مھاڳ
سنڌ ۾ ۽ خاص طرح سان، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي آمد ۽ ان جي اثرن بابت جڏهن لکيو ئي، ”نہ برابر“ ويو آهي، تڏهن رباني صاحب جي قلم مان نڪتل، هن دلفريب تحرير کي، ڀانئيان ٿو تہ، ”ٿورو لکيو گهڻوئي سمجهي“ پڙهڻ گهرجي.
دنيا ڄاڻي ٿي ۽ رباني صاحب بہ اسان کي هن ڪتاب ۾ بار بار آگاهي ڏني آهي تہ ننڍي کنڊ ۾ اِن تحريڪ جا اصل روح روان هئا، سيد سجاد ظھير، مُلڪ راج آنند، فيض احمد فيض، محترمہ رشيد جھان، پروفيسر احمد علي، سيد سبطِ حسن ۽ ڪرشن چندر وغيرہ. انھن معروف ليکڪن ۽ ترقي پسند تحريڪ سان وابستہ کيپ کان اڳ، دنيا ڄاڻي ٿي تہ ننڍي کنڊ ۾ ٽن ٻولين جي ليکڪن جي وڏي هاڪ ۽ ڌاڪ هئي. مثال طور هند ۾ منشي پريم چند، رابندر ناٿ ٽئگور ۽ سنڌ ۾ وري مرزا قليچ بيگ جي وڏي ڀَل ڀلان هئي. هي ٽيئي ليکڪ نظرياتي سطح تي پنھنجي نظريي ۾ اصلاح پسند تہ ضرور هئا، پر ترقي پسند نظريي کان قطعي غير آگاھہ!
ها! ائين سو برابر هو تہ اُن وقت سڄو ننڍو کنڊ فڪري سطح تي وڏي اُٿل پُٿل جو شڪار هو، هڪ پاسي برطانوي راڄ، ٻئي پاسي روس مان اُڀرندڙ ڪميونسٽ نظام جو چؤٻول ۽ هيڏانھن ننڍي کنڊ ۾، فيوڊل ڪلاس وري برطانيہ جو حامي بنجي رهيو هو، جڏهن تہ روس جي اثر هيٺ حيدرآباد دکن، لاهور، دهلي، ڪلڪتي ۽ بمبئي وغيرہ ۾ ڪميونسٽ جماعتون قائم ٿيڻ لاءِ، تياريون شروع ٿي رهيون هيون، ۽ هر طرف طبقاتي جدوجھد زور وٺندي پئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ نيٺ 1923ع ڌاري مزدور ڪسان پارٽي ٺھي، مولانا عبيدﷲ سنڌي، ايم.اين.راءِ ۽ ڊاڪٽر اقبال سيالڪوٽي وغيرہ اُن زماني ۾ نئين فڪر ۽ روشن خيالي جا وڏا مبلغ ٿي ظاهر ٿيا ۽ کانئن پوءِ واري ٽھيءَ مان وري مُلڪ راج آنند، سيد سجاد ظھير، محمود الظفر ۽ رشيد جھان، قلمڪاريءَ جي ميدان ۾ ڪونتل ڪڏائڻ شروع ڪري ڏنا هئا. خاص طور تي 1932ع ڌاري جنھن ڇرڪائيندڙ ڪتاب جي نويد سان هي لڏو ظاهر ٿيو، ۽ اُن پستڪ جو نالو رکيائون، ”انگاري“ تہ بس ان جي شايع ٿيڻ سان ئي دنيا ۾ وڏو ڀونچال اچي ويو، ۽ هر طرف کان ھھڙا آواز اُڀرڻ لڳا تہ، ”ياﷲ! هي ڪير مُلحد ۽ ڪميونسٽ آهن، جيڪي ان نالي واري ڪتاب سان ادب ۾ گهڙي آيا آهن.“ ۽… آءٌ ڀانئيان تہ ان وقت ننڍي کنڊ جي هر وڏي شھر ۾ ان ڪتاب وڏوئي غلغلو پڻ مچائي ڇڏيو جنھن سبب، ڪجهہ ئي وقت اندر پوءِ ان کي Ban بہ ڪيو ويو.
