شاعراڻو نثر
رڳو وڏا نه ٿيو پر عظيم ٿيو.
ڇا مون کي گلي لڳائي ، پنهنجي دل ۾ رهائڻ جو خيال ڪڍي ڇڏيو اٿئي !؟
تنهنجي مرڪ ۾ ايڏو سڪون ڪٿان آيو ؟
جيڪي تصور ۾ به تو کي چمندا هجن، انهن کي وساري ڇڏڻ جا ڏوراپا ڪهڙا ٿو ڏين!
آئون غمن ۾ ٻڏلُ، مستيءَ منجھان ڪهڙو نچان !؟
شبير ! دلاسن جو دارون ڪيسيتائين پيئندو رهندين ؟
مان ڪا مومل ته ناهيان جو ڪو راڻو ايترا ڪشالا ڪري منهنجي روح ۾ رهڻ اچي
زندگيءَ کي توکان بنا اڌورو چوان ته ڪيئن چوان !
ننڍين دلين ۾ پيار جا جھان نٿا جڙي سگهن.
تنهنجو سَنڌُ سَنڌُ سڳنڌ ۽ منهنجو ميرو من، ڇا ٻئي هڪ ٻئي جو ضد نه آهن !؟
تنهنجا لک ٿورا ... داسِي مڇي هِن جيون کي معنا ڏنئي !
اظهار جي ڪائنات ۾ لفظن جا ستارا الائي ڇو پنهنجي پوري جوڀن سان اڃان چمڪي نه سگهيا آهن !
ٽيبل تان وکريل ڪاغذ ۽ ڪتاب ميڙيندي، سوچ جي لهر اڀري؛ توکان پوءِ منهنجي زندگيءَ کي ايئن ڪير سهيڙيندو ؟
روح جي رچنا لفظن جو روپ وٺي ڪنهن پني جي آسمان تي اڀري ته ان کي اظهار جو ذرڙو ئي سمجھجانءِ
ڪاش ! اظهار جي دنيا ۾ محبت جون هڙئي ڪهڪشائون توتي ظاهر ڪري سگھان ها!
منهنجي عشق جي ڪچين تندن کي تنهنجي ساهن جون تندون ئي ته مضبوط ڪنديون.
ڇڏڻو ئي هيئي ته ايترو پيار ته ظالم ! نه ڏين ها!
ڪمبل ويڙهي چانهه جون چسڪيون ڀريندي مون سان ڪيل ڳالهيون، ڇا سڀ فراڊ هيون!؟
ننڍڙا جملا ۽ ننڍڙا نظم، ڪنهن باغ ۾ گلن مٿان ڦرندي ڏسين ته سمجھجانءِ اهي مون ننڍڙي جا خلقيل پوپٽ آهن.
غمن جو عذاب ڀوڳيندڙ وجودن کي دوزخ جو عذاب ڇا ڪندو!
ڇا تو ڄاتو آهي ته سکيءَ جي اميدن جا سڀ در تو ڏي کلن ٿا.
وقت جي لهرن سان گڏوگڏ هلڻ ڪا به وڏي ڳالهه نه آهي!
اي خدا !
مون هارايو آ هَر راند ۾، ڇا جيون ۾ تو هارَ ئي لکي ڇڏي آهي؟
يا خدا !
ڇا مان ايترو وڏو ٿي ويو آهيان جو مون کان سڀ سهارا کسي ڇڏيئي؟
اکين جي دنيا کان ته پري وئين، خوابن جي ڪائنات کان به ڇو رٺو آهين؟
منهنجي نصيب ۾ تعبيرن جي سرهاڻ نه هئي ته وجود اندر خوابن جا گل ڇو پوکيا هيئي!؟
تنهنجي انڪار الائي ڇو منهنجي ضد کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي!
تنهنجي خاموشيءَ ۾ ڪيڏو نه سڪون آهي پرين! مون کي به ايئن رهڻ سيکاريندين؟
دل چئي ٿي توسان پنهنجي دل جا سمورا حال ونڊيا، پر ڊڄان ٿو ڪٿي تون ئي نه منهنجي خلاف ٿي وڃين!
تون ڀلي پنهنجي چپن کي مون سان ڳالهائڻ کان روڪ پر پهريان پنهنجي اکين کي ته روڪڻ سيکار.
سڄڻ ! تنهنجي ڇانوَ کان پوءِ مون ٻي ڇانوَ جي صورت نه چاهي آهي.
