قسط 6
”رڳو ماريو آ…؟“ شوڀا فخر وچان چيو، هن ته ماري ماري هن کي سمهاري ڇڏيو هو اصل ڍير ڪري ڇڏيائينس.“
”پر مون ٻڌو آ ته گرڌر دادا هن کان وڌيڪ ٻلوان آ.“
”لڙائي جهڳڙي ۾ خالي ٻلواني ڪم نه ٿي اچي، ان ۾ هوشياري ۽ ڦڙتي ٿي گهرجي، جيڪو اڳرائي ڪري اهو ئي کٽندو آ، ۽ تون ڄاڻين ٿي ته لالي اڳرائي ڪرڻ ۾ ڏاڍو تکو آهي.“
رسنا هڪ پٽاٽي جا ٽي ٽڪر ڪيا، وري ٻئي پٽاٽي تي چاقوءَ جي ڌار رکي چوڻ لڳي: ”مون ٻڌو آ ته پوليس لاليءَ کي ٿاڻي تي پڪڙي وئي هئي؟“
شوڀا وڏائيءَ وچان چيو: ”ها! پر ٻئي ڏينهن ڇڏي ڏنائونس، انهن ٽن مهينن ۾ جڏهن کان اسان چاچي کلڻيءَ وٽ رهڻ لاءِ آيا آهيون، لالي ٻه دفعا پڪڙيو به آ، ته ٻئي ڀيرا ڇڏجي به آيو آ.“
”پر پوليس وارن کيس ڇڏيو ڪيئن؟“ رسنا پڇيس.
شوڀا معصوميت واري نوع ۾ چوڻ لڳي: ”ڇاڪاڻ ته هن جو ڏوه ته هيو ئي ڪونه … نه!“
رسنا کي يقين نه آيو، هوءَ ڪجهه چوڻ واري هئي ته چاچي کلڻي رنڌڻي مان، پنهنجا وڏا وڏا ڪلها لوڏائيندي، بلڪ ٿڙندي ٻاهر آئي ۽ اچي هنن ٻنهي ساهيڙين جي مٿان بيٺي، ٻئي هٿ چيلهه تي رکي چوڻ لڳي: ”ڪچهريون ته گهڻيون پيون ٿين پر ڪم اُڪلجي ئي نه ٿو.“
”نه چاچي…“ شوڀا اطمينان سان ٿالهي هٿن ۾ کڻي کيس ڏيکاريندي چوڻ لڳي، ”پٽاٽا ته ڇلي، ڪاٽي ورتا آهن، بس ٿورا بصر رهيل آهن.“
”بصر به جلدي ڪٽي ڏيو.“ چاچي چوڻ لڳي: ”هو تنهنجو پَهءِ اجهو اچڻ وارو هوندو، رات کان گم آ، پر صبح ٿيندي مانيءَ جي وقت ضرور پهچي ويندو. ڏينهن ۾ چار پنج ڀيرا چانهن پيئندو، پر ڪم نه ڪندو، اڄ ته ڪوئلا به پورا ٿي ويا آهن، سڀاڻي کان ڪوئلن جي نئين ڳوڻي ايندي ۽ ها راشن به…. پر هو نه پاڻ ڪم ڪندو نه تو کي ڪرڻ ڏيندو، ڇو ته ان سان هن جو شان ٿو گهٽجي، اهڙو ڏنڊو ڏوٽو، رڳو ٿو ننڊان ڪري، شرم نه ٿو اچيس پنهنجي بيڪاريءَ تي.“
شوڀا دٻيل لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”چاچي هن کي نه چهءُ…“
”ڇو نه چوان، نڪمو، ڪم چور، رڳو ٿو روٽيون کائي، هن گهر ۾ نه هجي ها ته اڄ تائين جيل ۾ هجي ها، بس تنهنجي ڪري چپ هان … پر.“ ڪاوڙ وچان اڳتي ڳالهائي نه سگهي. چاچي کلڻيءَ پٽاٽن واري ٿالهي، شوڀا جي هٿن مان کسي ورتي ۽ واپس رنڌڻي ڏانهن هلي وئي.
چاچي هلي وئي ته رسنا چوڻ لڳي ”ڏاڍي تپيل مائي آ…“
شوڀا ڪنڌ جهڪائي چيو: ”زبان کراب اٿس، پر دل جي سوني آ، هن جي… هي سڀڪجهه اها ئي ته آڻيندي آ، هيءَ نه هجي ته جيڪر اڄ اسان جي الائي ڪهڙي حالت هجي ها.“
رسنا بصر جي هڪ ڍيريءَ کي غور سان ڏسندي وري چيو: ”پر خبر ته ٻڌ.“
”ڪهڙي؟“
”هو فوجي ناهي.“
”نه چهءُ ڙي!“
”ها سچ ٿي چوانءِ.“
”تون ته اڪثر هن سان ملڻ ويندي آن،“ شوڀا کانئس ائين ئي پڇيو، حالانڪ کيس هن جي معاملي سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي.
”هن ٽيون ڏينهن … ٽيون ڏينهن .“ رسنا هٻڪندي چيو، ”هن مون کي شاديءَ لاءِ چيو.“
”هان هان!“ شوڀا کي دلچسپي ٿيڻ لڳي.
