سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر
”خلافت تحريڪ“ واريءَ تحريڪ ۾ وري ٻَئي ڌريون يعني هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ گڏ هئا. سو، ڪانگريس جي سڏ تي، مسلمانن مٿن تان ريشم جون مشھدي لونگيون لاهي، جوڙيءَ (کاڌيءَ)، جا پٽڪا بہ ٻڌا. هنن مثالن جو مطلب اهو ٿيو تہ سنڌ جيئن تہ هندستان جو حصو هئي، ان ڪري اها بہ اهم تحريڪن کان متاثر ٿيندي هئي. ترقي پسند ادب جي تحريڪ بنيادي طرح اردو زبان جي هئي. پر، ان جا اثر رڳو اردو تائين محدود ڪونہ رهيا، علاقائي ٻولين تي بہ پيا.
هڪڙيون تحريڪون هونديون آهن، جيڪي ڏاڍي زور شورسان اٿنديون آهن. پر، اڳتي هلي، انھن جا اثر آهستي آهستي گهٽجي ويندا آهن. مثال طور، خاڪسار تحريڪ. ٻيون وري بظاهر ختم ٿي وينديون آهن، پر انھن جا اثر ختم ڪونہ ٿيندا آهن. ترقي پسند ادب جي تحريڪ جا اثر هندستان جي مڙني ٻولين ۾ اردوءَ وانگر سرايت ڪري ويا، تہ پوءِ ڪڏهن بہ ختم ڪونہ ٿيا. ان جا سبب معلوم ڪرڻ ضروري آهن، تہ خبر پوي تہ اها تحريڪ ڪڏهن، ڪٿان ۽ ڇو شروع ٿي؟ ان جو بنياد ڪنھن وڌو؟
”انجمن ترقي پسند مصنفين“ سن 1936ع ۾ هندستان جي تڏهوڪي يو.پي (U.P) پرڳڻي مان شروع ٿي. ان جو بنياد سيد سجاد ظھير وڌو. سندس خاندان جونپور ضلعي ۾، ڪلان پور ڳوٺ جو رهندڙ هو ۽ ان جي آمدنيءَ جو ذريعو زمينداري هو. پر، سجاد ظھير جي ڏاڏي، سيد ظھير حسن، زمينداريءَ سان گڏ سرڪاري نوڪري بہ ڪئي. مختيارڪار ٿيو ۽ پنھنجي اولاد کي انگريزيءَ جي تعليم ڏياريائين. سندس پٽ سيد وزير حسن، پھريائين پرتاب ڳڙھہ ۾ وڪالت ڪندو هو. پوءِ لڏي لکنَو ويو. اتي سياست ۾ بھرو وٺڻ لڳو ۽ آل انديا مسلم ليگ جو سيڪريٽري ٿيو. انگريزن کيس پھريائين اَوَڌَ جي چيف ڪورٽ جو جج ۽ پوءِ چيف جج مقرر ڪيو. هن پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڪلان پور جي ڀرواري ڳوٺ جي زميندار جي ڌيءَ پنھنجي پٽ کي پرڻائي، جنھن مان پنج پٽ ٿيس. علي ظھير، حسن ظھير، سجاد ظھير ۽ باقر ظھير، پنج ئي ذهين هئا ۽ وڏي هوندي نالو ڪڍيائون.
سيد سجاد ظھير 5 نومبر 1904ع تي لکنَو ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم پوري ڪيائين، تہ پڻس انگلنڊ موڪليس، تہ آڪسفورڊ مان B.A ڪري، انڊين سول سروس جو امتحان پاس ڪري، آءِ سي ايس عملدار ٿئي. پر، سجاد ظھير جي قسمت ۾ ٻيو ڪجهہ لکيل هو. انگلنڊ مان پيءُ کي خط لکيائين تہ ”آءِ سي ايس. عملدار ٿيڻ تي منھنجي مرضي ڪانھي.“ تڏهن پڻس چيس تہ ”پوءِ بئريسٽري ڪري اچ.“ اها ڳالھہ بہ رڳو پڻس کي راضي رکڻ لاءِ قبول ڪيائين. سندس پس و پيش ڪرڻ جو سبب اهو هو، تہ آڪسفورڊ ۾ پاڻ هندستان جي انقلابي نوجوانن سان وڃي شامل ٿيو هو، جيڪي انگريزن جي سخت خلاف هئا.
سن 1917ع جي آڪٽوبر مھيني ۾، روس ۾ انقلاب آيو، جنھن جا اثر سڄيءَ دنيا تي پيا. يورپ جي ڪيترن ئي وڏن شھرن وانگر لنڊن ۾ بہ ”آڪٽوبر ڪلب“ ٺھيا. سجاد ظھير آڪسفورڊ جي ”آڪٽوبر ڪلب“ جو ميمبر ٿيو ۽ اتان جا بحث مباحثا ٻڌي، انقلابي ذهن جو ٿي ويو. سياسي خيالن جو تہ ننڍي هوندي کان ئي هو، ڇو تہ پڻس جي سياسي سرگرمين جا سندس ذهن تي پاڇا پيا هئا.
سن 1932ع ۾ ڇھن مھينن جي عرصي لاءِ هندستان آيو. ”انگاري“ (اڱر) نالي افسانن جو ڪتاب ڇپايائين، جنھن ۾ پنج سندس پنھنجا لکيل هئا، ٻہ احمد عليءَ جا، هڪ محمود الظفر جو ۽ هڪ افسانو ۽ هڪ ناٽڪ رشيد جھان جو، جيڪا محمود الظفر جي گهرواري هئي. اهي افسانا موجودہ معيار موجب رواجي هئا. پر، منجهن معاشري جي عيبن ۽ اوڻاين تي سخت تنقيد هئي. سو، وڏي هلچل شروع ٿي وئي. رشيد جھان کي تہ قتل جون ڌمڪيون بہ مليون. نيٺ، لاڳيتي احتجاج ڪري يو.پي (U.P) صوبائي سرڪار کي ڪتاب تي بندش وجهڻي پئي. سيد سجاد ظھير لنڊن موٽي ويو.
لنڊن ۾ نومبر جو مھينو سخت سرد ٿئي ٿو! سن 1935ع جي انھيءَ ئي مھيني ۾ شام جي وقت سخت سرديءَ ۾، هن ”بيجنگ هوٽل“ ۾ پنھنجن ويجهن دوستن ۽ هم خيالن رفيقن جي ميٽنگ ڪوٺائي، جن ۾ محمد دين تاثير، ملڪ راج آنند، جيوتي گوش ۽ پرمودسين گپتا کي اچڻ جو تاڪيد ڪيائين. ملڪ راج آنند ميٽنگ جي صدارت ڪئي. جيوتي گوش ”انجمن ترقي پسند منصفين“ جي منشور جو ابتدائي مسودو اڳيئي لکي تيار ڪيو هو، جيڪو ميٽنگ ۾ سڀني اکر اکر ڪري پڙهيو ۽ ضروري درستيون ڪري، مٿس صحيحون وڌيون. سجاد ظھير ميٽنگ ۾ منظور ڪيل درستين موجب، منشور ڇپائي هندستان ۾ پنھنجن دوستن ڏي موڪليو ۽ کين لکيو تہ ”پنھنجن ٻين هم خيال دوستن کي پڙهايو ۽ مٿن پنھنجن پنھنجن شھرن ۾ انجمن جون شاخون کولڻ جو بار وجهو.“
سن 1935ع جي آخر ۾ ئي پاڻ لنڊن مان موٽي آيو، هاڻي بئريسٽر بہ هو ۽ پڪو سوشلسٽ انقلابي پڻ.
سن 1936ع ۾ يو. پي. پرڳڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنھن جي صدارت، ڪھاڻيڪار پريم چند کان ڪرايائين.
هندستان ۾، ”ترقي پسند ادب جي تحريڪ“ ائين شروع ٿي.
گڏيل هندستان وڏو ملڪ هو، ان ۾ اردو زبان جا ڪيترائي اديب ۽ شاعر هئا، جي سيد سجاد ظھير جا هم خيال هئا- مثال طور فيض احمد فيض. هن پنھنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکيو آهي تہ، ”هندستان ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ شروع ٿي، تہ مان پھريَن پھريَن اديبن ۽ شاعرن ۾ هئس، جيڪي منجهس شريڪ ٿيا.“
فيض احمد فيض وانگر ٻيا شاعر ۽ اديب پڻ (ڪي اڳي تہ ڪي پوءِ) تحريڪ سان وابستہ ٿيا. انھن ۾ علي سردار جعفري، جوش مليح آبادي، مخدوم محي الدين، اسرار الحق مجاز، حيات ﷲ انصاري، پروفيسر احتشام حسين چغتائي، ظھير ڪاشميري، راجندر سنگهہ بيدي، خواجہ احمد عباس، پروفيسر ممتاز حسن، ساحر لڌيانوي ۽ احمد نديم قاسميءَ جا نالا اهم آهن.
ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو مقصد ادب جي ذريعي زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جي ترجماني ڪرڻ هو، تہ جيئن معاشري ۾ اعليٰ انساني قَدُرَنِ جي حوصلہ افزائي ٿئي. منشي پريم چند ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي ڪانفرنس جي صدارتي تقرير ۾ اهو موثر لفظن ۾ بيان ڪيو هو. هن چيو تہ:
”اَدَبُ آرٽسٽ جي روحاني توازن جي ظاهري صورت آهي. ادبُ اِنسانَ ۾، وفاداريءَ، سچائيءَ، همدرديءَ، انصاف ۽ برابريءَ ۽ ڀائپيءَ جا امنگ اُڀاري ٿو، جيڪي زندگيءَ کي سونھن عطا ڪن ٿا.“
ستت ٻين ڪيترن ئي وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پڻ تحريڪ جو خير مقدم ڪيو. مثال طور رابندر ناٿ ٽئگور، مسز سروجني نائڊو ”بلبل هند“، مولوي عبدالحق ”بابائي اردو“، قاضي عبدالغفار ”ليلى کي خطوط“ جو مصنف، صوفي غلام مصطفى تبسم، چراغ حسن، عبدالمجيد سالڪ، مولانا غلام رسول مھر، فراق مجنون گورکپوري ۽ ٻيا. انھن قد آور شخصيتن جي حمايت تحريڪ جو مان هيڪاري مٿانھون ڪيو.
سيد سجاد ظھير لنڊن مان هندستان ۾ پنھنجن هم خيال دوستن کي انجمن جون شاخون کولڻ لاءِ جيڪو خط لکيو هو، انھيءَ جي موٽ کيس سڀ کان اول حيدرآباد دکن مان ملي. ان جو مکيہ سبب اهو هو تہ حيدرآباد دکن هندستان ۾ مسلمانن جي تھذيب ۽ تمدن جو هڪ خاص مرڪز هو. اردو ادب جو تہ سرچشمو هو. علامہ اقبال کان وٺي سيد سبط حسن تائين، ڪو بہ اهڙو اديب، شاعر ۽ محقق ڪونہ هو، جيڪو حيدرآباد دکن جي حاڪم يعني نظام جي علم پروريءَ مان فيضياب نہ ٿيو هجي. نظام سڄيءَ دنيا ۾ امير ترين ماڻھو هو. سن 1937ع ۾ سندس دولت سوا ٻہ سئو ارب ڊالر هئي. (هاڻوڪي دؤر ۾ امير ترين ماڻھوءَ جي دولت فقط چاليھہ ارب ڊالر آهي.) نظام سخت ڪنجوس بہ هو، پر عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي کليءَ دل سان سرپرستي ڪندو هو. انگريزن جي پاڇي هيٺ حڪومت ڪندو هو، تنھن هوندي بہ حيدرآباد دکن جو شھر ترقي پسند خيالن جي اديبن ۽ شاعرن جو مرڪز هو. مخدوم محي الدين مڙني ۾ هردلعزيز هو.
هن سيد سجاد ظھير جو خط ملڻ بعد سيد سبط حسن کي ساڻ وٺي وڃي مولوي عبدالحق ۽ قاضي عبدالغفار سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻن حيدرآباد دکن ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي شاخ کولڻ جي ڳالھہ ڪئي. ٻنھي ڄڻن کي حيدرآباد ۾ وڏيءَ عزت ۽ ادب سان ڏٺو ويندو هو. ٻئي ڄڻا پنھنجيءَ سچائيءَ ۽ انسان دوستيءَ ڪري، عوام ۽ خواص ۾ مشھور هئا. سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪري، کين مشورو ڏنائين تہ اها ڳالھہ تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن مسز سروجني نائڊوءَ ”انجمن“ جي سرپرستي قبول ڪندي. پوءِ اوهان سرڪاري عتاب ۽ روزمرہ جي کٽراڳ کان ڇٽي پوندا. اها ڳالھہ ٻنھي کي وڻي ۽ قاضي صاحب سان گڏجي، مسز نائڊوءَ سان ملڻ ويا، اتي اتفاق سان، سندن ملاقات اول مسز نائڊوءَ جي ڌيءَ پرماجا سان ٿي، جيڪا قاضي عبدالغفار جو ازحد ادب ڪندي هئي. هوءَ کين ماءُ وٽ وٺي وئي ۽ چيائينس تہ ”امان، هي ٻئي ڄڻا بُني ڀائيءَ جا دوست آهن.“ (سيد سجاد ظھير جا مٽ مائٽ ۽ ويجها دوست کيس ”بُني ڀائي“ ڪوٺيندا هئا.) اهو ٻڌي، مسز نائڊو خوش ٿي ساڻن قرب سان ملي. انجمن جي سرپرستي قبول ڪيائين، ڇو تہ سيد سجاد ظھير جي هڪ عزيزہ، سعيدہ خاتون، حيدرآباد دکن جي نظام جي خاندان ۾ نواب ياور علي خان جي بيگم هئي.
مسز نائڊو انجمن جي سرپرست ٿي، تہ ان جو افتتاحي اجلاس بہ سندس گهر ۾ ئي ٿيو. سندس هڪ ننڍي ڀيڻ هئي، جنھن جو نالو سھاسني هو. اها سوشلسٽ خيالن جي هئي. هڪ ڀاءُ پڻ هئس، جيڪو انگلنڊ بئريسٽري ڪرڻ ويو هو. پر، اتي هندستاني انقلابي نوجوانن سان وڃي شامل ٿيو. هو برلن ويا، تہ هي بہ ساڻن گڏ ويو، جتي، سندس رسم وراھہ (انقلاب کانپوءِ)، ماسڪو جي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن سان ٿي. سندن دعوت تي روس هليو ويو ۽ سڄي عمر اتي رهيو. 1937ع ۾ وفات ڪيائين.
مسز نائڊو پاڻ انگلنڊ ۾ تعليم پرائي هئي ۽ انگريزيءَ ۾ اعليٰ پايي جو شعر چوندي هئي. ان ڪري کيس ”بلبلِ هند“ ڪوٺيندا هئا. سوشلسٽ ڪانہ هئي. ”انسان دوست“ هئي. هندستان موٽي آئي، تہ ايڏو مان مرتبو حاصل ڪيائين، جو آل انڊيا ڪانگريس جي صدر ٿي. ايڏو وڏو درجو تہ اڳي ڪنھن بہ هندستاني عورت کي ڪونہ مليو هو. ابو الڪلام آزاد ۽ پنڊت نھرو بہ سندس ازحد ادب ڪندا هئا. مسز نائڊو ئي سھرورديءَ جي ڀاءُ کي سياست سان متعارف ڪرايو هو، جو ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۽ اسپين ۾ سفير مقرر ٿيو، اڳتي هلي، سھروردي پاڻ پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو.
ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ هٽلر روس تي حملو ڪيو، تہ حيدرآباد جي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ان کي نندڻ لاءِ جلسو ڪيو. هاڻي جو مسز نائڊو ”انجمن“ جي سرپرست هئي تہ صلاح بيٺي تہ جلسي جو افتتاح مسز نائڊو کان ڪرائجي ۽ صدارت پنڊت نھروءَ کان جيڪو بہ پنھنجن انقلابي خيالن ڪري مشھور هو. حيدرآباد جي اديبن ۽ شاعرن جو وفد وري بہ مخدوم محي الدين جي اڳواڻيءَ ۾ پنڊت نھروءَ سان ملڻ لاءِ الھہ آباد ويو. الھہ آباد ۾ پنڊت نھروءَ جي رهائشگاھہ ”آنند ڀون“ ۾ هئي. هو وفد جي ميمبرن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”ٻہ منٽ ترسو، تہ مان مولانا آزاد کي ريلوائي اسٽيشن تي اماڻي اچان ٿو.“ ايتري ۾ مولانا آزاد اندران نڪتو. پنڊت نھرو پورچ ۾ بيٺل ڪار جو دروازو کولي بيٺو. مولانا اندر ويٺو. پنڊت نھرو بہ وهڻ وارو هو، تہ مولانا آزاد چيس تہ ”جواهر، ٽوپي پائي اچ.“ پنڊت نھرو ”معاف ڪجو! معاف ڪجو!“ چوندو، تڪڙو تڪڙو گهر ۾ ويو، تہ مخدوم محي الدين کي ٻہ ٽي منٽ مولانا آزاد سان ڳالھائڻ جو موقعو ملي ويو. ساڻس مدعا بيان ڪيائين. مولانا آزاد سندن ڳالھہ توجھہ سان ٻڌي ۽ کيس خاطري ڏني تہ ”مان پنڊت نھروءَ کي اوهان جي جلسي جي صدارت لاءِ چوان ٿو، هو ايندو.“ امين پارڪ ۾ شاندار جلسو ٿيو. ويھہ پنجويھہ هزار ماڻھو آيا. مسز نائدو جلسي جو افتتاح ڪيو ۽ پنڊت نھروءَ نھايت دلپذير تقرير ڪئي.
سن 1945ع ۾، ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ هٽلر جي شڪست ٿي تہ حيدرآباد دکن ۾ ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ان جو جشن ملھائڻ لاءِ وري ڪانفرنس ڪوٺائي، جنھن ۾ لاهور، الھہ آباد، پٽنا ۽ بمبئيءَ مان اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا. ائين ترقي پسند ادب جي تحريڪ ٻين هنڌن ڏي بہ پکڙجي وئي.
سبط حسن لکيو آهي تہ ”تحريڪ ۾، اردوءَ سان گڏ، هنديءَ، بنگاليءَ، مرهٽيءَ، گجراتيءَ، تيلگو، تامل، مليالم، سنڌيءَ، پنجابيءَ ۽ پشتو سميت سڀني زبانن جا اديب شريڪ ٿيا.“
اردوءَ جي اديبن مان ڪي مکيہ نالا تہ هر ڪنھن کي معلوم آهن، پر سنڌيءَ ۽ ٻين زبانن جي اديبن جا نالا معلوم ڪونہ آهن.
سجاد ظھير بہ لکنَو ۾ ڪوٺايل آل انڊيا ڪانفرنس جي احوال ۾ لکيو آهي تہ:
هال ۾، نوين ساڍي نوين بجي هڪ هڪ ڪري، مھمان اچڻ شروع ٿيا. آهستي آهستي هال ڀرجڻ لڳو. مدراس، بنگال، گجرات، مھارا شٽر، پنجاب، سنڌ، بھار ۽ يو. پيءَ جي نمائندن سان پھريون ٻہ صفون ڀرجي ويون.“
پر، هن بہ سنڌ جي نمائندن جا نالا ڪونہ کنيا آهن. هندستان ۾ اردو ادب جا مکيہ مرڪزَ دهلي، آگرو، لکنَو، لاهور ۽ حيدرآباد دکن هئا. لاهور جي تہ انھن ڏينھن ۾ بہ وڏي ڌاڪ هئي. سو، سجاد ظھير اتي تحريڪ جي شاخ کولڻ لاءِ پاڻ وڃڻ ضروري سمجهيو.
ميان افتخار الدين لاهور جي هڪ وڏي شخصيت هوندو هو ۽ سجاد ظھير سان آڪسفورڊ ۾ گڏ پڙهيو هو. ٻئي هڪٻئي سان حجائتا هئا. سجاد ظھير کيس ”اِفتي“ ڪوٺيندو هو. ميان افتخار الدين امير ڪبير ماڻھو هو ۽ لاهور جي سوسائٽيءَ جي اوچي طبقي ۾ بہ سندس نمايان مقام هو. پر، آڪسفورڊ ۾ تعليم دوران، سوشلزم سان آشنا ٿيو هو. سو، ادب، صحافت ۽ سياست ۾ سڄي عمر روشن خيال ماڻھن سان واسطو رکيائين.
سيد سجاد ظھير انگلستان مان موٽڻ کان پوءِ الھہ آباد ۾ پنھنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ رهندو هو. لاهور جي سفر جو ارادو ڪري هو الھہ آباد مان اول امرتسر ويو، جتي محمود الظفر جي گهر ٽڪيو. ترقي پسندادب جي تحريڪ ۾ وڏي دلچسپي محمود جي هئي. ننڍپڻ کان انگلستان ۾ رهيو هو. سو، اردوءَ کان وڌيڪ انگريزي ڳالھائيندو هو. پٺاڻ نسل جو هو. ادبيات، فلسفي، منطق ۽ معاشيات ۾ باقاعدي تعليم ورتي هئائين.
رشيد جھان جون تحريرون ”انگاري“ ۾ ڇپيون هيون، محمود انھن کي پسند ڪندي چيو هو تہ ”لکندڙ راءِ جي آزاديءَ جا حامي آهن.“ رشيد کي اها ڳالھہ وڻي. محمود ترقي پسند خيالن ڪري مشھور هو ۽ رشيد جھان وري امرتسر جي مشھور ليڊي ڊاڪٽر هئي ۽ پنھنجن مريضن ۾ ڏاڍي مقبول هئي. محمود سان سندس معاشقو ٿيو. ستت ٻنھي شادي ڪئي. پر، زال ۽ مڙس جي مزاج ۾ مشرق ۽ مغرب جو فرق هو. رشيد جھان جي ”البيلي انداز“ ۽ محمود الحسن جي ”مڪمل ڊسيپلين“ وارن روين کي جنھن ڳالھہ هميشہ ڳنڍيل رکيو، سا ٻنھي جي هڪٻئي لاءِ بي انتھا پيار جي سونھري زنجير هئي. امرتسر هجي، يا ديرادون يا لکنو، جتي بہ سندن گهر هوندو هو، اتي ماڻھوءَ کي پير پائڻ سان اهڙي خوشي محسوس ٿيندي هئي، جيڪا ڄڻ تہ شفاف ٿڌي پاڻيءَ جي چشمي مان ڦٽي نڪتي هجي ۽ بي قرار پياسي روحن جي اڃ لاهي ڇڏي!
سجاد ظھير ٻنھي کي لاهور بابت پنھنجي ارادي کان واقف ڪيو. ٽنھي گڏجي وڃڻ ۽ لاهور ۾ ميان افتخار الدين وٽ ٽڪڻ جو فيصلو ڪيو. اوچتو رشيد جھان کي ڪو خيال آيو. سو، محمود کي چيائين تہ ”تنھنجي ڪاليج جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ لاهور جو ڪو نئون استاد مقرر ٿيو آهي. سندس نالو ڇا هي؟“ پوءِ سجاد ظھير ڏي نھاري چيائين تہ ”منھنجي خيال ۾ تون ساڻس بہ مل.“
محمود ذهن تي زور ڏئي رشيد جھان کي چيو تہ ”تنھنجو مطلب آهي تہ انگريزي ڊپارٽمينٽ جو نئون ليڪچرر فيض احمد؟“
رشيد جھان چيو تہ ”اهو ئي هوندو. مون کي نالا ياد ڪونہ رهندا آهن. اهو ڇوڪرو سمجهدار ڏسجي ٿو. بني ڀائي (سجاد ظھير) کي ساڻس ملڻ کپي“
محمود ڪاليج جو وائيس پرنسپال هو. سو، کيس چڙ لڳي. رشيد جھان کي تيزيءَ سان چيائين تہ ”توکي ڪھڙي خبر تہ منھنجي ڪاليج ۾ ڪير سمجهدار آهي ۽ ڪير ڪونھي؟ تون گهڻن سان ملي آهين؟“
بس، محمود جو ايترو چوڻ ۽ رشيد جو ڀڙڪو کائڻ. واڪو ڪري چيائين تہ ”تنھنجي ڪاليج ۾ سڀ اُلو ويٺا آهن، جن کي الف بي جو پتو ڪونھي! شڪل صورت مان ئي خبر پوي ٿي. انھيءَ ڏينھن مان تنھنجي ڪاليج آيس تہ اهو ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ ۽ بنا گُل جي ترڪي ٽوپيءَ وارو احمق ڪير هو، جو مون کي تڪي رهيو هو؟ تنھنجي ڪاليج جو مالڪ اهو ئي آهي يا ڪو ٻيو؟“
”محمود اهي اکر ٻڌي گهٻرائجي ويو.“
سجاد ظھير ٻنھي جي ڳالھہ ڪاٽي، وچ ۾ چيو تہ ”فيض سان ملاقات ڪڏهن ٿيندي؟“
محمود جواب ڏنو تہ ”مون ساڻس تحريڪ جي باري ۾ اڳيئي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي آهي. اڄ شام جو چئين بجي اسان وٽ چاءِ تي ايندو.“ ائين چئي، محمود تڙ تڪڙ ۾ رشيد کي سئنڊوچز ٺاهڻ جو چئي، ڪاليج ڏي کسڪي ويو.
فيض چئين بجي آيو. سجاد ظھير محسوس ڪيو تہ نئين ماڻھوءَ سان ميل ملاقات ۽ گفتگو ڪرڻ ۾ رڳو پاڻ لڄارو آهي. پر فيض سان ملي، پڪ ٿيس تہ مون کان وڌيڪ لڄارا بہ ويٺا آهن.
فيض جي لَڄ جو ڪمال اهو هئو تہ محمودَ ۽ رشيد کي اهو پتو ئي ڪونہ هو تہ هو شعر بہ چوندو آهي!
