قسط 5
”ڇا ٿي ڄاڻين؟“
”اهو ئي ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون تو تي مرنديون آهن، خود منهنجي ڪيترين ساهيڙين جو اهو حال آهي، ڪيٽ، ميري، وائليٽ، روبي، ڇٻيلي، صفيه، گوري … سڀئي … اڪثر تنهنجو ذڪر ڪنديون آهن … پر مان ان ڪري نه ترسي آهيان ته … ته… مان ته ان ڪري ترسي آهيان جو مون کي افسوس آهي جو منهنجي ڪري تنهنجي نوڪري هلي وئي.“
”هلي وئي ته هاڻي گهر وڃ.“ لاليءَ کي اهو ٻڌي ڄڻ صدمو پهتو ته هيءَ سنهڙي سيپڪڙي، سانوري ڪبوتري هن سونهن سوڀيا جي ڪري نه ترسي آهي پر منهنجي نوڪريءَ جي وڃڻ سبب ترسي آهي. هن جي لهجي ۾ ٿوري سختي اچي وئي ته ’هيءَ ڇوڪري سمجهي ڇا ٿي پاڻ کي،‘ پر شوڀا هڪدم وراڻيو:
”پر مان هاڻي نه ويندم.“
”ڇو؟“لاليءَ سوال ڪندي چيو: ”جيڪڏهن مان توکي هن بينچ تي اڪيلو ڇڏي هليو وڃان ته!؟“
”ته به نه ويندم.“
لاليءَ کي هن جي ارادي جي مضبوطي پسند آئي. هن ڄڻ نرم نرم لهرن جي اندر ڪنهن پهاڙ کي ڏسي ورتو هو ۽ هن ڄڻ ان پهاڙ تي پنهنجا هٿ رکي ڇڏيا هئا، پوءِ آهستگيءَ سان چيائين: ”هڪ تو جهڙي ڇوڪري منهنجي سويٽ هارٽ هئي، هڪ ڀيري، بلڪل تو جهڙي ڇوڪري مون کي ملي هئي، رات جي وقت… ڪارنيوال ختم ٿي چڪو هو، اسان روشنيون وسائي رهيا هئاسين ته ايتري ۾ ….
لالي ٻڌائيندي ٻڌائيندي چپ ٿي ويو. سامهون کان ٻه سنتري ڳالهيون ڪندا، هيڏانهن هوڏانهن جاچيندي اچي رهيا هئا، پوءِ انهن ان بينچ تي هن جوڙي کي ويٺل ڏٺو ته سڌو انهن جي طرف وڌي آيا، ۽ اچي هنن جي سامهون ٿي بيٺا. شڪي نظرن سان گهوريندي، انهن ٻنهي کي اشارو ڪيو ۽ لاليءَ کي مخاطب ڪري هڪ سنتريءَ چيو:
”توهان هتي ڇا پيا ڪريو؟“
لاليءَ ويٺي ويٺي کيس جواب ڏنو.
”ڪير مان؟“
ان تي سنتريءَ کي غصو اچي ويو ته هن دڙڪو ڏئي کيس چيو: ”جڏهن اسان سان ڳالهائجي ته اٿي بيهي ڳالهائجي ميان!“
لالي نه چاهيندي به اٿي بيٺو، پر اٿيو آهستي آهستي، ڄڻ هن جي سنڌن ۾ سور هجي، يا بيهي نه سگهندو هجي يا ڄڻ ڪنهن مجبور ڪيو هجيس، ۽ جيئن ڪنهن ڪم جي ياد اچڻ مهل اٿي بيهبو آهي، پر پوليس جي چوڻ تي نه. هن جي نظرن ۾ پوليس لاءِ نهايت حقارت ڀريل هئي، پر ٿورو ڊنل به هو. پهرين سنتريءَ پڇيس: ”تنهنجو نالو ڇاهي؟ ڪم ڪهڙو ڪندو آن؟“
ان کان اڳ جو لالي ڪو جواب ڏئي ٻئي سنتريءَ چيو: ”مان هن کي سڃاڻان ٿو، هي لالي آهي، ڪارنيوال ۾ بارڪر آهي، مان سڃاڻان ٿو هن کي.“
پهرين سنتريءَ شوڀا کي گهوري ڏٺو، شوڀا آهستي آهستي سڏڪڻ لڳي ته پهرين سنتريءَ خفي ٿيندي کيس چيو: ”اها سر سر ڇا جي لاتي اٿئي؟ اسان ڪو توکي کائي وينداسي، اپن ڊيوٽي پوري ڪرتا هئه.“
مڙي لاليءَ ڏانهن ڏسندي چوڻ لڳو: ”ڪهڙي بوٿ جو بارڪر آن؟“
لاليءَ پنهنجو ساڄي پاسي وارو ڳٽو کنهندي چيو: ”مسز هوشنگ ٻائيءَ جي بوٿ تي…“
ٻئي سنتريءَ پهرين سنتريءَ کي چيو: ”مان ان کي به سڃاڻان ٿو، ٻه ٽي ڀيرا ان کي به پڪڙيو آ.“
پهرين سنتريءَ دٻ ڪڍڻ واري رعب سان پڇيو: ”تم هتي ڇا ڪرتا هئه؟“
لاليءَ وڏي اطمينان سان جوب ڏنو: ”اسان ٻئي هن پارڪ ۾ ويٺا آهيون، مان ۽ هيءَ ڇوڪري.“
ٻئي سنتريءَ پڇيس: ”تنهنجي گهر واري آ؟“
لالي کلي پيو: ”گهر واريءَ سان به ڪو پارڪ ۾ ويهندو آ .“
” ته يه تنهنجي ڇوڪري هئه؟“ پهرين سنتريءَ پڇيس.