”مون سان ميريج ڪرڻ ٿو چاهي!“
”هان ائين چوئي ٿو… پوءِ تو ڇا چيس؟“
رسنا ٿورو آڪڙ ڏيکاريندي چيو: ”ٺهيو ڪر ادي، هاڻ مان منگلور جي مسيحي ڳوٺ واري ڇوڪري ناهيان، مان هاڻ بامبي جي ڇوڪرين وانگر سڀ ڪجهه سمجهي وئي هان، معلوم اٿئي … مان هاڻ هن کي فلرٽ ڪندي آن.“
”فلرٽ…؟“
شوڀا کي کل اچڻ لڳي، پر هن پنهنجي کل روڪي ورتي ته ڪٿي رسنا ڪاوڙجي نه وڃي. پر رسنا پنهنجي خوشيءَ ۾ مگن، پنهنجي عشق جو قصو ٻڌائڻ لاءِ بيتاب هئي… هن کي ٻيو ڪجهه سجهيو ئي ڪونه پئي، ان ڪري هن شوڀا جي اکين جي چمڪ ۽ سندس چپن تي ٽوڪ واري لڪل مرڪ تي غور ئي نه ڪيو، چوڻ لڳي:
”هاءِ، جڏهن هو چوندو آ، پارڪ ۾ هلون، ته مان چوندي هان اوهون… وري هو خوشامد ڪندو آ، چوندو آ، پارڪ ۾ هلندينءَ ته نئون گلوبند وٺي ڏيندوسانءِ…. پر مان وري به نه ويندي آن … هن سان پارڪ ۾، بس هتي هتي ڦري گهري موٽي ايندي آن… ۽ دروازي جي ٻاهران ئي هن کي گڊ بائي ڪري ڇڏيندي آن…“ ائين چئي رسنا زور زور سان کلڻ لڳي.
شوڀا چيو: ”ان کي تون فلرٽ ڪرڻ ٿي چوين…؟
”ٻيو نه ته…“ رسنا مزي سان مٿو ڌوڻي جواب ڏنو، ”پاپ آ… سمجهان ٿي… اها شرارت شيطاني آ… پر مزو ڏاڍو آ فلرٽ ڪرڻ ۾.“
شوڀا ڳالهه جو رخ بدلائيندي پڇيس: ”وڙهندي به آهينس؟“
رسنا ڊرامائي مڪالمي وانگر جملو ادا ڪندي چيو: ”جڏهن محبت جو جذبو، طوفان وانگر اٿندو آهي جيئن Passionate Love فلم ۾ پاڻ ٻنهي ڏٺو هو… ياد اٿي؟“
”ها ياد آهي.“
”بس ائين هو منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي، پيلڪو گارڊن ۾ مون سان گڏ گهمندو آ، پوءِ هلندي هلندي مون کي چوندو آ… آءُ ته هٿ لوڏائيندا گل مهر جي وڻن جي هيٺان هلندا هلون….پر مان ان تي به ڪڏهن ڪڏهن هن کي جهليندي آن… پر وري هو منهنجي خوشامد ڪندو آهي، پوءِ مان مڃي وٺندي هان … پوءِ اسان ٻئي هٿ لوڏائيندا …گاه تي هلندي، گل مهر جي سونهري گلن واري ٽاريءَ جي هيٺان پهچي ويندا آهيون… ۽ پوءِ هو منهنجي چيلهه ۾ پنهنجي ٻانهن ڦيرائي وٺندو آ… بلڪل فلم Passionate Love جي منظر وانگر… جنهن کي اسان ٻنهي ڏسي پسند ڪيو هو، ياد اٿي نه؟ هونئن ائين ڪرڻ به ته گناه آ نه؟ پر مزو ڏاڍو ايندو آ…“
”توکي خوشي به ته ٿيندي آ نه…“ شوڀا رشڪ واري لهجي ۾ چيو.
”واقعي ڏاڍي.“
رسنا جلدي جلدي ڳالهائڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته اڄ اهي ئي ڳالهيون ته هوءِ شوڀا کي ٻڌائڻ آئي هئي، ۽ انهن ڳالهين سان هن جي دل ئي نه پر پيٽ به ڦوڪجي ويو هو، ان ڪري جلدي جلدي هڪ ڊگهو ساه کڻي وري چوڻ لڳي: ”پر سڀني کان گهڻي خوشي مون کي آئيڊل لَو ۾ ملندي آ.“
”اها وري ڪهڙي بلا ٿيندي آ؟“
”مان هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته اهو پيار ڪنهن عمدي قسم جو ٿيندو آهي، جڏهن اسان فلرٽنگ ۽ Passionate Love کان واندا ٿي، پارڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جتي ٻيو ڪوئي نه هجي، اڪيلي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪنهن گهاٽي ٻوٽي جي وچ ۾ وڃي ويهندا آهيون، ته هو پنهنجا ڳٽا منهنجي ڳٽن سان ملائيندو آهي ۽ زور زور سان منهنجو هٿ جهليندو آ، پهرين ته اسان ٻنهي جا ساه تيز تيز هلڻ لڳندا آهن، پوءِ ڳلن سان ڳل لڳائي، ڄڻ ٻنهي کي ننڊ اچڻ لڳندي آ، ۽ ائين اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ چپ چاپ ويٺا هوندا آهيون ۽ ماڪ ۾ ڀِڄي ويندا آهيون.“
ائين چوندي چوندي رسنا پاڻ به ان فرضي منظر ۾ کوئجي وئي، هن آهستي آهستي پنهنجون اکيون بند ڪيون ۽ ڪيتري دير تائين نهايت پرسڪون انداز سان اکيون بند ڪري ويٺي رهي، پوءِ اوچتو اکيون کولي چوڻ لڳي: ”ان کي چوندا آهن آئيڊل لو، ۽ اهو ئي سڀ کان سٺو ٿيندو آهي.“
رسنا چپ ڪئي ته شوڀا به هڪ ٿڌو ساه کنيو: ”ڪلهه رات جو ويل آ… اڃان تائين نه موٽيو آ.“
”مالڪياڻيءَ چيو هو ته ليزيءَ کي نمائش ڏيکاري ٽيڪسيءَ تي وٺي اچجانس، پر مان ته هن کي بس ۾ ويهاري وٺي آئي آن، هي پوڻا چار روپيا بچي پيا آهن، اهي تون رکي وٺ.“ رسنا چوندي پنهنجو ٻٽون کولي اهي پئسا ڪڍيا، ته شوڀا کانئس وٺندي چيو:
”ته اهي ملائي، تنهنجا مون ڏي هاڻ ٻاويهه رپيا نوَ آنا ٿيا.“
”ها! ٻاويهه رپيا نوَ آنا.“
رسنا پنهنجي پئسن متعلق اطمينان ڪندي چيو، ڇاڪاڻ ته هن کي شڪ پئي ٿيو ته متان شوڀا کي پوري رقم ياد نه هجي.