شام جو چئين بجي فيض آيو تہ محمود اڳيئي ڪاليج مان پھچي ويو هو. چاءِ پيئڻ ويٺا تہ فيض کان پڇيائين تہ ”پنجاب ۾ تحريڪ جي ڪاميابيءَ جو ڪيترو امڪان آهي؟“
فيض وڏي مشڪل کان پوءِ ”هون“ ”هان“ ڪري ايترو مس چيو تہ ”هلي، ڏسون ٿا.“
رشيد پاڻ روڪي نہ سگهي، واڪو ڪري چيائينس تہ ”ميان صاحب! اسان کي ڪافي صحيحون کپن ۽ لاهور ۾ تحريڪ جي شاخ کولڻي آهي. آئي ڳالھہ سمجهہ ۾ ؟“
سجاد ظھير ۽ محمود اهو ٻڌي پريشان ٿيا، ڇو تہ فيض سان حجائتو ڪونہ هئا ۽ رشيد سان تہ هو پھريون دفعو مليو هو. سو، هنن ساڻس ايتري بي تڪلفي نامناسب سمجهي.
پر، فيض تي ڪو اثر ڪونہ ٿيو. مشڪي چيائين تہ ”لاهور هلي ڪوشش ڪريون ٿا. ڏسون تہ ڇا ٿو ٿئي“
رشيد پوءِ بہ ڪانہ مڙي. فيض جا ويچارا ڪڍندي رهي. پر، فيض سمورو وقت مشڪندو رهيو. فيض ۽ رشيد ٻنھي جي روش پنھنجي مزاج مطابق هئي. ماڻھوءَ جو مزاج ٺاهڻ ۾ الائي تہ ڪيترين نفسياتي ڳالھين جو اثر ٿئي ٿو. هڪ ڳالھہ پڌري پئي هئي. سا هيءَ تہ رشيد تمام حَسينَ هئي. سو، البيلائي، ناز ۽ نخرو سندس مزاج ۾ شامل هو. هوءَ اهڙي خاندان ۾ پيدا ٿي هئي، جنھن ۾ ادبي بحث مباحثا ٿيندا هئا ۽ عورتن جي حسن جي حمايت ۾ سڀ ننڍا وڏا شريڪ ٿيندا هئا. رشيد جھان ڦوھہ جوانيءَ ۾، پنجويھن ورهين جي عمر ۾ ليڊي ڊاڪٽر ٿي. اردو زبان ۾ پھرين پھرين عورت هئي، جا افسانا ۽ ناٽڪ بہ لکندي هئي. ”انگاري“ ڪتاب (1933ع) ۾ سندس تحريرون شامل هيون، جن تي سخت واويلا ٿي هئي. پر، کيس رتيءَ ماتر بہ پرواھہ ڪانہ هئي.
سبط حسن لکيو آهي تہ اسان ’انگاري ‘ تي تنقيد جو هڪ جوابي مضمون لکيو ۽ اختر حسين رائپوريءَ جي رسالي ۾ ڇپايو. رشيد اهو مضمونُ ڇپجڻ کان اڳ نہ فقط چڱيءَ طرح پڙهيو بلڪہ، منجهس ڪجهہ سرس مسالو بہ وڌو. هڪ ڏينھن مون کي هڪ دوست چيو تہ ”هل تہ توکي آپا رشيد سان ملايان.“
”اسان ڊاڪٽر رشيد جي رهائشگاھہ ۾ سندس ڊرائننگ روم ۾ وڃي ويٺاسين تہ اوچتو ڪنھن مھل ان جو در کليو. هڪ بي انتھا، نھايت خوبصورت خاتون ڊرائننگ هال ۾ داخل ٿي. کيس سفيد ساڙهي پاتل هئي ۽ سندس سياھہ پريشان زلف ڪلھن تي پکڙيل هئا“.
سبط حسن وڌيڪ لکيو آهي تہ ”مون ايڏي سھڻي عورت اڳي ڪڏهن بہ ڪانہ ڏٺي هئي. سو، حيرت ۾ منھنجو وات ڦاٽي ويو!
”هوءَ اهو لقاءُ ڏسي، مسڪرائيندي رهي“.
سيد سبط حسن نھايت شرميلو ۽ سنجيدو شخص هو. منھنجي ساڻس ميل ملاقات بہ هئي. سندس اهي اکر پڙهي، مون تصور ڪيو تہ ڊاڪٽر رشيد جھان ڪا حُورَ پَري هئي.
سيد سجاد ظھير بہ پنھنجي ڪتاب ”روشنائي“ ۾ سندس باري ۾ هڪ ٻن هنڌن تي اهڙو تاثر ڏنو آهي. لکيو اٿس تہ:
تحريڪ جي ابتدا ۾، اسان فيصلو ڪيو تہ مولوي عبدالحق، منشي پريم چند ۽ جوش مليح آباديءَ سان مشورو ڪجي. مولوي عبدالحق ”بابائي اردو“ صبح جو سوير سير تي نڪرندو هو. رشيد جھان علي ڳڙھہ جي رهاڪو هئي ۽ مولوي صاحب سان واقفيت هئس. هن ئي ساڻس طئي ڪيو تہ ”سير سپاٽو ڪري، صبح جو ناشتو اسان جي گهر اچي ڪجو.“
مولوي صاحب ساڻس هائو ڪئي ۽ مقرر وقت تي وٽس گهر آيو. پر، رشيد جھان گهر ۾ ڪنھن کي ڪونہ ٻڌايو هو تہ ناشتي تي ڪو مھمان اچڻ وارو آهي. مولوي صاحب کي ڏسي، سخت پريشانيءَ ۾ گهر ۾ هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳي. نيٺ، ڪنھن کي چيائين تہ ”مون مولوي صاحب کي ناشتي جو چيو هو. پر، گهر ۾ ٻڌائڻ وسري ويو هوم.“
هوڏانھن مولوي وقت جو پابند هو. سو، ناشتي جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندو رهيو. انھيءَ صورتحال ۾ تڙ تڪڙ ۾، جو ڪجهہ ٿي سگهيو، سو آڻي سندس اڳيان رکيائون ۽ موقعي جي مناسبت سان مولوي صاحب جي ڪن تي ڳالھہ وڌائون تہ رشيد جھان کان ڳالھہ ٻڌائڻ وسري وئي هئي.“
سجاد ظھير لکيو آهي تہ ”هر ڪنھن رشيد کي جوابدار قرار ڏنو. پر، مولوي صاحب کان کل نڪري وئي. هن نالي ماتر بہ ناراضگيءَ جو اظھار ڪونہ ڪيو. هو رشيد جھڙيءَ غيرمعمولي خوبصورت عورت جي اهڙي هلڪڙي خوبصورت خطا وساري ڇڏڻ لاءِ هميشہ تيار هوندو هو.“
امرتسر مان سجاد ظھير، فيض، محمود ۽ رشيد جھان لاهور روانا ٿيا. اتي پھتا تہ فيض گهر ويو ۽ هي ٽئي ميان افتخار جي بنگلي تي هليا ويا. پر، هو گهر ڪونہ هو. نوڪرن سندن آجيان ڪئي.
سجاد ظھير لکيو آهي: ”رشيد جھان کي اميرن ۽ وڏن ماڻھن سان هونئن ئي عام نفرت هوندي هئي. ميان افتخار کي غيرحاضر ڏسي نرڙ ۾ گهنج وڌائين ۽ قالين تي ليٽي پئي. ڪيمخواب ڪشن ۾ منھن لڪائي ڇڏيائين. اسان کي بہ ڳالھہ ڏکي لڳي. سياري جي مند هئي. ڪار ۾ ٽيھہ چاليھہ ميل سفر ڪري آيا هئاسين. پر، ڪمري ۾ گهڙياسين تہ آتشدان ٻري رهيو هو ۽ نوڪر چاءِ کڻي آيا. ڪجهہ آتشدان جي گرميءَ ۽ ڪجهہ چاءِ جي چسڪي آرام ڏنو. گهڙي کن گذري تہ ميان افتخار بہ اچي ويو. رشيد جھان اٿي ڪرسيءَ تي ويٺي. پر، چپ هئي. هاڻي سندس غصي جو نشانو رڳو ميان افتخار ڪونہ هو. اسين بہ هئاسون. غصي مان محمود ۽ مون ڏانھن بہ ائين گهوري رهي هئي، جو ڄڻ تہ چوندي هجي تہ، ڪيڏا نہ بي غيرت آهيون!
”ايتري ۾ بيگم افتخار اچي وئي. رشيد جھان سان گڏ وڃي ويٺي. ٻنھي جي پاڻ ۾ ڳالھہ ٻولھہ شروع ٿي. سندس خوش گفتار، خوش پوشاڪ ۽ نرم رويءَ رشيد جھان کي نرم ڪري ڇڏيو. جڏهن عصمت رشيد جھان کي ساڻ وٺي زنانخاني ۾ هلي وئي، تہ اسان جي پيٽ ۾ ساھہ پيو.“
سجاد ظھير ئي لکيو آهي تہ ”نوجوان فيض جي پراسرار شخصيت آهستي آهستي کلڻ لڳي. سندس رهنمائيءَ ۾ اسان لاهور جي مختلف اديبن سان ملاقاتون ڪيون. ٻن ڄڻن سان ميل ملاقات اڃا ياد اٿم: هڪ اختر شيراني ۽ ٻيو صوفي غلام مصطفى تبسم. فيض صوفي صاحب جو شاگرد رهي چڪو هو. فيض جي توسط سان رشيد ۽ محمود جي بہ ميان صاحب سان واقفيت ٿي هئي. هن جو تخلص سندس مزاج موجب هو. دلڪش، نرم مزاج وارو شخص هو. ٻہ ٻول ڳالھائڻ کان پوءِ ازخود ساڻس وڌيڪ ڳالھائڻ تي دل ٿيندي هئي. مون کي اڄ ڏينھن تائين معلوم ڪونھي تہ ڪيتريقدر ترقي پسند هو؟ پر، سندس ادبي ذوق ۽ دردمند دل جي طفيل لاهور ۾ تحريڪ کي پنھنجي شروعاتي دؤر ۾ جيتري مدد ملي، اوتري شايد ٻئي ڪنھن بہ شخص کان ڪانہ ملي.“
سيد سجاد ظھير جو هي گفتو لاهور ۾ تحريڪ جي بنياد پوڻ جي سلسلي ۾ سَنَدَ جي حيثيت رکي ٿو. مير تقي مير جي لفظن ۾:
مستندہے میرا فرمایا ہوا
ليڪن، انھيءَ حقيقت کان بہ انڪار ڪونھي تہ لاهور ۾ تحريڪ جا پير ڄمائڻ ۾ گهڻو ڪم، محمد دين تاثير ۽ فيض احمد فيض ڪيو. ٻئي ڄڻا شروع کان روشن خيالن جا هئا ۽ تحريڪ سان وابسطہ هئا. پر، دلچسپ ڳالھہ اها آهي تہ ٻنھي ڄڻن جون زالون پاڻ ۾ ڀينر هيون ۽ يورُپي نسل جون هيون.
ايلس فيض مون پھريون دفعو، ڪراچيءَ ۾ ”راڪ هائوس“ ۾ ڏٺي، جيڪو مھتاڻي خاندان جي رهائشگاھہ هو. منجهس ٻئي ٽئي مھيني محفل ٿيندي هئي، جنھن ۾ ڪراچيءَ جا معزز وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مثال طور سائين جي. ايم. سيد ۽ حسين شھيد سھروردي.
اهي محفلون اونھاري ۾ راڪ هائوس جي وڏيءَ سرسبز ڇٻر تي ٿينديون هيون ۽ سياري ۾ راڪ هائوس جي ڊرائننگ روم ۾. منجهن سُشيلا مھتاڻي شاھہ سائينءَ جون ڪافيون ڳائيندي هئي. مھتاڻي خاندان جي وڏي دادا منگهارام جي وفات کان پوءِ سڄو ڪٽنب داڻو داڻو ٿي ويو. ڪي هندستان ويا تہ ڪي ولايت ويا. راڪ هائوس وڪامي ويو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ثقافت جو هڪ مکيہ مرڪز اجڙي ويو.
مون پويون دفعو، ايلس فيض سندس لاهور واري گهر ۾ ڏٺي، جتي فيض جي وفات جي خبر ٻڌڻ شرط سندس جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيڻ ويو هئس. اتي بعد ۾ ايلس فيض کي فاتحہ بہ ڏنيم. هن فيض لاءِ منھنجي محبت ڏسي مون کي سندس تصوير پنھنجي ليٽر پئڊ تي پيسٽ ڪري تحفي طور ڏني.
سيد سجاد ظھير اختر شيرانيءَ سان ميل ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ ”فيض سان گڏجي ساڻس ملڻ ويس. لاهور جي پراڻي شھر ۾، هڪ پراڻيءَ جاءِ ۾ رهندو هو. صبح جي مھل هئي. اختر شيرانيءَ جي ڪمري ۾ چاءِ ۽ صبح جي ناشتي جا گندا برتن هيڏي هوڏي ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. ڪتابن، ڪاغذن ۽ ڪرسين تي مٽيءَ جا تھہ ڄمي ويا هئا. پاڻ گوڏ ٻڌيون ويٺو هو. مون پريشان ٿي، فيض ڏي نھاريو. فيض جي چھري تي همدرديءَ ۽ سڪون جي ڪيفيت هئي. هن وات مان تہ ڪو لفظ ڪونہ ڪڍيو. پر، سندس خاموشيءَ ۾ مون کي اهو پيغام مليو تہ نہ رڳو اختر شيراني، پر، لاهور جي اڪثر اديبن ۽ شاعرن جي زندگي انھيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذري رهي آهي، تڏهن تہ اسان ترقي پسند ادب جي تحريڪ شروع ڪئي آهي.“
صوفي غلام مصطفى تبسم ۽ اختر شيرانيءَ سان ميل ملاقات کان پوءِ سيد سجاد ظھير، فيض ۽ محمود ٽن ڏينھن جي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ ميان افتخار جي رهائشگاھہ تي ڏھہ پندرهن مکيہ شاعرن ۽ اديبن کي صلاح ۽ مشوري لاءِ سڏڻ ۾ ڪامياب ٿيا. چاءِ ڪيڪ بسڪٽ جو انتظام تمام عمدو هو. تاهم ٽنھي ڄڻن کي گهٻراهٽ هئي. پر، فيض وڏي آرام ۽ اطمينان سان سگريٽ ڇڪي رهيو هو ۽ رشيد ڏانھس غصي مان نھاري، ڏندَ ڪرٽي رهي هئي.
جڏهن ميٽنگ ڪامياب ٿي ۽ مھمان اديب ۽ شاعر منشور تي صحيحون ڪري، چاءِ پي، موڪلائي ويا تہ رشيد جي چپن تي خوشيءَ جي مرڪ موٽي آئي. فيض سان وري ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪيائين. لاهور ۾ انھيءَ ابتدائي ڪاميابيءَ کان پوءِ ترقي پسند ادب جي تحريڪ لاءِ فضا هموار ٿي وئي ۽ انجمن جي شاخ کلي وئي. هندستان جي مکيہ مرڪزن ۾ پنھنجا پير پختا ڪرڻ کان پوءِ سجاد ظھير ۽ سندس ساٿين اردو ۽ هنديءَ جون 1940-1930واري ڏهاڪي ۾ ٽي ڪانفرنسون ڪوٺايون: ٻہ 1937 ۽ 1938 ۾ ﷲ آباد ۾ ۽ ٽين 1939 ۾ لکنَو ۾.
سجاد ظھير اتي انھن اوائلي ڏينھن ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ جي اڳواڻن جو محبت سان ذڪر ڪيو آهي. انھن ۾ اردو زبان جي اديبن سان گڏ ٻين زبانن جا اديب بہ شامل آهن. پر، منجهن سنڌي ڪو بہ ڪونھي.
سرفھرست نالو فيض احمد فيض جو هو. 1931 ۽ 1940 ڌاران امرتسر ڇڏي لاهور هليو آيو هو. ڪنھن ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ان سان گڏ ”ادب لطيف“ رسالي جو ايڊيٽر بہ ٿيو. پنھنجي ايڊيٽوريل نوٽن ۽ تنقيدي مضمونن وسيلي، ترقي پسند جو مَوقف موثر انداز ۾ واضح ڪيائين. اڳتي هلي، فيض اردو ادب جي آسمان تي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪيو. ترقي پسند ادب جا سڀ ستارا چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ آسمان مان ڄڻ تہ گم ٿي ويا. تاهم، انھن اديبن ۽ شاعرن کي نہ اڳي ڪنھن وساريو هو ۽ نہ اڄ ڪو وساري سگهي ٿو، جن شروع شروع ۾ هندستان ۾ مختلف هنڌن تي تحريڪ جو بنياد وڌو هو.
علي سردار جعفري نازڪ نفيس، درميانہ قد و قامت ۽ چمڪندڙ اکين وارو نوجوان هو. علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان سياسي سرگرمين سببان ڪڍيائونس تہ لکنو يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. پر، گهڻو وقت ترقي پسند اديبن جي تحريڪ جي ڪم ۾ گذاريندو هو. سندس مسڪراهٽ ۽ دردمندي فقط پنھنجي عوام ۽ ملڪ لاءِ مخصوص هوندي هئي. مخالفن سان نرم رويو هو سکيو ئي ڪونہ هو. روايتي اديبن ۽ شاعرن کي گفتگو ۽ بحث مباحثي ۾ ايڏا تہ تير ۽ نشتر هڻندو هو، جو هو سندس سامھون اچڻ کان ڊڄندا هئا. خدا کان پناھہ گهرندا هئا. سردار علي جعفري اگهاڙي ترار هو. ڪرشن چندر سچ چيو هو تہ ”علي سردار جعفري فرد ڪونھي، تحريڪ آهي.“
لکنوءَ جي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ۾ ٻيو آبدار موتي اسرار الحق مجاز هو. قد قامت ۾ علي سردار جعفريءَ جيترو هو، پر بُتَ ۾ کانئس بہ هلڪو هو. علي سردار جعفري بحث مباحثي جو شھسوار هو تہ مجاز کي انھيءَ ميدان جي هوا بہ ڪانہ لڳي هئي. مجاز جي مزاج ۾ هڪ دلڪش رنگيني هئي. هو پنھنجي ڪلام ۾ خوبصورت ۽ مترنم لفظن سان، رومانيت جي هڪ اهڙي فضا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو، جا نوجوانن جي مضطرب روح کي مسحور ڪري ڇڏيندي هئي. مجاز الھہ آباد ۽ علي ڳڙھہ يونيورسٽين جي شاگردن ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول ۽ دلپسند هو. نوجوان شاگردن ۽ انھن ۾ بہ ڇوڪرن کان وڌيڪ ڇوڪرين جو محبوب شاعر هو. جيڪي انقلاب بابت سندس هيءَ مصرع ڏاڍي سر سان ڳائينديون رهنديون هيون. ”گذر بھي جا کہ تيرا انتظار کب سي هي“
يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي چپن تي مجاز سان گڏ ٻيو نالو مخدوم محي الدين جو هوندو هو، جيڪو حيدرآباد دکن ۾ ڪنھن ڪاليج ۾ نوجوان استاد هو. سندس ابا ڏاڏا آفريڪا مان لڏي آيا هئا. نسلي اثر سان گڏ ماڻھوءَ تي ماحول ۽ آبھوا جو بہ اثر پوي ٿو. انھن سببن ڪري، مخدوم محي الدين مليح رنگَ ۽ چٽن وصفن وارو خوبصورت نوجوان هو. وار گهنڊيدار هئس. مزاج اهڙو هئس، جو جيڪو ملندو هئس، سو سندس گرويده ٿي ويندو هو. نوجوان تہ ٿيا هڪ پاسي، حيدرآباد دکن جو ممتاز بزرگ عالم، اديب ۽ صحافي قاضي عبدالغفار بہ سندس مداحن ۾ شامل هو.
ترقي پسند تحريڪ جي اهم رڪن سيد سبط حسن جو چوڻ آهي تہ ”حيدرآباد دکن ۾ انجمن جي شاخ قائم ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏو رول مخدوم محي الدين ادا ڪيو“. ائين پڻ لکيو اٿس تہ جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿي ويو ۽ پاڪستان ٺھيو تہ پاڻ هيڏي آيو تہ مخدوم سان بمبئيءَ ۾ آخرين ملاقات ٿيس، مٿس زور ڀريائين تہ تون بہ پاڪستان هل. پر، هن معذرت ڪيس ۽ چيائين تہ ”منھنجو جسم ۽ روح حيدرآباد جي سرهاڻ سان واسيل آهي. جيتر حياتي آهي، اتي ئي رهندس. جڏهن موت آيو تہ حيدرآباد جي مٽيءَ ۾ ئي دفن ٿيندس“. ائين ئي ٿيو.
سيد سبط حسن وانگر مرزا ظفر الحسن پڻ پنھنجي ڪتاب ”دکهن اداس هي يارو“ ۾ مخدوم محي الدين جو ذڪر وڏيءَ محبت ۽ عقيدت سان ڪيو آهي.
اختر حسين رائپوري ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو هڪ تمام اهم نالو آهي. هو علي ڳڙھہ جي انھيءَ جوان ۽ ذهين ترقي پسند گروپ سان وابستہ هو، جنھن جا ٻيا رڪن هئا: اسرار الحق مجاز، خواجہ احمد عباس، علي سردار جعفري، سبط حسن، جان نثار، جذبي اطھر علي ۽ ٻيا. حب الوطني ۽ روشن خيالي اختر رائپوريءَ جي شخصيت جون مکيہ وصفون هيون. هو مٿي ذڪر ڪيل گروپ لاءِ وڏي ٽيڪ ۽ سھارو هو.
غالباً سن 1936ع ۾ اختر حسين رائپوريءَ ”ادب ۽ زندگي“ مضمون لکيو، جيڪو انجمن ترقي اردو (هند) جي رسالي ”اردو“ ۾ شايع ٿيو. سيد سجاد ظھير انھيءَ مضمون لاءِ لکيو آهي تہ ”هي پھريون پھريون مضمون آهي جنھن ۾ ترقي پسند ادب جي تخليق جي ضرورت صحيح معنى ۾ بيان ڪئي وئي آهي.“
پر هن اهو بہ لکيو آهي تہ فيض احمد فيض جي مضمون ”ترقي پسند ادب“ ۽ مجنون گورکپوريءَ جي مضمون ”ترقي پسند ادب“ ۽ احتشام حسين جي مضمون ”قديم ادب ۽ ترقي پسند“ تنقيد نگاريءَ جي نئين نظريي جو بنياد رکيو.
مجازَ، مخدومَ، سردار جعفريءَ، علي جواز زيديءَ ۽ مسعود اختر جمالَ شعر ۽ شاعريءَ ۾ رومانيت، حب الوطنيءَ ۽ انقلاب پرستيءَ جا شعلا ڀڙڪايا. ڪرشن چندر، راجندر سنگهہ بيديءَ عصمت چغتائيءَ، منٽو، اختر رائپوريءَ، احمد عليءَ ۽ حيات ﷲ انصاريءَ وري افسانہ نويسيءَ ۾ سوين چراغ ٻاري ڇڏيا.
سيد سجاد ظھير اردو زبان جي انھن اديبن کان علاوہ، هندستان جي علاقائي زبانن جي اديبن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ ”گجراتي زبان ۾ ترقي پسند تحريڪ جي شاخ قائم ٿي تہ ان ۾ نوجوان اديبن سان گڏ، اُما شنڪر جوشيءَ جھڙا ممتاز اديب بہ شريڪ ٿيا. هڪڙي ٻئي گجراتي اعليٰ اديبَ، اندو لال ياجنڪ بمبئيءَ ۾ انجمن جي شاخ قائم ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي. اتي توڙي پوني ۽ ناگپور ۾، مرهٽي ۽ گجراتي ترقي پسند اديبن جا حلقا تہ اڳيئي هئا. پر، سن 1942ع ۾ انجمن جي هڪ مضبوط شاخ قائم ٿي وئي، جنھن ۾ مرهٽي، گجراتي، هندي ۽ اردو زبانن جا اديب، سَڀُ شامل هئا. ساڳيءَ ريت ميسور، مالابار، بيجواڙي ۾، ڪئنري ملايالم ۽ تيلگو زبانن جي ترقي پسند اديبن جا حلقا ٿيا.
سنڌ ۽ ڪشمير ۾ انجمن ترقي پسند جون باقاعدي شاخون تہ قائم ڪونہ ٿيون. پر، اتان جا ڪي نوجوان لکندڙ انجمن جي مرڪز سان وابسطہ هئا ۽ پنھنجي پنھنجي علائقي ۾ ترقي پسند تحريڪ جي ڪم کي ڦھلائي رهيا هئا. انھيءَ ڪاميابيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو سبب سجاد ظھير جي اڻ ٿڪ محنت ۽ اورچائي هئي. پر، سيد سجاد ظھير پاڻ اهو اعتراف ڪرڻ بہ ضروري سمجهيو آهي تہ ”اسان جي ڪاميابين جي باوجود، ڪن حلقن ۽ فردن کي اعتراض هو تہ ترقي پسند ادب جي تحريڪ فنڪار جي تخيل جي آزاديءَ ۽ تخليقي صلاحيتن کي محدود ڪري ڇڏيو آهي.“
هن اهڙن نقادن جا نالا تہ ڪونہ کنيا آهن. پر، منھنجيءَ معلومات موجب، ترقي پسند ادب جي تحريڪ جي اهڙن نقادن ۾ هڪ مکيہ نالو گوپال متل هو. مون سندس ڪتاب ”لاهور کا جو ذڪر کيا“ پڙهيو آهي. منجهس ترقي پسند ادب جي تحريڪ خلاف واقعي ڪافي مواد موجود آهي. پنھنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس تہ هڪ دفعي شيخ چلي رات جي وقت بجليءَ جي ٿنڀي هيٺان ڪا شيءِ ڳولي رهيو هو.