اگرچہ ان ڪتاب جا گهڻا ليکڪ، سيد سجاد ظھير ۽ رشيد جھان، مسلمان گهراڻن جا چشم و چراغ اعليٰ تعليم يافتہ لنڊن رٽرن ۽ شيعہ خاندانن جا فرد هئا، پر متاثر هئا وري مارڪس جي تعليمات کان.
اسان کي هن ڪتاب ۾ وِک وِک تي جيئن رباني صاحب بہ ٻڌايو آهي تہ سيد سجاد ظھير ۽ سندس دوست ترقي پسند تحريڪ جو خاڪو ۽ منشور لنڊن مان ئي تيار ڪري کڻي آيا هئا ۽ ان جي Implementation لاءِ پھرين تہ ڪلڪتي ۽ پوءِ حيدرآباد دکن ۾ اچي لنگر انداز ٿيا هئا. تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ هنن جلد پوءِ لکنؤ، حيدرآباد دکن ۽ لاهور ۾ پڻ انجمنِ ترقي پسند مصنفين جي شاخن جو ڄار وڇائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون، ۽ باالآخر ترقي پسند ليکڪن جي اهڙي پھرئِين ڪانفرنس 1936ع ۾ منعقد ڪرڻ ۾ ڪامياب پڻ ٿي ويا، جنھن جي صدارت جڳ پڌري ليکڪ منشي پريمچند کان ڪرايائون. بعد ۾ لاهور ۾ بہ اهڙي پھرئين آل پاڪستان پروگريسو رائيٽرس ڪانفرنس نومبر 1949ع ۾ ڪوٺائي وئي.
مجروح سلطان پوريءَ، پنھنجو هيءُ شعر بہ ان ئي زماني ۾ تہ چيو هو:
ميں اکيلا هي چلا تھا جانب منزل مگر
لوگ آتے هی گئے اور کارواں بنتا گيا
ائين ننڍي کنڊ ۾ اهڙي تحريڪ جي پرچار لاءِ پھريون سج حيدرآباد دکن ۽ پوءِ ڪلڪتي مان اُڀريو هو ۽ پوءِ نھايت جلد لاهور شھر تائين اُن جون روشنيون پھتون تہ پوري ننڍي کنڊ تي وڏي آب تاب سان پکڙجڻ پڻ شروع ٿي ويون، معروف صحافين مان، ميان افتخار الدين، مظھر علي، چراغ حسن حسرت، ايوب ڪرماني ۽ فيض احمد فيض وغيرہ لاهور شھر ۾ ويھي روشن خياليءَ کي گهر گهر پکيڙڻ لاءِ انگريزي اخبار ”پاڪستان ٽائمز“ ۽ اردوءَ ۾ ”امروز“ اخبار جو پليٽ فارم استعمال ڪيو، تڏهن ترقي پسند شاعر ظھير ڪاشميريءَ پنھنجو هي مشھور شعر چيو:
هميں ہم ميں چراغِ آخرِ شب
ہمارے بعد اندھیرا نين اُجالا ہے
ترقي پسند تحريڪ جي وڌندڙ اثر باعث ان جي پھرئين سال 1936ع کان ئي ننڍي کنڊ ۾، خاص طرح سان اردو ادب جي آسمان تي ليکڪن جي هڪ پوري کير ڌار ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وئي، عصمت چغتائي، علي سردار جعفري، جوش مليح آبادي، ڪيفي اعظمي، خواجہ احمد عباس، مجروح، مجاز، جان نثار اختر، ساحر لڌيانوي، احمد نديم قاسمي ۽ لکنؤ واريون ليکڪ مايون حاجرہ مسرور، خديجہ مسرور ۽ ان دؤر ۾ هي اجهو اهڙن مڙني ئي ترقي پسند ليکڪن ۽ ليکڪائن جو سرواڻ سڏجڻ لڳو هو! ڪھاڻيڪار جناب ڪرشن چندر!