شوڀا اهي پئسا پنهنجي ننڍڙي ٻٽونءَ ۾ رکيا: ”اگر هو ڪو ڪم شروع ڪري ته ڪهڙي مشڪل آ؟“
”پوءِ ڪري ڇو نه ٿو؟“
”چوي ٿو ته ٻيو ڪم ڪونه ٿو اچي مون کي ۽ هاڻي موٽي ڪارنيوال به نه ويندس… باقي ٻيا سڀ ڪم…“ شوڀا افسوس وچان ڪنڌ لوڏائيند چيو، ڄڻ لاليءَ جي حماقت تي افسوس ڪندي هجي، ”ٻيا سڀ ڪم هن کي گهٽ ٿا نظر اچن، ان ڪري ٻيو به ڪجهه نه ٿو ڪري بس پيو هوندو آ.“
”اها ته خراب ڳالهه آ.“
”بوس بابوءَ به نئين بورچياڻي رکي آ..“
”ٽي ته بدلائي چڪو آ، جڏهن کان تون وئي آهين.“ رسنا کيس ٻڌائيندي ٿورو ساه کنيو، ”منهنجي وليم به سينيما جي چوڪيداري ڇڏي ڏني آ… هاڻ هو ميونسپل ڪارپوريشن ۾ نوڪر ٿي ويو آ…هاڻ هن کي ميونسپل ڪوارٽر به مليو آ.“
”مان ته چوان ٿي…“ شوڀا جو ڌيان اڃان لاليءَ واري ڳالهه تي اٽڪيل هو، ”مان ته چوانس ٿي ته تون وري ڪارنيوال ۾ ڪم ڪر، پر هو نه ٿو مڃي، پڇانس ٿي ته ماري ٿو، هن سومر تي ته هن مون کي ڏاڍو ماريو.“
”تون به مارينس ها…“
”نه مان ڪجهه نه چيومانس.“ شوڀا دکاري لهجي ۾ چيو، ”هو ماکي ماريندو رهيو ۽ مان رئندي رهيس.“
”هن کي ڇڏي ڏي…“ رسنا غصي ۾ چيو.
”دل نه ٿي مڃي، ڇا ڪيان، مار کائي به هن جي منهن ۾ ٿي ڏسان ته سڄي ڪاوڙ وسري ٿي وڃي.“
”تنهنجي جاءِ تي مان هجان ته جيڪر ڪڏهوڪو ڇڏي چڪي هجان ها، وري ڪڏهن منهن به نه ڏسانس… ۽“ پر رسنا اوچتو چپ ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته رنڌڻي مان چاچي کلڻي هٿن ۾ گرم پاڻيءَ جي ڪيتلي کڻي ٻاهر آئي هئي، حالانڪ رنڌڻي مان هن جو رستو ڊارڪ روم جي پاسي سڌو ٿي ويو، پر پوءِ به چڪر ڪري هنن ڇوڪرين جي پاسي کان گذري وڃڻ لڳي، گذرندي ٿورو بيهي هن ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو:
”سارو ڏينهن تاش کيڏندو، دادا ٿيو ماڻهن جا مٿا ڦاڙيندو، غريب ڇوڪرين کان پيسا ڦريندو، پوليس ڏسيس ٿي ته منهن ٻئي پاسي ٿو ڦيري وٺي، الائي ڇا ٿيو آهي! ڪوئي هن کي سڌاري نه ٿو سگهي.“
شوڀا ۽ رسنا ٻئي ڪنڌ جهڪايو خاموش ويٺيون هيون.
چاچي وري چوڻ لڳي: ”هو! صبح ساجهر بسنتو ڪٻاڙيو، ٻهارا ٺاهڻ وارو آيو هو.“
شوڀا هڪدم وچ ۾ چيس: ”اهو پاڻي چانهن لاءِ آ نه؟“
چاچي پاڻيءَ واري ڪيتلي پنهنجي پويان لڪائيندي چوڻ لڳي: ”بسنتي جو پنهنجو ورڪشاپ به آهي، اهو قد ۾ ڇهه فوٽ ڊگهو به آ…تڪڙو، سانورو، رنڙ ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ به آ… رن مري وئي اٿس … ته ڇا ٿيو! اڃان جوان آ ۽ محنتي آ… ۽ شڪل صورت جو به سٺو آ…ڪمائي به چڱي موچاري اٿس… روز روز شوڀا لاءِ پڇندو آ…“
شوڀا ڳالهه ٽارڻ خاطر رسنا کي چيو: ”اهي ٻاويهه رپيا نوَ آنا ٿيندا يا ٻاويهه رپيا تيرنهن آنا؟“
”هان…!“ رسنا دل ۾ حساب ڪندي چيو، ”ها… ٻاويهه رپيا تيرهن آنا.“
چاچي کلڻي نڙيءَ تي زور ڏيندي چيو: ”هو بسنتو پنجون ڀيرو آيو آ… هو توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهي، تون ڇا جي ڪري هن بکئي سان چنبڙي پئي آن… اڙي سٺو ٿئي! بسنتي جا ٻه ٻار آهن، جيڪي پهرين زال ڇڏي وئي اٿس، پر…“
شوڀا، چاچيءَ جي ڳالهين مان بيزار ٿيندي چيو: ”چاچي تون ڇو ٿي تنگ ٿئين، تون ڪيتلي رکي ڇڏ، چانهن مان پاڻ ئي ٺاهي وٺنديس.“
”بسنتو ٻاهر بيٺو آ، تنهنجي راه پيو تڪي.“
”ان کي چهءُ ته هليو وڃي…“ شوڀا ڪاوڙ واري نوع ۾ چيو.