“نه ڇوڪري به ناهي!“
ٻئي سنتريءَ جي دل ۾ شڪ جي گنجائش وڌڻ لڳي، هن شوڀا کي مخاطب ڪيو: ”تنهنجو نالو ڇاهي؟“
”شوڀا.“
”اها ٻهارو ڏيڻ واري؟“
”نه بورچياڻي آهيان، کاڌو پچائيندي آهيان، مسٽر بوس وٽ، پندرهين سڻڪ کار بمبئي تي.“
”پنهنجا هٿ دکائو!“ پهرين سنتريءَ چوڻ لڳو.
شوڀا کي سمجهه ۾ ته ڪجهه نه آيو، پر هن پنهنجا هٿ اڳتي ڪري ڏانهن وڌايا. پهرين سنتريءَ ٻنهي هٿن جي ترين کي جانچي، ٻئي سنتريءَ کي چيو: ”ٺيڪ چَوِندي هئه … نوڪرياڻي هئه، هٿ سخت اٿس.“
ٻئي سنتريءَ پڇيس: ”ته هن ٽائيم، گهر تي ماني نه پچائيندينءَ؟ هتي ڇا ٿي ڪري پئي؟“
شوڀا چوڻ لڳي: ”اڄ منهنجو هاف هاليڊي آهي.“
”ته هن بينچ تي ڌاڪو ڄمائي ڪيون ويٺي هئه؟“ پهرين سنتريءَ دڙڪو ڏيندي پڇيس.
شوڀا لاجواب ٿي وئي ۽ هن جي منهن ۾ تڪڻ لڳي.
ٻيو سنتري، پهرين سنتريءَ ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو: ”مون کي خبر آهي… اسان هتان چُرنداسين مس ته هي ٻئي هنن وڻڻ جي پويان غائب ٿي ويندا.“
پهرين سنتريءَ کي شوڀا جي سڏڪن تي شايد رحم اچي ويو، جنهن تي هن چيو: ”يه دلا ڪنهن سان ڀي لوَ نهين ڪرتا، خالي تمهارا پيسا جي پويان هئه… هم اس ڪون چڱي طرح جانتا هئه…. يه سدائين باورچياڻين، جهاڙو ڏيڻ وارين ڇوڪرين کي ڦنساتا هئه… ۽ انهن جي جيب خالي ڪراتا هئه…. اڀي سي توکي بول ديتا هئه ته سڀاڻ جڏهن تم ٿاڻي ۾ هن جي رپورٽ ڪرڻ آئين گا ته هم تمهارا رپورٽ نهين لين گا، هاڻي کان تم ڪو اس چارسو بيس لاءِ وارن ڪرتا هئه.“
شوڀا چوڻ لڳي: منهنجي ٻٽونءَ ۾ رڳو اٺ آنا آهن سنتري جي.“ چوڻ وقت هن لاليءَ ڏانهن ڪونه ٿي ڏٺو پر پهرين سنتريءَ لاليءَ ڏانهن ڏسندي چيو: ”ٻڌءِ لالي صاحب، هن جي ٻٽونءَ ۾ رڳو اٺ آنا پيا آهن.“
لالي چوڻ لڳو: ”مون کي هن جا پئسا نه گهرجن.“
”ماٺ ڪر!“ ٻئي سنتريءَ هن دٻ ڪڍي.
لالي ماٺ ٿي ويو. شوڀا به ان جي ڀرسان بينچ تي ويهي رهي، سپاهيءَ جي چتاءَ ڏيڻ جي باوجود اتان پري ڪانه ٿي. ٻئي سنتري ٿوري دير چپ چاپ ڏسندا رهيا، پوءِ پهرين سنتريءَ چيو: ”ٻڌي وٺ شوڀا جي، يه اسان جا ڊيوٽي هئه، اسان تم ڪو چوندي هئه، تمهارا ڪا عقل نه هئه جو هن ڇوڪري سان لو ڪرتا هئه؟ هي توسان ڪوڙا پريم جتاتا هئه، هر مهيني تمهارا پگهار کائي کپائي گا، تم ڪو سڃو ڪري ڇوڙيگا.“
شوڀا چوڻ لڳي: ”مون کان ڇا وٺندو سنتري جي، مان ته پاڻ غريب هان“
ٻيو سنتري چوڻ لڳو: ”تون نه ڳالهاءِ، جيڪو چئجي ٿو اهو ٻڌي وٺو.“
شوڀا خاموش ٿي وئي.