ڪنھن شخص پڇيس تہ ”ڇا ٿو ڳولين؟“
کيس جواب ڏنائين تہ، ”گهر ۾ سئي وڃائجي وئي آهي. اها ٿو ڳوليان.“
”هن شخص چيس تہ سئي وڃائي اٿئي گهر ۾، ڳولين ٿو هت؟“
چيائين تہ ”پر، گهر ۾ روشنائي تہ ڪانھي.“
گوپال متل اهو مثال ڏئي لکيو آهي تہ ”ترقي پسنديءَ جي شوقين اديبن ۽ شاعرن ۾ اها ڪمزوري آهي تہ ظلم ۽ ستم جي خلاف هو احتجاج اتي ئي ڪندا، جتي پڪ هوندن تہ رد عمل ڪونہ ٿيندو.“ مون کي ان تي ياد آيو تہ، مظھر علي خان جو پٽ طارق علي ڪجهہ عرصو اڳ لنڊن ڇڏي پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ آيو هو. پر، ستت واپس موٽي ويو. چيائونس تہ ”ايترو جلد ڇو موٽئين؟“
چيائين تہ ”اتي احتجاج جو حق ڪونھي، ٻہ ٽي ڏينھن ٻيا بہ ٽڪان ها تہ، اڄ جيل ۾ پيو هجان ها“.
مون گوپال متل جو ڪتاب لاهور ۾ ورتو، جتي علي احمد بروهيءَ وٽ ٽڪيل هئس. هو اتي پريس انفارميشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر هو. هن پاڻ ڪتاب ۾ اها ڳالھہ پڙهي چيو تہ، ”گوپال متل سچ لکيو آهي. سنڌ ۾ بہ عورتن کي رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ڪارو ڪاريءَ جي الزام هيٺ سنڌي ئي ڪھن ٿا. ٻھراڙين ۾ خون، ڌاڙا ۽ چوريون پاٿاريدار ڪرائن ٿا جيڪي سڀ سنڌي آهن. غريبن جون سھڻيون زالون زوريءَ کڻائي، پاڻ وٽ عياشيءَ لاءِ ڪير وهارن ٿا؟ انھن جي خلاف احتجاج ڇو ڪونہ ٿو ٿئي.
”جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هوندي آهي تہ هزارين ايڪڙن جي مالڪن وڏيرن ۽ رئيسن وٽ واھہ ۽ شاخون اهي ئي اڳي وانگر تار وهنديون رهنديون آهن. پاڻيءَ جي کوٽ جو اثر رڳو ننڍن کاتيدارن ۽ پڇڙيءَ وارن آبادگارن تي ٿيندو آهي، انھن جو اوهي واهي ڪير آهي؟“ بروهيءَ پوءِ ڏک مان چيو هو تہ ”سچي ڳالھہ اها آهي تہ امير جي دنيا غريبن جي دنيا کان ڌار آهي.“
لاهور ۾ تحريڪ کي مٿي کڻڻ وارو ڊاڪٽر محمد دين تاثير هو. چراغ حسن حسرت بہ ان ۾ پيش پيش هو، جو دين اسلام جو مبلغ هو. پر، ان سان گڏ، ترقي پسند ادب جو بہ مفسر ٿي ويو. مشھور شاعر، ن. م راشد مٿس ”اشتراڪي مسخري“ جي عنوان سان نظم لکيو هو. هن لکيو آهي تہ ”ترقي پسند اديبن ۾ سڀ منھنجا دوست هئا. ليڪن ڪرشن چندر سڀني ۾ پيارو دوست هو. اسان جو مشترڪہ دوست، ديوندر ستيارٿي کيس ڏاڍو پٽائيندو هو. خاص ڪري کيس پنھنجي ”جنسي فتوحات“ جون غيرمعمولي خبرون ٻڌائي، هوش مان ڪڍي ڇڏيندو هو. ڪرشن چندر سندس من گهڙت ڳالھين تي اعتبار ڪندو هو.
گوپال متل لاهور جي ٻئي ترقي پسند اديب مرزا اديب بابت بہ طنزيہ انداز ۾ لکيو آهي تہ انھن ڏينھن ۾ ”ادب لطيف“ نالي لاهور مان رسالو نڪرندو هو، جنھن جو ايڊيٽر مرزا اديب هو ۽ پاڻ کي ”ترقي پسند اديب“ ڪوٺائيندو هو. مظلوم صورت شخص هو. هڪ دفعي ڪرشن چندر، چوڌري برڪت علي ۽ مان سندس آفيس ۾ ويٺا هئاسون. مرزا اديب جي ڪتاب ”صحرا نورد کي خطوط“ جو ذڪر ٿيو. آرٽسٽ نئين ايڊيشن جي سرورق جي ڊزائين ٺاهي کڻي آيو هو. چوڌري برڪت عليءَ ڊزائين ڏسي چيو تہ، ”آرٽسٽ سر ورق جي هن ڊزائين ۾ جِنَ جي شڪل ڇو ٺاهي آهي؟“
مون کانئس ڊزائين وٺي چيو تہ ”اهو جِنُ ڪونھي، مرزا اديب آهي. آرٽسٽ سندس صحيح شڪل ٺاهي آهي.“
اهو ٻڌي، مرزا اديب کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. پر، ڪري تہ ڪري ڇا!
گوپال متل مرزا اديب وانگر ٻين ڪيترن ترقي پسند اديبن تي بہ ڪتاب ۾ ٽوڪون ڪيون آهن. هڪ هنڌ ساحر لڌيانويءَ، ديوندر ناٿ ستيارٿيءَ ۽ هڪ نوجوان شاعر اشڪ لاءِ لکيو اٿس تہ ”غزل جي روايتي عاشقن جي پيروي ڪندي، هڪ حسين شاعرہ سان معاشقو ڪيائون. ستيارٿيءَ وٽ ڪئميرا هئي. روزانو، شاعرہ جون مختلف زاوين سان تصويرون ڪڍندو هو. ساحر وٽ ڪئميرا ڪانہ هئي. سو، وري شاعرہ جون تحريون رسالن ۾ ڇپائيندو هو. شاعرہ جي واندڪائيءَ جو وقت منجهند جي مھل هوندي هئي. هي ٽئي ڄڻا ٽاڪ منجهند جو، پيادل، ڪاڙهي تتي ۾ پري کان پنڌ ڪندا، سندس رهائشگاھہ تي پھچي ويندا هئا.
هوءَ مٿن ڪھل ڪري، کين ٿڌو شربت پياريندي هئي. کيس اهو وهم گمان بہ ڪونہ هو تہ هي پنھنجيءَ دل ۾ انھيءَ کي ”شربت وِصل“ جو ”ديباچو“ سمجهن ٿا.
پر هڪ ڏينھن هن اهڙو ڪم ڪيو، جو هنن جي آسن ۽ اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيائين. سو مان جنھن مھل ساڻن مليس تہ مٿس باھہ ٿيا ويٺا هئا. مون کين چيو تہ ڳالھہ ڇا هي؟ چيائون تہ اڄ منجهند جو ساڻس ملڻ وياسون، تہ چيائين تہ ”اوهان منھنجون هيتريون ساريون تصويرون ڪڍي، مون کي ڏنيون آهن. انھن تي ڪئميرا جي رولن جو بہ چڱو خرچ آيو هوندو. سو، مھرباني ڪري، ٻڌايو تہ اوهان کي ادا ڪري ڇڏيان. اهو تہ اوهان جو حق آهي. اوهان پورهيت مسڪين ماڻھو آهيو!“
هندستان جي ورهاڱي وقت پنجاب ۾ فساد شروع ٿيا تہ گوپال متل جا گهر وارا هڪڙو ڏينھن بہ لاهور ۾ ٽڪڻ لاءِ تيار نہ هئا. سو، هو لاهور کان امرتسر ويندڙ بسن جي آخرين قافلي ۾ هندستان روانو ٿيو.
گوپال متل جي لکڻ ۾ مزاح جو رنگ آهي. هن ترقي پسند اديبن ۽ پنجاب جي سياسي صورتحال تي دلچسپ تبصرو ڪيو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ”صحرا ۾ اذان“ آهي. جيڪو مون ڪونہ پڙهيو آهي.
هڪ دفعي مون گوپال متل جو ذڪر ڪيو. جويي صاحب چيو تہ ”هائو. پر، اهو ترقي پسند تحريڪ کان باغي ٿي ويو هو.“ حقيقت هيئن آهي تہ گوپال متل شروع ۾، ترقي پسند اديبن سان گڏ هو. پر، ساڻس اختلاف ٿيس، تہ پوءِ بہ رجعت پسند اديبن سان شامل ڪونہ ٿيو. ايم. اين. راءِ. جي گروپ ۾ شامل ٿيو. ڪيترن ئي ترقي پسند اديبن سان سندس محبت، پڇاڙيءَ تائين قائم رهي. جويو صاحب ۽ شيخ اياز خود بہ ايم. اين. راءِ. جا پوئلڳ هئا.
گوپال متل جڏهن هندستان روانو ٿيو تہ لاهور ۾ بسن جي اڏي تي سندس ترقي پسند اديب دوست بہ ٻين سان گڏ، کيس ”الوداع“ ڪرڻ آيا. جڏهن سندس بس لاهور مان امرتسر رواني ٿي تہ سندن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
ترقي پسند اديبن لاءِ ائين سمجهڻ تہ رڳو گوپال متل جھڙا نظرياتي اديب سندن مخالف هئا، ۽ هونئن، هندستان ۾ هرهنڌ فضا هنن لاءِ سازگار هئي، صحيح ڪونھي. فرد واحد هجي يا ڪا جماعت يا تحريڪ هجي، هر ڪنھن کي پنھنجين پنھنجين حالتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو. ترقي پسند تحريڪ کي بہ پنھنجي دور جي حالتن کي منھن ڏيڻو پيو، دٻاءُايڏو تہ طاقتور هو، جو خود تحريڪ جي وڏن وڏن اڳواڻن ۾ بہ صحيح سمت ۾ وک وڌائڻ متعلق اختلاف پيدا ٿيا.
تحريڪ جا اڳواڻ، جوانيءَ ۾، انگلستان جي آزاد فضا ۾ تعليم وٺي واپس وطن موٽيا تہ پنھنجي ڪروڙين هم وطنين جي آزاديءَ جي جذبي سان سرشار هئا.
پر، جڏهن ٻي مھاڀاري لڙائي لڳي تہ منجهي پيا تہ انگريزن جي حمايت ڪريون يا هٽلر، جپان ۽ مسولنيءَ جو پاسو وٺون؟ آخرڪار فيصلو ڪيائون تہ فاشسٽ طاقتون تہ انسانذات جي بنيادي حقن جي بہ خلاف آهن، سو اتحادين يعني انگريزن ۽ سندن ساٿين جي حمايت ڪريون. پر تحريڪ جي شروعات ئي انگريزن جي مخالفت سان ڪئي هئائون، انڪري انھن جي ئي حمايت ڪرڻ هنن لاءِ ڪا سولي ڳالھہ ڪانہ هئي. پر، اڳتي هلي، جڏهن هٽلر روس تي حملو ڪيو تہ صورت حال هيڪاري گنڀير ٿي وئي. انھن ڏکين ڏينھن ۾ صحيح موقف فقط جوش مليح آباديءَ ۽ ساغر نظاميءَ ورتو. ٻنھي جپان جي فاشزم ۽ انگريزن جي سامراجيت جي مذمت ڪئي. پر، ترقي پسند اديبن جي اڪثريت اتحادين يعني انگريزن ۽ سندن اتحادي قوتن، جي فائدي ۾ هئي، خاص ڪري جڏهن روس، هٽلر جي خلاف اتحادين يعني انگريزن ۽ آمريڪن جو جنگ ۾ پاسو ورتو، تہ پوءِ هندستان جي سرڪار ترقي پسندن لاءِ فوج ۾ ڀرتيءَ جا دروازا کولي ڇڏيا، سو ڪيترن ئي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن هندستان جي انگريزي فوج ۾ ملازمتون ورتيون. مجيد ملڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ فيض کي بہ آمادہ ڪيائين. سو، بہ ڀرتي ٿيو. پطرس بخاري آل انڊيا ريڊيو سان وابسطہ ٿيو. هن ن. م. راشد، سعادت حسن منٽو، اسرار الحق مجاز ۽ ٻين کي بہ ريڊيي ۾ آندو. حفيظ جالنڌري ڳوٺن ۾ پروپئگنڊا جي کاتي جو سربراھہ ٿيو ۽ ترقي پسند تحريڪ جي بنيادي ڪارڪن، دين محمد تاثير پنھنجون خدمتون وائسراءِ کي پيش ڪيون.
ليڪن، حيرت آهي تہ هندستان سرڪار جي بدليل پاليسيءَ ڪري ترقي پسند تحريڪ ۾ ڦوٽ پئجي وئي. جيڪي لکندڙ جنگ ۾ انگريزن جو ساٿ ڏيڻ جي خلاف هئا، تن جو موقف هو تہ انگريزن جي حمايت ڪن شرطن سان ڪرڻ کپندي هئي. پر منجهن رڳو انھيءَ سوال تي پاڻ ۾ اختلاف ڪونہ ٿيا. سياسي ميدان ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪٻئي جي مدمقابل هيون. سندن سياست جا هر هنڌ اثر پيا. ترقي پسند تحريڪ تي بہ ٿيا. ڪانگريس ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي شامل هئا. اڪثريت هندن جي هئي. پر، مسلمان بہ منجهس شامل هئا. مسلم ليگ ۾ رڳو مسلمان هئا. سو، ترقي پسند تحريڪ ۾، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي سياست ڪري اختلاف پيدا ٿيا. تحريڪ جي حلقن ۾ عام رايو اهو ئي هو تہ مسلم ليگ ”فرقيوارانه سياست“ ڪري ٿي. انھيءَ سبب ڪري مسلم ليگ ترقي پسند اديبن کي پسند ڪانہ ڪندي هئي. پر، انگريزن کان آزاديءَ جي جدوجھد جي آخرين سالن ۾ ترقي پسند اديبن، از خود، مسلم ليگ جي غير مشروط حمايت ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو تہ جمھوريت جي اصولن موجب، اتر اولھہ هندستان ۽ بنگال جي قوميتن کي بہ حق خود اراديت ملڻ کپي. اهڙيءَ ريت، هنن پاڪستان جي مطالبي جي حمايت ڪئي ۽ ”يوم پاڪستان“ جا جلسا پڻ ڪيا.
سن 1947 ۾، هندستان جو ورهاڱو ٿيو تہ سيد سجاد ظھير پنھنجن قريبي دوستن ۽ ساٿين سان گڏ پاڪستان هليو آيو. ليڪن، سندس ساٿي دهليءَ ۽ لکنو جي ماحول کي ذهن مان ڪڍي ڪونہ سگهيا. سو، پاڪستان جي عوام ۽ خصوصاً پڙهيل لکيل طبقي سان، رلي، ملي هڪ ٿي ڪونہ سگهيا. سنڌ، پنجاب، بلوچستان، سرحد ۽ بنگال ۾ اردو ڪٿان جي زبان ڪانہ هئي. پر، پاڪستان جي قومي زبان هئي. ترقي پسند اديبن اردوءَ جي اها پوزيشن خيال ۾ رکي، ملڪ جي مقامي زبانن سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ بنگالي سکڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت ڪانہ سمجهي. نتيجو اهو نڪتو تہ هو ملڪ جي عام ماڻھن جا مسئلا، ڏک ۽ سور معلوم ڪري ئي ڪونہ سگهيا. انھي ڪري منجهن مقبوليت ۽ حمايت بہ حاصل ڪري ڪونہ سگهيا.
سندن نظرياتي نصب العين ”پيڙيل عوام کي آجپو ڏيارڻ هو“ پر، سندن عَمَلُ، پاڪستان ۾ اردوءَ جي حاڪميت جو فائدو وٺي رڳو پاڻ کي سکيو ستابو ڪرڻ ٿي ويو. سندن هڪ مکيہ ساٿيءَ احمد عليءَ ”انگاري“ جي مصنف، قلابازي ڏئي، دين جي عالم جو چوغو پاتو ۽ وزارت خارجہ ۾ وڏي نوڪري وڃي ورتائين.
هڪ طرف اها صورتحال هئي، تہ ٻئي طرف لياقت علي خان، آمريڪين کان امداد وٺي وطن واپس موٽيو، تہ آمريڪين بہ پنھنجا مطلب پورا ڪرڻ لاءِ، پنھنجن رٿيل منصوبن تي پير وڌائڻ شروع ڪيا. روس سان تڏهن بہ ٺھيل ڪونہ هئا، ۽ پاڪستان کي روس دشمن معاهدن ”سينٽو“ ۽ ”سيٽو“ جو ميمبر ڪرڻ کان بہ اڳ کانئس پھريون پھريون مطالبو اهو ڪيائون تہ اوهان وٽ جيڪي بہ سوشلسٽ خيالن جون جماعتون ۽ تنظيمون آهن، تن کي ٽِيٽَڪَ تي چاڙهيو.
هندستان سرڪار شروع کان غيرجانبدار پاليسي اختيار ڪئي هئي. سو کين آمريڪي يا روسي مطالبن جي پرواھہ ڪانہ هئي. اتان جا ترقي پسند اديب آرام ۽ اطمينان سان پنھنجي منشور موجب ڪم ڪندا رهيا. پر، پاڪستان ۾ آمريڪي اشاري تي 1950ع ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ تي بندش پئجي وئي.
ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن، مسلم ليگ جي مطالبي موجب، پاڪستان ٺاهڻ جي حمايت ڪئي هئي ۽ ان سلسلي ۾ ”يوم پاڪستان“ جا جلسا پڻ ڪيا هئا. سي کين ڪنھن بہ ڪم ڪونہ آيا. لياقت علي خان جي حڪومت ۾ سڀ ڪم آمريڪي اشاري تي ٿيڻ لڳا. اڳتي هلي، ”راولپنڊي سازش“ ڪيس ٺھيو، جنھن ۾، پاڪستاني فوج جا ڪي اعليٰ عملدار ڦاٿا. تن ڏينھن ۾ اهي اڦواھہ مشھور ٿيا هئا تہ انھن فوجي عملدارن پيش قدمي ڪري، ”سري نگر“ جي ويجهو وڃي خيما کوڙيا هئا. پر، لياقت علي خان جو کين اوچتو حڪم مليو تہ ”اڳتي نہ وڌو.“ سو، هو سري نگر فتح ڪري ڪونہ سگهيا. خدا ٿو ڄاڻي تہ حقيقت ڇا هئي. پر، مشھور ائين ٿيو تہ اهو حڪم بہ لياقت علي خان آمريڪن جي اشاري تي جاري ڪيو هو. هنن سوچيو تہ ڪشمير جي سوال تي ٻنھي ملڪن ۾ جنگ الائي ڪيترو وقت هلندي. سو، هنن لياقت علي خان کي جنگ روڪڻ جو اشارو ڏنو. هن کي ساريو پيو هو تہ موقعو ملڻ تي، اهي فوجي عملدار مون سان پلئہ ڪندا. تنھن دور انديشي ڪري، کين ”راولپنڊي سازش“ جي ڪيس ۾ ٻڌو، ۽ آمريڪين کي خوش ڪرڻ لاءِ، سوشلسٽ خيالن جا ڪي مکيہ اديب ۽ شاعر مثال طور فيض احمد فيض ۽ سجاد ظھير بہ ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏيا. فيض جو هي شعر انھيءَ ڳالھہ جي عڪاسي ڪري ٿو:
یہ داغ داغ اُجالا یہ شب گزیدہ سحر
وہ انتظار تھا جس کا یہ وہ سحر تو نہیں
سيد سجاد ظھير وڏي خاندان جو فرد هو، جنھن ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي مھذب خاندانن جي رهڻي ڪھڻيءَ ۽ اٿي ويٺيءَ جون روايتون ۽ رسمون هيون. از- انسواءِ پاڻ وڏو ”صاحبِ طرز“ (TREND- SETTER) اديب ۽ نقاد هو. سو، توڙي جو قيد ٿيو. پر، اتي بہ سندس ساٿين کانئس گهڻو ڪجهہ پرايو. سندس درس تمام وسيع هوندو هو- قرآن شريف، حديث، مثنوي مولانا روم، ديوان حافظ، ڪشف المحجوب ۽ انگريزي، فرانسيسي ۽ اردو ادبيات تي مشتمل هوندو هو.
هندستان جي هاڪاري اديب مالڪ رام، چيئرمن ساهتيہ ايڪيڊمي هندستان (جو بعد ۾ مسلمان ٿي ويو هو) تہ اهو بہ لکيو آهي تہ ”سيد سجاد ظھير، فارسي زبان جي مشھور شاعر حافظ شيرازيءَ تي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ”ذڪر حافظ“ جي نالي سان لکيو هو، جو انجمن ترقيءَ اردو هندستان شايع ڪيو. آزاديءَ کان اڳ، سڄي هندستان ۾، حافظ شيرازيءَ جي علمي ۽ ادبي هاڪ ۽ ڌاڪ هوندي هئي. هونئن بہ هو بين الاقوامي ليول تي هڪ وڏو مڃيل شاعر آهي.
ڪورٽ ۾، سيد سجاد ظھير، فيض احمد فيض ۽ ٻين تي راولپنڊي ڪيس ۾ ڏوھہ ثابت ڪونہ ٿيو. پر، سرڪاري وڪيل پوءِ بہ ٻنھي کي موت جي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو! سندس مطالبو تہ رد ٿيو. پر، ملڪ ۾ سرڪاري رُخ ۽ رواج کي ڏسي کين چار سال قيد جي سزا ڏني وئي. پر، ستت گهٽائي ٻہ سال ڪئي وئي. هنن اها سزا حيدرآباد ۽ مَڇَ جيل ۾ ڪاٽي. فيض احمد فيض جي ڪلام جو مجموعو، ”زندان نامو“ انھن ڏينھن جو يادگار آهي. جڏهن حيدرآباد جيل ۾ هو، تہ هڪ حَسين خاتون کان ”گلاب جي گُل“ جو تحفو ملڻ تي دلاويز اشعار چيا هئائين ۽ انھن جو اختتام حافظ شيرازيءَ جي هن لافاني شعر تي ڪيو هئائين:
خلل پذير بود، هر بنا کہ مي بيني
بجز بنائي محبت کہ خالي از خلل است
هندستان سرڪار پاڪستان تي سيد سجاد ظھير جي فوري آزاديءَ لاءِ وڏو زور آندو. دنيا جي ٻين بہ ڪيترن ئي ملڪن مان وڏن وڏن دانشورن پڻ پاڪستان تي سخت پريشر وڌو. سو، سن 1955ع ۾ ئي کيس آزاد ڪيو ويو.
سيد سجاد ظھير آزاد ٿيو تہ هندستان ويو. پر، جڏهن هِتِ هو، تڏهن سندس باري ۾ هڪ لطيفو ڏاڍو مشھور ٿيو. سو هيءُ تہ تاجڪستان جو مشھور اديب ترسون زادو هڪ سرڪاري وفد ۾ پاڪستان آيو هو. لاهور ۾ سندس ملاقات سيد سجاد ظھير جي ڪنھن ويجهي دوست سان ٿي، جنھن کي سڪ سان چيائين تہ، ”مان سيد صاحب سان ملڻ گهران ٿو.“ ترسون زادي کي انگريزي ڪانہ ايندي هئي ۽ سجاد ظھير جو دوست فارسي ڪونہ ڄاڻندو هو. سو، ذهن تي زور ڏئي چيائنس تہ ”سجاد ظھير زير زمين رفتہ است“
ترسون زادي ان جو اهو ئي مطلب ورتو، تہ هو فوت ٿي ويو آهي. سو، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سجاد ظھير جي دوست کان پڇيائين تہ ”هي المناڪ واقعو ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو؟“
سجاد ظھير جو دوست ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ وڏيءَ مشڪل سان معزز مھمان کي سمجهائي سگهيو تہ هو روپوش (U.G) آهي.“ – اهو ٻڌي، ٻنھي کان ٽھڪ نڪري ويو!
سجاد ظھير زندگيءَ جي پوين ڏينھن ۾ روس، جرمنيءَ ۽ انگلنڊ ويو ۽ اتي جي لئبررين ۾ امير خسرو تي تحقيقي ڪم ڪندو رهيو.، ڇو تہ دنيا جي گهڻن ئي ملڪن ۾، امير خسرو جي ست سو سالہ ورسيءَ جا جلسا ٿي رهيا هئا. سجاد ظھير لنڊن مان قزاقستان جي گاديءَ ”الما آتا“ ويو، جتي بہ امير خسرو تي ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي. لنڊن ۾ ڪنھن دوست پڇيس تہ، ”توکي پنھنجي اباڻي شھر کان پوءِ دنيا ۾ ڪھڙو شھر پسند آهي؟“
سجاد ظھير چيس تہ، ”قزاقستان جو شھر ”الما آتا“ ڏاڍو وڻندو اٿم.
انسان کي اها ڪَلَ ئي ڪانھي تہ سندس قسمت ۾ ڇا لکيل آهي. سيد سجاد ظھير ٻن هفتن کان پوءِ، ڪانفرنس لاءِ ”آلما آتا“ پھتو. ”الما“ جي معنى ”صوف“ آهي. ”آتا“ پيءُ جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي. جيئن مصطفى اتا ترڪ. اتا ترڪ معنى ترڪن جو پيءُ. ”الما آتا“ سڄيءَ دنيا ۾ بھترين صوفن جي ڪري مشھور آهي. بين الاقوامي ڪانفرنس 4 سيپٽمبر کان 9 تاريخ تائين رکيل هئي. سجاد ظھير 6 تاريخ ناشتي لاءِ ميز تي ويٺو، تہ سندس آڏو صوفن جي خوبصورت ٽوڪري آڻي رکيائون. هن اڃا ناشتو شروع ئي ڪونہ ڪيو، تہ اوچتو مٿس دل جو دورو پيو. ڊاڪٽر هڪدم پھتو، کيس دوا درمل ۽ مڪمل آرام جو مشورو ڏنائين. 11 سيپٽمبر تي ظھير صبح سان وري بيھوش ٿي ويو ۽ 15 سيپٽمبر تي وفات ڪيائين. سندس خاڪي جسم هوائي جھاز رستي انھيءَ ئي ڏينھن دهليءَ پھتو ۽ جاميہ مليہ جي قبرستان ۾ دفن ٿيو.
سجاد ظھير جي وفات کان پوءِ، ترقي پسند ادب جي تحريڪ جا ڪيترائي نامور اديبَ ۽ شاعرَ. مثال طور، مخدوم محي الدين، اسرار الحق مجاز، سردار جعفري ۽ ٻيا ڪي اڳي ڪي پوءِ هندستان ۾ وفات ڪري ويا.