”وري موٽي ايندو،“ چاچيءَ چيو، ”۽ ٿيندو ڇا؟ هو تنهنجوڏنڊو لالي! هن کي ڏسندو ته ڪاوڙ ۾ مار ڌاڙ شروع ڪري ڏيندو… مان ته عاجز اچي ٿي آهيان هن مان، جڏهن ڏس جهڳڙو، رڳڙو ۽ لفڙو.“ وري رسنا ڏي منهن ڪري چوڻ لڳي: ”خبر اٿي … هن ويچاريءَ کي به هڻي موچڙن سان ڊاهي رکيائين، پوئين سومر تي، غنڊو آ غنڊو، ۽ پوليس به ڪجهه نه ٿي چوي اهڙن ماڻهن کي.“
رسنا خاموش ئي هئي، شوڀا به چپ ڪري ويٺي هئي، ٻنهي تي ڪيل حملو خالي ڏسي، چاچي بڙ بڙ ڪندي ڊارڪ روم جي پاسي، گرم پاڻيءَ جي ڪيتلي کڻي هلي وئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ رسنا، شوڀا کان پڇيو: ”ڪو ڪٻاڙي تو سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي؟“
”هائو…“
”ته تون انڪار ڇو ٿي ڪرين؟“
”ان ڪري … جو!“
”لالي توکي ڪمائي ٿو کارائي ڇا؟“ رسنا ڪاوڙ وچان چيو، ”مٿان مارئي به ٿو ۽ تون اهو سڀ ڪجهه سهين به ٿي، ڪجهه چوين به نه ٿي، ڇو ته هن جو نالو لالي آ… ائين نه؟“
”نه ائين ناهي، هو دل جو برو ناهي.“ شوڀا يقين سان چوڻ لڳي.
رسنا پڇيس: ”ان ڏينهن، جنهن ڏينهن تهان ٻئي پارڪ ۾ ويٺا هيهءُ… ۽ مون کي گهر موٽائي ڇڏيو هيهءِ…. تڏهن ته ڏاڍيون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيون هوندوَ؟
”ها… ته؟“ شوڀا جي اکين آڏو اهي موهيندڙ يادون ڦرڻ لڳيون، ”ان ڏينهن هو ڏاڍو مٺو لڳو هو، ۽ مهربان به…“
”پوءِ اوچتو جهنگلي ٿي پيو…“ رسنا پڇيس.
”ڪڏهن ڪڏهن هو اوچتو جهنگلي ۽ وحشي ٿي پوندو آ…“ شوڀا جي چهري تي ڪاوڙ ۽ محبت جا جذبا رلمل ٿيڻ لڳا، ”پوءِ ان رات هو ڏاڍو مٺو هو، مٺو ته هاڻي به آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ڏاڍي نرم ۽ مٺڙي لهجي ۾ ڳالهائيندو آ… رات جو کاڌو کائي، جڏهن هن دريءَ مان منهن ٻاهر ڪڍي ڪارنيوال جي سنگيت ٻڌندو آ ته هن جي وڏين وڏين اکين ۾ عجيب آنسو اچي ويندا آهن.“
”ان وقت ڪجهه چوندو آهي توکي؟“
”ڪجهه به نه چوندو آ… بس دور ڪٿي ڏسندو رهندو آ…“
”۽ تنهنجي اکين ۾… نه؟“ رسنا پڇيس.
”بس هڪ پل لاءِ.“ شوڀا هن کي ٻڌائڻ لڳي،
”پر هڪدم اکيون ڦيرائي ڇڏيندو آ…“ ائين چئي شوڀا به رسنا جي پاسي کان اکيون ڦيرائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته لاليءَ کي ياد ڪندي هن جو من ڀرجي آيو هو، پنهنجي رئي سان هن پنهنجا ڳوڙها اگهندي چيو: ”رسنا هو ڏاڍو دکي آ، ڇاڪاڻ ته هن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم ناهي، انڪري غصي ۾ اچي مون کي به ماريو هئائين.“
”اها به ڪا ڳالهه آ…!“ رسنا نفرت وچان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، ”توکي ان ڪري ٿو ماري ته هن وٽ ڪو ڪم ناهي، بدمعاش.“
”هر وقت هن جي دل تي بار هوندو آ، ڪڏهن ڪڏهن مان به پاڻ کي مجرم سمجهندي هان… منهنجي ڪري ئي ته هنجي نوڪري وئي نه!“
”پر توکي ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا آهن؟“ رسنا پڇيس.
”ڪٿي به نه.“ شوڀا چيو، رسنا غور سان هن جي طرف نهاريو، پوءِ اهو ڏسي ته شوڀا ڏانهن ڏسڻ جي بجاءِ دروازي ڏانهن پئي نهاريو، هن به ڪنڌ موڙي دروازي ڏانهن ڏٺو، ته اتي مسز هوشنگ ٻائي بيٺل نظر آئي. هن کي هڪ وڏي سائي رنگ جي ساڙهي پاتل هئي، جنهن تي انب جي پنن واري زري ڪڙهيل هئي، هٿن ۾ مينا جي ڪم واريون منڊيون ۽ چهري تي عمدي قسم جي ميڪ اپ ٿيل هئي؛
’ڪمن ڪارين مان فارغ ٿي، پوريءَ طرح هار سينگار ڪري، تيار ٿي آئي هئي مردار… ‘ رسنا دل ۾ سوچيو، ’هيءَ عورت ته ناهي… ڳجهه آ ڳجهه، لاليءَ جهڙن جوان ڇوڪرن کي رهڙي کائي ويندي آ… ‘
شوڀا مسز هوشنگ ٻائيءَ کي دروازي کان اڳتي ايندي ڏسي کيس عزت وچان اٿي بيٺي.
مسز هوشنگ ٻائيءَ پڇيس: ”لالي گهر تي آهي؟“
”نه…“
مسز هوشنگ ٻائي ان صوفي تي ويهي رهي، جيڪو دريءَ جي سامهون رکيل هو، چوڻ لڳي: ”مان ان جو انتظار ڪريان ٿي.“
رسنا چپ رهڻ مناسب نه سمجهيو، جنهن ڪري هن نهايت تکي انداز ۾ پڇيس: ”وڏي همٿ آ مائي تنهنجي، جو هن گهر ۾ آئي آن.“
مسز هوشنگ ٻائي ان کي دڙڪو ڏيندي چيو: ”ڇا تون هن گهر جي مالڪياڻي آهين، زبان سنڀالي ڳالهاءِ، نه ته هڪڙو هٿ ڏينديسانءِ.“
”پر ڇو؟ شوڀا جي گهر ۾ به ڇو آئي آن… مان پڇي سگهان ٿي ته ڇو؟“ رسنا وري چيس.
