شاعر پاران
رزاق مھر کي ٽي وي پروڊيوسر منظور مگسي چئي رھيو ھو، “رزاق، مونکي ھڪ قسط جو ڊرامو لکي ڏي. آئيڊيا مان ھڪ سِٽَ ۾ ڏياءِ ٿو.”
“ڏيو.” رزاق وراڻيو.
منظور مگسيءَ چيو، “پٽ پيءُ سان ھميشہ سٺي ۽ مھذب نموني پيش اچي ٿو، پر پيءُ سدائين ان کي منفي سمجهي ٿو.”
رزاق چيو، “ھا، لکندس.”
منظور مگسيءَ کان موڪلائي ٻاهر آياسين تہ رزاق چيو، “ھنئہ، ھڪ سِٽَ جي بہ آئيڊيا ٿيندي آهي ڇا. اجايو ھا ڪئي مانس.”
اِتي رزاق جي ڳالھہ مونکي چڱي نہ لڳي. چيومانس، “آئيڊيا تہ ھڪ سِٽَ جي ئي ٿيندي آ. جيئن ڪنھن شاعر چيو ھو تہ، ايڪِ نُڪُتي وچ گَلِ مُڪدي ھَئي.”
ٿوري بحث کان پوءِ رزاق مون سان متفق ٿيو ۽ ھڪ شاندار ڊرامو لکي منظور مگسيءَ کي ڏنائين. جنھن کان ڪنھن سبب جي ڪري اُھو پروڊيوس نہ ٿي سگهيو، تہ اعجاز عليم عقيليءَ پروڊيوس ڪري پي ٽي وي تان نشر ڪيو.
ان يادگيريءَ سان خيال اتيئي ڦيرو کاڌو ۽ اڳيان پيل اخبار تي جو نظر وڌم تہ ھڪ سرخيءَ تي اھا ڄمي بيٺي. ڪنھن پينو فقير جي گودڙيءَ مان ڪو شاھينگ سترھن ھزار چورائي ويو ھو.
ھڪدم ان تي ھڪ سِٽَ ذھن ۾ دھرائجي وئي، “اڙي، مان پينو فقير جي گودڙيءَ مان ستر ھزارَ ڪنھن چورايا؟” پين پنو کڻي اھا لکي ورتم تہ ٻي سِٽَ اڳيان ھلي آئي. اھا لکيم تہ وري ھڪ ٻي اچي سامھون بيٺي. پوءِ اھا ۽ ساڳئي وقت ڪيتريون ئي سِٽون اينديون ويون ۽ مان لکندو ويس.
ويھارو کن لکي پوءِ ان جي عنوان تي ويچاريم تہ، “ھڪ سِٽَ ڪھاڻي” منڊيءَ تي ٽِڪَ محسوس ٿيو.
اھي پوءِ روزاني جي حساب سان “عوامي آواز” اخبار جي تڏھوڪي ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج زرار پيرزادي کي موڪليم. جنھن روزانو ان ئي عنوان سان اخبار ۾ شايع ڪيون.
مھينو سوا گذريو، تہ زرار چيو “مالڪن روزانو ھلندڙ ياسر قاضيءَ جو چئوسِٽو بہ بند ڪرڻ جو چيو آهي تہ اوهان وارو سلسلو بہ.”
مون سندس اھي شايع ڪرڻ جو اخلاقي طور ٿورو مڃي پوءِ جاويد مھر سان “ايڪتا” اخبار (جنھن جو ھو ايڊيٽر ھُيو) ۾ اھو سلسلو شايع ڪرڻ جي ڳالھہ ڪئي. ھن فراخدليءَ سان “ھا” ڪئي ۽ اھي “ھڪ سِٽَ ڪھاڻيون” پوءِ “ايڪتا” اخبار ۾ شايع ٿينديون رھيون.
ڪجهہ مھينن بعد جاويد مھر اھا اخبار ڇڏي “ھلچل” جُوائن ڪئي تہ اھو سلسلو اوڏانھن کڻي ويو.
اُتي ٻہ سئو سِٽون شايع ٿيڻ کان پوءِ مون انھن کي ڪتاب “ھڪ سِٽَ ٻہ سئو ڪھاڻيون” عنوان ڏئي سھيڙيو.
عجب جھڙن ڳالھہ تہ ھن ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ زين العابدين جيسر صاحب ۽ اردوء ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻي صاحب ترجمو ڪيو. جيڪو ٽنھي ٻولين جي امتزاج سان منفرد ٿي پڙھندڙن جي ھٿن تائين رسيو.
ساڳين ڏينھن ۾ اسان جي دور جي وڏي عالم سائين گل محمد عمراڻيءَ سان روٽين جي فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿي تہ ڳالھين دوران ھن چيو، “اوهان اِنَ ھڪ سِٽَ ڪھاڻيءَ ۾ ھاڻي ڪوشش ڪريو تہ شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام بہ شامل ٿئي.”
مون ھائوڪار ڪري پنھنجي سوچ ۾ وِلوڙَ وڌي تہ اڌ سِٽَ شاھه سائين جي ۽ اڌ پنھنجي ڪھاڻيءَ سان “او ڪو ٻيو فھم” جي عنوان سان لکجي وئي. عمراڻي صاحب کي فون ڪري ٻڌائي، تہ ھن چيو، “او بلڪل ائين ئي لکو.”
نئين تجربي جي قبوليت جي آگاهي ملي تہ مان ان ئي ڏينھن پنجويھہ ٽيھہ “شاھُہ ۽ سِٽَ ڪھاڻيون” لکي ورتيون.
ان وچ ۾ جاويد مھر ڪنھن سبب جي ڪري “ھلچل” کان ڌار ٿيو تہ اخبار جي چيف ايڊيٽر محمد يونس مھر ان کان پوءِ بہ ھي سلسلو جاري رکيو. جن جو انگ بہ ٻہ سئو تائين پھتو، تہ مون انھن کي “شاھُہ ۽ سِٽَ ڪھاڻيون” عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. جنھنجي ارپنا عمراڻي صاحب جي نالي ڪيم.
ھن سلسلي ۾ مون سان روزانو پھرين ڏينھن کان وٺي آخر تائين احمد سلطان کوسو صاحب جو ڀرپور ساٿ رهيو ۽ ھن پنھنجي روٽين جي حساب سان ھن ساڳي ڏينھن تي بنا ناغي سڀ نثري نظم انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري پئي اُماڻيا ساڳي طرح ڊاڪٽر شير مھراڻي صاحب اردو ۾ ترجمو ڪري پئي موڪليا. جنھن کان پوءِ ھي ڪتاب بہ اڳوڻي ڪتاب “ھڪ سِٽَ ٻہ ڪھاڻيون” جيان ھڪ ئي وقت ۾ ٽن ٻولين وارو منفرد ڪتاب ٿي ھٿن ۾ آيو.
بعد ۾ نثري نظم جي چئوسٽي ۾ “وَرُ ۽ وائي” لکڻ جو تجربو ھٿ ۾ کڻي ورتم. جيڪي بہ ٻن سَوَنِ تائين شايع ٿيا، تہ انھن کي بہ مون ھيئن ڪتابي شڪل ڏئي اوهان جي ھٿن تائين رسايو آهي. جنھن جي باري ۾ اوھان جي راءِ جو منتظر رھندس.
محمد علي پٺاڻ