هِتِ اسان وٽ پاڪستان ۾ بہ فيض احمد فيضُ، سيد سبط حسن، ظفر الحسن، احمد نديم قاسمي ۽ ٻيا هاڻي هي جھان ڇڏي ويا آهن. پر، هنن جنھن تحريڪَ جو آغاز ڪيو هو، تنھن هندستان ۽ پاڪستان ۾ اردو، هندي ۽ ٻين ٻولين ۾ ادب جا لاڙا ۽ روايتون تہ هميشہ لاءِ بدلائي ڇڏيون.
ترقي پسند تحريڪ جو مستند احوال اردوءَ، هنديءَ، گجراتي، بنگاليءَ، مرهٽيءَ، مليالم ۽ ٻين ٻولين ۾ تہ تفصيل سان ملي ٿو. پر، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪونہ ٿو ملي. بھرحال، تاريخي طور، اهو خاطريءَ سان معلوم آهي تہ تحريڪ 1930 کان 1940 واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ۽ ساڳين ئي ڏهن سالن ۾ نہ فقط هندستان جي مختلف پرڳڻن ۾ پکڙجي وئي، پر، هر هنڌ، پنھنجا پير پختا ڪيائين. اسان کي اهو بہ معلوم آهي تہ تحريڪ جون الھہ آباد، لکنو ۽ حيدرآباد دکن ۾ جيڪي ڪانفرنسون ٿيون تن ۾ ٻين پرڳڻن سان گڏ، سنڌ جا اديب بہ شريڪ ٿيا.
هڪ طرف اها صورت حال هئي تہ ٻئي طرف انھن ڏينھن ۾ انگريزن جي اڌ دنيا تي حڪومت هئي. عام چوڻي هئي تہ انگريزن جي بادشاهيءَ تان سج لھندو ئي ڪونھي. هڪ ملڪ ۾ لھندو آهي تہ ٻئي ۾ اڀرندو آهي. پر ايڏءَ وڏيءَ سلطنت ۾ بہ انگريزن جي هٿ ۾ جيڪا ”سوني جهرڪي“ هئي، سا هندستان جي حڪومت هئي. کين خبر هئي تہ دنيا ۾ سامراجي طاقتن جو وڏي ۾ وڏو دشمن ”سوشلسٽ روس“ آهي. سو، کانئس کين سخت خوف ۽ حراس هوندو هو.
هندستان ۾ وري بيٺل خاندانن جا ٻار اعليٰ تعليم لاءِ انگلنڊ ويندا هئا تہ اتي عام ماڻھن (انگريزن) جي آزادي ۽ پنھنجي وطن ۾ عام ماڻھن جي غلامي ڏسي، انگريز سامراج جا دشمن ٿي ويندا هئا. واپس وطن ويندا هئا تہ انگريزن جي خلاف ڪم ڪندا هئا. سيد سجاد ظھير، ڊاڪٽر محمد دين تاثير، فيض احمد فيض ۽ ملڪ راج آنند جا نالا اهڙن اديبن ۾ مشھور آهن.
هندستان جا ڪي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ انگريزن جا دشمن هوندا هئا ۽ سندن پاڙون پٽڻ لاءِ وڏا جتن ڪندا هئا. هندن ۾ اهڙو وڏو ليڊر مھاتما گانڌي هو. سندس مکيہ ساٿي جواهر لعل نھرو هو. حسرت موهاني، مولانا شوڪت علي، مولانا محمد علي جوهر ۽ ابو الڪلام آزاد اهڙن اوائلي اڳواڻن ۾، انگريزن جا ڪٽر دشمن هئا. انھيءَ ئي سلسلي جو نامور مسلمانُ اڳواڻ، مولانا عبيد ﷲ سنڌي هو. جيڪو پنھنجي استادَ ديو بند جي شيخ الھند مولانا محمود الحسن جي چوڻ موجب، انگريزن جي خلاف جھاد ڪرڻ لاءِ افغانستان جي بادشاھہ کي اڀارڻ لاءِ ڪابل ويو هو. سفر جون صعوبتون برداشت ڪري، اتي پھتو تہ سھي. پر، سالن جا سال، افغانستان جي ”ايوان اقتدار“ جي ويجهو رهڻ کان پوءِ محسوس ڪيائين تہ ”هر ملڪ جو پنھنجو پنھنجو ڪلچر ۽ مفاد ۽ مطلب آهي. سندس زماني ۾ پھريائين امير حبيب ﷲ افغانستان جو حڪمران هو. پوءِ امير امان ﷲ ٿيو. ٻنھي کي هندستان جي آزاديءَ ۽ منجهس رهندڙ مسلمان ڀائرن جي آجپي لاءِ ڪا بہ همدردي ڪانہ هئي. پر، انگريزن کي بلئڪ ميل ڪرڻ لاءِ چوندا هئا تہ هندستاني مسلمان ڀائرن جي مدد لاءِ فوجون موڪليون ٿا. ڪجهہ ڏينھن سرحد تي هل بکيڙو ڪري، انگريزن کان رشوت وٺي ماٺ ڪري ويھي رهندا هئا ۽ عيش عشرت شروع ڪندا هئا. امير حبيب ﷲ جي ذاتي زندگيءَ ۾ اسلام جو اثر ڪل ايترو هو تہ محلات ۾ سوين زالون هئس. پر، پوءِ بہ سندس جنسي هوس پوري ڪانہ ٿيندي هئي. سندس ڌوتيون افغان اميرن ۽ سردارن جي گهرن ۾ ڦرنديون رهنديون هيون. جتي بہ ڪا غيرمعمولي خوبصورت خاتون ڏسنديون هيون تہ کيس ڦاسائڻ لاءِ چونديون هيون تہ ”عليا صاحبه (راڻي) اوهان کي محلات ۾ دعوت تي سڏيو آهي. هوءَ خوش ٿي هار سينگار ڪري مقرر مھل تي محلات ۾ پھچندي هئي، جتي ڌُوتيون سندس وڏو آڌر ڀاءُ ڪري، کيس شربت پاڻي پياري انھيءَ ئي ڪمري ۾ موڪلينديون هيون، جتي امير حبيب ﷲ سندس انتظار ۾ ويٺو هوندو هو. شاهي محلات جي ڪوڙڪيءَ مان پاڻ ڇڏائڻ ناممڪن هوندو هو. سو، ڪيئي افغان خوبصورت خواتين منجهس پنھنجي عصمت لٽائي آيون. هڪ دفعي ترڪيءَ جو ڪو نئون سفير ڪابل ۾ مقرر ٿيو، جنھن جي بيگم ڏاڍي سھڻي هئي. امير حبيب ﷲ جون ڌوتيون کيس ڌتاري، محلات ۾ وٺي آيون، جتي سندس عصمت بہ لٽجي وئي. هوءَ موٽي گهر پھت، تہ سڄو احوال پنھنجي مڙس کي خط ۾ لکيائين ۽ پاڻ خودڪشي ڪيائين. ان واقعي جو وڏو چوٻول ٿيو. امير حبيب ﷲ، سير تفريح لاءِ گهوڙي تي سوار ٿي شام جو روزانو شھر کان ٻاهر نڪري ويندو هو. اتان موٽيو تہ رستي تي مٿس فائرنگ ٿي. سندس مرڻ کانپوءِ، امير امان ﷲ افغانستان جي سردارن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو تہ ”مان ڪڌي ڪم کان بچڻ لاءِ کدڙو ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، پر مون کي بادشاھہ ڪريو.“
هي سمورو احوال سنڌ جي عالم، مولوي عبدﷲ لغاريءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي، جيڪو ڊاڪٽر هاليپوٽي مرحوم ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کانئس لکايو هو، ڇو تہ هو مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ سان گڏ ڪابل ويو هو. ڪتابُ، اسلام آباد جي سرڪاري اداريNATIONAL INSTITUTE FOR CULTURAL AND HISTORICAL RESEARCH جو ڇپايل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انھيءَ اداري جو ڊائريڪٽر رهي چڪو آهي. ڪجهہ عرصو مان بہ ان اداري جو ڊائريڪٽر رهيو آهيان.
ڪتاب ۾، مولانا عبيدﷲ سنڌيءَ جي افغانستان ۾، هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڪيل ڪوششن جو تفصيلي ذڪر موجود آهي ۽ اهو بہ ڄاڻايل آهي تہ آخر ڪھڙن سببن ڪري، مولانا سنڌي افغانستان مان مايوس ٿي، ماسڪو ويو. مولانا سنڌي ماسڪو پھتو تہ سندس وڏو آڌر ڀاءُ ٿيو ۽ سرڪار کيس ”معزز مھمان“ قرار ڏنو. پر، هو پنھنجيءَ مرضيءَ سان مشھور مسلمان عالمَ، مولانا موسى جار لله جي گهر ٽڪيو، جنھن کانئس اسلاميات جا درس ورتا. مولانا موسى جارلله جي گهرواري بہ وڏي ديندار هئي. سا، سخت سرديءَ ۾ بہ اسر جو اٿندي هئي ۽ مولانا سنڌيءَ لاءِ پاڻي گرم ڪندي هئي تہ کيس وضو ڪرڻ ۾ تڪليف نہ ٿئي.
ستت، سوويٽ يونين جي وزير خارجہ چيچرن مولانا سنڌيءَ سان ملاقاتون ۽ سياسي ڳالھيون شروع ڪيون. آخر ۾ کيس بااختيار روسي حڪومت جي اعليٰ آفيسر سان هڪ خفيہ ميٽنگ ۾ ملايائين، جتي هنن مولانا سنڌيءَ کي انگريزن سان جھاد لاءِ سموري گهربل مالي ۽ فوجي هٿيارن جي مدد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. مولانا سنڌي خوش ٿيو. سندس سوويٽ اچڻ جو مقصد پورو ٿيو. پر، هن ميٽنگ ۾ شريڪ اعليٰ علمدارن کي چيو تہ ”اوهان مون کي ترڪيءَ موڪليو. مان اتان اوهان کي اطلاع ڏيندس تہ مدد ڪنھن کي ڏيو.“ هنن ائين ئي ڪيو.
مولانا سنڌيءَ جي سوويٽ يونين ۾ رهائش دوران، لينن سان ڪا بہ ملاقات ڪانہ ٿي، ڇو تہ هو اهڙو تہ سخت بيمار هو، جو ويجهڙن دوستن کي بہ سڃاڻي ڪونہ سگهندو هو. پر، ايم. اين. راءِ. ساڻس مسلسل رابطي ۾ هوندو هو. ايم. اين. راءِ. ٻين هندستاني مسلمان باغين سان بہ رابطي ۾ هوندو هو، جيڪي انگريزن جي خلاف جھاد ڪرڻ لاءِ سوويٽ يونين ايندا هئا. انھن ۾ ”خيري برادران“ مشھور آهن. پر، کين مولانا سنڌيءَ جيتري اهميت ڪانہ ملي. سو، ماسڪو مان تاشقند هليا ويا. هِتِ، اسان لاءِ سوچڻ جي ڳالھہ اها آهي تہ مولانا سنڌيءَ جھڙو جبل جيڏو عالمُ، اسلامي ملڪ ڇڏي، انگريزن کان آزاديءَ لاءِ مدد واسطي سوشلسٽ روس ڇو ويو؟
بھرحال، اتان ترڪيءَ ويو، ڇو تہ ”اسلامي خلافت“ جو مرڪز هوندي هئي ان ڪري کيس اتان ئي پنھنجي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جو ارادو هو. پر، جڏهن ترڪيءَ پھتو تہ سخت مايوس ٿيو. ڪمال پاشا اسلامي مرڪزيت (خلافت) جو ڪم لاهي ڇڏيو هو. اسڪولن ۾ ٻارڙن کي قرآن ڪريم جي تعليم ڏيڻ تي بندش وڌي هئائين، مسجدن ۾ عربيءَ ۾ ٻانگ ڏيڻ تي منع عائد ڪئي هئائين. مردن جون ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون هئائين. عورتن کي پردو ختم ڪرڻ ۽ انگريز منڊمن وارو نيم عريان لباس پائڻ جو پروانو جاري ڪيو هئائين. سو، خود سندس گهرواريءَ بہ کائنس علحدگي اختيار ڪئي هئي.
مولانا سنڌيءَ جي ترڪيءَ ۾ چڱي خاصي رقم چوري بہ ٿي وئي. هنن حالتن هيٺ مولانا سنڌي ترڪيءَ ۾ ڪو ٿورڙو عرصو رهيو. اتان عربستان هليو ويو. پر، اتان جي حڪومت بہ کيس انگريزن جي خلاف سياسي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڪانہ ڏني. هندستان تہ موٽي ڪونہ ٿي سگهيو، جو انگريزن کيس ”جلاوطن قرار“ ڏنو هو. انھيءَ ڪري انتھائي مجبوريءَ ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ سڄا سارا تيرهن ورهيہ مڪي شريف ۾ گوشہ نشينيءَ جي زندگي گذاريائين. مولانا غلام مصطفى قاسميءَ مون کي ٻڌايو تہ ”اڪثر وقت ڪعبتہ ﷲ جي پاڇي ۾ گذاريندو هو، جتي نماز، روزي ۽ قران ڪريم جي تلاوت کان پوءِ، شاھہ ولي ﷲ محدث دهلويءَ جي ڪتاب ”حجتہ ﷲ بالغہ“ جو مطالعو ڪندو رهندو هو. غربت جي ڪري، بعضي بعضي لسيءَ ۾ لوڻ مرچ وجهي، ان سان ماني کائيندو هو. هندستان ۾ مولانا حسين احمد مدنيءَ کي موقعو ملندو هو، تہ ڪنھن آئي وئي هٿ چار پئسا گذر سفر لاءِ موڪليندو هئس.
مون هي تفصيل ان ڪري هت ڏنا آهن تہ پڙهندڙ کي معلوم ٿئي تہ سيد سجاد ظھير هجي يا مولانا سنڌي هجي، هو سمورا اسلامي ملڪ ڇڏي، انگريزن کان پنھنجي وطن جي آزاديءَ ۽ عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ آخر سوويٽ يونين ڏي ڇو پئي متوجھہ ٿيا؟
روس جي سوشلسٽ انقلاب جا اثر سنڌ ۾ بہ اڻويھينءَ صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ ئي پيا هئا. سن 1920 واري ڏهاڪي ۾ جمشيد نسروانجيءَ هاري پارٽيءَ جو بنياد وڌو. ايم. اين. راءِ مشھور سوشلسٽ رهنما جي هدايتن موجب انڊين نيشنل ڪانگريس کي انقلابي قومپرست پارٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ هن پنھنجي سوچ وارن ساٿين سان رابطو قائم ڪيو. 1923 ۾، سندس ٻن ساٿين غلام حسين ۽ شمس الدين (ايم. اين. راءِ) جي هدايت تي هڪ خط سڄي هندستان جي سوچ وارن شخصن کي لکيو تہ لکنو ۾ گڏ ٿين ۽ وسيع البنياد تي عوامي پارٽي قائم ڪن. اهو خط ڪلڪتي ۾ مظفر احمد ۽ حميد ﷲ، عميلپور ۾ الف دين نفيس، بمبئيءَ ۾ امير الحسن ۽ لاڙڪاڻي (سنڌ) ۾ سيد عبدالغفور ۽ شاھہ حسينيءَ ۽ لاهور ۾ خلافت تحريڪ جي صوبائي سيڪريٽري مظھر عليءَ کي موڪليو. مان اڃا ٻارهن تيرهن ورهين جو ٻار هئس ۽ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس تہ سنڌي زبان ۾ هڪ ڪتابڙي ڏٺم، جنھن تي سادي پيلي رنگ جي ڪاغذ جو پوش هو. جتي ڪاپڙي پوري ٿي، اتي لکيل هو، ”دنيا جي مزدورن جو اتحاد زندہ باد“ – ”انقلاب پائيندہ آباد“. اسان جو پرائمري اسڪول تڏهوڪي نوابشاھہ ضلعي جي ڪنڊياري تعلقي ۾ هو. روڊ ۽ ريل کان پنج ست ميل پرڀرو درياھہ کي ويجهو هو. پر، پڪي تي هو. اهڙي دور دراز اسڪول ۾ اهو پروپئگنڊا لٽريچر انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ ڪيئن پھتو؟
سترهن ارڙهن ورهين جي عمر ۾ نوشھري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ڪاليجي تعليم لاءِ اول حيدرآباد آيس ۽ سال ٻن کان پوءِ ڪراچيءَ هليو ويس. ٻن ٽن سالن ۾ رسالن ۾ افسانا لکڻ شروع ڪيم. اتي قادر بخش نظاماڻي مليو. هو ٽنڊي قيصر جو رهاڪو هو. روزگار جي سانگي ڪراچيءَ لڏي آيو هو. سنڌي لٽريچر ۾ دلچسپي هئس. مياڻيءَ جي جنگ تي ڪتاب لکيو هئائين. بلوچ قومپرست هو. پر، ننڍي هوندي الائي ڪيئن ماسڪو مان ٿي آيو هو، سو سوشلسٽ ٿي ويو هو. ڪراچيءَ ۾ سول اسپتال جي پاسي ۾، فلئٽ ۾ فيمليءَ سان رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ميل ملاقات ٿيندي هئي. هڪ دفعي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. بلوچستان جي هاڪاري شاعر گل خان نصير کي پنھنجي فلئٽ تي سڏيو هئائين. دعوت ۾ رڳو اسان ٽي ڄڻا هئاسون. ريڊ وائين پياريائين ۽ روسي بدڪون کارايائين. گل خان نصير اسان کي پنھنجو ڪلام ٻڌايو. قادر بخش نظاماڻي ۽ گل خان نصير ٻئي قومپرست ۽ سوشلسٽ خيالن جا هئا.
بلوچن جي تاريخ تمام دلچسپ آهي. مون ڪجهہ قدر پڙهي آهي. سندن مکيہ وصف بھادري آهي. پاڻيءَ پٽ جي ٽينءَ جنگ ۾، احمد شاھہ ابداليءَ جي سوڀ جو وڏو انحصار بلوچن جي بھادريءَ تي هو. چاڪر خان رند سندس مکيہ مددگار هو.
سنڌ ۾ ون يونٽ جي خلاف جڏهن تحريڪ زور هئي، تڏهن اخبارن ۾ خبر آئي تہ ”روسين بلوچن جي مري قبيلي کي مدد جي آڇ ڪئي آهي.“ پير علي محمد راشدي چين ۾ سفير جي عھدي تان فارغ ٿي، ڪراچيءَ ۾ لارينس روڊ واري بنگلي تي رهندو هو.
اسد ﷲ شاھہ حسيني سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري هو ۽ مان اسسٽنٽ سيڪريٽري. ٻئي وٽس ”اهي ڏينھن، اهي شينھن“ ڪتاب جي سلسلي ۾ يا وري ڪنھن ٻئي اهڙي ڪتابي ڪم سان ملڻ وياسين. ڪچھري ڪندي، پاڻ اول چيني اڳواڻن ۽ پوءِ روسي اڳواڻن جون ڳالھيون ڪڍيائين تہ هن قسم جي معاملن ۾ انھن جو رويو هيئن آهي.
مون کيس چيو تہ، ”هائو، پر روسي تہ ڪي ٿلھي عقل جا ماڻھو آهن. هِتِ، سنڌ ۾ ون يونٽ جي خلاف هيڏي باھہ ٻري پئي آهي. پر، هو ويٺا ٿا مري بلوچن کي مدد جي آڇ ڪن!“
راشدي صاحب ڪا دير تہ پائيپ ڇڪيندو رهيو. پوءِ مون ڏي نھاري، ڌيرج سان چيائين تہ ”شايد، هڪ شخصَ جي حيثيت ۾، بلوچُ سنڌيءَ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو آهي.“ اها راشدي صاحب جي راءِ هئي. جنھن جي باري ۾ مختلف ماڻھن جا مختلف رايا آهن. سندس گهروارِي راشدي خاندان سان منھنجن پراڻن ۽ گھرن گهاٽن لڳ لاڳاپن ڪري، ڪڏهن ڪڏهن سياسي ڳالھيون بہ ڪندي هئي. هڪ دفعي راشدي صاحب جي ڪا ڳالھہ نڪتي. چيائين تہ:
“MY HUSBAND IS A COLD BLOODED POLITICIAN”.
سائين جي. ايم. سيد ۽ راشدي صاحب سالن جا سال پاڻ ۾ گھرا گهاٽا هئا. حسام الدين شاھہ سان بہ وڏي محبت هئس.
سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ سندس ڪم جي تعريف ڪندو هو. هڪ ڀيري ٻنھي ڀائرن جي ڀيٽ ڪندي، ”حيدر منزل“ جي هڪ ڪچھريءَ ۾ چيائين تہ، ”کھڙي کي ون يونٽ ٺاهڻ جو گناھہ بخش ڪري سگهجي ٿو. پر، راشديءَ کي ڪونہ ڪبو.“ ڪجهہ دير بعد چيائين تہ، ”پر، ٻنھي ڀائرن مان ڪنھن تي هٿ رکڻو پوي تہ مان اڄ بہ علي محمد شاھہ تي رکندس. هو حسام الدين شاھہ کان وڌيڪ ذهين ۽ بھادر آهي.“
ڳالھہ پئي ڪئيسون بلوچن جي قومپرستيءَ جي. منجهن قوم پرستيءَ جو ٻج ڇٽڻ وارو شخص يوسف خان منگسي هو. وڏو دانشور هو. صحافي هو. اشتراڪيت ڏي مائل هو. بلوچستان ۾ ”جبل مٿي باهڙي“ ٻاريائين. جا دکي، دکي، نيٺ ڀڀڙ ٿي پئي. ان جا الا پري پري پيا.
ٺُلُ سنڌ ۾ آهي. پر، بلوچستان واريءَ سرحد کان پري بہ ڪونھي. ان جي خاڪ مان محمد امين کوسو ساماڻو، جنھن کي سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي اوائلي اشتراڪين ۾ شمار ڪري ٿو. کيس اردو ترقي پسند شاعرن مخدوم محي الدين ۽ اسرار الحق مجاز جو دوست ڪوٺي ٿو.
تاريخي طرح اها ڳالھہ مڃيل آهي تہ بلوچستان ۾ قومپرستيءَ جو انگ نھايت نمايان آهي. پر، حيرت جي ڳالھہ آهي تہ اتي هاڻوڪي دور ۾ بہ گل خان نصير جھڙا شاعر ۽ ”بلوچي ڪھني شاعري“ جي مرتب شير محمد بلوچ (جنھن کي سندس دوست جنرل شيروف ڪوٺيندا هئا) جي باوجود عام اديبن ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ ڪا بہ غيرمعمولي ڪاميابي حاصل ڪانہ ڪئي. بلوچستان جي ڀيٽ ۾ اُن سنڌ ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.
سنڌ ۾ ترقي پسند سوچ جي اولين مشاهيرن ۾، جمشيد نسروانجي، محمد امين کوسو، حشو ڪيولراماڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالھي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، حيدر بخش جتوئي، قادر بخش نظاماڻي، برڪت علي آزاد، ارباب نور محمد پليجو، عبدالقادر انڍڙ، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز ۽ نوابشاھہ وارو، ”انقلاب“ اخبار جو ايڊيٽر، ڪامريڊ عبدالخالق شامل آهن. انھن ۾، هڪڙا ٻين کان سينيئر هوندا. پر، ان باري ۾ ڪا ڳالھہ چئي نٿي سگهجي، ڇو تہ سنڌي ترقي پسند تحريڪ جي اوائلي دور بابت مستند مواد سنڌ ۾ ملي ئي ڪونہ ٿو. البتہ هند ۾ موجود آهي. تازو، نفيس احمد شيخَ تاج جويو وٽان ٻہ ڪتابَ، مون کي رعايتاً آڻي ڏنا. هڪڙو گوبند مالھيءَ جو ”سنڌڙي منھنجي جندڙي“ ۽ ٻيو ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ”ڪجهہ ٻڌايم ڪجهہ لڪايم“.
اسان وٽ بہ اردو زبان ۾ تحريڪ بابت گهڻو مواد آهي مون کي لاهور مان تازو ٻہ ٽي ڪتاب مليا، پر، ٻيا بہ گهڻا ئي آهن، جيڪي في الحال مون کي ڪونہ مليا. افسوس آهي تہ انھن ۾ سنڌي زبان ۾ تحريڪ ترقي پسند ادب جو ذڪرُ رڳو اشاري طور آهي. اديبن ۽ شاعرن جا نالا تہ آهن ئي ڪونہ.
1930 کان 1940 واري شروعاتي دور ۾، سنڌي ترقي پسند ادب جي شروعاتي دؤر جا هاڻي اسان وٽ متعبر شاهد فقط ٻہ آهن: هڪ محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيو سوڀوگيانچنداڻي. جويي صاحب جي زندگي، علم، تعليم، قلم، ڪاغذ ۽ ڪتاب سان گڏ گذري آهي. لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق اٿس. پر، منھنجيءَ معلومات موجب، ”سنڌي ترقي پسند ادب جي تحريڪ“ بابت ڪو بہ ڪتاب تہ ڇا، ڪو مفصل مضمون بہ ڪونہ لکيو اٿس. ساڳئي وقت سنڌ ۾ تحريڪ کي وڌائڻ لاءِ گهڻي ۾ گهڻو ڪم بہ (خاص طرح، پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ) پاڻ ئي ڪيو اٿس.
سوڀي گيانچنداڻيءَ جو نالو 1947 کان اڳ واري سنڌ جي ساهتيہ ۽ سياسي سرگرمين ۾ گهڻو اچي ٿو. ٽئگور جي شانتي نڪيتن ۾ پڙهي آيو هو ۽ ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ پڙهندڙ نوجوان سنڌي شاگردن ۾ انگريزن جي خلاف بغاوت جو عَلَمُ بلند ڪيو هئائين. کانئس اڳ اهو ڪم، شايد، هشو ڪيولراماڻي ڪندو هو، جيڪو وري انگلنڊ مان تعليم پرائي آيو هو. حشوءَ سوڀي ۾ اڳواڻيءَ جون سڀ لياقتون ڏٺيون.