پهريون سنتري چوڻ لڳو: ”اسان توکي ٿينڪس ڪرڻ مانگتا هئه، هم تم ڪو وقت پر اطلاع ڪيا هئه، هي ڇوڪرا بڙا دغا باز هئه، تمهار ٻٽون به صاف ڪرين گا، سڀ کائي جائيگا، وري تم اسان وٽ رپوٽ لاءِ اچينگا، ته اسان ڪيا ڪر سڪين گا، ان ڪري هاڻي ئي بولتا هئه، اسان نال هلو، اسان توکي تنهنجي گهر تي پنهچائي گا.“
شوڀا ڏڪندڙ لهجي ۾ چيو: ”اهو اوهان جو حڪم آهي.“
”حڪم ناهي مائي، اسان توکي سمجهاتا هئه، بس.“
”حڪم ناهي ته پوءِ مان ڪانه ٿي وڃان.“ شوڀا چيو.
ٻئي سنتريءَ، پهرين سنتريءَ کي چيو: ”ڇڏينس، پوءِ پاڻ ئي پئي رئندي، اسان خبردار ڪري ڇڏيو اٿئونس، بس اسان جي ڊيوٽي ختم، هلي آءُ بسنت پيارا ته هلون.“
پهرين سنتريءَ هڪ دفعو ٻيهر شوڀا ڏانهن ائين نهاريو جيئن ڪو ڪنهن بيوقوف ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسندو هجي. پوءِ هن آهستگيءَ سان مٿو ڌوڻيو، پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي پارڪ جي ٻيءَ ڪنڊ طرف گشت ڪرڻ لاءِ هليا ويا.
انهن جي وڃڻ کانپوءِ لالي ۽ شوڀا، وري بينچ تي ويهي رهيا، لاليءَ کيسي مان رومال ڪڍي پنهنجي منهن تي آيل پگهر اگهيو، پنهنجي نڪ ۽ وات تي به رومال ڦيرايو.، پوءِ شوڀا ڏانهن نهاري پنهنجو ڳٽو کنهڻ لڳو.
شوڀا هلڪي آواز سان پڇيس: ”پوءِ؟“
لاليءَ وري ڀڙڪو کاڌو ۽ شوڀا ڏانهن ڪاوڙ مان نهاريندي چوڻ لڳو: ”ها ته پوءِ…؟“
شوڀا چوڻ لڳي: ”تون ڪا ڳالهه شروع ڪرڻ وارو هئين نه، جڏهن اهي سنتري آيا پئي.“
”اوه… ها،“ ها ڪرڻ وقت لاليءَ کي ياد آيو، ”ها ته مان ڇا ٿي چيو؟“ هن نرمائيءَ وچان شوڀا کان پڇيو.
شوڀا چوڻ لڳي: ”تو چيو پئي ته ڪا ڇوڪري هئي، تنهنجي گرل فرينڊ… ڪارنيوال کانپوءِ ملي هئي توسان، هن ئي پارڪ ۾… جڏهن تون…“
”او ها ياد آيو، هاڻي ياد آيو،“ حالانڪ هن کي ڪجهه ياد نه ٿي آيو، بس ائين ئي چئي ويٺو، ”جڏهن اسان روشنيون وسائي رهيا هئاسين ته هڪ ڇوڪري… گهري ڳاڙهي شال ۾ منهنجي ڀرسان آئي، ۽ مون سان… مون سان…“ هو وري رڪجي ويو ۽ لهجو بدلائي شوڀا کان پڇڻ لڳو: ”ٻڌ ته! … مان چوان ٿو ته جيڪو سنترين توکان پڇيو يا منهنجي متعلق جيڪي ڪجهه هنن توکي ٻڌايو، ته ڇا ان کانپوءِ به توکي ڊپ نه ٿو لڳي.“
”نه ته.“ شوڀا هن جي اکين ۾ اکيون وجهي چوڻ لڳي.
”۽ جي مان توکان ٻٽون ڇني ڀڄي وڃان ته!“
”منهنجي ٻٽونءَ ۾ ڪجهه به ناهي، سواءِ انهن اٺن آنن جي.“ شوڀا ٿڌو ساه کنيو، ”پر جي ڪجهه هجي به ها ته به سڀ تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيان ها.“
”سچ“ لالي حيرت وچان چيو.
”ها، اگر تون چاهين ته مان توکي ڪڏهن به انڪار نه ڪندم.“
”۽ تنهنجي عزت…! ڪٿي وڃائي تو؟“
”منهنجي ته ڪائي عزت آهي ئي ڪانه.“
”ڪڏهن ته هوندي؟“
”ڪڏهن به نه هئي،“ هوءِ روئڻهارڪي ٿي وئي.
