ڪھاڻيون

اسپيس اوڊيسي(سائنسي افسانا)

هي ڪتاب سائنسي افسانن جي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌي ترجمو نامياري ليکڪ ڪليم ٻُٽ ڪيو آهي.
ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو اينديون رهن ٿيون. سندس هي ڪم به منفرد آهي. هي سندس سائنسي افسانن جو ترجمو آهي، هي ڪهاڻيون راجيشوري سنگهه ۽ برجندرا سنگهه جي ڪتاب اسپيس اوڊسي، جيڪو لرنرز پريس، نيو دلي انگريزي زبان ۾ ڇپرايو آهي جو ترجمو آهي ۽ ان ۾ ٽي سائنسي افسانا ٽائيم مشين، ليزر ديوتا جا ٻار ۽ نيمسس شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 1448
  • 662
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪليم ٻُٽ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اسپيس اوڊيسي(سائنسي افسانا)

ٽائيم مشين

ونود شرما بي صبري سان هيٺ مٿي هلي رهيو هو.
هن بند دروازي پٺيان ڇا ٿي رهيو آهي؟ هن سوچيو. دائي کيس يقين ڏياريو هو ته سڀ ٺيڪ ۽ ويم نارمل آهي، پر تنهن هوندي به شرما فڪرمند هو، ڇو جو هي سندس پهريون ٻار هو. اوچتو هڪ آواز خاموشيءَ کي چيري ڇڏيو ته شرما جي دل جو ڌڙڪو بهجي ويو، هن هلڻ بند ڪيو ۽ برف جيان ڄمي ويو، فڪرمندي ۾ بي ترتيب سوچون اينديون رهئس. هڪ لمحي کانپوءِ در کليو ۽ دائي مرڪندڙ چهري سان ٻاهر نڪتي.
”صاحب مبارکون هجن،“ هن وڏي واکي چئيس: ”اوهان کي پٽ ڄائو آهي، ماءُ ۽ ٻار ٻئي تندرست آهن.“ هن خبر تي شرما ذري گهٽ ڪرڻ لڳو.
منهنجو پٽ، هن سوچيو: اسان هن تي ڪهڙو نالو رکون....؟ ۽ پوءِ هن جي ذهن تي سندس پياري چاچي جو نالو ترڻ لڳو، اهو ئي چاچو جنهن سندس شادي ڪرائي هئي.
اسان کيس راڪيش سڏينداسين.... هن فيصلو ڪري ڇڏيو.
وقت گذرندو رهيو............
اشتهار وارو گانو ختم ٿيو ته ٽي وي اسڪرين هڪ سيڪنڊ لاءِ ڪاري ٿي وئي.
آخر هو؛ راڪيش ڪاوڙ منجهان سوچيو: سندن شين کي صحيح طور ڇو نٿا پيش ڪن!! اسڪرين تي ٻيهر روشني ٿي وئي.
خلا..... انسان جي آخري سرحد. راڪيش جي ڏهن سالن جي پٽ ارون زور سان پڙهيو.
بڪواس؛ راڪيش پاڻ سان ڳالهايو: جيڪڏهن اسين پٿر جي دور جا انسان هجون ها ته پوءِ خلا انسان جو آخري سفر هجي ها، پر هاڻي نه..... هاڻي ته اها سرحد به انسان پار ڪري ويو آهي، ان وقت جڏهن ڪنهن نامراد چينيءَ آسمانن ڏانهن راڪيٽ امڻيو..... ۽ ائين ٿو ڀائنجي ڄڻ اها ٽي هزار سال اڳ جي ڳالهه آهي...... اڄ جي انسان جي آخري سرحد وقت (ٽائيم) آهي، هڪ اهڙي روڪاوٽ جيڪا تمام جلدي ڀڄي پوندي.... جيڪڏهن انهن تجربن جيڪي راڪيش ليباٽري ۾ ڪري رهيو آهي ڪامياب ويا ته....!!
فون جي گهنٽي وڳي....... راڪيش اٿي فون کئين.......
”ڊاڪٽر شرما پيو ڳالهايان،“ هن نرم پر کري لهجي ۾ ڳالهايو.
”نمستي ڊاڪٽر شرما، آئون ڪارلي آهيان.“
”اوهان کي به نمستي ۽ دلي اچڻ تي ڀليڪار،“ راڪيش کي سندس کري لهجي جو چڱي نموني اندازو هو، پر هڪ ته هو لاچار ۽ ٻيو اهو ته سندس ڪاميابي جو دارومدار ڪارلي تي ئي هو.
”مهرباني ڊاڪٽر شرما ته پوءِ ڇا پاڻ اڌ ڪلاڪ اندر اوهان جي ليباٽري ۾ ملون؟“ ڪارلي پڇيو.
