ٻالڪ ۽ ٻولي
اتي رکان گُل، جتي بيتُ لطيف جو.
ٻوليون ٻيون به ڪيتريون، آهن سکڻ ڪاڻِ
اچي ٿي سرهاڻ، مون کي سنڌيءَ سٽ مان.
جنهن ۾ ڳالهيون اوپريون، منهنجو ناهي نصاب
پڙهان سوئي ڪتابُ، جنهن ۾ صفحا سنڌ جا.
سنڌيءَ ڌاران سُڃَ، منهنجي لئه مڪتب
لهي منهنجي اڃَ، پڙهي بيتُ لطيف جو.
ڦرهيءَ مٿان منهنجي، تنهنجو روشن نانءُ
ڌرتي! تنهنجي ڇانءُ، منهنجي آهي وجود تي.
ڪڙي ناهي ڪا به، ٻوليون ڌارون ڌارَ
آهن ماکيءَ لار، سڀُ اکر سنڌيءَ جا.
پهريان نانءُ سليٽ تي، لکان سنڌڙيءَ جو
تنهن کان پوءِ ٻيو، ساٿي! سبق اتاريان.
الا! ڪنهن اسڪول کي لڳي نه تالو
هر هنڌ اجالو، سنڌي ٻوليءَ جو رهي.