سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق، آرڪيالاجسٽ ۽ نثرنگار اشتياق انصاريءَ جو ھنگلاج ۽ لاھوت جي ڏورانھين سفر ۽ دنيا جي ڌرتي ماتائن تي لکيل معلوماتي ڪتاب ”ڌرتي ماتا“ اوھان اڳيان حاضر آهي.
هنگلاج ۽ لاھوت جي ڏورانھين سفر ۽ دنيا جي ڌرتي ماتائن تي لکيل هن معلوماتي ڪتاب ۾ سنڌ جي برن، جهنگلن، چشمن، جبلن ۽ جبلن ۾ٺھيل مورتين ۽ انھن مورتين سان جڙيل قصن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ هن ڪتاب ۾ هنگلاج جي ياترين، ديوتائن، ديوين ۽ انھن جي آستانن تي ٿيندڙ ميلن ۽ رسمن جو ذڪر پڻ ٿيل آهي.
معلومات جي هن کاڻ کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جنھن جي پھرين حصي ۾ هنگلاج، سونمياڻي شھر، حب ندي، سناتن ڌرم، دراوڙ قوم ۽ آتما جھڙن موضوعن کي چٽيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ هندو مذهب جي ديوتائن، جن ۾: برهما، وشنو، شِوَ، سوريہ پنٿ ۽ ان کانسواءِ ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان جي مختلف دؤرن کي پڻ مختصر بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ٽئين ڀاڱي ۾ دنيا جي مشھور ڌرتي ماتائن يعني ديوتائن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي آخري ڀاڱي ۾ سنڌ جي قديمي تيرٿ آستانن جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ گورکناٿ جو آستان، ڪالي ماتا جو آستان ۽ ميلو، هنگلاج ديويءَ جي پيدائش وغيره شامل آهن.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2001ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2017ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي شير علي چانڊيي جي سھڪار سان اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي رڳو پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي