صادق علي ملڪ
نالو: صادق علي
پيءِ جو نالو: ﷲ ڏنو
ذات: ملڪ
پيدائش جي تاريخ: پھرين جون 1973ع.
تعليم: B A
فن جي شروعات: 1989ع.
ادبي استاد: سگهڙ گل حسن “گل” ملڪ
ڇپيل ڪتاب: “سچا ٻول صادق جا”
شائع ٿيل شاعري: حافظ الملت سيريز 5، “سھڻل جا سينگار”، شان مصطفيٰ نعتيہ ڪتاب ۾ شاعري، “786 ڏات ڌڻين جي ڪلام ۽ احوال تي مشتمل سگهڙن جي جامع ڊائريڪٽري ۾ شاعري ۽ تعارف ڇپيل آهن.
ريڊيو ٽي وي پروگرام: پي ٽي وي، آواز، مھراڻ، ڪي ٽي اين. سنڌ ٽي وي سميت مختلف ڇينلز تي پروگرام رڪارڊ ٿيل آهن.
مليل مڃتا سرٽيفڪيٽ يا ايوارڊ:
(1) سنڌ هارس ۽ ڪيٽل شو 1995 جيڪب آباد پاران ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد ڪل سنڌ سگهڙ ڪچھري جي موقعي تي مڃتا سرٽيفڪيٽ هنڌ مھراڻ هال جيڪب آباد
(2) حضرت لال شھباز قلندر جي عرس جي موقعي تي 2008 شھباز ميلا ڪميٽي سيوهڻ طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ
(03) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم ايوارڊ سرٽيفڪيٽ حضرت سيد موريل شاھہ بخاري سگهڙ ڪانفرنس 08 نومبر 2011 هنڌ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلع نوشھرو فيروز
(04)صوبائي سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011 هنڌ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(05) سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن 08 سيپٽمبر 2012 ڄامشورو.
(06) سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013 استاد سگهڙ محمد صيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هنڌ ميان جو ڳوٺ تعلقہ خانپور ضلع شڪارپور سنڌ
(07) سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 05 آڪٽوبر 2013 هنڌ سنڌ الاجي ڄامشورو
(08) لوڪ ادب مقابلا سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي سدا حيات سگهڙ لال فقير ڪورار يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 ڊسمبر 2014 هنڌ ڳوٺ علي اڪبر ڪورار لڳ مبارڪپور ضلع جيڪب آباد
(09) بين الصوبائي لوڪ ادب ڪنوينشن سکر فقير هدايت علي رڏ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 11 اپريل 2015 هنڌ ٽائون هال روهڙي ضلع سکر
(10) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) مڃتا سرٽيفڪيٽ 09 اپريل 2016 هنڌ مرڪزي دفتر سيد آباد ڪالوني ڄامشورو
(11) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) بھار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 13 فيبروري 2021 هنڌ ڳوٺ بھار علي ٻرڙو لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقہ ٺل ضلع جيڪب آباد
(12) ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ علمي ادبي ثقافتي ميلو راڳ رهاڻ ۽ گلن جي نمائش مڃتا ايوارڊ 2021 پاران آرٽس ڪائونسل ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ
(13) سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 16 ڊسمبر 2023 سنڌي لوڪ ادب ڏهاڙو تقريب اعزازي مڃتا سنڌ هنڌ ميان جو ڳوٺ
مليل ايوارڊ:
گريجوئيٽ سگهڙ ايوارڊ 2016 ڊاڪٽر بلوچ گريجوئيٽ سگهڙ ڪانفرنس هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هال سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ان کان سواءِ ڪجهہ مڃتا ميڊل پڻ مليل آهن.
ڪنھن رسالي يا ميگزين ۾ ڇپيل شعر: ماهوار پورب رسالو ڪراچي، ماهوار السنڌ اسلام آباد، ماهوار وينجهار حيدرآباد، ماهوار سنڌ دوست ميرپور ماٿيلو، ماهوار نئين آس شھدادڪوٽ، ماهوار سمونڊ ڪراچي، ماهوار نئون چنڊ ڊکڻ، سگهڙ سماچار ڄامشورو، سڪار ڊائجسٽ ڪراچي، ماهوار الراشد پير جو ڳوٺ، عبرت ميگزين حيدرآباد.