”تنهنجو ڪهڙو ڪم ڇوڪري.“ مسز هوشنگ ٻائي وري رعب سان چيو، پوءِ شوڀا کي مخاطب ڪندي ٿورو نرم لهجي ۾ چيائين، ”تون هن ڇوڪريءَ جون ڳالهيون نه ٻڌ… ڊارلنگ تون ڄاڻي ٿي ته مان ڇو آئي آهيان… مان هن لوفر، نڪمي ٻار کي ڪم ڏيڻ آئي آهيان… هو منهنجي بوٿ تي اچي وري ڪم شروع ڪري سگهي ٿو.
رسنا چوڻ لڳي: ”ميڊم… هو ٽن مهينن کان تنهنجي بوٿ تي نه آيو آ ته ڇا ايترا ڏينهن بک پئي مئو؟“
”تون سان ڪير ٿو ڳالهائي ڇوڪري!“ رسنا کان منهن ڦيري، شوڀا کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳي، ”تون ته منهنجي ڳالهه سمجهي ٿي نه؟“
رسنا بيحد غصي ۾ هئي ۽ هڪدم اٿي بيهي رهي، هن کي شوڀا جو ائين خاموش رهڻ بلڪل نه وڻيو، چوڻ لڳي: ”منهنجو گهر هجي ها ته هڪدم ٻاهر ڪري ڇڏيانس ها، پر اهو ته مان ڪري نه ٿي سگهان پر مان پاڻ هلي ٿي وڃان…. گڊ بائي.“
شوڀا جي ڪجهه چوڻ کان اڳ ۾ ئي هوشنگ ٻائيءَ طنز ڪندي چيو: ”گڊ باءِ.“ ۽ وڏي ادب وچان رسنا جي اڳيان جهڪي، ڄڻ ٻاهر وڃڻ لاءِ کيس دروازو ڏيکاري رهي هجي. رسنا در تائين ڪاوڙ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي وئي، پوءِ مڙي شوڀا کي چوڻ لڳي: ”تيرهن آنا….“
”ها…“ شوڀا چيو، ”جي تيرهن آنا.“
”گڊ بائي.“ رسنا ساڻس هٿ ملائي ٻاهر نڪري وئي. شوڀا ڪنڌ جهڪائي، در وٽان هلي رنڌڻي جي پاسي وڃڻ لڳي. رنڌڻي پاسي وڃڻ لاءِ کيس ان هال جي ڊگهائيءَ وارو رستو طئي ڪرڻو هو ۽ مسز هوشنگ ٻائي جي ڀر مان ئي گذرڻو هو، ۽ اهو ئي ڪم هن لاءِ نهايت مشڪل هو. هن، ان عورت جي شڪل به ڏسڻ گوارا نه ٿي ڪئي، پر هوءَ رسنا جيان وڏي وات ڳالهائي نه پئي سگهي، هونئن جيترو ڪجهه رسنا هن کي چيو هو، اهو ڄڻ شوڀا جي طرفداريءَ ۾ ئي چيو هو.
’اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي به هيءَ عورت هتان نه ٿي وڃي، الٽو صوفي تي ويهي لاليءَ جو انتظار ٿي ڪري ته مان ڇا ٿي ڪري سگهان، بس ايترو ئي ڪري ٿي سگهان ته چپ چاپ ڪنڌ جهڪائي ڪمري مان دروازي تائين پورو فاصلو پار ڪري ٻي ڪنڊ ۾، رنڌڻي ۾ هلي وڃان.‘
هن جي ڪنن تي مسز هوشنگ جو آواز اچڻ لڳو: ”مان هن کي روز جا ٽي رپيا ڏيندي هيس،“ هوءَ چئي رهي هئي، ”۽ هر سنڊي تي پنج رپيا ڏيندي هيس، سگريٽ الڳ، ٺري جي بوتل الڳ، گراهڪن کان جا ٽپ ملندي هيس اها الڳ… ٻڌين ٿي؟“
شوڀا هلندي بيهي رهي، پر هن کيس ڪو جواب نه ڏنو. هوشنگ ٻائيءَ وري ڳالهايو:
”سمورين رعايتن کي ڇڏي هو بک مرندو! پر مون کان معافي نه وٺندو … چڱو ٺهيو، گولي هڻ معافيءَ کي، هن کي چهءُ ته مون وٽ موٽي اچي.“
شوڀا کي دل تي ڄڻ ڪا مُڪ لڳي وئي.
”سڀئي ڇوڪريون ٿيون پڇن،“ مسز هوشنگ ٻائي وڏي آواز سان چوڻ لڳي، هن جي لهجي ۾ نفرت جا جذبا صاف ظاهر هئا، تعريف به هئي ته ساڙ به ۽ ڪاوڙ پڻ، ۽ مسلسل ڳالهايائين پئي: ”منهنجي جتيءَ تي، ڀلي بک مري يا هن گندي کوليءَ ۾ رهي، پر گراهڪ هن جو پڇن ضرور ٿا ۽ مون کي به بزنيس ڪرڻو آهي، ان ڪري مان آئي آهيان، نه ته مون کي ڪهڙي گتي پئي آهي…“
اوچتو هوشنگ خاموش ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته هن شوڀا جي چهري تي بدلجندڙ ڀاوَ ڏسي ورتا. شوڀا جيڪا تيستائين رنڌڻي تائين پهچي چڪي هئي، هڪدم ڪنهن اندروني خوشيءَ وچان گلنار ٿي وئي، هوءَ رنڌڻي وٽان ڊوڙي ڊوڙي دروازي تائين وئي، ڇاڪاڻ ته اتي هن لاليءَ کي ايندي ڏٺو هو، جنهن جي پويان سندس دوست ”جهگو“ بڇڙي حالت ۾ اچي رهيو هو، جيڪو شڪل صورت ۾ عادي مجرم نظر ايندو هو ۽ جنهن سان لالي سارو ڏينهن ويٺو تاش کيڏندو هو. يا جنهن سان لالي مختلف اڏن تي وڃي شراب پيئندو هو، جهگو ڏٻرڙو هو پر اکين مان عيار ۽ مڪار لڳندو هو، هن جي عمر ٽيهن کان پنجاه سالن تائين ٿيندي، پر شڪل يا ڊيل ڊول مان هن جي عمر جو پتو ڪونه ٿي پيو. هن جو چهري ۾ جهير پيل هئا پر جسم جوان ۽ لچڪيدار هوس.
