آزاد بُخاري روشنين جو پانڌيئڙو
ڪنهن قوم جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ، جيڪڏهن جاچبو ته سڀ کان پهريائين ان قوم جي شاعري جو مطالعو ڪبو، ڇو ته اهوئي لڪل ۽ راز ڀريو پيغام هوندو آهي ، جيڪو ترقيءَ جي طرف وٺي ويندو آهي . ڇاڪاڻ ته غلام قوم کليءَ طرح پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ کان قاصر هوندي آهي. انهيءَ تحت ، وري اسان کي ٻاراڻو ادب جاچڻو پوندو ، ڇو جو ٻاراڻو ادب ئي ، انهن ٻارن ۾ شعوري علم جي قنديل روشن ڪندو آهي . جيڪڏهن ٻاراڻو ادب ۽ شاعري وندر سان گڏ پڪو پختو ۽ علم جي روشنيءَ سان منور هوندو ، ته ان قوم جي ترقي لازمي طور اوتري سٺي ۽ مثبت ثابت ٿيندي
اسان جي سنڌي ادب ۾ جيڪڏهن نظر وجهون ٿا ته ٻاراڻو ادب آڱرين تي ڳڻڻ جيترو مس آهي . ڪاڪي ڀيرومل کان ديوان ڪوڙومل، ڪشنچند بيوس ، هري دلگير ، گورڌن محبوباڻي ، ليکراج ڪشنچند ”عزيز“، هوندراج بلواڻي، سندر جڳتياڻي، ٽيگور جا گيت ترجمو ڪندڙ ارجن ايسراڻي، جمعا خان غريب استاد بخاري ، نصير مرزا، ادل سومرو ، اياز گل، ذوالفقار سيال، مختيار ملڪ، نياز پنهور، مقصود گل، زاهد شيخ. مختيار مڱڻهار، غلام محمد غازي، پروانو ڀٽي، غلام محمد ڀٽي ، آصف مٺياڻوي ، مختيار گهمرو ، بيخود بلوچ، اختر درگاهي وغيره جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا .تازو ڪجهه نون شاعرن جا ٻاراڻي شاعريءَ تي ڪتاب آيا آهن
انهن شاعرن ۾ چڪ سنڌ جي انقلابي شاعر آزاد بخاري جو ٻاراڻي شاعري جو ٽيون مجموعو بعنوان ”سائنس ڏنو سوجهرو“به هڪ آهي . جنهن جو ليکڪ اسانجو دوست آهي . جنهن چيو ته منهنجي ڪتاب تي ٻه لفظ توهان لکي ڏيو توڙي جو مصروفيتون تمام گهڻيو آهن ، تنهن هوندي به هن کان لنوائي نه سگهيس. جنهن تي ٻه اکر لکيا آهن
آزاد بخاري روشنين جو شاعر آهي، روشني جيڪا انقلاب جي علامت آهي .جنهن ۾ شاعرکي قوي اميد آهي ، ته اسان جون ڪوششون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون هن کان اڳ جن شاعرن پنهنجا مجموعا ڏنا آهن انهن ۾ رڳو ورجاءُ ۽ وندر کانسواءِ ڪجهه به ناهي. پر آزاد بخاري ءَ ٻارن کي سولي طريقي سان سائنسي وصفون سمجهائي، ٻارن کي سائنس جي دنيا ڏانهن راغب ڪيو آهي.سائنس جي معنيٰ ئي آهي ،کوجنا ، هن ۾ نين کوجنائن ۽ ايجادن جو پيرائتو ذڪر آهي .سو به منظوم ۽ آسان زبان ۾ جيئن ٻار چڱيءَ طرح سمجهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اظهار ڪري سگهن ۽ اڳتي وڌن ۽ ترقي ڪن . ڇاڪاڻ ته اسان جو سنڌي سماج سائنسي طور گهڻو پٺتي رهيو آهي.