هر سوال کانپوءِ لاليءَ جو لهجو بي رحم انسان جهڙو ٿيندو پئي ويو، بي رحم ۽ سنگدل، ۽ چهبڪ جيان جسم تي پوندڙ، پر ان چهبڪ جو وار خود لاليءَ تي به ٿيو پئي، لڳو ٿي، ڄڻ هر سوال جو چهبڪ سندس ئي پٺي تي پئي لڳو، پوءِ به سوال ڪندو پئي رهيو، اهي سوال، جن جي قيمت، ۽ جن جي جواب جو قدر ڪنهن زماني ۾ ته ٿيندو هو، اڄڪلهه جي زماني ۾ بلڪل به نه رهيو آهي، هو ان ڳالهه کان واقف هو ۽ انهن سوالن تي ٺٺولي ڪرڻ جي فن کان، هن کان وڌيڪ ڪير واقف هو، پر الائي ته ڇو هن جي اندر ڪهڙي لڪل شرافت هئي جو ان وقت هن کان رڳو اهي ئي سوال ڪري رهيو هو، ان جي ابتڙ شوڀا نه ته روئي پئي نه ئي سڏڪا ٿي ڀريائين، نه شرمايائين پئي ۽ نه ڪنهن بيشرمي کان جواب پئي ڏنائين. هن جو اندازو اهڙو هو، ڄڻ اهي سوال، هن لاءِ معمولي هجن، جن کي اڄ جي دنيا ۾ ۽ سندس شخصيت جي ٿانءَ ۾ ڪو مرتبو، ڪو قدر، ڪا قيمت، ۽ ڪا اهميت ڪانه هئي، ڄڻ اهي سوال نه هجن، اڄ جي هلندڙ سماج ۾ ٿڏا ٿيڙ کائيندڙ روڙا ۽ ڀتر هجن.
لالي ڏند ڪرٽيندي چوڻ لڳو: ”پر تو رامونءَ جي حوالي ته پنهنجو جسم ڪيو هوندو؟“
”اهو ته ڪرڻو ٿو پوي،“ شوڀا نهايت سنجيدگيءَ سان چيو، ”پر مون کي ان سان پيار نه هو.“
”مون سان آهي؟“ لاليءَ ٻيو سوال ڪيو.
”نه!“ هن چپ ڍولا ڪندي چيو.
”ته هتي ڇو ويٺي هان!“ لاليءَ باه جي ڀڀڙ وانگر ٻري ويو.”ائين ئي…“ هوءَ هڪ عجيب اداسيءَ وچان چوڻ لڳي، ”بس ائين ئي…“ چوندي رڪجي وئي، پلڪن تي آيل ڳوڙها سندس اکين ۾ اندران ئي اندران ڪو لڪل رستو ٺاهي، نڙيءَ ۾ ڦاسي، رڪجي ويا هئا، ۽ سندس آواز انهن ڳوڙهن ۾ ٻڏي ويو، هوءَ اڳتي ڪجهه ڳالهائي نه سگهي.
لاليءَ ڳالهايو: ”ٻڌ، مون جهڙي مرد سان ته تون شادي نه ڪري سگهندينءَ نه؟!“
”ڇا هر ڳالهه جو جواب اهڙي صفائيءَ سان ڏنو ويندو آهي، جيئن ٻهارو هلائبو آهي؟“ شوڀا کي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
’لالي چاهي ڇا ٿو! پنهنجو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ ٿو چاهي، هن کي غلط ثابت ڪرڻ ٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي اڌ زندگي پنهنجو پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ گذري ويندي آهي، ان جي ابتڙ اسان سڀئي ماڻهو…. سڀ نه به ته…ٻه ئي سهي…. پاڻ ۾ ملي، جيون جون غلطيون اڌ اڌ ڪري پاڻ ۾ ورهائي وٺن، هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ کانسواءِ… جڏهن اسان سک ورهائي سگهندا آهيون، ڏک ورهائي سگهندا آهيون ته الزام به ورهائي وٺجن ته جيڪر زندگي ڪيتري نه خوش حال ٿي پوي.‘
شوڀا جي خاموشيءَ مان لاليءَ غلط مطلب ڪڍيو، هو ڌڪ کاڌل ماڻهوءَ وانگر شڪايت واري لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”اگر تون مون کي چاهين نه ٿي ته هتي ويٺي ڇو آهين! هلي ڇو نه ٿي وڃين… هلي وڃ… جتي تون نوڪري ٿي ڪرين اوڏانهن.“
شوڀا آهستگيءَ سان چيو: ”هاڻ ڪاڏي وڃان، گهڻي دير ٿي وئي آهي، گهر وارن دروازا بند ڪري ڇڏيا هوندا.“
ڪافي دير تائين ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي رهي، ڄڻ هڪ دروازو بند ٿي ويو هجي، ۽ ٻيو دروازو اڃان کليو ئي نه هجي… ٻن دلين جي وچ ۾ اهڙو وقفو به ايندو آهي، جنهن ۾ ٻنهي کي سوچڻ ۽ ذهن کي کوٽڻ جو وقت ملندو آهي، اهڙي ئي وقفي جي وچ ۾ لاليءَ چيو:
”مان سوچيندو آهيان، مون جهڙو برو ماڻهو به ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو.“
دروازو ڄڻ ٿورو کلڻ لڳو هو، شوڀا کي ان مان روشني نظر اچڻ لڳي، ايتري ۾ مڱيرن وارو، سندس اڳيان کان، ٻڏل اواز ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي گذرڻ لڳو، ۽ اهو دروازو وري بند ٿي ويو.