اگرچہ انھن سڀني ليکڪن مان تحريڪ اندر ڪي سُني گهراڻن مان آيا هئا تہ ڪي شيعا ۽ ڪي تہ وري، مرڳوئي هندو بہ هئا ۽ هي سڀ هئا کڻي ڪھڙن بہ مذهبن ۽ مسلڪن جا، پر عرفِ عام ۾ مڙئي پيا سڏبا هئا ”پروگريسو رائيٽر“ ۽ بي پناھہ تخليقي صلاحيتن سان مالا مال، انھن مان ڪن ليکڪن طبقاتي جدوجھد کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪھاڻي، ڪن ناول ۽ ڪن وري شاعريءَ ۽ ناٽڪ جو محاذ سنڀاليو، ڪن صحافت ۾ لھوءَ جا چراغ روشن ڪيا، تہ ڪن وري فلم جي ميڊيم ذريعي سماجي انقلاب برپا ڪرڻ جا خواب ڏٺا. خواجہ احمد عباس ۽ ڪرشن چندر تہ ڄڻ ان فيلڊ جا ميرِ ڪاروان بڻيا. سندن دؤر جي اهڙين ڪن پراڻين فلمن منجهان خواجہ احمد عباس جي لکيل هڪ فلم ”نيا سنسار“ تہ مون خاص طرح سان ’يوٽيوب‘ تي پراڻين فلمن مان ڳولھي هٿ ڪري ڏٺي هئي، جنھن جي هڪ گاني جا ٻول هئا:
ايک نيا سنسار بسالے، جنتا کا ہو راج،
جگتميں جنتا کی سرکار
۽ اِها تہ ٿي مختصر طرح سان اردو ترقي پسند ليکڪن جي ڪٿا. پر سوال آهي تہ سنڌ جي ليکڪن منجهان پنجاھہ ۽ سٺ واري ڏهاڪي دوران اُهو ڪھڙو سنڌي قلمڪار هو جنھن ترقي پسند تحريڪ ۽ انجمنِ ترقي پسند مصنفين جي لڏي سان سڀ کان پھرين وڃي شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ ان ڳالھہ جو اتو پتو لھڻ لاءِ ڪنھن وقت مون پراڻي ڪميونسٽ ۽ ايڊوڪيٽ نورالدين سرڪي جو دروازو وڃي کڙڪايو هو، تڏهن ٻڌايو هئائين، 49-1948ع ڌاري اهو آءٌ ئي تہ هوس، جنھن ڪميونسٽ پارٽي کي جوائن ڪيو هو، ۽ لاهور واري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي، سوڀوگيانچنداڻي ان وقت جيل ۾ هو ۽ شھيد حسن ناصر ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري هوندو هو، ان ئي زماني ۾ هفتہ وار ”صداقت“ جاري ٿي هئي، ۽ ع.ق. شيخ، مراد علي مرزا، جمال ابڙو، ۽ ابنِ حيات پنھور وغيرہ ان اخبار لاءِ ڪھاڻيون ۽ مضمون وغيرہ لکندا هئا. اخبار جو ايڊيٽر ڪامريڊ قادربخش نظاماڻي هوندو هو ۽ ان وقت سنڌ ۾ ڪميونسٽن جي اِهائي واحد نمائنده اخبار هوندي هئي. 1951ع ۾ انجمنِ ترقي پسند مصنفين جو لاهور ۾ پھريون اجلاس سڏايو ويو تہ ”سنڌي ٻولي“ جي ليکڪ طور مون ئي ان ۾ سنڌ جي ترقي پسند ليکڪن پاران نمائندگي وڃي ڪئي هئي ۽ اها ڪانفرنس اٽينڊ ڪري. لاهور مان جڏهن موٽيس تہ ساڳئي طرز تي اسان سنڌ ۾ سنڌي اديبن جي ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ ٺاهي، جنھن ۾ اياز قادري، جمال ابڙو ۽ احسان بدوي ۽ ڪي ٻيا بہ شامل ٿيا.
