءُ رڙيون ڪندا ايندا. ھٿ ايندن ته ڪُٽي رکندس. پنھنجو ٿورو ئي ھئن! نه ته به پڻس کي دانھن ڏيندا. پڻس پاڻ مان ئي ڪڪ! سڀ سُور ساڙَ ھن مان ئي ڪڍندو ھو. ڏوھه ٻين جا مار ھن تي، ” ڪو انھين تي ڪونه آيو ھو.“ اھڙو ساڙ ٿيندو ھوس، اھڙو ساڙ ٿيندو ھوس ... ڏاڍو ساڙيندو ھوس.
چوندو ھو، ”بيھه وڏو ٿيان!“
ڪيئن نه واڻئي جي چلڪڻي ڪپڙي کي ھٿ لاتو ھئائين! واڻئي چماٽ وھائي ڪڍيس. پڻس به کڻي چنبو ھنيس. پيءُ تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس.
”ڀيڻسان سُوئر!“ ننڍو ھو، سُور پي ويو.
ڇورو ڇِنو، ميرو چولو، ڦاٽل پٽڪو. ان لپ ڪانه جو شيء وٺي. ٻيا ٻار جھول ڀريو، چوس چوس ڪيو، گُگهڙا وٺيو، پيا پورائيندا ھئا. ھيءُ اڪيلو مٿي تي ٻانھن رکيو، اکيون ڦاڙيون، بيٺو ڏسندو. ٺڪر جو جنڊ، ٺڪر جي گاڏي، ٺڪر جو اُٺ، ناڪيليءَ سان. دل چوندي ھيس ته ھٿ لائي ڏسان. پر ڪير ٿو ڪنھن کي ھٿ لائڻ ڏئي! نڪ جي چوٽڙي ڳاڙهي ٿي پونديس. وٺي ھڪ پاسي ڀڄندو. ڪنڊ ۾ منھن ڪري، ڀت تي لڪا پائيندي. پيو چَپ ڪڍندو ۽ سِنگھه اگھندو.
سِڪي سِڪي رانديڪو چورايائين. سانڍيو پيو سانڍيندو ھوس، لڪي لڪي راند ڪندو ھوس. ننڍڙو ڪافور جو گُڏڙو، وڏين اکين سان، ڄڻ ته ڀاءُ ھوس. ڪيئن نه پڻس کسي ورتس! سڏڪا ڀريندي، مار کائيندي کائيندي، ٽپا ڏيئي ڏيئي، رانديڪو ڇڏائڻ جي ڪيائين. ويچارو گڏڙو پڻس جي پيرن ھيٺان چيڀاٽجي ويو، ھن ڏاڍيون رڙيون ڪيون. پيءُ کي ”حرامي“ به چيائين. پڻس لتون به ھنيس. ان ڏينھن ڏاڍو رنو، ڀڳل گڏڙو کڻي پنھنجي منھن وري به رنو. ٽُڪرڙا ميڙي، اڳڙيءَ ۾ ويڙھي، پاري ۾ وجھي ڇڏيائين. ڏينھن اھو، وري نه رُنو.
پيءُ ته ڏٺي نه وڻندو ھوس. ڀلا لِڱن جو ڪھڙو ٽُڪر ھوس، جنھن تي پڻس جا پادر نه وسيا ھئا. وڏو ٿيو ته لٺ کڻي کنيائين، چي، ”متان آيو آھين! “پِڻس سمجھي ويو، وري نه ڪُڇيو. ٻين ماڻھن سان ته ازلي وير ھوس. ڀلا ڪير ساڻس چڱيان ھليو ھو! اندر ۾ ڌڪار جون ڀريون، ساھه ساھه سان نفرت ڦوڪون ڏيئي نڪرندي ھيس. ماڻھن کي ماريندي، ڦُريندي، چيچلائيندي ڪجھه خيال نه ٿيندو ھوس. ساڻس ڪو گھٽايو ھئائون! نفرت سان ٽمٽار، ڪيتري به ڪڍي، ته به اوتري جي اوتري، نه گھٽجي، نه وڌي. کيس ھڪ ڪتو ھو، گلر ڪري پاليو ھئائين، اھو مئو ته روئي ويٺو.