”مڱ ڦريون، سيڪيل مڱ ڦريون، مڱيرا، کاڄا سيڪيل.“
لاليءَ شوڀا کا پڇيو: ”بک لڳي ٿي؟“
”نه“ هن مٿو ڌوڻي چيو. لاليءَ به مڱ ڦرين واري ڏي منهن ڪري انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، مڱيرن وارو هليو ويو، ان سان گڏ سوچڻ سمجهڻ وارو وقفو به هليو ويو. لالي هاڻي ڪنهن چريائپ جهڙي خيال ۾ هو؛ ’عجيب ڇوڪري آهي،‘ لاليءَ سوچيو، ’هاڻي ڇا چوي هن کي، سڀئي وار گسائي وئي آهي، هيءَ سانوري! نظرون ڪٿي دور پهچي ويون آهن، جڏهن هن ڏي ڏسي ٿي ته اهو ئي ٿو لڳي ته ڄڻ هن جي طرف ڏسي ئي ڪانه ٿي، لڳي ٿو لاليءَ جو جسم شيشي جو ٺهيل آهي، جنهن مان شوڀا آرپار … دور افق ۾… خلا ۾ ڪٿي گهڻو دور ڪجهه ڳولهڻ لاءِ وڃي رهي آهي، جنهن کي هزارن سالن کان عورت ڳولهي رهي آهي، مرد سان گڏ هوندي به… ان سان پيار ڪندي به، ان مان ٻار ڄڻيندي به… موه، مايا، ممتا… سڀ کان اڳتي وڃي ڪجهه ٻيو ئي ڳولهي رهي آهي، اهو جيڪو اڄ تائين کيس ڪونه مليو آهي.‘
لالي خاموش آهي، هو به ساهن جي ان سمنڊ ۾ اڪيلو پيو تڙڳي. رات جي وڌندڙ ويل جي ڪپڙن ۾ ويڙهيل آهستي آهستي، نه سمجهه ۾ ايندڙ تاريڪيءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي. هاڻي هن تائين ڪو به ڪرڻو نه ٿو پهچي، ڪنهن تاريڪ ريڊيائي سياري جيان وقت جي دوربين جي اکين کان اوجهل اڪيلو سڙي رهيو آهي، هونئن به ماڻهو ڀيڙ ۾ اڪيلو ٿي پوندو آهي ۽ اڪيلي ۾ ڀيڙ بڻجي ويندو آهي، ان ڌنڌلڪي جهڙي خاموشيءَ جي وچ ۾ ڪٿي ڪا هڪڙي منزل جاڳندي آهي.
مسز هوشنگ ٻائيءَ جو پراڻو توتارو وڄي رهيو آهي، نچڻ لاءِ هن جي رڳ رڳ ۾ لئي سمائجندي ٿي وڃي، انگ انگ ۾ ان جي وڄت ڌڙڪڻ لڳي ٿي، پوءِ هن جو ڪنهن ٻي شيءِ سان ناتو جڙي ويو، هو اڪيلو نه هو، هن جون ٽنگون لئي جي ڍار تي ٿرڪڻ لڳيون آهن.
”نچندينءَ؟ لاليءَ شوڀا کان پڇيو.
“نه…!“
”ڇو نه؟“
”ڪوئي ڏسندو ته ڇا چوندو؟“
”توکي ڪنهن جي پرواه ڇو ٿيڻ لڳي آهي؟“
”ڇاڪاڻ جو مون کي شادي ته ڪرڻي ڪانهي.“ شوڀا ڏکاري لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”شادي ڪرڻي هجي ها ته مون تي به ڪو فرق نه پوي ها، پر مون کي ته شادي ڪرڻي ئي ناهي، ان ڪري مون کي پنهنجو خيال رکڻو پوندو آ.“
”۽ اگر مان توکي شاديءَ لاءِ چوان ته؟“ لالي بي ڌڙڪ چئي ڏنو، پر چوڻ کانپوءِ پاڻ تي حيرت کائڻ لڳو ته هن اها ڳالهه، بنا سوچڻ جي چئي ڪيئن ڇڏي!، ’پر الائي ته ڪهڙي ڳالهه آهي،‘ دل ۾ سوچيائين ته کيس پنهنجي جملي تي افسوس نه ٿيو، ڪنهن به ريت هن کي ڪو پڇتاءُ محسوس ڪونه ٿيو.