مختلف اخبارون: ڪاوش ڪوشش خبرون سڪار پاڪ سنڌ روزانہ ايڪسپريس عوامي آواز، سوڀ وغيره.
سنڌ جي مايہ ناز نعت خوانن جا نالا جن شاعري ڳائي آهي: حاجي عبدالحق طاهري ميھڙ، حاجي گل محمد مھرگهوٽڪي، حاجي خان محمد چاچڙ گهوٽڪي، عبدالرحيم عزمي شاعر و نعت خوان پنوعاقل، عاجز رحمت ﷲ لاشاري ڄامشورو، قربان ناريجو ۽ بدر الدين سومرو لاڙڪاڻو، بيدار بخشل چانڊيو ۽ علي شير حيدري لاڙڪاڻو، صداقت علي مھر ميرپور ماٿيلو، روشن علي مھر ميرپور ماٿيلو، عبد المجيد عباسي، نواب علي چاچڙ گهوٽڪي، صالح محمد سومرو ڏهرڪي، عبدالوحيد عالماڻي پنوعاقل، امام بخش عجمي گهوٽڪي، ڪريم بخش ملڪ ڪرمپور، اختر علي راڄپر ۽ حافظ ممتاز علي، محمد قاسم رضا قادري اوٻاوڙو. حافظ و قاري عبدالغني کوسو، ڀورل فقير قادري بخشاپور، عبدالسميع چاچڙ ڪنڌڪوٽ، عامر منظور سولنگي بخشاپور، هزارو فقير قادري ميرپور ماٿيلو، خيرالدين انڍر پنوعاقل، خان محمد ۽ فاروق احمد چاچڙ پنوعاقل، خالد حسين گلال ڳاڙهي موري، محمد اسلم مھر ٺل، برڪت علي نصيراڻي ٺل، عبدالمجيد قادري ڪشمور، عبدالنبي بنگلاڻي انڙواھہ ٺل، حافظ محمد علي کوسو باهو کوسو، عبدﷲ ڏاهاڻي تنگواڻي، محمد محسن قادري ٺل، حافظ محب علي قادري، محمد يعقوب اوڍاڻو ڪرمپور، صدرالدين نصيراڻي ڪرمپور، مرحوم موسن فقير نصيراڻي ڪرمپور، غلام عباس چولياڻي نواب شاھہ، ميرحسن ملڪ ۽ معشوق علي ملڪ ڏياڻي، الطاف حسين چولياڻي ڏياڻي، ﷲ بخش ملڪ ڏياڻي، دلبر علي قادري، محمد مريد ملڪ ڏياڻي، فنڪار مريد علي ملڪ شڪارپور.
پورو پتو: ڳوٺ مير مھراڻ خان بجاراڻي(ڏياڻي) پوسٽ آفيس ڪرمپور، تعلقو تنگواڻي ضلع ڪشمور
موبائل رابطہ نمبر: 0315-3502197
فيس بڪ آءِ ڊي: Sadique Ali Malik
مُناجات
مون مندو آهيان من ۾، تون رحمان رب رحيم،
ڍڪج عيب ڍٽيءَ جا، تون مُحابي ميم،
ڪُلئي ڪم ڪُڌا مون وٽ، ڪٺي ٿيا ڪريم،
“ عاجز ” چئي عليم، آهيان ٻڏڻ جھڙو ٻانھڙو.
مُناجات
پروردگار پارت ٿئي، مون ۾ عيبن ٺاهيو گهر،
پسي ڏوھ پنھنجا، گهمان ڪنڌ نہ کڻي ڪر،
نڪي نيڪي نالي آهي، ڪيم غفلت ساڻ گذر،
ڇرڪ اٿن ٿا ڇاتيءَ مان، ياد اچي محشر،
مون ۾ مندايون مولا، چڙهي گناهن جي آ گَرُ،
اڄ ورتو تنھنجو در، ڪر احسان مون “ عاجز ” تي.