علاوہ ازين! سرڪي صاحب مون کي اُن ملاقات دؤران هي بہ ٻڌايو هو تہ، ان زماني تائين رباني، حفيظ شيخ ۽ رشيد ڀٽي وغيرہ پڙهڻ لاءِ اڃان ڪراچي نہ آيا هئا، ۽ اهي سڀ 1953ع کان پوءِ ئي ڪراچي پھتا هئا، جنھن بعد ميٺارام هاسٽل جي ڪمري نمبر 74 ۾ روشن خياليءَ جي پرچار لاءِ اسان ادبي ڪلاس شروع ڪيا، ۽ ان وقت تائين اسان جي اها ”انجمنِ ترقي پسند مصنفين سنڌ“ ڪميونسٽ فڪر جي ئي اثر هيٺ هئي. بعد ۾ انجمن جي مستقل گڏجاڻين مان نئين ادبي سنگت نڪري نروار ٿي، ۽ پوءِ ”انجمنِ ترقي پسند مصنفين“ جي ماتحت نہ رهي. اگرچہ ادبي سنگت جو مول متو بہ لڳ ڀڳ انجمنِ ترقي پسند مصنفين جھڙوئي هو، مثال طور ’انسان دوستي‘، ’روشن خيالي‘ ’سائنسي سوچ‘. پر ڇاڪاڻ تہ ’انجمنِ ترقي پسند مصنفين‘ ڪميونسٽ پارٽي جي ڪنٽرول هيٺ هئي، ان ڪري ”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ الڳ پليٽ فارم طور اُڀري سامھون آئي ۽ روشن خيالي ۽ ترقي پسند تحريڪ جي اثر قبولڻ ڪرڻ جي باوجود ان دؤر جا گهڻائي سنڌي تخليقڪار، ترقي پسند تہ بيشڪ سڏرائيندا هئا، پر سنڌ جي تصوف ۽ صوفي مت جي ڳوهيل مٽيءَ مان جنم وٺڻ باعث، ’مزاحمت پسند‘، ’وطن پرست‘، ’سنڌ دوست‘ ۽ پاڻ کي ’صوفي‘ سڏرائڻ ۾ وڌيڪ خوشي محسوس ڪندا هئا. پر سيد سجاد ظھير، فيض احمد فيض ۽ رشيد جھان وانگر ڪميونسٽ ليکڪ سڏرائڻ کان پاسو ئي ڪندا هئا ۽ ائين تمام تر ڪوشش جي باوجود سنڌ ۾ سجاد ظھير واري ترقي پسند تحريڪ پوري طرح سان پنھنجون پاڙون نئين سنڌي ادب ۾ پکيڙي نہ سگهي. اگرچہ حاضر دؤر ۾ تخليقي ليکڪن مان ڪي ٿورا ڪميونسٽ شاعر، افسانہ نگار وغيرہ ايڪڙ ٻيڪڙ حال حيات اڃا بہ آهن، پر اهي بہ جھڙوڪر: “نہ هئڻ جي برابر آهن.“
ان ڪري ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي سڀني يا تہ موٽي مذهب ۾ وڃي پناھہ ورتو يا خوش فڪر صوفي ٿي ويا. مثال طور محمد امين خان کوسو، جيڪو ڦوھہ جواني ۾ تہ ترقي پسند خيالن جو ۽ اشتراڪي هو، پر وڏي عمر ۾ مذهبي ماڻھو ٿي ويو، شيخ اياز صاحب بہ اهڙوئي رستو اختيار ڪيو. سياسي ڪارڪنن مان ڄام ساقي صاحب اسان سڀني جي سامھون آهي، ها! ايترو سو درست آهي تہ باوجود اهڙو رستو اختيار ڪرڻ جي قوم پرستيءَ تان انھن مان ڪنھن بہ قلمڪار يا سياستڪار هٿ ڪڏهن بہ نہ کنيو. صورتحال اردو ڪميونسٽ ليکڪن جي بہ ڪجهہ اهڙي ئي رهي، مثال طور علي سردار جعفري محرم ايندو هو تہ ڪاري قميص ضرور پائيندو هو ۽ مير انيس وانگر مرثيا لکندو پڙهندو هو. اهڙن ئي اشتراڪي شيعہ ڪميونسٽن مان جوش مليح آبادي وري ھھڙو شعر بہ چئي ڇڏيو:
انسان کو بيدار تو ہولندے دو
ہر قوم پکارے گی ہمارے ہیں حسین
عصمت چغتائي، آخر ۾ افسانہ لکڻ ترڪ ڪري ڪربلا جي واقعي بابت مجلس جي انداز ۾ ناول تحرير ڪيو! ”اک قطرهِ خون.“
۽ اهي سڀ اردو ترقي پسند اديب شاعر ۽ نقاد، جن روشن خيالي سان ادب جي آسمان کي رنگا رنگ ڪيو، هڪ هڪ ٿي ان تان ٽٽندا ڇڻندا ۽ وکرندا ويا ۽ ترقي پسنديءَ کان شروع ٿيندڙ ادب جي آسمان جو روشن سج آهستہ آهستہ گرهڻ ۾ ڦاسي ويو.