شوڀا چپ چاپ ۽ حيرت مان هن کي نهارڻ لڳي، ڄڻ کيس اعتبار ڪونه ٿي آيو.
”ڇو ڇا ٿيو؟، لاليءَ پڇيو، ”تون سوچين ڇو پئي، ڪٿي سنتريءَ جيڪو چيو هو اهو ته ياد نه ٿو اچئي؟“ لالي جي چپن تي طنز واري مرڪ اچي وئي، هن جا چپ نفرت ۽ حقارت وچان چٻا ٿي ويا، ”تون ضرور سوچيندي هوندينءَ، آخر لاليءَ به اهو ئي حربو استعمال ڪيو، جيڪو هر ڇوڪريءَ لاءِ…“
شوڀا هن جي وات تي هٿ رکي ورتو: ”نه لالي صاحب! مون کي انهن ڳالهين جي پرواه ناهي،“ جيترو جلدي هن سندس وات تي هٿ رکيو هو، اوترو ئي جلدي هن هٿ هٽائي به ورتو، ڇاڪاڻ ته لاليءَ جا چپ ٻري رهيا هئا، هن کي ڏاڍي حيرت ٿي، لاليءَ جا چپ خشڪ هئا ۽ گرم هئا، ڄڻ هن جي پنهنجي دل جلندي هجي.
لالي چوڻ لڳو: ”پر تون مون جهڙي آواره ڇوڪري سان شادي نه ڪندينءَ نه؟ …. نه ڪندينءَ نه؟“
شوڀا جي اکين ۾ ڳوڙها ترڻ لڳا، پوءِ هن انهن ڳوڙهن کي ڳيت ڏئي ڌيرج کان ڪم وٺندي چيو: ”اگر مان ڪنهن سان پيار ڪريان ته پوءِ چاهي ڪهڙو به هجي، پوءِ چاهي مان ان لاءِ مري ئي ڇو نه وڃان.“
هڪ شيطاني مرڪ مرڪندي هن شوڀا ڏانهن نهاريو: ”فرض ڪر تنهنجي ٻٽونءَ ۾ ڪجهه پئسا آهن، اهي اگر مان کڻي وٺان ته؟“
”ته کڻي وٺ.“ شوڀا سڪون سان جواب ڏنو.
لاليءَ جو شيطان ڀڄي ويو، پر لاليءَ کي ان جي ڀڄي وڃڻ جو افسوس ٿيو ته اهو ان وقت ڇو ڀڄي ويو! اهو ئي ته وقت هو هن جي وٽس ترسڻ جو، جڏهن هوءَ بي وس ڇوڪري سندس ڀرسان ويٺي هئي. اهڙن موقعن تي جيڪڏهن شيطان ساڻ نه هجي ته ماڻهو ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهي، الائي ته ڇو لالي اداس ٿي ويو. ڪارنيوال جي ٻرندڙ بلبن جي روشني، اشوڪ جي وڻن تي لڏندي، جهوليندي ۽ فضا ۾ موتين جي لڙين کي جهومندي ڏسي لالي اداس لهجي ۾ چيو: ”بس مون کي ايترو ئي ڪرڻو آهي ته هن وٽ واپس هليو وڃان، هوءَ مون کي وري ڪم تي رکي وٺندي، پنهنجي بوٿ تي، وڏي خوشيءَ سان… مون کي بس هاڻي هن وٽ وڃڻو پوندو.“
رات جي وڌندڙ اونداهيءَ ۾ لاليءَ جو اداس چهرو ڏسي شوڀا، هن جي ٻانهن سان لڳي ويٺي، ۽ ملائم آواز ۾ چوڻ لڳي: ”هن وٽ نه وڃ…“
لاليءَ جون ناسون آهستي آهستي ڦهلجڻ لڳيون، پريان ڪٿان رات جي راڻيءَ جي مهڪ اچي رهي هئي، هن دل ۾ سوچيو، ۽ سوچي هن هوشنگ ٻائيءَ ڏانهن واپس وڃڻ کي وساري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو صاف سٿرن ڪپڙن ۽ نرم گرم خوشبو جو عاشق هو، هن هڪ ڊگهو ساه کڻي ان خوشبو کي پنهنجي اندر ۾ اوتي ورتو: ”ڪيتري نه مست ڪندڙ خوشبو آ، الائي ته ڪٿان پئي اچي!“
شوڀا آهستگيءَ سان پنهنجي آڱر هن جي هٿ تي رکي ۽ التجا واري لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”هن وٽ نه وڃ.“
لاليءَ چيو: ”هوءَ مون کي واپس سڏائي وٺندي، وري ڪم تي لڳائي ڇڏيندي، مان ڄاڻان ٿو ته ڇو!“
شوڀا پنهنجي ٻي آڱر به سندس هٿ تي رکي، پوءِ ٽين، پوءِ چوٿين، ائين پنج ئي آڱريون لاليءَ جي ٻانهن تي رکي ڇڏيون، جن ۾ ڀنل گلن ۽ پنن جي جهڙو ڇهاءُ هو، لالي هن جي مٿي تي جهڪي ويو، ۽ هلڪو ساه کڻي، خوشيءَ وچان چوڻ لڳو:
”هون! هي خوشبو ته تنهنجي وارن مان پئي اچي… رات جي راڻيءَ جي..“
شوڀا پنهنجو هٿ هوا ۾ لوڏيو: ”اهي گل هوا پئي آڻي..“
لاليءَ به هٿ وڌائي، شوڀا جي هٿ ۾ ڏنو، وڌندڙ رات ۾ هوا جا تيز جهوٽا، گل ڇاڻي رهيا هئا، ۽ لاليءَ حقيقت ۾ ڏٺو ته وڻن ۽ ولين مان ڪيترائي گل ڇڻي بينچ تي جهڪيل شوڀا جي وارن مٿان، لاليءَ جي ڪلهن تي، ٻنهي جي هٿن جي کليل ترين تي، انسان جي اوجل آرزوئن جيان چمڪي رهيا آهن، محبت جو اطمينان وارو ساه کڻي لاليءَ شوڀا جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ رات گهري ٿيندي وئي.