مُناجات
پروردگار پارت ٿي، آءِ ڍولڻ ڍٽي آهيان،
چارئي پھر گلا ۾ گذرن، کئين نيڪي ڪائي ناهيان،
پوءِ بہ رکجانءِ لڄ لالڻ تون، آئون معافي توکان چاهيان
تنھنجا ڀال ڀلايون ڀائيان، ڪر احسان مون “عاجز” تي.
مُناجات
پروردگار پارت ٿي، مون نيڪي ڪئي آ ڪانه،
افسوس هاڻي هٿ هڻندي، مون الاهي ڪيو ارمان،
وقت جو قدر ڪين ڪيو، مون غلط ڪيو غلطان،
مڙيئي مندايون معاف ڪجانءِ، “ صادقُ ” چئي سبحان،
ڪري رحم مون تي رحمانَ، ڪر احسان مون “عاجز ” تي.
مُناجات
پروردگار پارت ٿي، ڪجانءِ سَوَلي سائين سڪرات،
مرڻ ويل “مَلِڪ” چئي ڪراءِ مدنيءَ سان ملاقات،
قبر ۾ سختي ڪانہ ٿئي، صدقي معراج واري رات،
مولا محشر آسان ڪجانءِ، ٻيو پرور پُل صرات،
آهي زبري تنھنجي ذات، ڪر احسان مون “عاجز ” تي.
پروردگار پارت ٿئي، تون غفور رب رحيم،
مون آهيان گار گناهن ۾، تون اعلىٰ افضل عظيم،
اڄ فائق پنھنجي فضل سان، تون لاهي ڏوھہ ڇڏيم،
بس ڪري ڪرم ڪريم، ڪر احسان مون “عاجز ” تي.
يا خدا ڪر ڪرم، مون گنھگار تي،
فضل پنھنجو ڪجانءِ، بندي بيڪار تي.
يا الاهي اٿم ضايع ڪئي زندگي،
عمل صالح نہ ٿم، ٿئي ٿي شرمندگي،
صدقي مدني مِھر ڪر ٻانھيءَ ٻار تي.
پنھنجا ڏوھہ ڏنگائون، ڏِســــي ٿو ڏڪان،
پُر پاپن ۾ آهيان، ڪِٿ وڃي مان لڪان،
ستر پنھنجو ستار، ڪيو بدڪار تي.
ميرو مندو آهيان، صدقي محبوب جي،
بخش باري چاهيان، صدقي محبوب جي،
کوڙ کلندا وتن ٿا خطادار تي.
معافي محتاجُ تو در خدا ٿو گهري،
“ملڪ صادق” مداحي ڳارو ڳل ڪري،
رحم رازق ڪيو، هن عرضدار تي.
مناجات
تنھنجي کوٽ خزاني ۾ ناهي خدا، خوشحال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين،
مون جھڙي مفلس لئي مولا، مالا مال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين،
ڪنھن کي تر ۾ تونگر تون ٿو ڪرين، ڪنھن کي پينو در در تون ٿو ڪرين،
ڪنھن ڪروڙ پتي بادشاه کي تون، ڪنگال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين،
ڪنھن کي مالڪ ٻاجهہ سان ٻنيون ڏنئي، ڪنھن لئہ محل ماڙيون ڪنھن کي منھيون ڏنئي،
ڪنھن تي راضي ٿي تون راڄ ڌڻي، رکوال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.
تنھنجي در تي توبہ زاري آ، ڪڌا آهيون ڪرين تہ بہ رزق عطا،
ڪنھن ڄاڻو کي اڻڄاڻ ڪري، بدحال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين.
نبي پاڪ جي صدقي فضل ڪجانءِ، مون جھڙي ڪني سان نہ عدل ڪجانءَ،
هن “صادق ملڪ ” مداحيءَ جو، سٺو حال ڪرين تہ ڪري ٿو سگهين
مُناجات
مونکان ٿي وئي غلطي، خدا معاف ڪر تون،
محمدﷺ جي صدقي، خطا معاف ڪر تون.
تون رحمان آهين، تون رازق رحيم آن،
ستار العيوب تون قادر ڪريم آن،
ڪلئي ڪم منھنجا، ڪسا معاف ڪر تون.