ھڪ وار جهلجي پيو. گـھلي آيس ٿاڻي تي، اڃا ڪچو ھو ڊڄي ويو، چي، ”الله سائين ھي ڀيرو ڇڏاءِ ته توبھه ڪيم! “ پر جڏھن کيس مرچ وڌائون ۽ مُـٽ پياريائونس، تڏھن ڊپ لھي ويس. اھوئي ھڪ ڀرون ھيٺ، اک چنجھي، ٻيو ڀرون مٿي. پوءِ ڪئين ڀيرا جهليو، لوڏو ئي نه اچيس. اک کڻيو نھاري ته ساھه سُڪيو وڃي. جـھڙي تـھڙي پوليس آفيسر جي ڇاتي نه ٿئي، جو ڪجهه چويس. چڱي مڙس جي چوريءَ ۾ جھليو. پوليس تي بار پيا. چيائونس، ” مال موٽاءِ!“ . وٺي آيس گھر، ڀيڻس کي اگھاڙو ڪيائون، چي، ”وار پٽينس!“
ڪيس مان ڇُٽي نڪتو. ڀيڻ جي منھن به نه چڙھيو. چڱي مڙس کي ماريائين، اھي پوليس جا آفيسر ماريائين؛ روپوش ٿي ويو. ڪھڙو روپوش ! اتي ئي ھو، پر پوليس کان ڏاڍو ھو، ڏھڪاءُ وجھي ڇڏيائين.
ماڻھو مئو، ڄڻ ڪتو مئو. جڏھن ماڻھن جي ڳچيءَ مان رت ٺِينڍيون ڪري وھندو هو، جڏھن ڪپيل نڙگھٽ مان گرڙاٽ جا آواز نڪرندا ھئا، جڏھن وڍيل رڳن مان رت ڇاٽون ڪري نڪرندو ھو، ۽ رت جي گپ ۾ ڇڙھيون ھڻندا، بُل کائيندا ھئا تڏھن ھُـو بيھي ڏسندو ھو. ھڪ ڀرون ھيٺ، ٻيو مٿي ۽ اک چنجھي.
ڄڃون ڦريائين، گھوٽ ڪنورا ماريائين؛ نوٽن جون ڍِڳيون ڪري ساڙيائين، ڄڀيءَ کي بيھي ڏٺائين. ھڪڙو ڀرون ھيٺ، ٻيو مٿي، اک چنجھي.
ھڪ دوست تي ڪاوڙيو، ھڻي آنڊا ڪڍي رکيائينس، ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڍيائينس. پوءِ وٺي ڪُوڪون ڪيائين. اٺ پھر ماني نه کاڌائين. موٽي اچي فاتح پڙھيائين. مڇون ھيٺ لڙڪي آيس. رت ڀريل ڪھاڙي کڻي، خون واريءَ جاءِ تي پُوري ڇڏيائين، ڄڻ ته پنھنجي ڏاڍ ۽ مستيءَ کي دفن ڪيائين.
... ۽ پوءِ ... جھلجي پيو، ھڪ ڪيس نه بڻيس. سو ڏھين ۾ ڏنائونس. اڙجي ويو. مٽيءَ جي ماني، موبل ۾ رڌل دال. چرس، ڀنگ جو واپار، بچي بازيءَ تي جھيڙا، سڀ ٻِٽ، قيدي توڙي ڪامورا. گار جي رئي. ڪتي واري ڪار. ھُـو گڏھه وانگر وھندو رھيو گُهنڊ ھنيو، چپ چاپ ڪنڌ ھيٺ ڪيو پيو ڳـھندو ھو. ڏينھن ئي ٻه چار گذريا. جيل کان ٻاھر، پٿر ڀڃندي، ھرو ڀرو جمعدار صاحب ڏنڊيون وھائي ڪڍيس. ھن ڪنڌ ڦيري، ڀِرون ڇڪي، ڏانھنس ڏٺو. جمعدا صاحب تي زھر چڙھي ويو. گارين جو ڌوڙيو لاهي ڏنائين. چي،” ڏسين ڇا ٿو؟“ ھن جون ٻئي اکيون چنجھيون ٿي ويون. ڏند ڪُرٽجي ويس. وٺي گجگوڙ ڪيائين. ٽپو ڏيئي ڪَڙ ڪي پيو. جمعدار جي ٻانھن ڪڍي وڌائين. ھنگامو مچي ويو. قيدين جي ٻيگھي متي. سپاھين جون بندوقون ڇڏائجي ويون. ھُـو ڀڄي ويو.