(5)
چاچي کلڻي، ڪوئلن سان ڀريل لوه جي سگري، هٿن ۾ کڻي ڪاٺيءَ جي ٺهيل ورانڊي ۾ اچي ٻارڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته هن جو رنڌڻو گهڻو ننڍو هو ۽ سگري دکائڻ وقت دونهين سان ڀرجي ويندو هو. سگري دکائڻ کان اڳ ۾ هن سڻڪ جي ڪناري، پري پري تائين نهاريو، لاليءَ جو ڪو پرو ڪونه هو.
ٽن مهينن کان شوڀا ۽ سندس چاچي کلڻي، پراڻي ڪاٺيءَ جي ٺهيل ڇپر ۾ رهيل هئا، ڇاڪاڻ ته لاليءَ کي اڃان ڪو ڪم نه مليو هو؛
’پر ڪم ملي به ڪيئن،‘ چاچي کلڻيءَ ڪاوڙ وچان ڪوئلن کي ڦوڪيندي سوچيو،’ڪم ڳولهڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڪاٿي نه ڪاٿي ته ملي ئي ويندو آهي، پر… پر هي ڪوئلا به صفا ڪي آلا آهن، ديويءَ جي مار پوي ان واڻيي ڪوئلن وڪڻڻ واري تي، ڪمبخت، نه تور جو پورو نه مور سان سچو.‘
چاچي کلڻي زور زور سان سگريءَ ۾ ڦوڪون ڏيڻ لڳي.
هن جي ساڄي ڳل تي جيڪو تر هو، ان تي ڄمي آيل وار، ڪوئلن مان نڪرندڙ هوا تي عجب انداز سان لڏندا هئا، چاچي کلڻيءَ جي شڪل گهڻي قدر چرچل سان ملندي هئي، ۽ ڳالهه ڳالهه تي ان ئي نموني ڪاڪڙي تي زور ڏئي ڳالهائيندي هئي. چاچي کلڻيءَ جو پٽ چندن، وچولي درجي جو معمولي فوٽوگرافر هو، هن جو اسٽوڊيو ڪارنيوال پارڪ سان گڏ هو، جيڪو سڻڪ جي ڪناري، پراڻي ۽ ڳريل حالت واري ڪاٺ جي ڇپري ۾ هو، پر چندن جي ڪم لاءِ بلڪل ٺيڪ هو، ان جي اندر ڪافي وڏو هال هو، جنهن ۾ چندن اسٽوڊيو ٺاهيو هو، پويان ڊارڪ روم هيس، جنهن تي ڪاري رنگ جو پردو پيل هوندو هو، جنهن جي مٿان ڳاڙهي بتي روشن هوندي هئي، ان جي ڀرسان ٽراءِ پارڊ تي ڪيميرا رکيل هوندي هئي، ۽ کاٻي پاسي ٻه رنگين پردا ٽنگيل هئا، جن مان هڪڙي تي آبشار جو منظر هو، جيئن ته شهري ماڻهن جن ڪڏهن آبشار ڏٺو ئي ڪونه آهي ۽ ساري حياتي اوندهين ڳلين ۾ گذاري آهي، اهي آبشار جي اڳيان تصوير ڇڪرائڻ ۾ عجيب لذت محسوس ڪندا آهن. ٻئي پردي تي چيتي جي شڪل ٺهيل آهي ۽ ان جي مٿان ڪاري پردي جو اهڙو محراب آهي جيڪو پويان کلي ٿو، ۽ گراهڪ پردي جي پويان وڃي، چيتي تي ٽنگ رکي فوٽو ڇڪرائيندا آهن، ڄڻ چيتي تي سواري ڪري رهيو هجي. اهو به انهن شهرين جو شوق آهي جن اڄ تائين ٽرام يا بس کانسواءِ ڪنهن ٻي شيءِ تي سواري ئي نه ڪئي آهي، اهي سڀ ڪمزور ۽ دٻيل، پر اندر ۾ ڪنهن غيرمعمولي ڪم ڪرڻ جي خواهش رکندڙ انسان گهڻو ڪري شينهن تي سوار ٿي تصوير ڇڪرائيندا آهن.