ٻارن کي جڏهن پنهنجي مادري زبان ۾ ئي سائنسي سبق سيکاربا ته جلد سکي وٺندا، انهيءَ نظريي تحت ، آزاد بخاري به پنهنجون ابتدائي ڪوششون ڪيون آهن .جيڪي بلڪل نيون آهن. ۽ اها نواڻ ئي تبديلي آڻيندي . يقينن پرائمري کان وٺي سيڪنڊري سطح تائين ٻار سمجهي سگهي ٿو. جيڪو ٻاراڻي ادب ۾ ايڊيسن جي ايجاد بلب جيان ثابت ٿيندو۽ سڄو سماج روشن ٿيندو.انهيءَ روشنيءَ جي راهه ۾ ڪيئي ڪونڌر جاڳي اٿندا، جيڪي پنهنجي قوم جي قافلي جي سرواڻي ڪندا ڇاڪاڻ ته ٻار آئيندي جا ابا ۽ اڳواڻ هوندا آهن ، انهيءَ ڪري ان اڳواڻ ۽ اَبي جي تربيت به چڱيءَ طرح ڪرڻ گهرجي.
آزاد بخاري پنهنجون سموريون صلاحيتون هن ننڍڙي مجموعي تي خرچ ڪيون آهن . جنهن جي شروعات ئي نظم (حمد) سان ڪري ٿو ، جيڪو هن ڪائنات جو اڪيلو تخليقڪار آهي. جنهن ۾ اظهار جو نئون طريقو آهي .
چوي ٿو،
عقل سمجهه بيشڪ تو مالڪ ڏنو،
کليو در تڏهن آهي ايجاد جو.
خداتو ڏنو آ اسان کي شعور،
ڪيئن ٿيو دنيا جو سوچون ظهور
آزاد بخاري، مثنوي نظم جي هيئت ۾ پنهنجو اظهار ڪيو آهي .حمد کانپوءِ هن کي نعت ڏيڻ کپندي هئي ، پر الائي ڇو رهائي ويو آهي ؟
بهرحال آزاد بخاري ان کانپوءِ دنيا جي چند سائنسدانن جو تعارف ڪرايو آهي ، جنهن ۾ مسلمان سائنسدانن جو تعارف به الڳ نظم ۾ ڪرايو آهي، سڀ کان نرالي ڳالهه اها آهي ته آزاد، سنڌي سائنسدانن جو تعارف ڪرايو آهي.
اچو ته ٻارو سنڌ گهمون
سنڌي سائنسدانن سان ملون.
سنڌي سائنسدانن جو ٻن مصراعن ۾ انهن جو تعارف ڪرايو آهي نالو ۽ ان جي ايجاد!
آزاد بخاري جي مجموعي ”سائنس ڏنو سوجهرو“ ۾ نوان نظم شامل آهن ، جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به شاعر نه ڏنا آهن .مثال طور ” ليزر شعاع. ڌرتي، موبائل، ڪمپيوٽر، وي.سي،آر، روشني، مادو، ٽرام، ڪيبل سسٽم، ريفريجيٽر، هٿراڌوگرهه، بجلي، ارتقا، شمسي گرهه، ايف.ايم،اسٽيشن، انٽرنيٽ، آبدوز، ٿرماميٽر،پلاسٽرآف پيرس، ايئرڪنڊيشنڊ، خوردبيني، دوربيني، ٿرماس ، گريفائيٽ ،ائٽم ، ڪئميرا، واشنگ مشين ، موٽر سائيڪل، راڪيٽ ، پلازما، چقمق، بليچنگ پائوڊر، بايو ٽيڪنالاجي، ريڊيو وغيرھ.
تقريباً 40 نظم ڏناويا آهن جن مان چند موضوعن کان سواءِ باقي سڀ نوان موضوع آهن .اها هڪ پهرين شروعات آهي ، جيڪا اڳتي هلي ضرور رنگ لائيندي .اڃان سائنس جي دنيا وسيع آهي ،جنهن کي اڃان اجاگر ڪرڻ ۽ سنڌي شاگردن ۾ متعارف ڪرائڻو آهي.
موضوعن کي منظوم ڪري ياد ڪرائڻ جو طريقو ته تمام گهڻو پراڻو آهي ، جنهن جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار ناهي، سنڌي ۾ سڀ کان پهريون سنڌي ٻولي ءَ جي ماهر ابوالحسن سنڌي، اهو طريقو ايجاد ڪيو جنهن مسلمانن ۾ نماز جو طريقو ياد ڪرڻ لاءِ منظوم طريقو استعمال ڪيو، ابوالحسن پنهنجي ذهانت سان سنڌي ٻوليءَ کي به سائنسي بنيادن تي، متعارف ڪرايو، جيڪو اڄ تائين لکڻ جو طريقو هلندو پيو اچي.نثر جي مقابلي ۾ نظم ۾ وڌيڪ ياد رکيو وڃي ٿو.