”ڇا اوهان گهر جو رستو ڳولهي لهندا، آئون اوهان کي آساني سان کڻي سگهان ٿو.“ راڪيش ڳڻتي جوڳي انداز ۾ چيو.
”ان جي ضرورت ناهي، ڊاڪٽر شرما، اوهين ڪافي مشهور آهيو، هر ٽيڪسي واري کي اوهان جي ليباٽري جي خبر آهي، آئون اڌ ڪلاڪ ۾ اُتي هوندس.“ ڪارلي جواب ڏنو.
راڪيش ليباٽري ٻاهران بيهي ڪارلي جو انتظار ڪرڻ لڳو. پنجن منٽن ۾ ڪارلي پهچي ويو ته راڪيش گرمجوش انداز ۾ هن سان مليو.
”اوهان جو سفر ڪئين رهيو؟“ هن ڪارلي کان پڇيو.
”ٺيڪ هو، پر آئون اهو چوندس ته ڏينهنو ڏينهن هوائي جهازن جو معيار گهٽجندو پيو وڃي، خير اهو ايترو ضروري ناهي، اچو ته ڪم جي ڳالهه ڪريون.“ ڪارليءَ حقيقت پسندي جو اظهار ڪندي چيو.
”جي بلڪل ته پاڻ ڪٿان کان شروع ڪريون؟“ راڪيش پڇئس، ڪارلي هڪ لمحي لاءِ سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ چيائين: ”منهنجي خيال ۾ شروع کان ئي شروع ڪجي ته بهتر رهندو، مهرباني ڪري اوهان تفصيل سان پنهنجا نظريا سمجهايو، جنهن کانپوءِ اسان ليباٽرين ۾ هلي اوهان جا تجربا ڏسنداسين.“
”ٺيڪ آهي،“ راڪيش خوشيءَ منجهان جواب ڏنو: ”آئنسٽائين؛“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”اهو نظريو ڏنو ته ڪنهن به شيءَ جي مقدار (ماس) چرپر دوران مٽجندي آهي، ياد رهي ته مقدار (ماس) تبديل ٿيندي آهي، وزن (ويٽ) نه.....“
”مونکي خبر آهي،“ ڪارلي جواب ڏنو، راڪيش پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
”آئنسٽائين اهو دريافت ڪيو ته جيترو تيز هڪ جسم سفر ڪندو، ايتري ئي ان جي مقدار (ماس) وڌندي. هن هڪ فارمولو ڏنو جنهن ۾ مقدار ۽ رفتار (ماس ۽ ولياسٽي ) جو تعلق ڏيکاريل آهي.
منهنجو پريون نظريو ان فارمولا تي ٻڌل آهي، جيڪو، جئين اوهان ڄاڻيو ٿا، اسان گذريل سال صحيح ثابت ڪيو هو. نيٺ هنن هڪ اهڙو راڪيٽ تيار ڪري ورتو جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ هزار ڪلو ميٽرن جي رفتار سان هلي ٿو. ان کان پوءِ هنن ان ۾ تمام زبردست اوزار استعمال ڪيا، جيڪي آن بورڊ ڪمپيوٽر سان ڳنڊيل آهن. ان منجهان هنن آئنسٽائين جي فارمولا جو جواب حاصل ڪيو، جنهن جي غلط هجڻ جي گنجائش نه هوڻ برابر آهي.“
”ها مون اهو پڙهيو آهي،“ ڪارلي چيو.
”ته سر؛“ راڪيش ڳالهه جاري رکي: ”ان فارمولا موجب ڪنهن به شيءَ جي رفتار جيڪڏهن روشني جي رفتار برابر ڪئي وڃي ته ان جي مقدار (ماس) لامحدود ٿي ويندي.“ ڪارلي هن ڳالهه تي ٿڌي دماغ سان سوچڻ لڳو ۽ بي يقيني ۾ مٿو ڌوڻي چيائين:
”هڪ شيءَ جي مقدار (ماس) ڪئين لامحدود ٿي سگهي ٿي؟“
”مونکي خبر آهي جيڪو آئون چوان پيو اهو اعتبار جوڳيو نه آهي،“ راڪيش صبر جو اظهار ڪندي جواب ڏنس، هن وقت تائين هو ماڻهن جي شڪي مزاج جو عادي بڻجي چڪو هو.