ھن وڃي پنھنجي ڪھاڙي کوٽي ڪڍي. چتائي ان کي ڏٺائين ڄڻ ته انساني مٿن جا گيھا ٿي ڳڻيائين. سندس واڇ چٻي ٿي، نڪ گُهنجيو ۽ اک چنجھي ٿي. ڌڪار مان مشڪيو. ڪھاڙيءَ کي مٿي ڪري چمي ڏنائين، سندس ڦَـر جي تِک کي آڱوٺي سان جاچيائين. نئين سر ڪوس شروع ٿي ويا. ستلن کي ماريائين. بي ڏوھين کي ڪٺائين. گھر ساڙيائين. زائفن جا پار، ٻارن جو رودن. باھه جون لاٽون ... ڏسندو ڏسندو ھليو ويو. وري وري ڏسندو، نه خوشي نه خار. اھا ئي اک چنجھي، واڇ لڙيل، ڀرون ھيٺ مٿي. پچڪ ڪري کڻي ٿڪ اڇليندو.
ھڪ لڱا ڏينھن ڏٺي جو ڌاڙو ھنيائين، سڄي گھر کي کڻي مٺ ۾ ڪيائين. جو جتي سو تتي ھيسيل ۽ چُپ. ھي ڳاٺ اوچو ڪيو، ڀرون تاڻيون، پئي آيو ۽ ويو. اڱڻ ۾ ھلندي پير ھيٺان ڪو رانديڪو اچي ويس. اڍائي سالن جي ٻار ماءُ جي ڪڇ تان دانھن ڪئي، ”ڪِنو حلامي!“ ھن مُـڙي ڏٺو. ماءُ جھٽڪو ڏيئي ٻار جي وات تي ھٿ ڏنو، کڻي ڇاتيءَ سان چنبڙايائين. ويچاريءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ٻار کي اڃا به ڇاتيءَ سان سوگھو ڪيائين. اکيون کڻي ھن ڏانھن نھاريائين. ڇا ته ھو ماءُ جي اکين ۾! ھُـو پنڊ پاھڻ ٿي ويو. ٻار کي ڏٺائين، ڀڳل رانديڪي کي ڏٺائين، ماءُ جي ڀاڪر کي ڏٺائين. ڪيئن نه ٻارڙو ماءُ جي ڳچيءَ ۾ ٻانھون ورايو، ڇپ ھنيو پيو ھو. ھُـو ڏسندو رھيو.
ھن جا ڇِڪيل ڀرون ھوريان ھوريان سڌ ۾ اچي ويا. ھن جُهـڪي ڀڳل رانديڪو کنيو، ٽُڪر ميڙي اڳتي وڌيو. وڃي مائيءَ جي ھٿن ۾ ڏنائين.
انھيءَ ئي ڌاڙي ۾ ھو جهليو. سندس ڪي ساٿي ماريا، ڪي مٿس باڪُو ٿيا. مائيءَ شاھدي ڏني، ڀڳل رانديڪو پيش ٿيو. کيس جنم ٽيپ آئي. ھُـو ماٺ ھو. صاف ماٺ. سندس ڀرون سڌ ۾ ھئا. اکيون ھڪ ڪريون ھيس. ڄڻ ته پري پري پي ڏٺائين. مائيءَ کي، ٻارڙي کي، سندس ڀاڪر کي ... ۽ پاري ۾ پيل گڏڙي کي. سندس ڪنن ۾ آواز اچي رھي ا ھئا. ” ڪنو ... حلامي ...“
کيس سنتر جيل تي موڪليو ويو. لولو جمعدار جيلر بڻجي چڪو ھو، ھن کيس چوکنڀو ٻڌايو. کيس اگھاڙو ڪرايو ۽ کيس ڏنڊي لنگھائي. ھن کي اونڌو ڪري سنتر جي وڻ ۾ لڙڪايو ويو. سندس ڏنڊ ڪڍي ويئي. رت وھي ھليو، چيائون ته سوري ھيس. لولي جيلر کيس ٿڏو ھنيو، چيائين، ” بدمعاش!“