ناهي وار واندو، ڏسي ڏوھہ ڏڪان مان،
آهيان پُر پاپن ۾، وڃي ڪٿ لڪان مان،
مَدايون مڙيوئي، مولا معاف ڪر تون.
موليٰ ميڙ ٿي پاڪ پنجتن گھراڻو،
امان فاطمہ ۽ نبيءَ جو نياڻو،
گناھ ننڍا ۽ وڏا معاف ڪر تون.
موليٰ ٻاجهہ ڪر تون، مان “صادق” گندو ھان
مداحي محمدﷺ جو، ميرو مندو ھان،
ڪٺي ڏوھہ ٿي ويا، جهجها معاف ڪر تون.
مناجات
تون ڍڪڻ آءُ ڍٽي، تون سائين آئون سگ،
مڻين مندايون مون ۾، نڪو عيبن مون کان اڳ،
آئون ڪميڻي ڪُوڙي، جيئن گهڙو ڀيلو ڀڳ،
ڪھڙو ڳاٽ کڻي آئون گھمان، جانب تنھنجو جڳ،
ستي وسريو “صادق” کان، دلبر تنھنجو دڳ
تون ڪريم آمون ٺڳ، ڍڪج عيب “عاجز” جا
تون ڍڪڻ آئون ڍٽي، تون پرور مون پينار،
تون اِنَّ ﷲ عَلىٰ ڪُلِ شَيءِِ قَدِيْرُ، مون غافل گنھگار،
ڪوڙين ڪُوڙَ ڪمايم، ناهي واندو ڪوئي وار،
هي ڀريل پيٽ براين سان، آهيان عيبن ۾ ٽمٽار،
هينئون ڪارو هوت ٿيو، نہ اچي قلب قرار،
سَتَّارُ الْعُيُوْبِ تون، ڍلايون ڍڪڻھار،
تون رحيم تون رحمان، مون بڇڙو بلڪل بيڪار،
معاف مندايون مالڪ ڪر تون، ڏي نہ براين بار،
آهيان عجيب عرضدار، ڍڪج عيب “عاجز” جا
مناجات
اي منھنجا خـــــــدا، اي مــنھنجا خدا،
توکان نہ گهُرون، تہ ٻيو ڪنھن کان گهرون،
تــــــون رازق رزق ڪــــــــرين پيــــو عطا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهرون.
اي مالــــــــڪ هر دوجـــــهانن جا،
سڏڙا ٿو سُڻين پنھنجي ٻانھن جا،
مشــــڪل تون ٽاري ڏين ٿو شفا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهُرون.
اسين ڪـــــــمتر بــــــدتر آھيون بُرا،
محبوب جي صدقي ڏيـــــــن نہ ٻَرا،
رب رحمت جي گهُرون تنھنجي رضا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهرون.
پکي پرندن کي بہ تون پالين ٿو،
جيت جانـــورن کي سنڀالين ٿو،
سڀ کي تون مالڪ ڏين بي بھا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهُرون.
هن “صادق مَلِڪ” تي رحم ڪريو،
مدنيء جي محابي ڪـرم ڪريو،
جڏڙن کان بہ جـڏڙا آھيون صفا،
توکان نہ گهُرون تہ ٻيو ڪنھن کان گهرون
ڪورونا جي وائرس تي لکيل مناجات
خدا يا ڪورونا کان، شفاعت عطا ڪر
ختم هيءَ وبا ٿئي، عنايت عطا ڪر
محمدﷺ جي صدقي، وبا ٽار مولا
رحمت رباني، سا راحت عطا ڪر
ٻڍن ٻارڙن ۾، آھي روڄ راڙو
دهلجي دليون ويون، طراوت عطا ڪر
اسين تنھنجا ٻانھا، تون قادر ڪريم آن
رحم ڪر تون رحمان، رحمت عطا ڪر
دوا ڪونہ دارون، نہ هيلو هلي ٿو
تون حاڪم حڪيم آن، حڪمت عطا ڪر
“صادق ملڪ” چئي، ڳل پاند پائي
پڪاريون ٿا هرهر، هدايت عطا ڪر