”پر ميٿاميٽڪس جي حساب سان آئون صحيح آهيان، جئين آئنسٽائين جو فارمولا ان ڳالهه جي شاهدي آهي. اوهان ميٿس واري منطق تي ڪوبه بحث نٿا ڪري سگهو.“
”ها پر،“ ڪارلي آهه ڀري جواب ڏنو: ”اڃا به ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي.“
”۽ اهو،“ راڪيش چيو: ”نه وساريو ته لامحدوديت ٻين تي دارومدار رکندڙ لفظ آهي. لامحدود مقدار کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪا به مخصوص سمجهاڻي نٿي ملي. ان جو رڳو اهو مطلب آهي ته نسبتن تمام وڏي مقدار. مثال طور هڪ عام ڪيمرا ۾ لامحدوديت جو مطلب ويهه ميٽرن جو مفاصلو ٿي سگهي ٿو.“
”ها؛“ ڪارلي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو: ”جيڪڏهن ائين ڏسجي ته پوءِ ڳالهيون آسان ٿي وينديون ۽ پوءِ اسان اهو قبول ڪري سگهون ٿا ته ڪنهن به شيءَ جي مقدار روشني جي رفتار جيتري ٿيڻ سان لامحدود ٿي ويندي آهي، جئين ذرڙي (ايٽم) جي مقابلي ۾ ڌرتي جي مقدار لامحدود آهي، پر ڪائنات جي ڀيٽ ۾ ڌرتي جي مقدار نه هوڻ برابر آهي.“
”زبردست؛“ راڪيش پرجوش انداز ۾ چيو: ”هاڻي اوهان ڳالهه سمجهي رهيا آهيو.“
ڪارلي هن ڳالهه تي خوش ٿيو ۽ چيائين: ”ٺيڪ اڳتي.“
”هاڻي اچي ٿو سڀ کان اهم حصو؛“ راڪيش ڳالهه تي زور ڏيندي چيو: ”هن فارمولا جيڪو هن مهل تائين غلط ثابت نٿي سگهيو آهي، موجب جئين ئي ڪنهن به شيءَ جي رفتار روشني جي رفتار کان وڌي وڃي ٿي ته ان جي مقدار (ماس) جو تصور کان ٻاهر هليو، تنهن ڪري آئنسٽائين موجب ڪابه شيءَ روشني جي رفتار کان مٿي نٿي ٿي سگهي.“
”ته پوءِ اوهان جو نظريو ڇا آهي؟“ ڪارلي بيصبري منجهان پڇيو.
”منهنجي نظريئي موجب؛“ راڪيش پرسڪون انداز ۾ جواب ڏنو: ”ڪنهن به شيءَ جي مقدار (ماس) روشني جي رفتار کان تيز کانپوءِ تصور کان ٻاهر انڪري ٿيو وڃي جو اها وقت ۾ پٺيان سفر ڪرڻ لڳندي آهي.“
”پر اهو ته ممڪن ئي ناهي.“ ڪارلي اعتراض ڪندي چيو.
”سر هي شيءَ ممڪن آهي بس رڳو اوهان جو دماغ ان کي قبول ڪري، مونکي يقين آهي اوهين منهنجا حامي ٿيندا....“ هن چيو، راڪيش ۾ ماڻهن تي اثر انداز ٿيڻ واري قابليت هئي جنهن جو هن استعمال ڪيو.
”ڏسو آئون ڪجهه شرطن تي ئي اوهان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيان.“
”مهرباني،“ راڪيش ٿورا مڃندي چيو: ”۽ پنهنجي موقف کي وڌيڪ اثرائتو ڪرڻ لاءِ آئون اهو چوندس ته جيڪڏهن ڪا شيءَ وقت ۾ پٺيان سفر ڪري ته ان جو مقدار ڪالهه هڪ حقيقت هئي، پر اڄ تصور کان ٻاهر.“
”جي بلڪل،“ ڪارلي چيو.
”اهو؛“ راڪيش مرڪي چيو: ”منهنجو پهريون نظريو آهي ۽ ان کان اڳ جو آئون پنهنجو ٻيو نظريو پيش ڪريان، ڇو نه پاڻ لنچ ڪريون، منکي بک لڳي آهي.“
ماني پوري ڪرڻ تائين ڪارلي مڪمل طور مطمين ٿي چڪو هو ۽ راڪيش جي ”ٽائيم ٽريول ٿيوري“ (وقت ۾ سفر ڪرڻ وارو نظريو) جو پڪو حمائتي ٿي پيو. راڪيش ٿڌو شوڪارو ڀريو، ڇو جو سندس وقت ۾ پٺيان يعني حال کان ماضي ڏانهن وڃڻ وارن تجربن ڪارڻ هن ڪيترين ئي مشڪلن کي منهن ڏنو هو، جڏهن ته پيسن جي کوٽ سبب سندس مالي حالت به خراب ٿي چڪي هئي. هاڻي هو ڪارلي تي سمورو بار رکي رهيو هو ته جئين کيس ٽائيم مشين ٺاهڻ لاءِ پيسا ملي سگهن. ڪارلي هڪ تمام وڏو صعنتڪار هو، بجلي جي سامان کان ڪپڙي جون شيون وڪرو ڪرڻ سندس ڪاروبار ۾ شامل هيون، هو سرف، ميڪ اپ ۽ رٻڙ منجهان ٺهيل شين جو پڻ واپار ڪندو هو. تان جو سندس ڪاروبار ۽ سياسي واسطا هئا تنهن هوندي به ڪارلي گمنامي جي زندگي گذارڻ پسند ڪندو هو، ميل جول کان پاسو ڪري پاڻ بچايو هئائين ۽ عوام جي اڪثريت شايد ئي سندس نالي کان واقف هوندي.......