هن بہ حشوءَ وانگر ڪاليجي شاگردن کان هڙتالون ڪرايون ۽ انھن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سو، ستت ئي ترقي پسند ذهن وارن نوجوانن ۾ هر دلعزيز ٿي ويو. ساڳئي وقت منجهن ترقي پسند ادب (يا ساهت) لاءِ بہ شوق پيدا ڪيائين. اڳتي هلي، مزورن جي يونين ۾ بہ وڃڻ لڳو ۽ اتي بہ ڪامياب ليڊڙ ثابت ٿيو. پاڪستان ٺھيو تہ سنڌ ڇڏي هند ڪونہ ويو. پنھنجي آدرش ۽ اصولن موجب ”سوشلسٽ انقلاب“ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. انھيءَ سموري عرصي ۾ کيس ڪن ساٿين جي ”من- ورتي“ جا ڪي تلخ تجربا بہ ٿيا هوندا. سن 1950ع واري ڏهاڪي ۾ منھنجي ساڻس اول واقفيت ۽ پوءِ سنگت ٿي. ڳالھہ ڪيائين تہ، ”ڪنھن معاملي ۾، پوليس سان آمھون سامھون ٿياسون. مون پنھنجن ساٿين کي سيکاري ڇڏيو هو، تہ اڳواڻي مان ئي ڪندس. پر، جڏهن پوليس منھنجي آمھون سامھون اچي تہ نعرو هڻندس. پٺيان اوهان بہ منھنجيءَ پٺڀرائيءَ ۾ نعرا هڻجو، تہ پوليس ڊڄي ويندي.
جڏهن پوليس منھنجي آمھون سامھون آئي ۽ مون نعرو هنيو تہ پٺيان وراڻي ڪانہ ملي. اڃا جو ڪنڌ ورائي، پوئتي نھاريان تہ منھنجن ساٿين مان ڪير ئي ڪونھي. سڀ پوليس جي ڊپ کان ڀڄي ويا هئا. اهو لقاءُ ڏسي پوليس جو اعليٰ عملدار اڳتي وڌيو، مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”گوڙ شور ٿو ڪرين! هل اندر.“ مون کي ٻانھن کان جهلي وڃي پوليس جي لاريءَ ۾ وهاريائين.
ڪيترا ڏِينھن قيد ڪاٽيائين. سو مون کانئس ڪونہ پڇيو. پر، پوءِ ايترا تہ گهمرا قيد ٿيو، جو انگريزي محاوري موجب چئبو تہ “Gail-bird” ٿي ويو. سندس سنڌي ساٿين ۾، ايتري اهنجَ، عذابَ ۽ نظربنديءَ جي سختي شايد حيدربخش جتوئيءَ ڏٺي هجي.
سائين جي.ايم.سيد تہ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ايترو تہ عرصو اسيريءَ ۾ گذاريو، جو ٻئي ڪنھن بہ اڳواڻ ڪونہ گذاريو. پر، هو سنڌ جي نئين نسل ۾ قوميت جو اهڙو ٻج پوکي ويو، جنھن کي هاڻي ڦٽڻ ۽ گونچ ۽ گل ڪڍي ٻوٽن ۽ سائي دار وڻن ٿيڻ کان روڪڻ مشڪل نظر اچي ٿو. چون ٿا تہ ڪنھن زماني ۾ وڏن وڏن وڻن وارا گجگاھہ ٻيلا هوندا هئا. سنڌ ۾ تاريخ پاڻ دهرائي تہ عجب ڪونھي.
سوڀي جي سالن جي لاڳيتي جدوجھد جو نتيجو نظر ڪونہ آيو. هو ادبي (ساهتيہ) ميدان کان وڌيڪ سياسي ميدان ۾سرگرم رهيو آهي. سوشلسٽ جي نظر سان نھاريو تہ سنڌ ۾ مکيہ مسئلو جاگيرداري نظام آهي. پر سوڀي هارين کي متحد ڪرڻ بدران ڪراچيءَ جي مزدورن جي مدد سان گڏجي انقلاب آڻڻ ٿي گهريو. ان سلسلي ۾ سالن جا سال قيد ۽ ڪشٽ ۾ ڪاٽيائين. ٽڪر ٽاڪي، کير جي نھر وهائڻ آسان ڳالھہ بہ ڪانھي. نہ تہ فرهاد بہ شيرين ماڻي ها. سوڀي جي سنگتين يعني ڪراچيءَ جي ۽ لانڍيءَ جي انقلابي مزدورن جو تہ هاڻي نالو بہ ڪونہ ٿو ٻڌجي. جنھن سوشلسٽ انقلاب جا سڄي عمر خواب ڏٺا هئائين، سو، دونھين وانگر، هوا ۾ تحليل ٿي ويو تہ پاڻ بہ گهر ۾ گوشہ نشين ٿي ويو.
هيءَ حقيقت تہ هاڻي هر ڪنھن کي معلوم آهي تہ روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو. انقلاب کان اڳ ۽ پوءِ لکين ماڻھو مئا. پر، سوويٽ يونين اسان جي اکين اڳيان تاس جي پتن جي ماڙيءَ وانگر ڊهي ڍيرُ ٿي پئي. ڪاٺيءَ کي اڏوهي کائي وڃي ٿي ڇو تہ ڪاٺ ۾ اهڙي ڪا اندروني ڪمزوري آهي. تيئن سوشلزم ۾ بہ اهڙي ڪا اندروني ڪمزوري آهي، جو ان جو نظامُ جٽاءُ ڪري نٿو سگهي. چين ۾ بہ سوشلزم هاڻي ڇٽو ڪري ڇڏيو اٿن. ڄڻ تہ هڪ ڪلو کير ۾ پنج ڪلو پاڻي پيل آهي. ان جو ڪو تہ سبب هوندو؟ شانگهائيءَ جا ”اسڪاءِ- اسڪريپرز“ ڏس، تہ نيويارڪ جا اسڪاءِ اسڪريپرز وسري وڃن ٿا. چيئرمن مائوءَ چين ۾ سوشلسٽ انقلاب آندو. مرد ۽ عورت جو فرق مٽائي، ٻنھي کي هڪٻئي وانگر محنت- ڪش بنايو. مون بيجنگ ۾ نوجوان عورتن کي نوجوان مردن وانگر ڊبل ڊيڪر بسون هلائيندي ڏٺو. هنن ريشمي ويس وڳا لاهي ڇڏيا هئا. مردن واريون ساديون پينٽون ۽ بش شَرٽيون پاتيون هيون. پر، هاڻي OPEN-DOOR پاليسيءَ کان پوءِ وري زالاڻا وڳا، ريشمي وڳا ۽ ميڪ اپ جا سامان چين ۾ موٽي آيا آهن. نہ فقط ايترو، پر چين ۾ ماڻھن کي پرائيويٽ ڪاروبار ڪرڻ ۽ مال ملڪيت ٺاهڻ جي بہ اجازت ڏني وئي آهي. دنيا ۾ ارب پتي امير هن وقت پھرئين نمبر تي آمريڪا ۾ ۽ ٻئي نمبر تي روس ۾ آهن. سوڀو ذهين ماڻھو آهي. هن انھن مڙني حقيقتن مان ڪو تہ نتيجو ڪڍيو هوندو.
ٻہ ٽي سال ٿيا تہ مان پنھنجيءَ نياڻيءَ ۽ داماد کي ”موهن جو دڙو“ ڏيکارڻ ويس ۽ دادو ضلعي ۾ اعجاز چانڊئي وٽ ٽڪيس، جنھن جي ٻن ڀينرن سان گڏ ٻئي ڏينھن صبح جو موهن جي دڙي وياسين. اتي سڀني کي دڙو ڏسڻ لاءِ چئي مان ۽ اعجاز لاڙڪاڻي وياسين. سوڀي کي فون تي اچڻ جو اطلاع ڏنوسين. پاڻ گهر هو. منجهند جي مھل هئي، آرام سان تڙ پاڻي ڪري، فارغ ٿي، ٻاهر نڪتو هو. ڪپڙا بدلائي اسان سان اچي ويٺو. ڪجهہ دير ڳالھہ ٻولھہ ڪيائين ۽ چاءِ جو ڪوپ پياريائين. اعجاز ڏاهو شخص آهي، تنھن مون کي چيو تہ سائين، ”هاڻي اٿون. سوڀي صاحب کي آرام ڪرڻو آهي.“
اسان سوڀي کان موڪلائي آياسون. مون اعجاز کي سوڀي جي باري ۾ گهڻيون ئي وڏيون ڳالھيون ٻڌايون هيون. سو تہ سندس ملاقات مان سراسر مايوس ٿي موٽيو. پر، منھنجي ذهن تي بہ اهو تاثر ويٺو تہ ”ڪالھہ جو انقلابي، اڄ جو گوشہ نشين آهي.“ سوچڻ لڳس تہ هو سڄو وقت واندو ويٺو آهي. جيڪڏهن پنھنجيءَ زندگيءَ جي جدوجھد (MY STRUGGLE) جو سربستو احوال ويھي لکي يا لکائي تہ وڏي خذمت ٿي پوي، ڇو تہ نئين نسل کي خبر پوي تہ سنڌ ڪھڙن سورن مان گذري آهي؟ هن سياست کان ڪنارہ ڪش ٿيڻ کانپوءِ ڪي ننڍا ننڍا ڪتاب لکيا آهن، جي سندس ذاتي مشاهدن ۽ يادگيرين تي مبني آهن. انھن ۾ هڪڙي جو نالو آهي ”وڏي وٿ هئام.“ منجهس محمد امين کوسي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ ”محمد علي جوهر جو شاگردُ، ڪميونسٽ ۽ ڪانگريسي هو. منھنجي ساڻس واقفيت سن 1941ع ۾ ٿي. سنڌ زميندار هوٽل، ڪراچيءَ ۾ مستقل ميمبر طور رهندو هو. مون ان زماني ۾ پارٽيءَ جي ڪنھن معمولي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. سو، حڪم مليو تہ محمد امين کوسي وٽ حاضر ٿيان.
”نومبر مھيني جي هڪ شام جو هوٽل ۾ سندس ڪمري ۾ پھتس. پيار ۽ عزت سان اٿي مليو. هڪ ٽيبل ڏي وٺي هليو جنھن تي چانھہ جو سامان ڪيڪ، بسڪوٽ ۽ مختلف قسمن جا سڪل ميوا پليٽن ۾ رکيا هئا. ايتري ۾ پروفيسر آصف جاھہ ڪارواڻي، قادر بخش نظاماڻي، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ ۽ ٽھلراماڻي بہ اچي وارد ٿيا. پروفيسر ڪارواڻيءَ ڳالھہ جي شروعات ڪئي تہ ’تو شاگرد فنڪشن ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ سان دوستي ٽوڙڻ کان نابري واري آهي. سو، توکي پارٽي ٽربيونل اڳيان جواب ڏيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي.‘
مون چيو تہ مان پارٽيءَ جو ميمبر ڪونہ آهيان، ان ڪري اوهان جي اڳيان جوابدار ڪونہ آهيان. مان پارٽيءَ جو فقط همدرد آهيان. شاگردن ۾ حشو ڪيولراڻيءَ جي اثر کان واقف آهيان. اوهان ساڻس اٽڪي، پنھنجيءَ تحريڪ کي نقصان پھچائيندا.
”بعد ۾، سکر جيل ۾ محمد امين کوسي سان ست مھينا گڏ رهيس. تڏهن خبر پيم تہ هو بہ پارٽيءَ جو باقاعدي ميمبر ڪونہ هو. پر، آل انڊيا ليول جي ليڊرن: جوشيءَ ۽ اڌيڪاريءَ سان ملي، بحث مباحثا ڪري چڪو هو. هندستان جي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن مخدوم محي الدين (حيدرآباد دکن) ۽ اسرارالحق مجاز سان دوستي هئس.“
تازو ”ڪاوش“ اخبار جي پھرين نومبر 2009ع واري پرچي ۾ وري محمد امين کوسي جو ذڪر ڪيو اٿس تہ ”هو (وڏيءَ عمر ۾) خاصو مجذوب ٿي ويو هو. تنھن هوندي بہ هن اسان کي پنھنجي عليڳڙھہ واري زماني، خلافت تحريڪ، مولانا محمد علي جوهر، سنڌ اسيمبليءَ اندر پنھنجي جنگ دشمن روين ۽ تقريرن کان آگاهي ڏياري. هو 1939 کان 1941ع تائين انگريز- دشمن- روين جو ترجمان هو.“
منھنجي خيال موجب، محمد امين کوسو 1940 ۾ پنھنجيءَ جوانيءَ واري زماني ۾، ترقي پسند خيالن جي اديبن ۽ شاعرن سان رابطو رکندو هوندو. ليڪن وڏيءَ عمر ۾ مذهبي ماڻھو ٿي ويو هو. ليڪن قومپرست اڳواڻن سان سندس عشقَ ۽ عقيدت ۾ ڪو بہ فرق ڪونہ آيو. عبيدﷲ سنڌيءَ ۽ ﷲ بخش سومري جو نالو وڏي ادب ۽ احترام سان کڻندو هو ۽ سندن وفات کان پوءِ سائين جي. ايم. سيد سان لنئو لاتائين. پير علي محمد راشديءَ کي ”معلم الشياطين“ (شيطانن جو استاد) ڪوٺيندو هو.
محمد امين کوسي سان منھنجي ملاقات اتفاقيہ نموني ۾ ٿي. سن 1963ع جي ڳالھہ آهي تہ مان سنڌي ادبي بورڊ جي سالياني سرڪاري گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ لاهور ويو هئس ۽ ”لاهور هوٽل“ ۾ ٽڪيل هئس. سانجهيءَ جو شھر مان موٽيس، تہ هوٽل جي گيٽ وٽ، هڪ وڏيءَ ڄمار وارو قداور شخص، سفيد ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ، ٻروچڪيءَ سلوار، قميص ۽ صدريءَ ۾ بيٺو هو. مون اڳتي وڌي کيس هٿ ڏنو ۽ پڇيو تہ ”اوهين محمد امين کوسا آهيو؟“
”هائو، پر توکي ڪيئن خبر پئي؟“
”سائين جي.ايم.سيد ۽ سائين حسام الدين راشديءَ جي ڳالھين مان.“
“تہ پوءِ اڄ کان پوءِ پاڻ دوست آهيون.“
اسان ان ڏينھن کان رڳو دوست ڪونہ ٿي وياسين، پر تمام گھرا گهاٽا دوست ٿي وياسين. انھيءَ ڪري، مان ساڻس ذاتي لڳ لاڳاپن ۽ پنھنجي مشاهدي جي آڌار تي کيس ”سنڌ جو ڪٽر قومپرست“ سمجهان ٿو. پاڻ چوندو هو تہ ”مان سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو امام آهيان.“ منھنجي خيال موجب سندس ذهن ۾ ”قوميت“ ۽ ”انقلابيت“ جي جيڪا چڻنگ آئي، سا بلوچ ليڊر يوسف خان منگسيءَ جي ٻاريل مچ مان اڏاڻي هئي. مون سان ڪڏهن ڪڏهن سندس ذڪر ڪندو هو. پر، وڏيءَ عقيدت سان ڪندو هو. سنڌ اسيمبلي ۾ محمد هاشم گذدر کي نيڪ ٽاءِ مان ورتو هئائين ۽ ٻين سان جهيڙا جهڳڙا ڪيا هئائين. انھن جو ذڪر، سائين جي. ايم. سيد ”حيدر منزل“ تي ڪچھرين ۾ ڪندو هو. پر، محمد امين خان مون سان ڪڏهن ڪونہ ڪيو ۽ نہ وري ڪڏهن اسرار الحق مجاز ۽ مخدوم محي الدين جو ذڪر ڪيائين. مون ٻڌو تہ جيڪب آباد جي ويجهو هڪ پبلڪ جلسي ۾ مسلم ليگ جي ڪارڪنن مٿس حملو ڪيو هو. مٿي تي لٺين جا سخت ڌڪ لڳس. بچي ويو، پر، سندس ذهني تعاون متاثر ٿيو. ليڪن، پوءِ بہ کيس ٽي ساٿي ۽ محسن دل تي هئا. هڪ مولانا عبيد ﷲ سنڌي، ٻيو خانبھادر ﷲ بخش سومرو ۽ ٽيون سائين جي. ايم. سيد. ٽئي سنڌي قومپرست هئا. سائين جي. ايم. سيد اها ڳالھہ بار بار ڪندو هو تہ هڪ دفعي مولانا سنڌيءَ فرمايو تہ، ”اڄ اسان جو خانُ محمد امين، نماز ۾ اسان جو امام ٿيندو.“ بعضي، مولانا سنڌيءَ جو عشق ۽ عقيدت سان ذڪر ڪندو هو، سندس اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا.
جڏهن ﷲ بخش سومري جو ذڪر ڪندو هو، تڏهن اڪثر چوندو هو تہ ”بابا، فرق تہ رڳو هيءُ آهي تہ هو قبر جي اندر آهي ۽ مان ٻاهر آهيان.“ ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعي رحيم بخش سومري جي دانھن ڏنائين تہ ”رات جو هوٽل تي آيو هو، سو چٺي ڇڏي ويو.“ ائين چئي چيائين تہ ”منھنجيءَ مقعد ۾ ڪٽيل گوگائي مرچن جي ڳوڻ وجهي ويو. هاڻي، ڀلا ڪير پڇيس تہ بابا منھنجي جيئري هوندي تون ﷲ بخش سومري جو وصي وارث ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿئين؟“
مون رحيم بخش سان اها ڳالھہ ڪئي. مون سان گھرو گهاٽو هو. چاليھن سالن جو يار هو. کلي ڏنائين. چائين تہ ”بلاشڪ چاچي محمد امين کان وڌيڪ بابا جو ڪو بہ عاشق ڪونہ هو.“
محمد امين خان، ٺل کان ڪراچيءَ پھتو ناهي، تہ مون کي حيدرآباد تار يا فون ڪندو، ”مان هن تاريخ تي هن مھل ڪراچيءَ هوندس. تون حيدرآباد مان نڪر. هوٽل ۾ پھچي وڃ. اتان ڪاڏي نہ وڃجانءِ.
”مسٽر ۽ مسز الانا کي رات جي مانيءَ تي سڏيو اٿم. انھن ٻن ۽ توکان، مون کان سواءِ ٻيو ڪير ڪونہ هوندو. ڪاڏي نہ وڃجانءِ.“
الانا مرحوم ان رات مانيءَ کان پوءِ هڪ بجي تائين اسان کي قائداعظم جي ننڍپڻ جا احوال ٻڌايا، جيڪي پنھنجي ڪتاب QUAID-E-AZAM- STORY OF A NATION ۾ ڪونہ لکيا اٿس. مون محمد امين خان سان ورهين جا ورهيہ ائين گڏ گذاريا. هو ڪراچيءَ ۾ اول اول سنڌ زميندار هوٽل ۽ پوءِ نيشنل سٽي هوٽل ۾ ٽڪندو هو.
ڪڏهن هاليڊي ان هوٽل ۾ ٽڪندو هو. پر، اها ”هاليڊي ان هوٽل“ فريئر هال واري هاڻوڪي ڪانہ هئي. صدر ۾ هڪ ننڍي، پر صاف سٺي هوٽل هئي. حيدرآباد ۾ فاران هوٽل ۾، لاهور ۾ لاهور هوٽل ۾ ۽ پنڊيءَ ۾ ”سِلِوَرِ گِرِلِ“ هوٽل ۾ ٽڪندو هو.
هر هنڌ هوٽل جي ڪمري ۾ سندس رهائش جو نمونو اهو ئي هوندو هو، جيڪو سوڀي بيان ڪيو آهي. ٻيو تہ پيلي ٽيڪسي ڪرايي تي ڪندو هو ۽ هوٽل جي ٻاهران بيھاري ڇڏيندو هو. پوءِ پاڻ ڪاڏي وڃي تہ ڇا، نہ وڃي تہ ڇا سندس مرضي ٽئڪسي سڄو ڏينھن بيٺي هوندي.
محمد امين خان کوسو غيرمعمولي ماڻھو هو. مون کي خوشي آهي تہ قسمت مون کي سندس قربت ۽ محبت نصيب ڪئي. منھنجي ذهن تي سندس شخصيت جا نقش نگار ائين ئي لافاني آهن، جيئن تاج محل جي ديوارن تي سنگمرمر جا گل. جڏهن بہ ياد ايندو اٿم تہ شاھہ سائينءَ جا لافاني لفظ چپن تي ايندا اٿم.
اندر روح رهيام، سَڄَڻَ اوطاقون ڪري.
سوڀي محمد امين کوسي سان گڏ ٻہ ٽي نالا ٻيا بہ کنيا آهن. پروفيسر آصف جاھہ ڪارواڻي، قادر بخش نظاماڻي، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، ٽھلراماڻي ۽ حشو ڪيولراماڻي. انھن مڙني ۾ سر فھرست نالو جمشيد نسروانجي آهي. هن سنڌ ۾ سڀ کان اول هاريءَ پارٽيءَ جو بنياد وڌو هو. اها ڳالھہ سن 1920ع واري ڏهاڪي جي آهي. پارسي مذهب جو هو. سوشلسٽ يا ڪميونسٽ ڪونہ هو. پر، پاڻَ وڏو عوام دوستُ ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. پير علي محمد راشديءَ ”اهي ڏينھن اهي شينھن“ ۾ سندس وڏي تعريف ڪئي آهي ۽ کيس ”ڪراچي شھر جو حقيقي معمار“ قرار ڏنو آهي. سوڀي پنھنجي مضمون ۾ جيڪي نالا کنيا آهن تن ۾ مون سڀني کان اول آصف جاه ڪارواڻي ڏٺو. سن 1952 ۾ نوشھروفيروز مان مئٽرڪ پاس ڪري اچي حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾ داخلا ورتم، تہ آصف جاھہ ڪارواڻي اتي پڙهائيندو هو. ڪاليج ۾ شيخ حفيظ منھنجو دوست هو. کيس يا مون کي ڪارواڻي صاحب جي ذهني روين جي ڪا بہ خبر ڪانہ هئي. ٽھلراماڻيءَ کي ڪراچيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جي رهائشگاھہ ”حيدر منزل“ تي گهڻو ڏٺم. عبدالقادر انڍڙ فقير منش هو. ڪراچيءَ ۾، سائينءُ وٽ، ”حيدر منزل“ تي ساڻس اڪثر ملاقات ۽ ڪچھري ٿيندي رهندي هئي. پاڻ دل و جان سان حشو ڪيولراماڻيءَ جو مداح هو. مون سان سندس ڳالھيون ڪندو هو. حشو ڪيولراماڻي مون ڪونہ ڏٺو. سندس دوستن کان سندس ڳالھيون ٻڌيم. منھنجو ڳوٺائي هو. ڪنڊياري کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ڀرين جو ويٺل هو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ بہ سنڌ ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونہ هو. سرڪار کيس زوريءَ سنڌ مان ڌڪي ڪڍيو. دهليءَ ويو تہ ”هندستان ٽائيمس“ مشھور اخبار ۾ ملازمت مليس. پر، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب سان دل جي تار ڳنڍيل رکيائين. دهليءَ ۾ SINDHI SHORT STORIES نالي ڪتاب ڇپايائين. ڪراچيءَ جي ”ڊان“ اخبار انھيءَ ڪتاب تي تبصرو ڪيو تہ:
THESE COUNTRY MEN OF SHAH LATIF ARE REALLY GREAT ARTISTS. THIS BOOK OF HUNDRED PAGES IS WORTH ITS WEIGHT IN GOLD.
انھيءَ ڪتاب جو DELUXE EDITION بہ ڪڍيائين. پھرئين ڇاپي ۾ منھنجو هڪ افسانو وڌو هئائين. ٻئي ۾ ٻيو بہ شامل ڪيائين- ”بري هن ڀنڀور ۾-“ انھيءَ جو انگريزي ترجمو “THE DELUGE” عنوان سان ڪيائين، جيڪو دهليءَ ۾ چين جي ڪنھن سفارتڪار کي اهڙو وڻيو، جو چينيءَ ۾ ترجمو ڪري بيجنگ موڪليائين. اتي ”شرجئي ويڻشو“ نالي، چين جي مشھور پندرهن روزہ رسالي ۾، دنيا جي عظيم افسانن سان گڏ شايع ٿيو. پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني مون کي رسالي جو اهو پرچو موڪليو جو مون کان پير حسام الدين راشديءَ ورتو. حشوءَ جي مون سان پرپٺ دل ٿي وئي. ڏاڍا محبت ڀريا خط لکندو هو. ڪجهہ سال ٿيا تہ هيءُ جھان ڇڏي ويو آهي.
گوبند مالھيءَ پنھنجي ڪتاب. “سنڌڙي، منھنجي جندڙي“ ۾ لکيو آهي تہ محمد امين کوسي سان منھنجي واقفيت حشوءَ ڪرائي. حشو گهڻو ڳالھائيندو هو. هڪ محمد امين کوسو ئي هو، جو کيس رَدُ ڪَدُ ڏيندو هو.
گوبند مالھيءَ لکيو آهي تہ ”سنہ 1940ع هو. (تاريخ ياد ڪانھي). صبح جو اٺين وڳي ڌاران سي. آءِ. ڊي. جو هڪ هندو انسپيڪٽر آيو. حشوءَ در کوليو تہ پوليس انسپيڪٽر چيس تہ تون (پنھنجين سياسي سرگرمين ڪري) گرفتار آهين. حشوءَ مون ڏي نھاري چيو تہ، ’تون گهر وڃ ۽ منھنجو ڌوتل ڪڙتو ۽ پاجامو کڻي اچ تہ مان پائي، انسپيڪٽر سان وڃان. ڊائري يا نوٽبڪ بہ آڻج.‘
”مان ٽئي نَنگَ کڻي آيس تہ چيائين تہ ’محمد امين کوسي سان وڃي مل ۽ چئينس تہ منھنجي ضامن جو بندوبست ڪري‘.
”محمد امين نياپو ٻڌي (حشوءَ سان ملڻ لاءِ) مون سان گڏجي صدر پوليس اسٽيشن تي هليو. محمد امين کوسو ڪراچيءَ ۾ سدائين سنڌ زميندار هوٽل تي رهندو هو. مون کي بروقت اتي ئي ملي ويو. منھنجيءَ دل ۾، محمد امين کوسي کان سوشلزم سمجهڻ جي آرزو پيدا ٿي.