۽ چندن جو اسٽوڊيو گهڻو ڪري ان سواريءَ جي تصوير تي هلندو آهي. ڊارڪ روم ۽ رسوئيءَ جي وچ ۾ جيڪا جاءِ بچيل آهي، اتي هڪ پراڻو پر بيحد ڪشادو صوفو رکيل آهي، جيڪو رات جو، لاليءَ جي بستري جو ڪم ڏيندو آهي. صوفي جي پويان جيڪا دري کلي ٿي، ان مان ڪارنيوال جون روشنيون ڏسي سگهجن ٿيون ۽ وڻن جي وچ مان چوڏول، چڪرا ۽ چيڪلا به نظر ايندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن هوا جو رخ هن پاسي ٿيندو آهي ته ڪارنيوال جو سڄو گوڙ، مٿي ۾ سور وجهندڙ ان جي موسيقي، ماڻهن جو ميڙ ڪٺو ڪندڙن جا هوڪا به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
لاليءَ کي اها جاءِ ڏاڍي پسند آهي، رات جو هو اتي ئي سمهندو آهي، ڏينهن جو پنهنجي دوستن سان ويٺو تاش راند کيڏندو آهي، جڏهن ته شوڀا رنڌڻي ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ چاچي کلڻي ڀڻ ڀڻ ڪندي رڳو پئي حڪم هلائيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن شوڀا سان هٿ به ونڊائيندي آهي، ته ڪڏهن ڪڏهن ڊارڪ روم ۾ چندن سان به گڏجي ڪم ڪندي آهي.
جڏهن سگريءَ جي باه مچي وئي ۽ ان مان اُلا نڪرڻ لڳا ته چاچي کلڻيءَ جي ڪاوڙ مان ڦوڪيل ڳٽن کي ڪجهه آرام نصيب ٿيو. اٿي بيهي پهرين ته هن پنهنجي چٻي ٿي ويل چيلهه سڌي ڪئي، پوءِ پنهنجي ساڙهيءَ کي ڀيڏين کان مٿي ڪري، مٿيون حصو ڪلهن ۾ ڦاسائي ڇڏيو، پوءِ سگري کڻي، وري سڻڪ جي سامهون، ساڄي ۽ کاٻي نهاريو.
’اٽڪل يارهن وڄي ويا هئا، ليڪن لاليءَ جو ڪو پتو ڪونه هو ۽ هوءَ دانگيءَ منهين شوڀا، سندس ڀائٽي، لاليءَ سان اهڙي ته ريجهي ويٺي هئي جو هن کي ڇڏڻ جو نالو ئي نه ٿي ڳنهيائين.، حالانڪ قسم وٺو جو ٽن مهينن ۾ هڪ ٽڪو به لالي ڪٿان ڪمائي آيو هجي، بس رڳو گهر ۾ مئو پيو هوندو ۽ اٿي مانيون پيو مروڙي کائيندو، لفنگو ڪنهن جاءِ جو… رات کان گم آ…! ‘
چاچي کلڻي سگري کڻي واپس ڇپري ۾ گهڙي وئي، جنهن جي ٻاهران ”چندن اسٽوڊيو“ جو بورڊ ٽنگيل هو. ’لاليءَ ۽ شوڀا کي گهر کان ڪڍي ڇو نه ٿي ڇڏي؟ شوڀا ڪهڙي وري هن جي سڳي ڀائٽي آهي! بس کيس چاچي چوندي، سو به تڏهن جڏهن بيڪار هوندي هئي، تڏهن اچي سندس گهر ۾ رهندي هئي، جڏهن ڪم تي هوندي هئي ته پنهنجي پگهار جي رقم وٽس رکرائيندي هئي. شوڀا سان هن کي انهن ستن ورهين دوران ڪابه شڪايت ڪانه ٿي هئي، شوڀا واقعي دل جي نيڪ آهي، پر جي لالي … ‘
چاچي کلڻي سگري کڻي شوڀا ۽ رسنا جي ڀر مان ڀڻ ڀڻ ڪندي گذري وئي.
شوڀا ۽ رسنا ان وقت ٻئي ڄڻيون، تڏو وڇائي، وچ رکيل ٿالهيءَ ۾ پيل پٽاٽا ۽ بصر ڪاٽيندي، ڳالهيون به ڪري رهيون هيون، رسنا ۽ شوڀا ٻنهي، چاچيءَ کي رنڌڻي جي پاسي ويندي ڏٺو ۽ هڪ ٻئي ڏانهن بنا ڪجهه چوڻ جي عجب وارين نظرن سان ڏسي مرڪي پيون.