ٻئي راڪيش جي آفيس ۾ موٽي اچي سڪون سان ويهي رهيا........
”هاڻي پاڻ ٻين نظريئي تي ڳالهايون.“ راڪيش چيو.
”جي،“ ڪارلي جواب ڏنو: ”آئون ته اهو وسري وئس ته اوهان وٽ هڪ کان وڌيڪ نظريا آهن، ڇا هي به پهرئين نظريئي جيترو ئي دلچسپ آهي؟“
”جي ذري گهٽ ايترو ئي؛“ راڪيش سنجيدگيءَ سان چيو: ”ٻين نظريئي جو دارومدار پهرئين نظريئي کي سمجهڻ تي هو.“
”ته پوءِ اهو به ٻڌڻ گهرجي،“ ڪارلي هن ڏانهن جهڪندي چيو.
”ٻيو نظريو تڏهن ئي اڳيان وڌندو؛“ راڪيش ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”جڏهن مونکي پڪ ٿي وڃي ته پهريون نظريو درست آهي، ٻين لفظن ۾ ته وقت ۾ پٺيان سفر ڪرڻ ممڪن آهي. مون اهڙا طريقا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان اهو ممڪن ٿي سگهي ته ڪا شيءَ روشني جي رفتار کان به وڌيڪ تيز سفر ڪري سگهي.“
”موجوده دور جي راڪيٽن سان ته اهو ممڪن ناهي،“ ڪارلي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، هو راڪيش جي جوشيلي انداز ۾ سمائجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
”انهن ۾ مونکي ڪا به نظر نٿي اچي،“ راڪيش لاپرواهي منجهان چيو: ”موجوده راڪيٽن، ايٽمي قوت يا اهڙي ٻئي ڪنهن به مادي سان جيڪڏهن اوهان روشني جي رفتار جي ذري برابر به ويجها آيا ته نوبل انعام جا حقدار هوندا.“
”ته پوءِ؛“ ڪارلي چيو، سندس ڀرون اڀا ٿي ويا: ”اسان کي روشني جي رفتار کان اڳيان نڪرڻ لاءِ هڪ نئين ايجاد ڪرڻي پوندي.“
”گهڻي؛“ راڪيش جواب ڏنو: ”سوچ ويچار، تحقيقي ڪتاب پڙهڻ ۽ ماهرن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿي ماري ڪرڻ کانپوءِ آئون ان نتجي تي پهتو آهيان ته روشني جي رفتار کان اڳيان نڪرڻ لاءِ اسان کي لرزش (وائبريشن) جو استعمال ڪرڻو پوندو.“
”لرزش (وائبريشن.....!!“ ڪارلي بييقيني منجهان اهو لفظ ورجايو.
”جي لرزش (وائبريشن).... ۽ ٻيو اهو ته لرزش (وائبريشن) پڻ حرڪت آهي ۽ لرزش (وائبريشن) دوران اوهان رفتار پيدا ڪندا آهيو.“
”پر.....پر......“ ڪارلي اعتراض ڪيو، پوءِ اڀري آيل خيالن کي ذهن منجهان تڙي ڪڍندي چيائين:
”لرزش (وائبريشن) ته حرڪت کي ساڪت رکڻ لاءِ استعمال ڪبي آهي، ان کي رفتار ڪئين ٿو سڏي سگهجي؟“
”اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان کي ان بابت سوچڻ ۾ ايترو وقت لڳي ويو،“ راڪيش آهه ڀريندي چيو: ”ته اها حرڪت کي ساڪت رکڻ لاءِ هوندي آهي، پر هاڻي اسان وٽ ان جو به حل آهي، جيڪو سالن کان موجود هو پر ان تي اسان جي نظر نه وئي.“
”ڪهڙو حل؟؟“ ڪارلي تجسس منجهان پڇيو.
