تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر

ترقي پسند تحريڪ تي سنڌي ادب ۾ ايترو ڪم ناھي ٿيو جيترو ٻين ٻولين ۾ ٿيو آھي. ترقي پسند تحريڪ ۾ سنڌي اديبن مان جيڪي اديب ۽ شاعر هِن تحريڪ ۾ پيش پيش هئا، تن مان شيخ اياز، سائين محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، احسان بدوي، حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي ۽ غلام رباني آگرو جن جا نالا سرفھرست آهن. ھن ڪتاب ۾ غلام رباني آگري سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جي اثر جو جائزو پيش ڪيو آھي.

Title Cover of book سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر

ڇپائيندڙ پاران

سائين غلام رباني آگرو صاحب سنڌي ادب جو ناميارو ليکڪ، مترجم ۽ ڪھاڻيڪار ٿي گذريو آهي. سندن قلمي ڪاوشن مان ”جهڙا گل گلاب جا“ (ٻہ جلد)، ”سنڌ جا بَر بحر ۽ پھاڙ“ ۽ ”ماڻھو شھر ڀنڀور جا“ بورڊ پاران شايع ٿي مڃتا ماڻي چڪا آهن ۽ هاڻي سندن هيءُ ڪتاب ”سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر“ هڪ يادگار تصنيف آهي.
ترقي پسند تحريڪ ۾ سنڌي اديبن مان جيڪي اديب ۽ شاعر هِن تحريڪ ۾ پيش پيش هئا، تن مان شيخ اياز، سائين محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري، جمال ابڙو، احسان بدوي، حفيظ شيخ، رشيد ڀٽي ۽ غلام رباني آگرو جن جا نالا سرفھرست آهن.
ترقي پسند تحريڪ تي جيترو ڪم ٻين زبانن ۾ ٿيو آهي، اُن جي تِـرَ برابر بہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان تحريڪ تي ڪم نہ ٿيو آهي. سائين رباني صاحب ان ڪميءَ کي محسوس ڪندي هن موضوع تي قلم کنيو ۽ ترقي پسند تحريڪ جي اُسرڻ ۽ ادبي دنيا ۾ ان تحريڪ جي ڀونچال آڻڻ تي سير حاصل بحث ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي تہ، ادبي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، تہ جيئن ادبي تاريخ پڻ محفوظ ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ هيءُ ڪتاب پنھنجي نوعيت تي هڪ تاريخي حيثيت جو حامل آهي، جنھن کي سائين رباني صاحب جھڙي ڏاهي اديب جنھن محنت سان لکيو آهي، تنھن جو اندازو پڙهندڙ پاڻ ئي لڳائي ٿا سگهن.
هيءُ ڪتاب آءٌ پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. جنھن لاءِ آئون جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، ۽ جناب نظر محمد ڳاهو صاحب جن جو تهدل سان شڪر گذار آهيان، جن هميشہ منھنجي همت افزائي ڪئي آهي ۽ مفيد مشورن سان منھنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو آهي.
اميد آهي تہ، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو ادب دوستن وٽ مانُ لھندو.

الھڏتو وگهيو
سيڪريٽري

04 جمادي الثاني 1434ھہ
15 اپريل 2013ع