شاعري

عشق اياڻو

هونئن ته جاويد پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پاڻ کي سگهاري مضمون نگار ۽ بهترين نثرنويس طور پاڻ مڃرائي چڪو هو پر سندس تخليق جو هڪ ٻيو شاعريءَ وارو پاسو الائي ڇو هميشه اوجهل رهيو، هن جتي پنهنجي ڪالمن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي بنا ڊپ ڊاءَ جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اتي سندس ڪوتائون به رومانوي رنگن سميت معاشرتي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏاڍ جبر خلاف آواز جو انوکو نمونو پيش ڪن ٿيون، هو جتي ڌرتيءَ تان پاڻ وارڻ لاءِ بيتاب نظر اچي ٿو، اتي سرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جا به ڳڻ ڳائيندي نه ٿو ٿڪجي.
Title Cover of book عشق  اياڻو

ڪالهه اچتو

ڪالهه اچتو
اخبار ۾ تنهنجو
فوٽو سان گڏ انٽرويو ڏسي
ڌڏي ويس
منهنجي ذهن جي اڏام
پنج سال پوئتي وڃي
هڪدم رڪجي وئي
جيئن سيل ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ
گهڙيال جا ڪانٽا
همٿ هاري ويهي رهندا آهن
توسان گهاريل
شامون ۽ ڪيل انتظارن جون
يادون تري آيون
تنهنجي تصوير کي ڏسي
شاهه صاحب جو بيت هر هر
منهنجي ڪنن ۾
گونجيو پئي ته
“چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان نه پرينءَ سين”
“تون اڇو مَ رات سڄڻ نت سوجهرو”
*