”متبادل ڪرنٽ..... اوهان جي گهر ۾ استعمال ٿيندڙ عام اي سي جو پاور. ڇو جو اهو ساڪت رکڻ لاءِ هوندو آهي، پر ان جو اهو مطلب نه آهي اها ٻڙي (0) آهي ۽ ان کي نظرانداز ڪري ڇڏجي، اها 220 والٽ جو پورو پاور ڏيندي آهي.“
”زبردست،“ ڪارلي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون: ”تمام بهترين.“
”مهرباني،“ راڪيش ڪنڌ لوڏيندي چيو: ”اسان هن نظريئي تي ڪم ڪيو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن شيءَ کي پوري لرزش (وائبريشن) ڏيون ته اها ان جي وجود جي بقا لاءِ ڪافي هوندي ۽ پاڻ ئي وڌندي ايتري تائين جو اها روشني جي رفتار کان اڳيان نڪري وڃي. اسان ان تي به ڪم ڪيو آهي ته شروعاتي لرزش گهڻي هجڻ گهرجي، اها ڪٿان کان مٿي ٿيندي ۽ مٿي هلندي ويندي. هن عمل کي اسان وائبرٽري اسڪيپ ولياسٽي يا وي اي وي سڏيون ٿا.“
”۽ پوءِ؟“ ڪارلي ويتر تجسس منجهان پڇيو.
”۽ پوءِ اسان جي اڳيان هڪ مشڪل اچي وئي.“ راڪيش رنج منجهان چيو.
”مطلب اوهان جو ٻيو نظريو ڪارائتو نه آهي؟“ ڪارليءَ بييقيني منجهان پڇيو.
”نه....نه......هرگز نه..... منهنجو اهو مطلب نه هو،“ راڪيش پاڻ سنڀاليندي چيو: ”پر هي منهنجو آخري نظريو نه آهي، مون وٽ ٽيون نظريو پڻ آهي جيڪو هن مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڙيو ويو، پر ان تي پوءِ ٿا ڳالهايون، پهريان آئون اوهان کي ان مشڪل جي باري ۾ ٻڌايان.“
”جي بلڪل،“ ڪارلي چيو هو پوري ڌيان سان ٻڌي رهيو هو.
”مشڪل اها آهي ته ماضي جو سفر ڪرڻ جو سائنسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ زنده، سوچ سمجهه رکندڙ انسان ماضي ۾ موڪلڻو پوندو.“
”ته....!!“ ڪارلي ڪلها لوڏيندي چيو.
”ته اهو، جڏهن اسان لرزشي رفتار موجب عام ڪمپيوٽر ۾ پنهنجي ڄاڻ وڌي ته اهو نتيجو سامهون آيو ته ڪا به زنده مخلوق هن سموري عمل ۾ بچي نه سگهندي...... منهنجي چوڻ جو مطلب آهي جيڪڏهن ڪنهن به انسان هن سموري عمل ۾ حصو ورتو ته اهو ٽڪرن ۾ ڦاٽي پوندو يا ڪنهن ٻي طريقي سان مري ويندو.“
”اڇا،“ ڪارلي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو: ”ته پوءِ؟“
”ان کانپوءِ مون پنهنجي ٽين تجربي تي ڪم شروع ڪيو،“ راڪيش جواب ڏنو.
”۽ اهو ڇا آهي؟“ ڪارلي تجسس منجهان پڇيو، پر سڌي جواب ڏيڻ بدران راڪيش پيپر ويٽ کڻي سوال ڪيو:
”اوهان کي خبر آهي ته اوهان ۾ ۽ هن پيپر ويٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ هڪ لمحي لاءِ ڪارلي خاموش رهيو ڄڻ اُتي هو ئي ڪونه.....!! ۽ پوءِ هڪ ساهي ۾ چيائين:
”مون ۾۽ پيپر ويٽ ۾.... مون ۾ ماس ۽ رت آهي، هي شيشو آهي، آئون زنده آهيان ۽ هي مئل آهي، آئون.......“
”ترسو.....ترسو......“ راڪيش کيس روڪيندي چيو: ”مون بنيادي فرق پڇيو.“
”ان منجهان اوهان جو ڇا مطلب آهي؟“ ڪارلي حيرت منجهان پڇيو.
”منهنجو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن سائنسي بنيادن تي ڏٺو وڃي ته اوهان اليڪٽرانس جيڪي نيوڪلي جي آس پاس ڦرن ٿا کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهيو، ٻين لفظن ۾ ڪجهه انگ اليڪٽرانس، پروٽانس ۽ نيوٽرانس جا، صحيح....!!“
ڪارلي هن ڳالهه تي غور ڪيو، سندس سوچ ۽ سمجهه کي هن هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا ئي دچڪا لڳي چڪا هئا، پر تنهن هوندي به هو پاڻ تي ضابطو ڪيو ويٺو رهيو.