”1940 ۾، منھنجو ڪاليج جو پھريون ٽرم (TERM) ائين ئي انھن سرگرمين ۾ گذري ويو. مون لکڻ تان هٿ نہ کنيو هو. ’سنڌو‘ رسالي ۾ اردوءَ تان ترجمو ٿيل منھنجون ڪھاڻيون ۽ ليک ڇپبا هئا.
”سوڀو گيانچنداڻي منھنجي پُڦاٽَ ليکوءَ جو دوست هو. ٽئي ڄڻا گڏ رهندا هئاسين هڪ فلئٽ ۾. سوڀي کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. ٿلھا ٿلھا ڪتاب آڻيندو هو. رات جو دير دير تائين پڙهندو رهندو هو. هڪ ڏينھن لڙيءَ منجهند جو سوڀي جو آواز ٻڌم. ڪٿان ٻاهران موٽيو هو. ليکوءَ کي پئي چيائين تہ، اڄ سڌ پئي اٿم تہ (گوبند مالھي) حشو ڪيولراماڻيءَ جي سنگت ۾ شاگردن جي يونين ۾ سرگرم رهيو آهي. اها بہ خبر پئي اٿم تہ اردوءَ جي ترقي پسند اديبن جون رچنائون (تحريرون) ’سنڌو‘ رسالي، چوڏس رسالي ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپائيندو آهي.“
گوبند مالھيءَ پنھنجي ڪتاب ۾، گوبند پنجابيءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ ”جمال الدين بخاريءَ کي ڪو مضمون پڙهي ٻڌائي رهيو هو. مون کي چيائين تہ ڪرسي ڇڏي ويجهو اچي ويھہ. ائين ڪيم تہ نوجوان ڏي نھاري مون کي چيائين تہ هي آهي گوبند پنجابي. نئين دنيا ڪتاب گهر طرفان، ڪنھن غيرملڪي اديب جي آٽو بايوگرافيءَ جو سنڌي ترجمو ڇپائي رهيو آهي. پوءِ مون ڏي نھاري نوجوان کي چيائين تہ هي آهي ’گوبند مالھي‘.
گوبند مالھيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌڙي منھنجي جندڙي“ ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي تہ:
”ڪراچيءَ جي آرٽس ڪاليج ۾ مان پڙهندو هئس، جيڪو ڊي. جي ڪاليج جي هڪ انيڪسيءَ ۾ هو. ان جو ڊينِ هو پروفيسر ايڇ. ايم. گربخشاڻي. ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين هلچل هلائي. ’فيون گهٽايو ۽ قسطن ۾ وٺو‘. انھيءَ هلچل جو روح روان هو حشو ڪيولراماڻي. هو ڪاليج جو شاگرد ڪونہ هو. انگلنڊ مان تعليم پرائي آيو هو ۽ هندستان جي انگريزن کان آزاديءَ جو اتساھہ کڻي آيو هو. جوان ۽ رعبدار پرسنلٽيءَ جو مالڪ هو. گڏيل سڏيل انگريزيءَ ۽ سنڌي ۾ ڳالھائيندو هو ۽ هٿن جي حرڪت سان ڪافي اثردار اڳواڻ لڳندو هو. مان حشوءَ کي پري کان ڏسندو هئس. دل ئي دل ۾ هن جي تنظيمي صلاحيتن ۽ ليڊرشپ جي قوتن جو داد ڏيندو هئس. مون حشوءَ ۾ آدرشي اڳواڻ ڏٺو. بھادر ۽ مقصد سان سچو. ساٿين سان برابريءَ واري سلوڪ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو. هو صبح جو سوير گهران نڪرندو هو. پوءِ سڄو ڏينھن هل هلان.“
حشو ڪيولراماڻي سنڌ ڇڏي هند ڪونہ پئي ويو. سائين جي. ايم. سيد ٻڌايو تہ سنڌ سرڪار کيس زوريءَ ڪڍيو. گوبند مالھيءَ لکيو آهي تہ مون خواجہ غلام عباس جي ناول ”رقاصہ“ جو ”نئين دنيا“ ڪتاب گهر لاءِ سنڌي ترجمو ڪيو. ليکوءَ بہ ڪن ڪھاڻين جي ترجمي جي آڇ ڪئي. ”ڪتابُ گهر“ جي نئين ڪتاب ۾ ”نيلم“ عنوان سان، پنج ڪھاڻيون شايع ٿيون. ٽي مون ۽ ٻہ ليکوءَ ترجمو ڪيون. ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ طرفان ٻئي ”ٽرم“ ۾ هڪ ئي ڪتاب ڇپيو- ”نوراني ديوي“- اهو بہ اردو ڪھاڻين جو ترجمو هو. اهڙيءَ ريت، گوبند مالھيءَ جي ڪتاب مان تہ معلوم ٿئي ٿو تہ ”سنڌي ترقي پسند ادب“ جي شروعات، اردو ترقي پسند اديبن جي تحريرن خاص ڪري ڪھاڻين، جي سنڌي ترجمن سان ٿي ۽ مترجمن جي اڪثريت هندو اديبن جي هئي، جيڪي ڪاليجن ۾ پڙهندا هئا. سوڀي جي بيان مان پڻ انھيءَ ڳالھہ جي تصديق ٿئي ٿي تہ سنڌي ترقي پسند ادب جي شروعات اردو اديبن جي تحريرن جي ترجمن سان ٿي. انھن ڏينھن جو ذڪر ڪندي، 8 نومبر 2009 جي ”ڪاوش“ اخبار ۾ پنھنجي مضمون ۾ لکيو اٿس تہ:
”گوبند مالھي ۽ گوبند پنجابي هڪ رسالو ڪڍي رهيا هئا، جيڪو ترقي پسند ادب جي پيڙھہ جو پٿر هو. گوبند مالھيءَ منجهس خواجہ احمد عباس، قرت العين حيدر، سعادت حسن منٽو، ڪرشن چندر ۽ ٻين جون لکڻيون، ترجمو ڪري پئي شايع ڪيون. مون منجهس آکيري جو ٽٽڻ ڪھاڻي پنھنجي نالي سان وڌي“.
سُئي سَڳي کي سيريندي آهي. ترجمو ٿيل ڪھاڻين جا مجموعا نڪتا، تہ گوبند مالھيءَ ۽ سندس ساٿين فيصلو ڪيو تہ ”اصلوڪين سنڌي ڪھاڻين جو مجموعو ڇپائجي.“ ٻين اکرن ۾ ائين چئجي تہ سنڌي ترقي پسند ادب ۾ اصلوڪين تحريرن جو آغاز ائين ٿيو.
گوبند مالھيءَ پنھنجي ڪتاب، ”سنڌڙي، منھنجي جندڙي“ ۾ لکيو آهي تہ، ”نئين دنيا ڪتاب گهر جو اصلوڪين ڪھاڻين جو مجموعو ڇپائيءَ ۾ هو، جو اوچتو سوڀي مون کي چيو تہ عبدالستار جي ڪھاڻي بہ ان ۾ شامل ڪر، مسلمانن ۾ ادب لاءِ شوق پيدا ٿيندو، ممڪن آهي تہ ڪو مسلمان ليکڪ بہ نڪري نروار ٿئي. مون پڇيومانس تہ ستار ڪا ڪھاڻي لکي آهي؟ هن چيو تہ مون لکي آهي، تون ان کي ادبي رنگ ڏِجِ ۽ ڇپج عبدالستار جي نالي ۾.
گوبند مالھيءَ ايترو لکي، چيو آهي تہ ”ريگستاني ڦول“ عبدالستار جو ليک ”حليما“ جي عنوان سان ڇپيو. تازو سوڀي ”ڪاوش“ اخبار ۾ لکيو آهي تہ ”ريگستاني ڦول“ ڇپائڻ جي تجويز مون گوبند مالھيءَ کي ڏني هئي.
مٿئين پس منظر ۾، سنڌي ترقي پسند ادب جي شروعات بابت تصوير هيئن بيھي ٿي:
1. سنڌي ترقي پسند ادب جي شروعات اردو ترقي پسند اديبن جي تحريرن جي سنڌي ترجمي سان ٿي.
2. اردو ترقي پسند اديبن جي انھن تحريرن ۾ زيادہ تر ڪھاڻيون هيون.
3. انھن ڪھاڻين جا سنڌي ترجما ڪندڙ، گهڻي ڀاڱي ڪاليجن ۾ پڙهندڙ نوجوان سنڌي هندو شاگرد هئا، جن ۾ سرفھرست ٻہ چار نالا نظر اچن ٿا: سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالھي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي (۽ شايد حشو ڪيولراماڻي پڻ، جنھن هندستان وڃڻ کان پوءِ اتي بہ سنڌي ڪھاڻين جا انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ ”هندستان ٽائيمس“ ۾ ڇپايا.)
4. سنڌي ترقي پسند ادب جو پھريون پھريون ڪتاب ”ريگستاني ڦول“ هو، جيڪو سنڌي اصلوڪين ڪھاڻين جو مجموعو هو. منجهس سڀ ڪھاڻيون سنڌي هندو ليکڪن جون هيون. فقط هڪ ڪھاڻي شيخ عبدالستار جي هئي پر، اها بہ لکيل سوڀي جي هئي.
5. گوبند مالھيءَ ”ريگستاني ڦول“ سوڀي جي صلاح تي ڇپايو هو. اهو ڪتابُ، پھريون پھريون پتڪڙو تارو هو، جيڪو سنڌي ترقي پسند ادب جي آسمان ۾ اڀريو.
”پتڪڙو“ هن ڪري چوان ٿو، جو ننڍو سو ڏيڍ سو صفحن جو ڪرائون سائيز ۾ تمام سادي ڪاغذ تي ڇپيل، هلڪڙي سادي ڪور وارو ڪتابڙو هو. شايد، ان زماني ۾ ڪتاب سادي ڪاغذ تي ڇپبا هئا تہ سستا ملن.
گوبند مالھيءَ لکيو آهي تہ سنڌي اصلوڪين ڪھاڻين جي ڪتاب ”ريگستاني ڦول“ ۾، سوڀي جي لکيل، ليڪن عبدالستار شيخ جي نالي ۾ ڇپيل ڪھاڻيءَ (”حليما“) پنھنجو رنگ ڏيکاريو. شيخ ايازُ (شيخ مبارڪ عليءَ) جي نالي سان شروع کان ئي شڪارپور ۾ لکندو رهندو هو. مون هن جو ”ساورڪر“ تي بہ شعر پڙهيو هو. ”ريگستاني ڦول“ شايع ٿيڻ بعد اياز ۽ سندس دوست ”راز“ جو بہ ”شيخ“ هو، مون وٽ آيا. اياز ڊزن کان وڌيڪ پنھنجا انقلابي شعر مون کي پڙهي ٻڌايا. مان ڪافي متاثر ٿيس. هن مون کي مسيليني ٽائيپ اصلوڪين ڪھاڻين، مضمونن ۽ شعرن ڇپائڻ جي صلاح ڏني. سوڀو اياز جا شعر ٻڌي ڪپڙن ۾ نہ پيو ماپي. هن بہ اياز جي صلاح جي تائيد ڪئي. مان ڀايان ٿو تہ ”پرھہ ڦٽي“ مجموعي جي شروعات ئي اياز جي انقلابي گيتن سان ٿي. اياز ادبي ڪلاس (گڏجاڻين) جو بہ مکيہ انگ ٿي پيو. راز جا شعر بہ ڇپيا. شايد ارجن شاد جا به. شاد بہ ان زماني ۾ اسان جي ويجهو آيو. هو ۽ اياز ٻئي ڄڻا سوڀي ۽ ابراهيم جويي جي صحبت ۾ باشعور ٿيندا ويا. جويو ايم. اين. راءِ جي ويچارن جو هو، اياز خاص طور انھن ويچارن سان همراءِ ٿيندو ويو.
گوبند مالھيءَ سنڌي اصلوڪين ڪھاڻين جي مجموعي ۾ سوڀي جي لکيل، پر عبدالستار شيخ جي نالي سان ڇپيل ڪھاڻي ”حليما“ جو ذڪر ڪيو آهي. اهو عبدالستار شيخ اڳتي هلي مون ڏٺو. ساڻس ڪجهہ قدر دوستانا تعلقات بہ ٿيا. ٻہ ٽي ڄڻا گڏجي سائين جي. ايم. سيد سان سن ملڻ وياسين. اها پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ چئن پنجن سالن جي ڳالھہ آهي. شيخ عبدالستار ماٺيڻو ماڻھو هو. هن ڪڏهن بہ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ پنھنجن سنڌي اديبن ۽ ساٿين جو ذڪر ڪونہ ڪيو. هو پوءِ ڪيئن مون کان ڇڄي ويو. اهو مون کي ياد ڪونھي. حيدرآباد جي ”بليئر ڪلينڪ“ واريءَ گهٽيءَ ۾ رهندو هو. وڪالت ڪندو هو. سندس سوٽ ع. ق شيخ جويي صاحب جي ڪري منھنجو بہ دوست ٿيو. ”ريگستاني ڦول“ پڙهڻ لاءِ ڏنائين. هڪ ٻيو ڪتاب بہ ڏنائين. نالو هئس ”کھہ ۽ کٿوري.“
”ريگستاني ڦول“ کان ڪيترو عرصو پوءِ ”کھہ کٿوري“ ڪتاب شايع ٿيو، جو ع.ق. شيخ جو لکيل هو. حيدر بخش جتوئيءَ جو ڪتاب ”هارين جون ڪھاڻيون“ بہ لڳ ڀڳ، انھيءَ زماني ۾ ڇپيو هو. اُهو ئي ڪتابُ، منھنجي خيال موجب، اوائلي دؤر ۾ سنڌي ترقي پسند ادب جو صحيح معنى ۾ شاهڪار آهي.
جتوئي صاحب ڊپٽي ڪلڪٽر جي سرڪاري عھدي تي فائز هو، جتان پنھنجيءَ خاص خوشيءَ سان استعيفا ڏئي، انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي جدوجھد ۾ شريڪ ٿيو ۽ هاري پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪيائين. ”هاري حقدار“ نالي هڪ هفتيوار اخبار پارٽيءَ جي ترجمان طور شايع ڪيائين. مشھور ترقي پسند اديبُ ڪيرت ٻاٻاڻي، سڪ سان ملڻ ويس، تہ ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سڪ سان چيائينس تہ ”وقت تي آيو آهين. هاڻي پريس بہ هلاءِ ۽ اخبار بہ، تہ مان پنھنجو وقت هاري پارٽيءَ کي ڏيان.“
1935ع واري ايڪٽ کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون، ڪنور جو قتل، ﷲ بخش جو قتل، حرن جي تحريڪ ۽ پير صبغت ﷲ جي شھادت انھيءَ ئي دور جا تمام وڏا واقعا هئا، جن مان هر هڪ هڪ تي جدا جدا ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي.
هفتيوار ”صداقت“ اخبار بہ انھيءَ ئي دور ۾ شايع ٿي هئي، جيڪا ترقي پسند خيالن جي ترجمان هئي. ليڪن، انھيءَ کان بہ اڳ، سن 1940ع ۾، ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ قائم ٿيو، جنھن جو بنياد گوبند پنجابيءَ وڌو. جيڪب آباد وارو برڪت علي آزاد سندس ٻانھن ٻيلي هو. انھيءَ ئي اشاعتي اداري سنڌي ترقي پسند ادب جا گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب شايع ڪيا. غالباً ڊزن کن تہ هئا، جن ۾ خود گوبند پنجابيءَ جي اصلوڪين سنڌي ڪھاڻين جو مجموعو ”سرد آهون“ بہ ڇپيو. گوبند مالھيءَ انھيءَ ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو پيش رو قرار ڏنو آهي. نئين دنيا ڪتاب گهر“ اول اول شڪارپور ۾ هو جو پوءِ ڪراچيءَ ۾ آندو ويو. تڏهن ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ جو انتظام گوبند پنجابيءَ وٽان گوبند مالھيءَ جي هٿ هيٺ آيو، جنھن پڻ سنڌي ترقي پسند لٽريچر جي اشاعت جاري رکي ۽ ڊزن کن ٻيا ڪتاب بہ ڪڍيا. پر، انھيءَ کان وڏو ڪم اهو ڪيائين تہ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ مان، ”نئين دنيا“ نالي سان ماهوار ادبي رسالو جاري ڪيائين، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ بہ بمبئيءَ مان اتم ۽ سندري شايع ڪندا هئا.
ڪراچيءَ ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ بندر روڊ تي هوندو هو. اتي اڳتي هلي، سوڀي جي رهنمائيءَ هيٺ، ادبي گڏجاڻيون شروع ٿيون. اڳتي هلي، ”ميٺا رام هاسٽل“ انھن ادبي گڏجاڻين جو مرڪز مقرر ٿي. هر هفتي هڪ ادبي گڏجاڻي ٿيندي هئي، جنھن ۾ اديب ۽ شاعر پنھنجون لکڻيون پيش ڪندا هئا. جيڪي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ اديب ۽ شاعر پرکيندا هئا: منجهن سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، گوبند مالھي، نارائڻ شيام، آنند گولاڻي، سڳن آهوجا، شيخ عبدالرزاق راز، گوبند پنجابي، ڪرشن کٽواڻي رام امر لعل پنجواڻي، لڇمڻ راجپال، گل آساڻي، ڀڳوان لعل ۽ گوبند مالھي شريڪ هوندا هئا.
شيخ اياز بہ شايد انھن ئي ڏينھن ۾، هن ادبي ٽولي سان گھرو گهاٽو ٿيو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ ”هو مستن وانگر پيو ڦرندو ۽ چڪر لڳائيندو هو. حشو ڪيولراماڻيءَ سان ڏاڍي پريت هوندي هئس. ڪلاڪن جا ڪلاڪ وٽس ويٺو هوندو هو. ڪڏهن سائيڪل تي هوندو هو، تہ مون کي زوريءَ اڳيان سائيڪل جي ڏنڊي تي برنس روڊ جي گهٽين مان پيو ڦيريون پارائيندو هو. پڇڻ تي ٻڌائيندو هو تہ ’حسينائن جي ديدار تي نڪتو آهيان.‘ ڪڏهن وري ڊائري هٿ ۾ هوندي هيس ۽ گنگنائيندو رهندو هو. مون کي ميٺا رام هاسٽل ۾ پنھنجي روم ۾ وٺي ايندو هو ۽ تازو لکيل شعر اهڙيءَ تہ تيز ڌارا ۾ پڙهندو هو، جو ڄڻ تہ نھر ٿي وهي. سندس ڪلام دل تي ڇائنجي ويندو هو. هڪ سياسي انقلابي گيت لکيو هئائين، جو وري وري پڙهي ٻڌائيندو هو.
او باغي او راڄ دروهي
ڀارت ۾ بلوي جا باغي
ڪراچيءَ جي ’رام باغ‘ ۾ (جنھن کي هاڻي ’آرام باغ‘ ڪوٺن ٿا) هڪ پبلڪ جلسو ٿيو، ان ۾ بہ اهو سياسي انقلابي گيت پڙهي ٻڌايو هئائين“.
گوبند مالھيءَ جي ڪتاب ”سنڌڙي منھنجي جندڙي“ ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڪتاب ”ڪجهہ ٻڌايم ڪجهہ لڪايم“ ۾ ڏنل احوال مان معلوم ٿئي ٿو تہ:
1. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ميٺا رام هاسٽل وارين هفتيوار ادبي گڏجاڻين ۾ جيڪي اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيندا هئا سي اڪثر هندو هوندا هئا، مسلمان لکندڙ فقط ٻہ هوندا هئا: هڪڙو شيخ اياز ۽ ٻيو شيخ عبدالرزاق راز.
2. شيخ اياز جي شعر کي وڌيڪ مقبوليت حاصل هئي. هو پبلڪ جلسن ۾ بہ پنھنجا انقلابي گيت پڙهندو هو، جنھن جو هڪ مثال تہ ”رام باغ“ وارو مٿي ذڪر ڪيل پبلڪ جلسو آهي. پر، اياز غالباً پنھنجيءَ آتم ڪھاڻيءَ ۾ بہ ڪٿي ذڪر ڪيو آهي تہ ابراهيم جويي سان گڏجي ٿر پارڪر ضلعي ۾ (شايد، عمرڪوٽ جي پاسي) ڪنھن ترقي پسند خيالن جي ساٿيءَ جي اليڪشن ۾ ورڪ ڪرڻ وياسون. اتي مون پبلڪ جلسن ۾ پنھنجا انقلابي گيت پڙهي ٻڌايا. اياز ائين بہ لکيو آهي تہ انھن ڏينھن ۾ اسين دنيا کي بدلائڻ جا خواب ڏسي رهيا هئاسون.
3. جديد سنڌي ادب جو نقيب ”سنڌو“ رسالو هو. پر، سنڌي ترقي پسند ادب جو ترجمان ”اڳتي قدم“ رسالو هو، جنھن جو ايڊيٽر شيخ اياز هو. ڪنھن بہ جماعت يا تنظيم جي ويڄ ويچار کي اڳتي وڌائڻ ۾ اخبارون ۽ رسالا وڏو رول ادا ڪن ٿا. هنن ٻن رسالن جي بہ وڏي اهميت آهي. مون ”اڳتي قدم“ رسالي جو فقط هڪ پرچو ڏٺو آهي. منجهس سائينداد سولنگيءَ جي ڪھاڻي ”انڌي ۽ جنڊ“ پڙهيم جنھن جي گهڻي شھرت هئي.
4. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ٽن رسالن پنھنجو پاڻ ملھايو. (1) ماهنامو ”نئين زندگي“، (2) ٽماهي ”مھراڻ“ ۽ (3) ماهنامو ”روح رهاڻ.“
5. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اياز چڱو عرصو لکڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪنھن هنڌ اهڙو اظھار بہ ڪيو اٿس تہ، ”منھنجا ساٿي، هندو لکندڙ هوندا هئا، جيڪي هندستان لڏي ويا تہ لکڻ تان ارواح ئي کڄي ويو“.
6. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اياز وڪالت ڪندو هو. پھريائين ڪراچيءَ ۾، پوءِ سکر ۾. شيخ عبدالرزاق راز سکر ۾ رهندو هو ۽ ڪجهہ عرصو سکر ميونسپالٽيءَ ۾ چيف آفيسر بہ هو. رشيد ڀٽي ۽ مقبول صديقي سندس هٿ هيٺ ڪلارڪ هوندا هئا. سدائين، سندس ڪنجوسيءَ جي شڪايت ڪندا هئا. شيخ عبدالرزاق راز سکر ۾ ”حبيب پبليڪيشن“ نالي هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. شيخ اياز جا بہ ڪجهہ ڪتاب ڇپايائين. جن مان هڪڙي جو نالو هو ”پنھل کان پوءِ“. اهو ڪتابُ سندس خطن جو مجموعو هو، جيڪي هن (سندس لفظن ۾) پنھنجيءَ محبوبہ کي لکيا هئا. اها اختر شيرانيءَ جي خيالي محبوبہ سلمى وانگر ڪانہ هئي. شڪارپور جي هڪ وچولي درجي جي پڙهيل ڪڙهيل خاتون هئي. ٻين عام سنڌي پڙهيل خواتين وانگر هن بہ پنھنجي ناتي مالي مفادن کي ترجيح ڏني. اياز کي رد ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ مڊل ڪلاس جي هڪ سنڌي واپاريءَ سان شادي ڪيائين. اياز ”پنھل کان پوءِ“ ڪتاب جي هڪ خط ۾ کيس ميار ڏني آهي تہ ”اوهان کي بنگلو ۽ ڪار کپندي هئي،جا مون وٽ ڪانہ هئي.“ پر انھيءَ احساس کان پوءِ بہ هو کيس وساري ڪونہ سگهيو. مون هڪ دفعو اها خاتون ڏٺي هئي. شڪل صورت جي پوري پني هئي. منجهس ڪا بہ خاص جاذبيت ڪانہ هئي. پر، ننڍپڻ وارين رسم وراھہ جي ڪري هوءَ سڄي عمر اياز جي ذهن تي ڇانيل رهي. ٻنھي جون شاديون ٿي ويون ۽ دنيائون ڌار ٿي ويون. پر، پوءِ بہ اياز جي شعر ۾، محترمہ روشن هميشہ وانگر روشن رهي.
مون صبح جي هير کي ساجهر ڏنا تولئہ سلامَ
مون کي پل پل پورَ تنھنجي پيار جا
7. شيخ عبدالرزاق جو ڪتابي سلسلو ”حبيب پبلڪيشن“ بند ٿي ويو. ڪجهہ عرصو واندو ويٺو هو. بنيادي طرح بزنيس مئن ڪونہ هو. اديب ۽ شاعر هو. سو، کيس آمادہ ڪيم تہ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ واري سنڌي ترقي پسند ادب ۽ خاص طرح انھيءَ زماني واريءَ ”ساهت (ادبي) سنگت“ جو احوال لکي ڏئي. هن ”هائو“ ڪئي ۽ ڪجهہ قسطون بہ لکي ڏنائين. جي مون ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڀايان ٿو تہ سنہ 1956 ۾ ڇاپيون. ان زماني ۾ رسالي جي ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جو معاون هئس. ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هئس ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سرگرم ڪارڪن هئس. سو، پاڪستان کان اڳ واريءَ ادبي (ساهت) سنگت جي معلومات ۾ دلچسپي هيم. شيخ عبدالرزاق راز کان وڌيڪ، شيخ اياز سان، گهري گهاٽي سنگت هيم. پر، هن ڪڏهن بہ پاڪستان کان اڳ وارن پنھنجن ادبي ساٿين جي باري ۾ ڪا ڳالھہ ئي ڪانہ ڪئي ۽ نہ وري اڳوڻيءَ ”ادبي (ساهت) سنگت“ جو ڪو ذڪر ڪيو.