لچڪيدار اهڙو جهڙو نانگ، جهڙو وڏو ساپو، ڄڻ ٻر مان نڪرندڙ ڪو خطرناڪ ڪيئون، جنهن کي ڏسندي، سندس بدبودار لباس کي ڏسندي، هن تي انسان کان وڌيڪ ڪنهن خطرناڪ ڪيئين جو خيال اچي. شوڀا کي هن کان سخت نفرت هئي، ۽ جهگو به هن جي سامهون نه ايندو هو، سدائين لنوائيندو هو، پاڻ کي پاسيرو ڪري پوءِ ڳالهائيندو هو، شوڀا خوشيءَ وچان اڳتي وڌندي بيهي رهي، ۽ سنجيده ٿيندي چوڻ لڳي: ”هوشنگ ٻائي آئي آ..“
”ها ڏسان پيو.“ لاليءِ سختي سان چيو.
”ته ڳالهائيس نه.“ شوڀا چوڻ لڳي.
”ڇاجي لاءِ ؟“ لالي ڀڙڪو کائيندي چيو،”ته تون ڇو هتي بيٺي آن، ڇا گهرجي توکي؟“
”ڪجهه نه.“ شوڀا ڊڄندي چيو.
”ته پنهنجو وات بند ڪر، لالي ڪاوڙ واري اندا ز ۾ چيو، ”نه ته چوڻ شروع ڪندينءَ، ڪاٿي هئين رات؟ ڪاڏي ويو هئين؟ گهر ڇو نه آئين؟ ڪم ڇو نه ٿو ڪرين! منهنجي مائٽن تي چٽي ٿي پيو آن، نه ڪمائين ٿو نه ڌمائين ٿو، رڳو ٿو روٽيون ڳڦين…“
”پر مان ته ڪجهه چوان ئي ڪانه ٿي!“ شوڀا جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
”چوين نه ٿي، پر زبان تي اهو سڀ ڪجهه رکيو اٿئي.“ لالي ساڳئي غصي وچان چيو، ”مون کي سڀ خبر پوندي آ… ان ڪري پنهنجي زبان بند رکندي ڪر… نه ته!“
لاليءَ ڪاوڙ مان هٿ اولاريو ته شوڀا مار جي ڊپ کان ڏڪي، پوئتي ديوار سان وڃي بيٺي ته مسز هوشنگ ٻائي به… لاليءَ جي غصي سبب پنڃري ۾ بند چيتي وانگر ڦيرون پائڻ لڳو.
’وار پريشان، ڪپڙا ميرا، ڏاڙهي وڌيل، ڪالر مڙيل… ڇا هي اهو لالي آهي!‘ مسز هوشنگ ٻائيءَ سوچيو، پوءِ جهگي تي نظر وڌائين، جهگي کي هوءَ به سڃاڻيندي هئي؛
’ميٽوڙي رنگ جي پتلون جا پاچا گوڏن تائين چڙهيل هئس، آکين جون پتليون تيزيءَ سان هيڏانهن
هوڏانهن حرڪت ڪندڙ، ننڍي گردن، تنگ پيشاني …حرامپائيءَ جي نشاني.‘ مسز هوشنگ ٻائي پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳي، پر هڪدم ڀڙڪو کائي جهگي کي چوڻ لڳي: ”تون ئي هميشه هن کي گهلي اتي وٺي ويندو آن … ڪڏهن جوئا کيڏائڻ، ڪڏهن ٺرو پيئارڻ… توکي ته حوالات ۾ بند ڪرائينديس.“
جهگي جي ڊگهي نڪ جون ٽيڏيون ناسون انتهائي حقارت سان ڦنڊڻ لڳيون، هن به انهيءَ انداز سان کيس جواب ڏيندي چيو: ”تو جهڙين ماين سان ته مان ڳالهائڻ به پسند نه ڪندو آن…“ جهگو چوندي پوئتي هٽي ويو، ۽ ڀت تي ٽيڪ ڏئي، منهن کي چٻو ڪري، ٻئي هٿ کيسي ۾ وجهي، مٿي ٽين جي ڇت ڏانهن ڏسڻ لڳو.
شوڀا چوڻ لڳي: ”مسز هوشنگ ٻائي توسان ملڻ آئي آ…. آئي آ ته ڳالهائينس ڇو نه ٿو؟“
مسز هوشنگ ٻائي لاليءَ کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳي: ”تو ڇا لاءِ هر وقت هن غنڊي سان گهمندو ٿو رهين، هي توکي هڪ نه هڪ ڏينهن چوريءَ ڌاڙي ۾ ڦاسرائي ڇڏيندو.“
”مان ڪڏهن ڪنهن سان ٿو گهمان، توکي ان سان ڇا؟“ لالي ڪڙڪي سان چوڻ لڳو، ”منهنجي من ۾ جيڪي ايندو اهو ڪندس، تون پنهنجي ڳالهه ڪر… توکي ڇا گهرجي؟“
مسز هوشنگ هن جي اکين ۾ تڪيندي چوڻ لڳي: ”توکي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته مون کي ڇا گهرجي!“
”نه مون کي معلوم ناهي!“ لاليءَ جواب ۾ چيو ۽ اکيون ڦيري ڇڏيون.
“ ناهي معلوم؟“ غصي وچان مسز هوشنگ ٻائيءَ جا ڳٽا ڳاڙها ٿي ويا، ”ته ڇا مان هتي ڪرسمس ڪارڊ ورهائڻ آئي آهيان؟“
”ته مون کي ڇا تنهنجا ڪي پئسا ڏيڻا آهن؟“ لاليءَ پڇيس.