”صحيح؛“ هن نيٺ قبوليو: ”بنيادي بور تي اوهان صحيح آهيو.“
”۽ اها ئي حقيقت هن پيپر ويٽ جي به آهي،“ هن ان کي ٽيبل تي ڦيريندي چيو: ”بنيادي طور تي هي به اليڪٽرانس، پروٽانس ۽ نيوٽرانس جي انگ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.“
”اوهان صحيح پيا چئو،“ ڪارلي چيو: ”ته پوءِ اصل فرق ڪٿي آهي؟ ڇو آئون زنده ۽ هي مئل آهي؟“
”هي ئي ته اصل نقطو آهي جنهن تي اسان خيالن جي ڄار ۾ ڦاسي پوندا آهيون.“ راڪيش هٻڪندي چيو: ”اسان جي زندگيءَ جو دارومدار ڊي اين اي، آر اين آي ۽ ٻين ڪيترن اهڙين شين تي آهي، گهڻيون ته اهڙيون آهن جن کي اسان اڄ تائين سمجهي ئي نه سگهيا آهيون. پر اها حقيقت پنهنجي جاءَ تي آهي ته هڪ جاندار ۽ غير جاندار شيءَ ۾ ماليڪيولر ليول جو فرق هوندو آهي.“
”پوءِ؟“ ڪارلي شڪي انداز ۾ پڇيو.
”پوءِ منهنجو ٽيون نظريو عمل ۾ اچي ٿو، اهو هي آهي ته جيڪڏهن اسان ڪنهن جاندار جسم جي رڳو ايٽمڪ ليول کي لرزش (وائبريشن) تي آڻيون ته اهو روشني جي رفتار کي پار ڪري ويندو ۽ اهڙي جسم کي اسان مردو نٿا چئي سگهون.“ راڪيش چيو.
”پر ٽڪرن ۾ ڦاٽي پوڻ واري ڳالهه جو ڇا ڪنداسين؟“ ڪارلي ٻيهر فڪرمندي منجهان پڇيو.
”ڏسو جيڪڏهن سڀئي ايٽم هڪ ئي وقت ساڳي رفتار سان لرزش (وائبريشن) ۾ آندا وڃن ته ايٽم سندن جاءَ تان ڪونه ٿڙندا ۽ جسم مڪمل طور محفوظ رهندو.“ هي ڳالهه ڪندي راڪيش کي احساس ٿيو ته هنن لفظن دوران هو پنهنجو اعتماد وڃائي چڪو آهي.
”اوهان جو نظريو اعتماد جوڳيو ته آهي پر هي ڪنهن ٻي انسان لاءِ هڪ خطرناڪ حادثو پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو.“
”جي ها،“ راڪيش چيو: ”انهيءِ ڪري فيصلو ڪيو اٿم ته سڀ کان اول هي تجربو آئون پنهنجي ئي جسم مٿان ڪندس.“
”اوهان ڇا.....؟“ ڪارلي بييقيني منجهان چيو.
”ڇو جو، جيڪڏهن ڪو ٻيو ويو ته اسان کي اها خبر نه پئجي سگهندي ته مشين ڪم ڪري پئي يا نه؟“ راڪيش صفائي ڏيندي چيو.
”پر جيڪڏهن هي تجربو ناڪام ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ڪارلي ويتر تجسس منجهان پڇيو.
”ته پوءِ بهتر اهو رهندو ته ان جي نتيجن کي آئون پاڻ ئي منهن ڏيان مونکي ڪو به حق ناهي ته آئون ڪنهن جي زندگي پنهنجي بنا تصديق ٿيل تجربي جي ڪري خطري ۾ وجهان، ڇا مونکي اهڙو اختيار حاصل آهي؟“ راڪيش چيو. ڪارلي ڪو به جواب نه ڏنو پر کيس خبر هئي ته راڪيش رڳو ان ڪري پاڻ کي قرباني جو ٻڪرو پيو ڪري جو هن کي پڪ آهي ته سندس نظريا ڪامياب ويندا ۽ هو پنهنجو نالو تاريخ ۾ وقت جو سفر ڪندڙ پهريون انسان طور درج ڪرائڻ گهري ٿو. تان جو هن رٿا جي ناڪام ٿيڻ جا گهڻا ئي انديشا هئا، پر ڪارلي راڪيش جي جذبن تي پاڻي نٿي ڦيرڻ چاهيو، جيستائين ڪارلي ڄاتو ٿي راڪيش پنهنجي زندگي ڏيڻ لاءِ به تيار هو.