آزاد بخاري مادي جي وصف، سهڻي سليقي سان سليس انداز ۾ سمجهائي ٿو ؛
ڪو ته ٻڌائي، ڪو ته ٻڌائي،
هي مادو، مادو ڇا آهي؟
جاءِ والاري وزن رکي ٿو،
هرڪو هن کي مادو سڏي ٿو.
وري مادي جا قسم به ٻڌايا آهن؛
نهرو، گئس، پاڻياٺ، پلازما،
الڳ الڳ ٿس شڪل ”ماما“.
مادو فنا ناهي ٿيندو، جنهن جو ذڪر به ”آزاد“ ڪيو آهي ، جنهن ۾ فنا کان پوءِ بقا جو فلسفو سمايل آهي ، شڪل مٽي سگهي ٿو، پر فنا نٿو ٿي سگهي.
چوي ٿو؛
شڪل ”آزاد“، هي آ مٽيندو،
پر نه ختم مادو آ ٿيندو.
بيحد وڻندڙ نظم آهي.
آزاد بخاري جا سڀ نظم وڻندڙ آهن ،جن کي پڙهڻ کانپوءِ بوريت محسوس ٿيڻ نٿا ڏين.
آزاد بخاري جو ٻارن لاءِ نظم ” ٽرام “ ڏنو آهي ، جيڪا هن وقت اسان وٽ اڻ لڀ آهي جيڪا ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جي روڊن تي ٻن پٽڙين تي هلندي هئي .جنهن مان ماڻهو آرام سان لهي چڙهي سگهندو هو.۽ وقت بچندو هيو.
چوي ٿو؛
وڏن شهرن ۾ صبح شام،
ريل جي ڀيڻ هلي ٽرام.
هي نظم ٻارن کي خيالي طور ريل ڏانهن وٺي ويندو، جنهن جو مشاهدو پسي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته ٽرامون اڪثر دنيا مان ختم ٿي چڪيون آهن ، هاڻي اهي اسان وٽ عجائب گهرن ۾ به ڪون ٿيون ملن .تنهن ڪري ٻار مشاهداتي طور عدم موجودگي جو شڪار رهندو .
آزاد بخاري جا باقي سڀ نظم مادي تصور رکن ٿا .”ارتقا “ نظم ۾ ڊارون واري ٿيوري (نظريو) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ مذهبي سوچ جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن جو آزاد هن ريت ذڪر ڏنو آهي.
مذهب به هي ٻڌايو آ،
انسان کري ڀولو ٿيو آ.
آزاد ٻارن کي انڌي تقليد کان به بچائي ٿو، سائنس جي مذهب سان ٺڪراءُ وارو نظريو به ٻڌائي ٿو ، مجموعي طور ٻار کي خيالي طور ڀٽڪڻ کان بچايو آهي.
اصل ڳالهه آهي ٻار کي حقيقت جي دنيا ڏانهن وٺي وڃڻو آهي . سائنس اصل کان موجود هئي ، پر انسان گهڻو دير سان ترقي ڪئي
مجموعي طور ”آزاد“ ٻارن ۾ نئون چس ڀريو آهي، نئون شعور ڏنو آهي، جيڪو سنڌي ٻارن لاءِ سٺو سنوڻ آهي .اميد ته آئيندي به اهڙي ڪوشش جاري رکندو. مون کي ياد اچي ٿو . اسان نظم پڙهندا هياسين، راند ڪندي ٿا علم پرايون، علم پرايون سمجهه وڌايون .
سو،آزاد ٻارن کي وندرائڻ سان گڏوگڏ علم جي ستي به وجهي ٿو. ۽ اهو ادبي ارتقا جو سلسلو ٽٽڻ نه گهرجي لاٽ ٻرندي رهي، روشني ءَ جو سفر جاري وساري رهي.
پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو
سومرا ساهت گهر شڪارپور.