”ها ڏيڻا آهن!“ مسز هوشنگ جو جملو ٻٽي معنا وارو هو، ”پر مان هن وقت توکان پيسا گهرڻ نه آئي آهيان، پيسا گهرڻ لاءِ ڇا مان تو جهڙي بکئي وٽ اينديس، واه منهنجا سيٺ، پر لالي تون ڄاڻين ٿو ته مون کي ڇا گهرجي.“
هاڻي لالي سڌي مطلب واري ڳالهه تي ايندي چيو: ”پر تو وٽ گرڌر جو بيٺو آ؟“
”ها آهي ته ؟“
”اهو به ته ايترا ئي گهڻا ماڻهو ڪٺا ڪندو آ، جيترا مان ڪندو هوس؟“
”ها اهو به سٺو بارڪر آهي،“ مسز هوشنگ ٻائي کيس دلجوئي ڏيڻ واري نوع ۾ چيو، ”۽ ان کي هٿان ڪڏهن نه ڇڏينديس، پر منهنجي بوٿ تي ڪم گهڻو آهي، مون کي هڪ نه ٻه بارڪر گهرجن.“
لاليءَ پڇيس: ”جڏهن مان هيس ته هڪ سان ڪم هلندو هو!“
مسز هوشنگ، هن جي سوال جو جواب جلد نه ڏنو، ان ڪري ٿوري دير خاموش رهي، پوءِ آهستگيءَ سان چيائين، جنهن ۾ التجا جو عنصر به موجود هو:
”جيڪڏهن تون ايندين ته مان هن کي ڪڍي ڇڏينديس.“
لالي چوڻ لڳو: ”هو ايترو ئي سٺو آ ته هن کي ڇو ڪڍي ڇڏيندينئنس؟“ لاليءَ جي چهري تي هاڻي شيطاني مرڪ کيڏڻ لڳي، هو محسوس ڪري رهيو هو ته مسز هوشنگ جا دليل ڪمزور ٿيندا پئي ويا، مسز هوشنگ هن جي طرف نهاري، اکيون جهڪائي ورتيون هيون، سندس چهري تي پگهر جا هلڪا ڦڙا نظر اچڻ لڳا هئا، لاليءَ جي دل نرم ٿيڻ لڳي، هن شوڀا کي چيو:
”چاچيءَ کي چهءُ هڪ ڪوپ چانهن جو ته ڏي.“
شوڀا رنڌڻي ڏانهن هلي وئي ته لالي چوڻ لڳو: ”هان ته گرڌر تمام سٺو آ؟“
ايترو چئي لالي پنهنجي پراڻي صوفي تي ويٺو، جيڪو دريءَ جي سامهون رکيو هو، مسز هوشنگ جيڪا دريءَ جي ڀر ۾ بيٺي هئي، اها اتان هلي اچي لاليءَ جي ڀر ۾ صوفي تي ويٺي ۽ هن ڏانهن ڏسي فڪر واري لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”تون رات جو گهر تي ڇو نه ٿو اچين، ٻاهر ڇو ٿو سمهين؟ ڏس ته ڪهڙي حالت ڪري ڇڏي اٿي پنهنجي.“
لالي چپن تان کل لاهڻ لاءِ چپن کي ڏندن ۾ ڏئي ڇڏيو: ”هان! ته تمام سٺو آهي نه تنهنجو گرڌر.“
”نراڙ تان وار ته هٽاءِ.“ هن چيس.
” ٺهيو ڇڏي ڏي انهن کي، تو کي ڇاهي؟“
مسز هوشنگ جو آواز هلڪو ٿي ويو، هن جي لهجي ۾ پنهنجائپ اچي وئي، آهستي آهستي سندس نراڙ تان وارن کي هٽائيندي چوڻ لڳي: ”۽ جيڪڏهن مان توکي وار اڳيان نراڙ تي ڪرڻ لاءِ چوان ها ته تون انهن کي پوئتي ڪري ڇڏين ها.“
پر لاليءَ ڪجهه نه ڳالهايو ۽ لاليءَ هن کي وارن جي چڳ هٽائڻ تي نه روڪيو ته هوءَ هن جي ٿورو وڌيڪ ويجهو ٿي چوڻ لڳي: ”ٻڌو آ ته تون هن کي ماريندو به آهين؟“
”ان ۾ تنهنجو ڇا؟“
”وڏو دادا بڻيو آهين نه؟ هن ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ کي ماريندي توکي شرم نه ٿو اچي!“
”هن جي ڳالهه نه ڪر، ڇا تنهنجو من نه ٿو چاهي ته هن جي جاءِ تي تون هجين ها!“ لالي به پنهنجائپ واري انداز ۾ چيو.
مسز هوشنگ بود ۾ ڀرجي وئي: ”ايتري بيوقوف ناهيان مان…“ ائين چئي چپ ٿي وئي، ڪجهه سوچيائين، ڪجهه غور ڪيائين، ڪجهه پنهنجي طرف خيال ڪيائين ته هڪ سرد آه ڀري، اداس لهجي ۾ چوڻ لڳي: ”مان وڏي بيوقوف آهيان … نه هجان ها ته تنهنجي پويان پويان ڇو ڀڄندي وتان ها … هيئن! هن بزنيس لاءِ، جيڪڏهن پنهنجو بوٿ وڪڻي سگهان ها! ته سچ پچ هي سڀ ڪجهه وڪڻي، هي شهر ڇڏي هلي وڃان ها.“ پوءِ لاليءَ جي اکين ۾ نهاري چوڻ لڳي: ”لالي ضد نه ڪر… واپس مونڏي اچ… مان تنهنجي پگهار به وڌائينديس.“
لالي خاموش ويٺو رهيو.