”اوهين صحيح پيا چئو،“ ڪارلي ڪنڌ ڌوڻيدي چيو: ”اوهان ئي هنن تجربن جي تصديق ڪرڻ وارا پهريان شخص هجڻ گهرجو. پر ماضي ۾ سفر ڪرڻ کانپوءِ واپس حال ۾ موٽڻ جو ڪهڙو رستو هوندو؟“
”اسان کي ڪرڻو رڳو اهو پوندو ته هن سموري عمل کي واپس ورائي ساڳي شڪل ۾ آڻي بيهاريون،“ راڪيش سمجهائيندي چيو: ”وقت جو مسافر، جيڪو هن ڪيس ۾ آئون آهيان، ڌيان سان مليل جاءَ جي نشاندهي ڪندو ۽ واپس ورڻ لاءِ اڳواٽ وقت مقرر ڪري ڇڏبو، مشين جو فني ماهر موٽرن کي پٺيان ڪري اصل حالت ۾ آڻيندو ته مسافر ماضي کان حال ۾ موٽي ايندو.“
”صحيح،“ ڪارلي هاڪاري ۾ مٿو لوڏيندي چيو: ”آئون سمجهان ٿو اوهان کي آر وي جي چڪاس لاءِ پڻ وقت مقرر ڪرڻو پوندو، جئين هر ڪلاڪ ٻن ۾ چڪاس ٿيندي رهي ۽ اسان ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهون.“
هنن هن معاملي وڌيڪ ڪجهه دير ڳالهايو، جنهن کانپوءِ ڪارلي راڪيش کي بنا وياج جي ڏهه لک روپين جو قرض ڏيڻ جي حامي ڀري ته جئين هو وڌيڪ تجربا ڪري سگهي. ذهني هن پاڻ کي ڏهن لکن تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو. ٽن ڏينهن کانپوءِ راڪيش جي هٿ ۾ پيسا آيا ته هو وڌيڪ تجربا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. هن جو جذبو انتها جي آخري حد تائين وڌيل هو، جڏهن ته هن جي هيٺان ڪم ڪندڙن هن خواب کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا، تان جو سندن ڪم جي پرچار دنيا تائين پهچي وئي.
وقت گذرندو رهيو..........
آخرڪار ان وڏي ڏينهن جي صبح ٿي. ٽائيم مشين جي پهريون ڀيرو صحافين اڳيان چڪاس ٿي رهي هئي ۽ راڪيش پاڻ ئي ان ۾ وهڻ وارو هو. تان جو هر ڪنهن کيس اها صلاح ڏني ته هي تجربو اول ڪنهن جانور تي ڪري ڏسجي، پر هن نه مڃيو..... ليباٽري صحافين، فوٽو گرافرن، ۽ ٽي وي وارن جنهن هندوستاني توڙي ٻين ملڪن جا صحافي هئا، سان ڀرجي وئي. ڪارلي ۽ راڪيش جي زال اڳئين صف بيٺل هئا، هنن کانسواءِ ڪنهن کي به اندر اچڻ جي اجازت نه هئي، سندن چهرن تي پريشاني صاف ڇلڪي رهي هئي، راڪيش جي زال پريشاني ڪارڻ ننهن کي چڪ هڻڻ لڳي، تنهن هوندي به ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ منهن تي مصنوي مرڪ سجايو بيٺي هئي. جئين ئي راڪيش اليڪٽرڪ ڪرسي تي ويٺو ته ڪيمرائن جا فليش ٻرڻ لڳا. تان جو اي سي هلي رهي هئي پر وڏين لائيٽن سبب هر ڪو پگهرجي چڪو هو. راڪيش خاموشي سان چپن ۾ ڪا دعا پڙهي ۽ پوءِ وڏي واکي سامهون رکيل مائيڪن ۾ چيائين:
”آئون تيار آهيان، هلو.“ سندس چيف اسسٽنٽ هڪ بٽڻ دٻايو ته ڪمري ۾ هڪ عجيب آواز اڀريو، اها ڪرسي جنهن تي راڪيش ويٺل هو ۾ هلڪي هلڪي لرزش (وائبريشن) پيدا ٿيڻ لڳي، ٿوري دير ۾ ڪرسي رفتار پڪڙڻ لڳي جنهن سان آواز پڻ وڌي ويو، جيڪو ڪميرائن ۽ وقفي وقفي سان ٿيندڙ هلڪڙي گفتگو ۾ ملي ٿي ويو، جئين ئي لرزش (وائبريشن) ٿيڻ لڳي ته راڪيش جي زال دعا پڙهڻ شروع ڪئي، ڪارلي جي مرڪندڙ چهري تي پريشاني جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا، ڪنهن کي به خبر نه هئي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. موٽرن جو آواز هڪ رڙ بڻجي ختم ٿي ويو، مشين جو ٻاهريون حصو ڌندلو ٿي ويو ۽ راڪيش جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. هڪ منٽ اندر بنا ڪنهن آگاهي جي راڪيش اوچتو غائب ٿي ويو، ان کان اڳ جو ڪير ڪجهه ڪري سگهي مشين پڻ غائب ٿي وئي.