يعني 1936ع واري اها شاندار تحريڪ، جيڪا سيد سجاد ظھير، رشيد جھان، ڪرشن چندر ۽ ٻين ڪيترين رنگا رنگ شخصيتن جي ساٿ سان ننڍي کنڊ ۾ وڏي Grandure سان شروع ٿي هئي، نيٺ 1966ع تائين ايندي ايندي، ان مان هوا نڪرڻ شروع ٿي ويئي. جڏهن تہ ٻئي پاسي هندستان ئي ڇا! 1936ع کان 2011ع تائين ترقي پسند تحريڪ جي نالي ۾ گهڻوئي پاڻي هتان پاڪستان جي پُلين هيٺان بہ تيزي سان گذري ويو، ۽ ائين آهستہ آهستہ ترقي پسند تحريڪ جي اثر هيٺ لکيل گهڻوئي ادب ٻنھي ملڪن ۾ ملبي جي هيٺان دٻجندو رهيو. علاوہ ازين ڪيئي مشھور وَ مقبول مارڪسٽ شخصيتن کي بہ دنيا ڏٺو تہ هنن پنھنجون ترجيحات ڦيرائي ڇڏيون ۽ سالن جا سال تحريڪ جي نالي ۾ قيد ڪاٽڻ جي باوجود بالآخر Establishment سان وڃي سلھاڙجي ويا، آدرش تھس نحس ٿي ويا پر هتي سوال آهي تہ ائين آخر ڇو ٿيو؟ ۽ ان جي جواب طور في الحال تہ علامہ اقبال جو هي شعر ياد اچي ويو اٿم:
تیری تعمیر میں مضمر تھی اک صورت خرابی کی۔
۽ هيڏانھن سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ سوڀي گيانچنداڻي جھڙا اسٿر پھاڙ بيشڪ تہ اڄ بہ پاڻ کي اهوئي ڪجهہ سمجهن ۽ سڏرائن پيا، ۽ جيڪي هو واقعي بہ آهن! ۽ جن جي قول ۽ فعل ۾ مشڪل سان ئي ڪي تضاد نظر ايندا!
۽ پيارا پڙهندڙو! انھيءَ سموري مٿئين پس منظر کي ذهن ۾ رکي ڏسو تہ، ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ ۽ ان جي اثرن ۽ ڦھلاءُ بابت رباني صاحب جي ٻُين تحريرن وانگي هي تحرير بہ حسب دستور ڏاڍي خوشگوار ۽ دلچسپ نوح ۾ لکيل محسوس ٿيندي، جنھن کي پڙهندي، اعليٰ نثر پڙهڻ جو لطف هڪڙي پاسي ٿو اچي تہ ”ترقي پسند تحريڪ جي بنياد وجهندڙن کان آگاهي ٻئي پاسي ٿي حاصل ٿئي. رباني صاحب لکيو آهي “تہ ترقي پسند تحريڪ جي سڀني بنياد وجهندڙن کي پنھنجي دؤر جي ڪيترين ئي ’ڪڙين حالتن کي مُنھن ڏيڻو پيو، مٿن مخالفن جا دٻاءُ بہ باقاعدہ پوندا هيا، پر بالآخر تحريڪ جي وڏن وڏن اڳواڻن ۾ صحيح رُخ ۾ وک وڌائڻ جي ڏس ۾ ڪيئي اختلاف پيدا ٿيا ۽ تحريڪ زوال ڏانھن وڌڻ شروع ڪري ڏنو.“