مسز هوشنگ هن جي ڪلهي کي لوڏائي چوڻ لڳي: ”ٻڌين ٿو؟“
لاليءَ جي دل ته ٿڌي ٿي پر پوريءَ ريت نه. مسز هوشنگ وٽ واپس وڃڻ کان اڳ ۾ هن کيس چڱيءَ طرح جهڪائڻ ٿي چاهيو: ”پر مون کانسواءِ تنهنجو بزنيس ته سٺي نموني پيو هلي نه؟“
”مسز هوشنگ گهٽيل آواز ۾ چيو: ”هلي ته ٿو … پر اوئين نه ٿو هلي.“
لاليءَ جي چهري تي خوشيءَ جا ڀاوَ اچي ويا: ”ان جو مطلب ته توکي منهنجي ڪمي محسوس ٿئي ٿي نه؟“
مسز هوشنگ لاليءَ جي چالاڪي سمجهي وئي، ان ڪري وري پاسو بدلائي چوڻ لڳي: ”مون کي! هرگز نه، پر اهي بيوقوف نرسون، آيائون، ٽائيپسٽ ڇوڪريون، اهي سڀ ڇوڪريون تنهنجو پڇنديون آهن … هاڻي وڌيڪ ضد نه ڪر، واپس اچ!“
لاليءَ ٿوري دير کانپوءِ چيو: ”هن کي ڇڏي ڏيان؟“
”تون هن کي ماريندو ڪندو آهين نه؟“
”ماريندو آن، ماريندو آن، ڄڻ روز جي ڳالهه هجي!“ لالي ڪاوڙ ڪرڻ لڳو، ”توکي ڪير ٿو ٻڌائي، اهو سڀڪجهه، جتي وڃان ٿو اهو ئي جملو ٿو ٻڌان، سڄي ماهم ۾، باندري ۾ بس اها ئي ڳالهه مشهور ٿي وئي آ ته مان شوڀا کي ماريندو هان… بس پوئين سومر تي ئي ته … پوءِ به ٿورو هٿ هنيو مانس…ان کي ڇا مارڻ چئبو آ… ماريو ته مون گرڌر کي هو… هن کي به ياد هوندو.“ لاليءَ جي چهري تي پنهنجي ڪاميابيءَ جا اولڙا پوڻ لڳا. جيڪا گرڌر داد جي هن حالت ڪئي هئي، ان جي تصوير هن جي دماغ ۾ ڦرڻ لڳي، هن جي ڳچي آڪڙ وچان اڀي ٿي وئي. مسز هوشنگ سندس انداز کي سمجهي وئي، ته پيار سان ٻچڪر ڏئي چوڻ لڳي:
”هاڻي ٺهيو، ان ڳالهه کي ڇڏ…“
”ماريندو هان هن کي!“ لالي خفي ٿيندي چيو، ”واه مان ڇو روز روز ماريندومانس.“
مسز هوشنگ چوڻ لڳي: ”اڙي هاڻي ڇڏ کڻي ان ڳالهه کي… هن ڇوڪريءَ ۾ آهي ڇا جو تون هن جي باري ۾ ايترو ٿو سوچين، توکي صرف ٽي مهينا ٿياآهن، هن سان شادي ڪئي…تنهنجي اکين مان لڳي ٿو ته تون هن مان تنگ ٿي پيو آن…بيزار ٿي پيو آن… هن دريءَ کان ٻاهر ڏس.“ مسز هوشنگ ڏاڍي پيار وچان سندس گردن، دريءَ جي پاسي گهمائيندي چيو، ”هن کان ٻاهر تنهنجي ڪارنيوال آهي… هن جو آواز نه ٻڌندو آن؟ ويجهو ئي ته منهنجو بوٿ آ… اسان جو گڊ لڪ چيڪلو… ڇوڪريون، ٽڪيٽون، رپيا… اهڙو احمق اڳ ته تون ڪونه هئين… ڇا ٿي ويو آ توکي، راتين جون راتيون ڪٿي هوندو آن؟ ڇا ته حالت بڻائي ٿي پنهنجي.“
”توکي ڇاهي؟“
” تون ته سدائين صاف سٿرو رهندو هئين، ڪنهن شهزادي وانگر… سڄي ڪارنيوال ۾ تو جهڙو سهڻو ڪوبه نه هو، الائي ته ڪٿي ٿو ڌڪا کائيندو وتين… خبر اٿي مون نئون ساز خريد ڪيو آ…“
”ها خبر آ…“
”دريءَ کان ان جو آواز ته ايندو آ نه، سٺو آ نه؟“
”ها سٺو آ.“ هن چپ چٻاڙيندي چيو.
مسز هوشنگ هن جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويٺي، گهرو ساه کڻي چوڻ لڳي: ”هن کي ڌيان سان ٻڌ…. جڏهن چيڪلو هلندو آهي ۽ اهو ساز وڄندو آهي ته ڄڻ نشو چڙهڻ لڳندو آهي، اتي اچي ٻڌ نه!“ ٿورو وقفو ڪري وري چوڻ لڳي: ”مون ٻه پراڻا ڪاٺيءَ وارا گهوڙا به بدلائي ڇڏيا آهن، اهي جن جا ڪن ٽٽي پيا هئا.“
”انهن جي جاءِ تي ڇا رکيو اٿئي؟“ لاليءَ جي دل ۾ پنهنجي پيشي متعلق دلچسپي پيدا ٿيڻ لڳي.
”تون ٻڌاءِ ني…؟“ مسز هوشنگ منجهنس شوق کي وڌائيندي چيو.
لاليءَ اکيون بند ڪري غور ڪندي چيو: ”زيبرا؟“
”نه.“
گينڊو؟“
”نه“ مسز هوشنگ خوش ٿيندي چيو، ”موٽر ڪار.“ چوندي پنهنجا ٻئي هٿ ڦهلائي چوڻ لڳي: ”هيتري وڏي.“
لاليءَ جي چهري تي خوشي، لهرن جيان اڀرڻ لڳي، مسز هوشنگ هن جي دلچسپي ڏسي، ڳوٽ تي ڳوٽ مارڻ وارو انداز اختيار ڪندي چوڻ لڳي: ”مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن تو ۾ ٿورو به عقل هوندو ته تو واپس اچي ويندين…. هونئن به هتي هتي رلندي سڙي ويندين، مون وٽ تنهنجو آرٽ توکي واپس ٿو سڏي…“ هن خوشامد ڪندي پنهنجو آخري داءُ استعمال ڪيو،”تون آرٽسٽ آن، آرٽسٽ! ۽ هڪ شادي شده. .. ۽ مان سمجهان ٿي تون احمق نه آن.“