ليباٽري ۾ گڏ ٿيل هجوم ان جاءَ کي جتي ڪجهه گهڙيون اڳ مشين پيل هئي کي تجسس ۾ تڪڻ لڳو. جئين ئي راڪيش جي زال سڏڪو ڀريو ته هڪ عورت وڏي واکي رڙ ڪئي، ڪارلي آهون ڀريندو رهيو..........
اهو صاف ظاهر هو ته راڪيش جي زال ۽ ڪارلي جي دماغ ۾ ساڳيو خيال هڪ ئي وقت اڀريو هو، هڪ اهڙو خيال جنهن راڪيش جي زال کي سڏڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ٻنهي اهو اندازو لڳائي ورتو هو ته مشين جي غائب ٿيڻ سان راڪيش ماضي ۾ ڦاسي پوندو ۽ ڪنهن به حال ڏانهن نه موٽي سگهندو.
پر......، ڪارلي حيرت منجهان سوچڻ لڳو: راڪيش شرما هن وقت تائين ڪيترو پٺيان سفر ڪري ويو هوندو؟ جيڪڏهن هو 30 سالن کان گهٽ واري عرصي ۾ پهتو هوندو (جيڪا مشڪل سان راڪيش جي عمر هوندي، يا جنهن جو اندازو ڪارلي ڪيو هو) ته ڇا هاڻي ماضي ۾ ٻه راڪيش نه هوندا....!! هڪ اهو جنهن حال کان ماضي ۾ سفر ڪيو آهي، ۽ ٻيو اهو راڪيش شرما جيڪو حقيقت ۾ اُتي موجود هوندو. تاريخ يا سماج هن مسئلي کي ڪهڙي نظر سان ڏسندو ۽ ڪئين حل ڪندو؟؟ ڪارلي کي انهن سوالن جو ڪو به جواب نه مليو. پر قدرت وٽ هنن مسئلن کي حل ڪرڻ جو الڳ حساب ڪتاب آهي. راڪيش شرما وقت ۽ سندس موجده عمر کان پٺيان جو سفر ڪري ويو، هن ڌرتي جي ننڍڙي ايراضي جو پڻ سفر ڪيو.......

32 سال اڳ ۾.....

ونود شرما بي صبري سان هيٺ مٿي هلي رهيو آهي.
هن بند دروازي پٺيان ڇا ٿي رهيو آهي.....؟؟ هن سوچيو، تان جو دائي کيس يقين ڏياري وئي ته سڀ ٺيڪ ۽ ويم نارمل آهي، پر تنهن هوندي به شرما فڪرمند آهي. ڇو جو هي سندس پهريون ٻار آهي ۽ جنگ جي ڪارڻ شهر ۾ ڪوبه ڊاڪٽر يا نرس موجود ناهي. اوچتو هڪ آواز خاموشي کي ٽوڙيو ته شرما جي دل جو ڌڙڪو بهجي ويو، هن هلڻ بند ڪيو ۽ برف جيان ڄمي ويو، فڪرمندي ۾ بيترتيب سوچون اينديون رهئس، هو ڪيتري ئي دير ائين بيٺو رهيو، کيس ڪو به اندازو نه هو ته ڇا ٿيو. هڪ لمحي کانپوءِ در کليو ۽ دائي مرڪندڙ چهري سان ٻاهر نڪتي.
”صاحب مبارکون هجن،“ هن وڏي واکي چيو: ”اوهان کي جاڙا پٽ ڄاوا آهن.“
ٽن ڏينهن کانپوءِ، جيڏي مهل شرما جي زال وهنجي رهي هئي، اوچيو جادوئي طور هڪ ڀڳل ۽ مڙيل ڪرسي جهڙي ڪا شيءَ ان بيڊ مٿان اچي ڪري جنهن تي اهي جاڙا ٻار سُتل هئا. ان جي وزني لوهه هيٺان اچي هڪ ٻار مري ويو. آخر اها ڪرسي ڪٿان آئي..... ان ڳالهه جي سمجهاڻي ڪنهن کي به نه ملي سگهي. نيٺ ڏکايل جوڙي پنهنجو ڏک وساري هڪ ئي پٽ کي قبول ڪري ورتو ۽ کيس سندس پيءَ جي پياري چاچي پٺيان ”راڪيش“ نالو ڏنو ويو.