رباني صاحب هن ڪتاب ۾ خاص طرح سان پاڪستان ۾ هن تحريڪ جي نہ اُپڙجي سگهڻ جي سببن جو تہ ڏاڍوئي حقيقت پسندانہ جائزو ورتو آهي ۽ تحقيق تہ درست ئي ورتو آهي، جنھن ۾ هن ٻڌايو آهي تہ ”سندن نظرياتي نصب العين پيڙيل عوام کي آجپو ڏيارڻ هو، پر سندن عمل پاڪستان ۾ اردوءَ جي حاڪميت جو فائدو وٺي، رڳو پاڻ کي ئي سکيو ستابو ڪرڻ ٿي پيو، سندن هڪ مکيہ ساٿي احمد علي (انگاريءَ جي هڪ افسانہ نگار) قلابازي ڏئي، دين جي عالم جو چوغو پاتو، ۽ وزارتِ خارجہ ۾ وڏي نوڪري ورتائين! ڏسندي ڏسندي ٻين بہ پوءِ اهڙي ئي روش اختيار ڪئي“. رباني صاحب لکيو آهي تہ ”ترقي پسند تحريڪ، جو مستند احوال اردو، هنديءَ، گجراتيءَ، بنگاليءَ، مرهٽيءَ، مليالم ۽ ٻين ٻولين ۾ تہ بيشڪ تفصيل سان ملي ٿو ۽ موجود ناهي تہ سنڌي ٻوليءَ ۾.“ رباني صاحب هن ڪتاب ۾ اسان کي اهو بہ ٻڌايو آهي تہ هن تحريڪ بابت الھہ آباد، لکنؤ ۽ حيدرآباد دکن ۾ جيڪي جيڪي ڪانفرنسون ٿيون هيون تن ۾ ٻين پرڳڻن سان گڏ سنڌ جا اديب بہ شريڪ ٿيا هئا (پر اُهي ڪھڙا ۽ ڪير ڪير هئا؟ ۽ انھن بابت سنڌي ادب جي تاريخ گهڻو ڪري تہ اڄ خاموش ئي آهي).
سنڌ ۾ گهڻائي ليکڪ شوقيہ ڪميونسٽ ۽ اشتراڪي بڻيا، پر سنڌ جي مٽي آهي ئي ڪا تصوف ۽ صوفي مت جي خمير مان ڳوهيل، ان سبب هند سنڌ ۾ هن ترقي پسند تحريڪ سان جيڪي ڪجهہ بہ ٿيو ان لاءِ قرة العين حيدر جو هي تجزيو... ڪيڏو نہ حقيقت پسندانہ آهي.
- مصلحت پسند ماڻھن جو تحريڪ ۾ گهڙي اچڻ.
- ٻيو تحريڪ لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيا موقعہ پرست قلمڪار.
- ٽيان اهي اديب، جيڪي ٻاهران هڪڙا نظر ايندا رهيا ۽ اندران ٻيا نڪري پيا.
۽ نتيجي ۾ عظيم ذهنن جي تيار ڪيل جنھن ترقي پسند تحريڪ کي وڌي، بڙ جو ڇايادار وڻ ٿيڻو هو اُها يوڪليٽس جي وڻ وانگر هوا ۾ لچڪندي، لٽندي رهي ۽ نيٺ تتر وتر ٿي وئي. ملڪ ۾ هاڻي ان جو باقاعدہ وجود بہ ڪٿي آهي؟ ۽ اهو هاڻي پوريءَ پڪ سان چئي نٿو سگهجي.
۽ جيئن مون شروع ۾ لکيو تہ هي ڪتاب ان موضوع تي ڄڻ ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا وانگي آهي، ان ڪري مون بہ ان کي غنيمت ڄاڻي ئي پڙهيو آهي.
رباني صاحب، حسبِ دستور پنھنجي ٻين ڪتابن وانگر، هي ڪتاب بہ ڏاڍي دلفريبت سان تحرير ڪيو آهي ۽ ان جي سٽ سٽ ۾ سچ پڇو تہ ايڏي تہ شگفتگي ۽ ايڏي تہ سرشاري آهي جو سندن تحرير جي تاثير سان مون کي تہ هن گرم موسم ۾ ھھڙي ڪتاب کي پڙهندي، هڳاءُ ڀريي ٿڌي ٿڌي ۽ مِٺي مِٺي ملڪروز پيئڻ جھڙو ئي لطف محسوس ٿيو.
نصير مرزا
اسٽيشن ڊائريڪٽر
ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد
20 هين جولاءِ 2011ع