8. گوبند مالھيءَ جي ڪتابَ ”سنڌڙي منھنجي جندڙي“ ۾ انھيءَ زماني وارين ميٺا رام هاسٽل جي ادبي گڏجاڻين جي مختصر احوال سان گڏ، تڏهوڪيءَ ادبي سنگت بابت هيءَ معلومات بہ ڏنل آهي. ”نئين دنيا“ ماهوار مخزن جاري ٿي. اها پھريائين فلمي ۽ پوءِ ساهتيڪ (ادبي) وڌيڪ رهي. ان جي ارد گرد ساهتڪارن جو مجموعو بہ جڙي مڙي ويو. سنڌي ساهتڪارن جي جماعت بندي بہ ٿي. سنڌي ادبي سنگت بہ جڙي، جنھن جو پريزيڊنٽ آسانند متورا ۽ جنرل سيڪريٽري مان چونڊيس. جوائنٽ سيڪريٽري بھاري ڇاٻڙيا يا شيخ اياز چونڊيو ويو. اڳتي هلي لکيو اٿس: سنڌ ۾ ”ادبي سنگت جي ميڙ لاءِ ٽن مترن شيخ اياز، بھاريءَ ۽ مون دعوت ناما ڪڍيا هئا“.
ڪنھن بہ مقصد جي حاصلات لاءِ، ماڻھن جو هجوم ڪافي ناهي. هجوم ۾ باصلاحيت ڪارڪنن جي تنظيم کي وڏي اهميت هوندي آهي. 1930ع واري ڏهاڪي ۾ روشن فڪر ۽ صحتمند ادب کي فروغ ڏيارڻ لاءِ ترقي پسند سنڌي ساهتڪارن جو چڱو هجوم تہ گڏ ٿي ويو هو. پر تنظيم جي ضرورت هئي. سو، گوبند مالھيءَ جي بيان تہ ”ساهتڪارن جي جماعت بندي بہ ٿي وئي ۽ سنڌي ادبي سنگت بہ جڙي وئي“ کي وڏي اهميت حاصل آهي.
مسلم ليگ سنڌ ۾ اڳي ڪمزور هوندي هئي. پر، ”مسجد منزل گاھہ“ وارن فسادن کان پوءِ، سنڌ ۾ بہ پنھنجا پير پختا ڪيا. ان جي اڳواڻي سائين جي. ايم. سيد ڪري رهيو هو. هونئن، پردي پٺيان اصل ماڻھو پير علي محمد راشدي هو. منزل گاھہ وارن فسادن کان پوءِ سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ اڳوڻي محبت ۽ ڀائيچارو ڪونہ رهيو هو. سائين جي. ايم. سيد سڄي هندستان ۾ سڀ کان اول سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”پاڪستان ٺھراءُ“ پاس ڪرايو هو. هندو- مسلم سياست جو طوفان هر هنڌ ڇائنجي ويو هو. هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڪستان جي نعري جو پڙاڏو هو. آخر ۾ ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن تي بہ ان جو پاڇو پيو. هنن، هندستان کي ورهائڻ ۽ پاڪستان ٺاهڻ جي مطالبي جي غيرمشروط حمايت ڪئي. سو، ملڪ جي هن مجموعي ماحول ۾ جيڪڏهن ”سنڌي ساهت (ادبي) سنگت“ ڪراچي سنڌي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن ڪراچيءَ جي ادبي سنگت جون شاخون سنڌ جي ٻين شھرن ۾ ڪونہ کوليون، يا خود ڪراچي ادبي سنگت جي جوڙجڪ، ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۽ جنرل باڊيءَ جي ميمبرن جا نالا ۽ ٻيو احوال ڪونہ لکيو، تہ ملڪ جي تڏهوڪيءَ مجموعي پس منظر ۾ ۽ اڄ بہ اها ماجرا آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي.
14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺھيو. ليڪن، انگريزن کان آزاديءَ جي خوشي ورهاڱي جي فسادن جي نذر ٿي وئي. اوڀر پنجاب ۾ سکن مسلمان عورتن جون عصمتون لٽيون ۽ ٻار ۽ ٻڍا قتل ڪيا، زخمي ماڻھن سان ڀريل ريل گاڏيون سرحد پار ڪري پھتون، تہ زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم ٿيو.
لاهور ۾، سر مراتب علي شاھہ جي خاندانَ جو وڏو اثر ۽ رسوخ تڏهن بہ هو ۽ اڃا بہ آهي. پاڪستان جي ٻاويھن امير ترين خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو. (مرحوم) سر مراتب علي شاھہ جي وچين فرزند سيد واجد علي شاھہ کي ادارہ ثقافت اسلاميہ لاءِ مون مرڪزي حڪومت کان مدد وٺي ڏني تہ کيس مون سان محبت ٿي وئي ۽ اداري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر مقرر ڪيائين. پاڻ چيئرمن هو. جوانيءَ ۾ سياست ۾ بہ پير هوندو هئس. قائداعظم ۽ لياقت علي خان ٻنھي کي ويجهو هو. ڪڏهن ڪڏهن گذريل ڏينھن جون ڳالھيون ڪندو هو. اداري ثقافت اسلاميہ جي ميٽنگن ۾ سندن ڳالھيون ڪندو هو. هڪ دفعي چيائين تہ ”ڪير ٿو چوي تہ قائداعظم زيارت ۾ رحلت ڪئي؟“
سڀني ميمبرن حيران ٿي چيس تہ ”اسان تہ ائين ئي ٻڌو آهي.“
تڏهن پاڻ چيائين تہ ”جڏهن ورهاڱي وقت مشرقي پنجاب جا مھاجر لاهور پھتا، تہ قائد مون کي چيو تہ مان مھاجرن جي ڪئمپ هلڻ گهران ٿو. پاڻ مون وٽ ئي ٽڪيل هو. مون کي ساڻ وٺي ڪئمپ ڏسڻ هليو. سکن مسلمان مھاجرن سان ڪي عقوبتون ڪيون هيون! هنن خوبصورت مسلم خواتين سان وري وري زوريءَ زنا ڪئي هئي ۽ وچوليءَ عمر جون زالون پنھنجن ڳوٺن ۽ گهرن ۾ نوڪرياڻين وانگر ڪم ڪار لاءِ ريل گاڏين مان کڻي هليا ويا. وڏيءَ عمر جون عورتون ڪُلُ ڪھي ويا. ڪن عورتن جا مرد قتل ٿي ويا هئا. ڪن مردن ۽ عورتن جا ٻار گم هئا. هر طرف آه و زاري هئي.
سيد واجد علي شاھہ چيو تہ ”قائد اهو دردناڪ منظر ڏسي، مون سان گڏ گهر موٽيو، تہ مون محسوس ڪيو تہ سندس روح پرواز ڪري ويو هو. ان کان پوءِ واري عرصي ۾ لاهور کان ڪراچيءَ ۽ اتان کان زيارت تائين، هر هنڌ فقط سندس جسم گھلبو رهيو.“
سيد واجد علي شاھہ جي ڳالھہ ٻڌي، مون کي ورهاڱي وارن فسادن تي امرتا پريتم جا اشعار ياد آيا:
اج آکھاں وارث شاہ نُوں کِنون قبراں وِچّوںِ بول
تے اج کِتاب عشق دا کوئی اگلا ورقا پھول
اِک روئی سی دِھی پنجاب دی، تُوں لکھ لکھ مارےوَین
اَج لکھاں دِھیاں روندیاں، تنیوں وارث شاہ نُوں کہن
اُٹھ دردمنداں دیا درددیا، اُٹھ تک اپنا پنجاب
اَج بیلے لاشاںوِچّہیاں تے لہُو دِی بھری چناب
کِسے نے پنجاں پانیاں وِچ دِتی زہر رَلا
تے اوہناں پانیاں دھرت نُوں دِتا پانی لا
زرخیز زمین دے لوں لوں پُٹھٰاں زہر
گِٹھ گِٹھ چڑھیاں لالیاں پُھٹ پُھٹ چڑھیا قہر
دِہ ولسی دا پھیر وَن وَن وَگی جا
اوہنے ہر اٍِک وانس دی ونجهلی دِتَی بنا
ناگاں کِیلے لوک مُنہّ بِس پھر ڈنگ ہی ڈنگ
پلو پلی پنجاب دے نیلے پَے گئے انگ
کلیوں ٹّٹے گیت پِھر ترکّلیوں ٹٹی تند
ترنجنوں ٹُٹیاں سہیلیاں چڑخڑے گھوکر بند
سنے سیج دے بیڑیاں لڈّھن دِتَیاں روہڑھ
سنے ڈالیاں پینگھ اَج پِپلاں دِتَی توڑ
جِتّھے وجدی پھُوک پیار دی اوہ ونجهلی گئی گواچ
رانجهے دے سب ویر اَج بُھل گئے اس دی جاچ
دھرتی تے لہُو وّسیا قبراں پّیاں چون
پریت دیاں شہزادیاں اَج وِچ مزاراں رون
اَج سبّھے کیدو بن گئے حُسن عِشق دے چور
اَج کِتّھوں لیایئے لبھ کے وارث شاہ اِک ہور
اَج آکھا وارث شاہ نُوں کِتوں قبراں وِچّوں بول
تے اَج کِتابِ عِشق دا کوئی اگلا ورقا پھول
عام تاثر اهو آهي تہ ورهاڱي وقت، فسادن لاءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جوابدار جماعتون هيون. پر، پوري حقيقت، شايد ائين ڪانھي. ڳالھہ جي تھہ تائين پھچڻ لاءِ معلومات جا بنيادي ذريعا مطالع ڪرڻ ضروري آهن. ابو الڪلام مسلمان هو ۽ ڪانگريس جو وڏو ليڊر هو. هن انگريزن کان آزاديءَ جو احوالُ، انگريزيءَ ۾ INDIA WINS FREEDOM جي نالي پنھنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هونئن انھيءَ موضوع تي ٻيا بہ ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن. ليڪن، سندس ڪتاب تمام اهم آهي. ان جو پھريون ڇاپو جنوري 1959ع ۾ شايع ٿيو هو. مون بہ ان وقت ورتو هو ۽ پڙهي پورو ڪرڻ کان اڳ، ان کي ڇڏي، ٻئي ڪنھن بہ ڪتاب کي هٿ لائي ڪونہ سگهيس.
ابوالڪلام وڏو انسان ۽ اعليٰ اڳواڻ هو. هندستان جي پارليامينٽ اجلاس ۾، جڏهن چاءِ پيئڻ لاءِ عارضي وقفو ٿيندو هو تہ پاڻ ۽ جواهر لعل نھرو پارليامينٽ هائوس جي ورانڊي ۾ چھل قدمي ڪندا هئا ۽ اجلاس ۾ زير بحث مسئلن بابت صلاح ۽ مشورو ڪندا هئا. چھل قدمي ڪندي، هندستان جو وزيراعظم پنڊت نھرو، مولانا جي احترام ۾ هميشہ کانئن ٻہ قدم پويان هلندو هو. سندس ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پھرئين ڇاپي کان مھينو پوءِ شايع ٿيو. ٽيون ڇاپو ٻہ مھينا پوءِ شايع ٿيو. چوٿون ڇاپو سن 1960ع ۾ شايع ٿيو. پنجون آگسٽ سن 1964ع ۾ نڪتو. ڇھون ڇاپو جولاءِ 1967ع ۾ نڪتو. اٺون ڇاپو سيپٽمبر 1972ع ۾ نڪتو، نائون ڇاپو جون 1975ع ۾ نڪتو، ڏهون ڇاپو آڪٽوبر 1976ع ۾ نڪتو، يارهون ڇاپو جولاءِ 1978ع ۾ نڪتو، ٻارهون ڇاپو آگسٽ 1984ع ۾ نڪتو. تيرهون ڇاپو آگسٽ 1986ع ۾ نڪتو.
ڪتاب جا نَوَ وڌيڪ ڇاپا هندستان ۾ شايع ٿيا، ليڪن، ڪن رڪاوٽن سبب ڪجهہ وقت، لڪيل رهيا. پر، ڪتاب جي ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ايتري تہ گهُرَ هئي، جو جون 1988ع ۾ هڪ RE-PRINT بہ شايع ٿيو.
آمريڪا ۾ ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1960ع ۾ نيويارڪ ۾ نڪتو ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب جا اردو، فارسي ۽ روسي زبان ۾ ترجما شايع ٿيا آهن. اردو زبان ۾ مڪمل ۽ معياري ترجمو ابو سلمان شاهجھانپوريءَ جي ترتيب، تدوين ۽ حاشيءَ سان، پاڪستان ۾ سنہ 1991ع ۾ ”مڪي دار الڪتب“ 32 ميڪيگن روڊ، لاهور، شايع ڪيو آهي.
مولانا آزاد ڪتاب کي آخر تائين، بار بار چڪاسي، نومبر 1958ع ۾ ان جي ڇپائيءَ ۽ اشاعت جي منظوري ڏني ۽ خواهش ظاهر ڪئي تہ ڪتاب سندس ستر سال سالگرھہ جي موقعي تي شايع ڪيو وڃي.
پر، اها ڳالھہ قدرت کي منظور ڪانہ هئي، ڪتاب شايع ٿيو تہ، مولانا آزاد، اڳيئي انھيءَ جھان ڏي هليو ويو هو، جو هتان کان بھتر آهي.
مولانا آزاد جو ورهاڱي وقت فسادن جي باري ۾ رايو وڏي اهميت رکي ٿو ۽ پڙهندڙن هندن توڙي مسلمانن کي چٽيءَ طرح ذهن نشين هئڻ گهرجي. مولانا جا اصل لفظ هي آهن:
”تاريخ ڏهين آگسٽ 1947ع کان پوءِ، جڏهن (هندستان پاڪستان جي) سرحدن جي ٻنھي طرف بي گناھہ مردن ۽ زالن جي رتوڇاڻ شروع ٿي تہ لارڊ مائونٽ بيٽن جي ماتحت فوج ان کي روڪڻ لاءِ ڪجهہ ڪونہ ڪيو. ڪن هنڌن تي تہ خود فوجي انھيءَ رتوڇاڻ ۾ شريڪ ٿيا. منھنجيءَ معلومات موجب، فوجين پاڪستان ۾ هندن ۽ سکن کي قتل ڪيو ۽ هندستان ۾ مسلمانن جو قتلام ڪيو. انھيءَ رتوڇاڻ جي ذميواري سنئين سڌي لارڊ مائونٽ بيٽن تي عائد ٿئي ٿي، جو (ورهاڱي وقت) فوج جو سربراھہ هو.
اردو زبان ۾ ڪتاب جي ابو سلمان شاهجھانپوريءَ واري مستند ڇاپي ۾، ڪتاب جي موضوع جي اهميت جي پيش نظر، مولانا غلام رسول مھر (پاڪستان) ۽ لوئي فشر (آمريڪا) جا فٽ نوٽ (حواشي) پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ڏنا ويا آهن.
مولانا غلام رسول مھر لکي ٿو تہ ”لارڊ مائونٽ بيٽن مڪار ۽ ڪوڙو هو. هن فسادن کي روڪڻ لاءِ ڪجهہ ڪونہ ڪيو.“
مشھور محقق سيرواڻي مائونٽ بيٽن لاءِ لکيو آهي تہ ”مغرور، دوکي باز، ڪوڙو، سازشي ۽ بداخلاق هو. نہ رڳو مسٽر جناح جو دشمن هو. پر، پاڪستان جو بہ سخت دشمن هو. هندستان جو بہ دوست ڪونہ هو. هن فسادن کي روڪڻ لاءِ توب ۽ ٽئنڪ تہ استعمال ڪانہ ڪئي، پر، پنھنجي قلم کي ئي هٿ ڪونہ لاتو.“
سيرواڻيءَ جي تحقيق موجب، ”ورهاڱي وقت ڇھہ لک انسان قتل ٿيا ۽ هڪ ڪروڙ چاليھہ لک ماڻھن هڪڙي ملڪ مان ٻئي ملڪ ۾ لڏپلاڻ ڪئي.“ پر، ورهاڱيءَ کان پوءِ بہ اهو سلسلو ڪيئي سال جاري رهيو.
سنڌ مان جيڪي هندو هندستان لڏي ويا، تن کي اجنبي زمين ۾، هِڪَ نہ پر، هزارين مسئلن کي منھن ڏيڻو پيو. انھن هندو شرنارٿين (مھاجرن) ۾، ترقي پسند ادب جا مشاهير بہ شامل هئا. مڙني ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جو مثال دردناڪ آهي.
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ، ”حشو نوابشاھہ ضلعي جي ننڍي شھر ڀرين ۾ ڄائو هو.“ ڀرين جو شھر ڪراچيءَ کان اسلام آباد ويندڙ نيشنل هاءِ وي تي آهي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد سئو ميلن جي پنڌ تي آهي. حيدرآباد کان مورو سئو ميل پري آهي. موري کان نوشھرو فيروز چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. نوشھري کان ڀريا ڇھہ ميل پري آهي. ڀرين کان ڪنڊيارو ڏھہ ميل پري آهي. ڪنڊياري کان هالاڻي ڇھن ميلن تي آهي. ان کان پوءِ ڪوٽڙي ڪبير، راڻيپور، خيرپور ميرس جا شھر اچن ٿا. پرڀرو، سکر بئراج جي اوڀر طرف وڃبو تہ پنوعاقل ٽپي پنجاب ۾ داخل ٿبو.
موري، نوشھري، ڀرين، ڪنڊياري، هالاڻيءَ ۽ ڪوٽڙي ڪبير وارن شھرن جو سمورو علائقو ”ساهتيہ پرڳڻي“ ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ هالاڻيءَ، ڪنڊياري ۽ ڀرين ۾ هاءِ اسڪول هوندا هئا، جيڪي هندو نيڪ مردن جا ٺھرايل هئا. سو، هندن جا ٻار علم ۽ تعليم ۾ مسلمانن کان اڳتي هوندا هئا. پاڪستان ٺھيو تہ هندو هندستان لڏي ويا، ان ڪري اهي سڀ اسڪول ڦٽي ويا.
نوشھري فيروز جي سٺ ستر ميلن جي اردگرد جيڪي ڳوٺ ۽ ننڍا شھر هئا، تن مان مسلمان ٻارن اچي نوشھروفيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. شاگردن جي رهائش لاءِ اسڪول سان گڏ هاسٽل ۽ کاڌي جو هال بہ هوندو هو. مان پاڻ ڪنڊياري تعلقي مان نوشھري فيروز ۾ ائين پڙهڻ آيس. اتان ئي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري حيدرآباد ۽ پوءِ وري ڪراچيءَ ڪاليجي تعليم پرائڻ لاءِ آيس.
1947ع ۾، مون پاڪستان ٺھڻ ۽ ننڍن شھرن مان هندن جي لڏپلاڻ جو منظر ڏٺو. روڊن ۽ رستن تي گهرن مان پنھنجو سامان ڪڍي کٽن تي وڪري لاءِ رکيو هئائون. تڏهن تيرهن ورهيہ عمر هيم. حشو مون کان عمر ۾ ڏهاڪو سال وڏو هوندو هو. ڪيرت پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ ذهين هو. مئٽرڪ پاس ڪري، انگلنڊ اعليٰ تعليم لاءِ هليو ويو. تنھن جو مطلب تہ مائٽ ايترا شاهوڪار هئس، جو کيس پڙهڻ لاءِ ولايت موڪلڻ جو سَتُ ساهي سگهيا.
انگلنڊ جي آزاد ماحول ۽ عام ماڻھن جي حقن حقوقن جي ڳالھين رڳو اردو ترقي پسند اديبن سجاد ظھير ۽ ملڪ راج آنند جهڙن نوجوانن ۾ انگريزن لاءِ ڌڪار ۽ وطن جي آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪونہ ڪيو. حشو ڪيولراماڻيءَ جھڙا ذهين سنڌي نوجوان بہ انھيءَ رنگ ۾ رڱجي ويا. هو بہ اول سجاد ظھير وانگر ريڊيڪل سوچ وارن نوجوانن جي گروھہ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ سوشلزم ڏي ڇڪجي ويو. برطانيا ۾ ”انڊيا ليگ“ ٺھي هئي. ان ۾ شامل ٿيو، جتي سندس ساٿين ۾ اندرا گانڌي ۽ ڪرشنا مينن بہ شامل هئا. 1939ع ۾ انگلنڊ مان موٽيو، ساڳئي سال ۾ هٽلر ٻي مھاڀاري لڙائي شروع ڪئي. حشوءَ پنھنجن ساٿين سان ڪراچيءَ جي رستن تي جلوس ڪڍيا ۽ انگريزن جي سامراجي شاهيءَ ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ نعرا هنيا. انگريز سرڪار کيس 1940ع ۾ گرفتار ڪيو ۽ هڪ سال سزا ڏئي، ڪراچي جيل ۾ موڪليو. سزا ڪاٽي نڪتو تہ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي لکڻ موجب ”صفا خاموش“ ٿي ويو.
گذر بسر جو بہ ڪو ذريعو ڪونہ هئس. ڪٿان گذران ڪندو هو، تنھن جي ڄاڻ ڪانہ پوندي هئي. ڪي سرنديءَ وارا دوست ۽ شاگرد سندس مدد ڪندا هئا. شاگردن واريءَ هلچل ۾، هڪ هندو ڇوڪريءَ سرلا آهوجا سان دل ٿي وئي هئس. شايد اها بہ سندس مالي مدد ڪندي هئي.
مون ڪيرت جو لکيل احوال پڙهي سوچيو تہ ڀرين ۾ جن مائٽن کيس ننڍيءَ عمر ۾ ولايت ۾ پڙهڻ لاءِ خرچ پکو ڏئي موڪليو هو، سي ڪاٿي هئا؟ اهي سندس ويجهو ڇو نہ آيا؟ کين پنھنجو پُٽُ پيارو ڪونہ هو؟ ڪيرت لکيو آهي تہ ”حشو سياست جو ڄاڻو ۽ علم جو ڀنڊار هو. انگريزي ٻوليءَ تي ايڏو عبور هئس، جو خود انگريز بہ وائڙا ٿي ويندا هئا! مان اڪثر وٽس ويندو هئس. کيس فلئٽ مان ڪڍي، ٻئي ڄڻا ايراني ريسٽارنٽ تي وهندا هئاسين. کارن بسڪوٽن جي پليٽ ۽ چاءِ تي حشو دنيا جي سياست تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالھائي ويندو هو. مان سندس ڳالھين کان ڏاڍو متاثر ٿيندو هئس“.
ورهاڱي کان پوءِ، سائين جي. ايم. سيد سان گڏ، سنڌين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو. انگريزيءَ ۾ ”پاڪستان ٽائيمس“ نالي هڪ ماهوار رسالو بہ ڪڍيائين. پر، سنڌ سرڪار کيس زوريءَ هندستان ڏي لوڌي ڪڍيو. هندستان پھتو تہ سرلا سان شادي ڪيائين ۽ اخبار نويسي اختيار ڪيائين. دهليءَ جي اخبار، HINDUSTAN TIMES، ۾ روزگار سان لڳو.
انھيءَ ئي زماني ۾، سنڌي افسانن جو هڪ ننڍو مجموعو SINDHI SHORT STORIES نالي ڪڍيائين، جنھن ۾ هند ۽ سنڌ جي هندن مسلمانن ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون شامل ڪيائين، جنھن جو مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اڳتي هلي ان جو DELUX EDITION بہ ڪڍيائين. اهو بہ لکيو اٿم تہ مون سان پرپٺ اهڙي تہ محبت ٿي ويس، جو خط و ڪتابت شروع ڪيائين. هڪ دفعي پنھنجيءَ سڄي فيمليءَ جو رنگين گروپ ڦوٽو موڪليائين. بلڪل انگريز فئملي ٿي لڳي. کيس سوٽ ڪوٽ پيل هو ۽ زالن کي سٺيون ساڙهيون. مان ڀايان ٿو تہ اهي نوجوان ڇوڪريون سندس ئي ڌيئر هيون.
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ لکيو آهي تہ 1957ع ۾، پھرينءَ پھرينءَ سنڌي ٻولي ڪنوينشن 1957ع وقت هو دهليءَ جي سنڌي سماج جو صدر/ جنرل سيڪريٽري هو. ٿورن سالن کان پوءِ هو دهلي ڇڏي، بمبئيءَ ۾ اچي وسيو. پر، سندس ذهني توازن (MENTAL BALANCE) ٺيڪ نٿي لڳو. اهڙي ڪھڙي ڳالھہ ٿي، جو سندس دل ۽ دماغ جي صورت حال بگڙندي وئي؟ سندس وهنوار ۽ ويچار عجيب ٿي لڳا. ڪو بہ ڪم، ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ ڇڏي ڏنو هئائين. ويجهن دوستن کان ٻہ رپيا، پنج رپيا، ڏھہ رپيا گهري وٺندو هو. چوندو هو تہ WORLD CLASSIC ويٺو لکان، جنھن مان لکين رپيا رايلٽي ملندم، اوهان کان جيڪو قرض وٺان ٿو، سو ڊائريءَ ۾ لکندو وڃان ٿو. رايلٽيءَ جي رقم آئي تہ سڀني کي موٽائي ڏيندس. چاءِ ڊبل روٽيءَ تي گذران ڪندو هو ۽ سگريٽ جام ڇڪيندو هو. ڳالھائڻ ۾ پوندو هو تہ ڄڻ ڪو بند ٽٽو. گهڻي ڀاڱي عقل ۽ هوش جون ڳالھين ڪندو هو. پر، جوجڪي آيس تہ پٽي تان لھي ويندو هو. چوندو هو تہ جيڪو ڪتاب ويٺو لکان ان جو هڪ هڪ پنو ڀارت جو صدر گهرائي وٺندو آهي. اندرا گانڌي اهم فيصلا ڪرڻ وقت اول مون سان صلاح ڪندي آهي. دنيا ۾ جيڪي کوجنائون ٿين ٿيون، تن ۾ پھرين اڳڪٿي مان ڪندو آهيان. مطلب تہ ڪيتريون بيجوڙ ۽ اعتبار کان ٻاهر ڳالھيون ڪندو هو. ظاهر هو تہ SUPER/EGO جي احساس ۾ مبتلا هو. اها ڳالھہ بہ حيرت جوڳي آهي تہ جيڪو جوان ايڏو عقلمند هو جو مائٽن کيس ڪليڪٽر بنجڻ جي اميد تي اعليٰ تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو هو، سو سراسر نڪمي زندگي گذاريندو هجي!
رهڻ لاءِ شروع ۾ پيڊر روڊ تي پنھنجي ٻڍڙيءَ ڀيڻ جي گهر کليل بالڪنيءَ ۾ فراسي ۽ چادر ۾ رات گذاري ويندو هو. پر پوءِ رات جو دير سان اچڻ ڪري کيس اتان بہ نيڪالي ملي. پوءِ تہ بلڪل لاوارثن وانگر ڪڏهن ڪٿي تہ ڪڏهن ڪٿي سمھي پوندو هو. رات ڪاٽي، وري بمبئيءَ جون گهٽيون ۽ رستا ڪڇيندو وتندو هو. ڌرم شالائن ۾، پلئٽ فارمن تي، يا مساڻن ۾ رات گذاريندو هو. آخري ڏينھن ۾ سنڌو نگر (الھاس نگر) جي مساڻن ۾ رهندو هو.....پوءِ اوچتو گم ٿي ويو.
پويون ڀيرو جنھن شخص کيس ڏٺو هو، سو سندس ويجهو مائٽ هو. نالو هئس مسٽر ماڌو ڀمڀاڻي. کانئس ٽي سو رپيا زوريءَ اڌارا ورتائين. کيسي ۾ وجهي ٻاهر نڪري ويو. ان ڏينھن بمبئيءَ ۾ ايڏي تہ برسات پئي جو گهٽيون ۽ رستا نديون ۽ نالا ٿي ويا. سندس گم ٿي وڃڻ جي باري ۾ هڪ انومان اهو آهي تہ هو سنڌو نگر ويندي، اهڙيءَ ڀيانڪ اونداهيءَ رات ۾ ڪٿي نہ ڪٿي ترڪي پيو ۽ پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو، ڪنھن اهڙيءَ گپ چڪ ۾ وڃي ڦاٿو جو ڌٻڻ ڳهي ويس.
ٻيو شڪ اهو آهي تہ مساڻيءَ، ٽن سون رپين جي لالچ تي، اوندھہ جو وجهہ وٺي، کيس ڪھي، ختم ڪري، مساڻ ۾ پوري ڇڏيو. موهن ڪلپنا، پوين ڏينھن ۾ سندس گهڻي مدد ڪئي، تنھن بہ اهو شڪ ظاهر ڪيو آهي. پوليس کي رپورٽ ڪئي وئي، پر، ڪو بہ نتيجو ڪونہ نڪتو.
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ڳالھہ پوري ڪندي لکيو آهي تہ ”صحيح ڳالھہ ڪيئن بہ هجي، سنڌ جي هڪ وڏي ڏاهي ۽ مخلص ڪارڪن جي پڇاڙي هن قسم جي تنگ دستيءَ ۽ دردناڪ نموني ۾ ٿي. اسان سڀني کي حيف هجي!“ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ حشوءَ جي دردناڪ پڇاڙيءَ جو پيرائتو احوال ڏنو آهي. پر، پوءِ بہ ٻہ ٽي ڳالھيون سوال طلب آهن.
(1) حشوءَ جي گهرواري سرلا ۽ سندس نياڻيون ڪاڏي ويون؟ هو کين دهليءَ ڇڏي ويو هو يا بمبئيءَ وٺي آيو هو؟ انھن حشوءَ جي گم ٿيڻ تي ڇا جي ڪري ڪا بہ دانھن ڪوڪ ڪانہ ڪئي؟
(2) حشوءَ جو هڪ مائٽ تہ اهو ماڌو ڀمڀاڻي هو، جنھن کان ٽي سئو رپيا اڌارا ورتائين. پر، سندس ماتا، پتا، ڀائر، سئوٽ، ماروٽ سڀ پاڪستان ۾ ئي پورا ٿي ويا هئا. يا ڪي هندستان بہ لڏي ويا هئا؟ انھن ڇا ڪيو؟
(3) ڪيرت هندستان ۾، ڏکين حالتن ۾ بہ سنڌين جي پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيل جدوجھد جو ذڪر ڪيو آهي تہ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي بچاءُ لاءِ ڇا ڪيائيون. لکيو اٿس تہ سنڌي ٻولي ڪنوينشن ٿيا، حشو دهليءَ واري فرنٽ جو روح روان هو. پوءِ ڀلا اهڙين باشعور تنظيمن پنھنجي پراڻي ساٿيءَ ۽ حشوءَ جھڙي وڏي ودوان کي ڪيئن ۽ ڇو نظرانداز ڪري ڇڏيائون؟ کيس وقت اندر، ڪنھن بہ ذهني علاج جي اسپتال ۾ داخل ڇو نہ ڪرايائون؟ سندس مٽن مائٽن کي اطلاع ڇو نہ ڏنائون؟ مون کي تہ ڪيرت جي ڪتاب ۾ حشوءَ جي پڇاڙيءَ جو احوال پڙهي اهو احساس ٿيو تہ ورهاڱي وقت سنڌي هندن سان هندستان ۾ ڏاڍا ڪي قَھرَ ۽ ڪيسَ ٿيا. جن جي اسان کي ڪا خبر ئي ڪانھي!
ورهاڱي کان پوءِ، حالتن ۾ ٺاپر ڳچ وقت کان پوءِ آئي. سنڌي هندو ناسازگار حالتن جي باوجود پنھنجيءَ ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. انھن ۾ ترقي پسند لکندڙ، پيش پيش رهيا. اهو سڄو احوال ڪيرت ۽ گوبند جي ڪتابن ۾ موجود آهي.
هت اسان وٽ پاڪستان ۾ بہ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ سازگار صورتحال ڪانہ هئي. خاص ڪري، 1958ع واري ايوب خان جي مارشل لا کان پوءِ، شريف خان نالي هڪ اهڙو تعليمي سيڪريٽري آيو، جنھن تجويز ڏني تہ جيئن هندستان ۾ هندستاني ٻولي آهي، تيئن پاڪستان ۾ بہ پاڪستاني ٻولي هجي. اها هيئن وجود ۾ ايندي تہ اردو جيڪا ملڪ جي سرڪاري ٻولي آهي. سا، چئني صوبائي ٻولين مان ازخود لفظ جذب ڪندي ويندي. پر، پنھنجي انھيءَ خيال کي تيزيءَ سان عمل ۾ آڻڻ لاءِ شريف ڪميشن طرفان حڪم جاري ڪيائين تہ ”آئيندہ سنڌي ٻوليءَ پرائمري اسڪولن ۾ رڳو ٽن درجن تائين لازمي هجي. اردو ٻولي بہ ان سان گڏ پڙهبي. پر، جڏهن ٻارُ ڇھين ڪلاسن ۾ پھچي، تہ سنڌي ٻوليءَ جي لازمي ٻوليءَ واري حيثيت ختم ڪئي وڃي. البت، اردوءَ جي برقرار رهي.“
شريف خان جي مٿي ۾ اها ڳالھہ ويٺي تہ ظاهر آهي تہ والدين سوچيندا تہ جي ڇھين ڪلاس کان پوءِ، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت اها ٿي ويندي تہ پوءِ اسان پنھنجي ٻار کي پھرئين درجي کان ئي اردو ڇو نہ پڙهايون. سندس ذهن تي ڇھن سالن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ جو بار ڇو رکون؟
ائين پنھنجي مٿي ۾ ”عقل جي ڊوڙ“ ڪري جنرل ايوب کان اهڙو بيان ڏياريائين.
سنڌ جا ماڻھو ٻوليءَ جي سوال تي باھہ ٿي ويا. سڄيءَ سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا. اصل آگ لڳي وئي. سنڌي عالم، اديب ۽ شاعر تہ انھيءَ جدوجھد ۾ پيش پيش هئا. سنڌ جي عوام سندن ڀرپور تائيد ڪئي. جدوجھد ڪامياب ٿي. ايوب سرڪار جنتا ميڙن جي اڳيان اچي گوڏا کوڙيا. سنڌي ٻوليءَ بابت شريف ڪميشن جي سفارش رد ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻي پوزيشن بحال ٿي وئي.
هت ياد رکڻ گهرجي تہ انگريزن پنھنجي حڪومت ۾ سنڌيءَ کي تعليم جو درجو قرار ڏنو هو ۽ سرڪاري آفيسن ۾ لکپڙھہ ۽ عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو درجو پڻ ڏنو هو. پر خبر ناهي تہ هنن پنجاب، صوبي سرحد ۽ بلوچستان ۾ ڇا جي ڪري، اهي ٽئي درجا اردوءَ ٻوليءَ کي ڏنا هئا.
سنڌين لاءِ پھريون پھريون مسئلو تڏهن ئي پيدا ٿيو، جڏهن پاڪستان نئون نئون ٺھيو. سو، هيئن تہ سرڪار سمورين جمھوري روايتن کي پٺيءَ پاسيرو اڇلائي، سنڌ جي چونڊيل حڪومت کي ڊسمس ڪيو، ڇو تہ اها سنڌين جي پگهر ۽ رت سان تعمير ڪيل شھر ڪراچيءَ کي صوبي کان جدا ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهي هئي. سرڪار سڀ کان خوفناڪ ڪم اهو ڪيو تہ ملڪ ٺھڻ جي پھرين ستن سالن ۾ ئي سنڌ جو وجود ختم ڪيائين ۽ ان کي ”ون يونٽ“ ۾ مدغم ڪيائين. جڏهن ون يونٽ کي ٽوڙڻ لاءِ اولھہ پاڪستان اسيمبليءَ ٺھراءَ پاس ڪيو، تہ ون يونٽ کي بچائڻ لاءِ ملڪ ۾ مارشل لا لڳو. مھاجرن ان جي آجيان ڪئي. جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ مولانا مودوديءَ ان کي ”اسلامي وحدت“ ڪوٺيو. سنڌين ۾، سرڪار جي خلاف رد عمل پيدا ٿيو. سنڌ ۾، پھريون ڀيرو، ”جيئي سنڌ“ جو نعرو لڳو. رجعت پسند اديبن ۽ شاعرن جي ٽولي سرڪار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ”جيئي سنڌ“ لفظن کي وڪڙ ڏئي، ”جئہ سنڌ“ سان تعبير ڪيو، ۽ ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن تي ڀارت جي ايجنٽ هئڻ جي ”روزنامہ مھراڻ“ ۾ مھم هلائي. پر، ”قرآن ڪريم“ جو فرمان آهي تہ ”حق آيو ۽ باطل ويو.“ ائين ئي ٿيو. رجعت پسند سنڌي اديب ۽ شاعرَ ڪوڙ تي سندرو ٻڌي بيٺا هئا، سي پير کوڙي ڪونہ سگهيا. رفتي رفتي ڳري مري چٽ ٿي ويا. سنڌ- دوست اديب سوڀارا ٿيا. ساڻن سڄيءَ سنڌ جو عوام گڏ هو.
پر، جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي تہ ڪنھن بہ نيڪ مقصد ۾ ڪاميابيءَ لاءِ رڳو ماڻھن جو هجوم يا هجومَ ڪافي ناهن. اصل اهميت ”تنظيم“ جي آهي، جيڪا ماڻھن کي صحيح رخ ۾ وٺي هلي. اديبن ۽ شاعرن جي پليٽ فارم تي جنھن ”تنظيم“ اهو ڪارنامو سرنجام ڏنو، اها هئي، ”سنڌي ادبي سنگت.“
سنڌي ادبي سنگت پاڪستان کان اڳ واريءَ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو ئي تسلسل هئي. پر، پاڪستان ٿيو تہ هندو عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي لڏي وڃڻ ڪري، علمي ادبي ادارا ۽ تنظيمون بہ لڏي ويون.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ سرڪار 1941ع ۾ ٺاهيو هو. سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ادب جو پايو پختو ڪرڻ ۾، جنھن محنت ۽ اورچائيءَ سان سائنٽفڪ نموني ۾ ڪم ڪيو، ان جو تہ پوري پاڪستان ۾ مثال ئي ڪونھي.
بورڊ نہ فقط نئين تخليقي ادب کي همٿايو. پر، تحقيقي ادب جي ميدان ۾، عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ سنڌ جي اڳوڻن عالمن جا لکيل قلمي نسخا شايع ڪيا، جن جو ناماچار پروفيسر شمل يورپ ۾ ڪيو تہ بورڊ بين الاقوامي اهميت جو ادارو ٿي پيو.
پر، ٻوليءَ ۽ ڪلچر جي فروغ ۾ سرڪاري ادارن کان وڌيڪ خانگي پبلشنگ هائوس رول ادا ڪن ٿا. جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو اڃا ڪنھن نالو بہ ڪونہ ٻڌو هو تڏهن شڪارپور جا ٻہ پبلشر پوڪرداس ۽ هيرانند سنڌي ڪتاب ڇاپيندا هئا. الف ليلى، چار يار، گل بڪاولي، قصو ممتاز ۽ دمساز جو، انجمن آرا ۽ شھزاد جا لغام ۽ ٻيا سنڌي قصا سڀ انھن ئي پبلشرن ڇاپيا هئا. پر، هنن سنڌيءَ ۾ اٺاويھن حصن ۾ هڪ قصو ڇاپيو، جنھن جيڏو ذخيم ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهن ڪونہ ڇپيو هو. نالو هئس چندر ڪانتا. اصل ۾ هنديءَ ۾ لکيل هو. لکندڙ جو نالو هو بابو ديوڪي نندن کتري. ناول جي پيرايي ۾ وندر ورونھن جو قصو هو. ان جي هڪ مکيہ ڪردار جو نالو هو”ڀوتناٿ“ ان جي آتم ڪھاڻي ”ڀوتناٿ جي جيوني“ جي نالي سان ڇپي.
جيئن قومن ۾ ڪمال ۽ زوال جا دور اچن ٿا، تيئن ادارن ۽ تنظيمن کي بہ لاها چاڙها اچن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ اڄ رڳو اڳينءَ شھرت جو کٽيو کائي ٿو.
ان جي بنيادي ميمبرن ۾ ڪجهہ هندو تہ ڪجهہ مسلمان هئا. پر، هندو عالم ۽ اديب لڏي ويا تہ ادبي بورڊ جو ڪم بہ لڏي ويو. سو، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جڏهن حالتن ۾ ٺاپر آئي تہ ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ 1951ع ۾ ادارو تعليم جي هٿ هيٺ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان قائم ٿيو. 1941ع ۾ جڏهن قائم ٿيو هو تہ ان جو نالو هو ”سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ صلاحڪار ادارو“.
سنڌي ادبي سنگت تہ سراسر خانگي تنظيم هئي، جيڪا گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز ۽ شيخ راز وارن جوڙي هئي ۽ گهڻي ڀاڱي نوجوان ڪاليجي شاگردن تي مشتمل هئي. پر، هندن جي لڏپلاڻ بعد اها بہ لڏي وئي. ان جي معاملي ۾ بہ ائين ئي ٿيو، جيئن سنڌي ادبي بورڊ جي معاملي ۾ ٿيو هو يعني پرائيويٽ پبلشرن ۾ بہ پوڪرداس ۽ هريسنگ تہ پاڪستان ٺھڻ سان هندستان لڏي ويا. حيدرآباد ۾ سندن جاءِ تي ٻہ خانگي پبلشر ساماڻا: (1) آر ايڇ احمد برادرس ۽ يوسف سنس. اڳتي هلي اهي ٻئي بہ بند ٿي ويا. 1953ع ۾ مان ڪراچيءَ هليو ويس. پوءِ جي خبر ڪانھي تہ انھن جي جاءِ ڪنھن ورتي. پر، گاهي ماهي حيدرآباد اچڻ ٿيندو هو. تلڪ چاڙهيءَ تي ”ادبيات“ نالي سان ڪتابن جو سٺو دڪان هوندو هو. اڳتي هلي، اهو بہ بند ٿي ويو. پوءِ خانگي پبلشرن مارو رکيو. ٽيڪسٽ بڪ ڇاپڻ تي جو ان مان گهڻي ڪمائي هئن. موجودہ دور ۾، سنڌ ۾ هونئن تہ گهڻا ئي خانگي پبلشر آهن. پر، انھن ۾ ٻن جو وڏو نالو آهي: حيدرآباد ۾ روشني پبليڪيشن ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌيڪا. ڪي خانگي رسالا بہ ڇپجن ٿا. پر، انھن کي ٽي. ويءَ. جي سنڌي چئنلن ڌڪ هنيو آهي، جيڪي اٺئي پھر، راڳ روپ ۽ ناٽڪن جي ڌم لايو ويٺا آهن. انھن ۾ NATIONAL GEOGRAPHY جھڙو معلوماتي ۽ مفيد چئنل ڪوبہ ڪونھي. اردوءَ ۾ ئي ڪونھي، جنھن کي زور وٺائڻ لاءِ سرڪار هڙئون وڙئون ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي.
پاڪستان کان پوءِ هندو اديب، شاعر تہ هندستان لڏي ويا هئا. جڏهن حالتن ۾ ٺاپر آئي تہ ترقي پسند سوچ جا مسلمان نوجوانَ ان کي ACTIVE ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. انھن نوجوانن ۾ نمايان نالو نورالدين سرڪي آهي. شيخ اياز وانگر هو بہ شڪارپور جو ويٺل هو. غريب مائٽن جو اولاد هو. مئٽرڪ پاس ڪري، ڪراچيءَ ڪاليجي تعليم لاءِ آيو هو. ڪراچيءَ ۾ ڪجهہ عرصي لاءِ هفتيوار ”صداقت“ اخبار ۾ ڪم ڪيائين. ”صداقت“ جو بنيادُ، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، گوبند مالھيءَ ۽ گوبند پنجابيءَ وارن وڌو هو. سرڪيءَ سان گڏ، يا کانئس اڳ يا کانئس پوءِ قادر بخش نظاماڻيءَ بہ ”صداقت“ ۾ ڪجهہ عرصو ڪم ڪيو. اها ڳالھہ نور الدين سرڪيءَ پاڻ مون سان ڪئي هئي. مان تن ڏينھن ۾ ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هئس. هو بہ اتي ئي رهندو هو. قادر بخش نظاماڻي ڪٽر بلوچ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ قومپرست هو ۽ سوشلزم ڏي مائل هو. ”صداقت“ اخبار اهڙن ئي خيالن رکندڙ اديبن شايع ڪئي هئي. قادر بخش نظاماڻيءَ جو منجهس ڪم ڪرڻ، ان ڳالھہ کي ثابت ڪري ٿو تہ ”صداقت“ جي پاليسيءَ ۾ ورهاڱي جي باوجود ڪو بہ فرق ڪونہ آيو هو. مون کي اهو معلوم ڪونھي تہ اها هفتيوار اخبار ڪڏهن ۽ ڇو بند ٿي؟
پر، نورالدين سرڪيءَ اها ڳالھہ ڪيم، جڏهن ”صداقت“ اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، تہ هڪ دفعي افواھہ ٻڌائين تہ سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا آهن. سو، هو حيدرآباد جي پاسي ڀڄي ويو ۽ ڪنھن ڳوٺڙي ۾ ٻہ چار مھينا روپوش (UNDER GROUND) رهيو. پاڻ ٻڌائيندو هو تہ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ محمد ابراهيم جويي جي شاگرد سنڌي استاد ڪٽنب وٽ ٽنڊي محمد خان تعلقي جي هڪ ڳوٺ ۾ لڪل هو، سي جان ڪي تان مذهبي ماڻھو هئا، پر مھمان نواز هئا. جڏهن پڪو اطلاع مليس تہ سڀ خير آهي تڏهن ڪراچيءَ ميٺا رام هاسٽل ۾ موٽي آيو. جڏهن مون سان مليو تہ قريشيءَ جي اسلاميہ ڪاليج ۾ شام جو پڙهائيندو هو. خوش مزاج شخص هو. پڙهيل ڪڙهيل سنڌي نوجوان شاگردن ۾ ڏاڍو مقبول هو. سندس ڪمري ۾ سدائين شاگردن جا هجوم هوندا هئا. پر، مڙني ۾ ڄمت ٻن ڄڻن جي هوندي هئي: هڪ شمس سومرو، جيڪو شڪارپور جي پاسي چَڪَ جو ويٺل هو، ۽ ٻيو مان. چڪ ۾ ”خلافت تحريڪ“ دوران ابو همزو ڪو نالي وارو اڳواڻ ٿي گذريو آهي. شمس ان جون ڳالھيون سڪ سان ڪندو هو. منھنجو موضوع ”سنڌي ادب“ هو ۽ شمس جو موضوع هيو ”لاڪ ايليسن“ ميٺا رام هاسٽل جا اهي ڏينھن ۽ راتيون سرڪيءَ جي ڪمري واريون ڪچھريون زندگيءَ جون يادگار گهڙيون هيون!
سرڪي ”صداقت“ اخبار تہ ڪڏهوڪو ڇڏي چڪو هو. پر، اسلاميہ ڪاليج ۾ مشغوليءَ وارن ڏينھن ۾ يا وري اڳ ۾ ئي ”سنڌي ادبي سنگت“ کي وري نروار ڪيائين. شروعاتي ساٿي عبدالغفور انصاري هئس، جو بہ ڪراچيءَ جي ڪنھن ڪاليج ۾ ڪامرس پڙهائيندو هو. کيس ادبي سنگت جو سيڪريٽري ڪيائين. ان کان پوءِ، اسڪيچ- بلاڪ ورڪس جو مئنيجر دادا موتيرام ۽ سائين غلام مصطفى شاھہ جو ايس- ايم- ڪاليج ۾ سرڪيءَ جو ساٿي اياز قادري سنڌي ادبي سنگت ۾ ائڪٽو ٿيا. ان کان پوءِ شيخ حفيظ ۽ خواجہ سليم. ساڻن گڏوگڏ، رشيد ڀٽيءَ، رشيد آخوند، جمال رند ۽ مون بہ ادبي سنگت ۾ گهڻي دلچسپي ورتي. ائين ڏسندي ڏسندي ادبي سنگت ڪراچي باھہ جو ڀڀڙ ٿي پئي. سنڌي زبان ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي حقن جي حمايت ۾ ٺھراءَ پاس ڪرڻ لڳي، جن کي تڏهوڪيون سنڌي اخبارون ”نواي سنڌ“ ۽ “نئين سنڌ“ تہ تمام شد مد سان ڇاپينديون هيون. منجهن قومي غيرت هئي. انھيءَ عرصي دوران ياز قادري پنھنجي ئي سببن ڪري ادبي سنگت ۾ بي اثر، بلڪہ بي دخل ٿي ويو. پر، سرڪي بہ شادي ڪرڻ کان پوءِ رڳو وڪالت مان پئسو ڪمائڻ ۾ لڳي ويو ۽ اسان وٽان گم ٿي ويو.
سنڌي ادبي سنگت بھرحال ميٺا رام هاسٽل کان روزنامہ ”جنگ“ اخبار تائين هڪ يادگار جلوس ڪڍيو. روڊن تي سنڌي زبان جي حمايت ۾ لوهي قالبن سان، نعرا بہ ڇاپيا. مطلب تہ سنڌي ادبي سنگت هڪ FORCE ٿي پئي. ان جو IMPACT سڄيءَ سنڌ تي پيو. حيدرآباد ۾ تہ مان ڀايان ٿو تہ مقبول ڀٽيءَ جي اڳواڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت اڳيئي ڪم ڪري رهي هئي. هو پاڻ ”وطن“ هفتيوار اخبار ڪڍندو هو. پر، سنڌ جي ڇٽيھن شھرن ۾ سنڌي ادبي سنگت جون شاخون قائم ٿيون. بس، ان کان پوءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو قيام، پھرين منزل هو. سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جي مَسُ تہ اڃا ڪاغذن تان سڪي ئي ڪانھي. سو ان جو احوال لکڻ ضروري ڪونھي. سنڌي ادبي سنگت ۾ هونئن تہ گهڻن ڄڻن پر خاص طرح ٻن ڄڻن وڏو رول ادا ڪيو. شمشير الحيدري ۽ تاج جويي. پوءِ تہ ڪيئي دوست اڳتي وڌيا. ائين ”سنڌي ادبي سنگت“ اديبن ۽ شاعرن جي ترجمان بنجي ويئي، ان جي سوچ ۾ روشن خيالي ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ عوام سان محبت مکيہ وصفون آهن.
سنڌي ادبي سنگت جي تحريڪ سان گهڻي قدر نوجوان اديب ۽ شاعر وابستہ رهيا. پر، وڏيءَ عمر وارن بزرگن مان پير حسام الدين راشدي صاحب ۽ قبلہ مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ سائين غلام مصطفى شاھہ نوجوان سنڌ دوست اديبن جا هميشہ محسن هئا. سندن نالا سنڌي زبان جي تحريڪ ۾ سنھري لفظن ۾ لکيا ويندا.
ٽيون سڀني کان اهم ۽ وڏي وزن وارو نالو سائين جي. ايم. سيد آهي. پر، هو ادبي فرنٽ بدران سياسي محاذ تي ACTIVE رهيو. سوڀي ۽ حيدر بخش جتوئيءَ لاءِ بہ ساڳي ڳالھہ چئي سگهجي ٿي.
مولانا گراميءَ ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادبي خدمتن کي بہ ڪير وساري ڪونہ سگهندو. پر، جنھن شخص سنڌي ترقي پسند ادب جي تحريڪ کي مٿي اڀاريو، سو محمد ابراهيم جويو آهي.
سنڌ جو ادبي ماحول هاڻي بدلجي چڪو آهي. سمورا سنڌي اديب ۽ شاعر سنڌ دوست آهن. سنڌ جو ”روشن مستقبل“ سندن نصب العين آهي. سندن تحريرون ان ڳالھہ جون ثابتيون آهن تہ پاڪستان جي ڪا بہ زبان، روشن خياليءَ ۽ حب الوطنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مقابلو ڪري نٿي سگهي. مڪمل اعتماد سان چئي سگهجي ٿو تہ ترقي پسند تحريڪ سنڌي ادب تي جيڪي اثر ڇڏيا آهن، سي اڻ- مٽ آهن. ڀلاري ڀٽائيءَ جي لافاني لفظن ۾ ائين چئبو تہ:
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لھي نہ لالي.