بس تو کان پوءِ سک جي ڪا ويل نصيب ناهي ٿي بابا!
اي ڇوڪري! پنهنجي سونهن کي پاڪيزگيءَ سان گڏ رکجانءِ.
جيڪي ڏيئا سچي محبت جي تيل سان ڀريل هوندا آهن، اهي طوفانن ۾ به ٻريل ئي رهندا آهن.
مون اهي تمنائون ڇڏي ڏنيون، جن ۾ اجائي اڏام هئي!
اي دوست!
اهو حسن جيڪو اکين کي وڻي پر دل ۾ ڪا جاءِ نه والاري سگھي، مون وٽ ڪا معنى نه ٿو رکي.
ڪيترين ئي ڳالهين کان پوءِ به، هُن کي اهو ڪجهه نه چئي سگهيس جيڪو منهنجي اکين ۾ هيو!
سڄڻ!
مان اڀاڳو، نه ڪڏهن تنهنجي سالگره ۾ ڪو مٺڙو گيت ڳائي سگهيس نه تنهنجي ورسيءَ ۾ شامل ٿي سگھيو آهيان.
فجر ايئن ٿي لڳي، ڄڻ رات ڪاري چادر لاهي اجرڪ اوڍيو آ.
هن اوجاڳيل اکين جا سوال تو کان وڌيڪ ٻيو ڪير سمجھندو!؟
هڪ پل کي به پنن تي اُتاري ناهيان سگھيو، پوري زندگيءَ کي ڪيئن اظهاريان؟
اي باک! مان تو جھڙو روپ ڪيئن ماڻيان؟
هيءَ فجر آهي يا ڪا پَوترِ ڪنوار ...!
شام جي پهرين ستاري کان صبح جي آخري ستاري تائين، اڌ ۾ رهجي ويل زندگي .... مان آهيان!
خاموشيءَ جا نظم ”مهاڀارت“ کان به وڏا هوندا آهن.
منهنجا نظم ٻُڌڻ کانپوءِ به پوپٽن جا پَرَ پٽين ته حيف اٿئه !
پوپٽن جو خيال ڪجانءِ! هنن کي به نظمن جيان ڊائريءَ ۾ بند ڪيئي ته هنن وٽ ڪجهه به نه بچندو.
اي سنڌ!
شڪر آ جو الله مون کي وري به تنهنجي سيني ۾ سمايو آ.
مون چيو هو، فنون لطيفه سان وابستا سڀ ماڻهو عظيم آهن پر هاڻي سمجهيو ته فنونِ انسانيت سان وابستا ماڻهو عظيم تر آهن.
سعيد!
تون ايئن ئي لکندو رهه جيئن دوست دوستن جا ڳوڙها اگھڻ سکي وٺن، نئين تاريخ پاڻ ئي ٺهي پوندي.
تون ڪيڏو نه وڻندو آهي، جڏهن ڳلن تي لالاڻ ٿي اڀرندو آهين.
اي بسنت!
هن ڀيري مون خوابن جي پتنگ کي اميدن جي رِيِمَ سان اُڏايو آهي، تعبيرن جي آسمان تي پهچي هو خدا جا پير ڇهندا؟
تنهنجي اجرن خيالن جي آڏو، منهنجا اونداها عمل ڪٿي ٿا بيهي سگھن.....!
تنهنجي قدمن ۾ جنت جي پايل آهي، مون ٻڌو ته اچي تنهنجا پير ڇهيا، پر هو جيڪو بي خبر هيو، اچي تنهنجا پير ڇهي ويو. ڪير هو؟
آواز آيو:
توکان به ڀلو ....!
يا الله!
تون ته خوابن کان پاڪ آهين پر منهنجي خوابن کي ته تعبيرن جا رنگ بخش ....!
اي درويش!
هي ته ڏس ! هن دنيا ۾ سانڊا ئي نه پر ماڻهو به رنگ بدلائن ٿا.... !
شبير!
مس جي تيل سان پنن جو ڏيئو ٻاري ڏس، من سماج روشن ٿي پوي.
ڇوڪر!!
ڪيترو چيو هيومانءِ گھر کان ٻاهر نه نڪر، ماڻهن جا بي سُرا ٻول تنهنجي سادي سمجهه ۾ نه ايندا.
شبير!
ڪيترو نه سولائيءَ سان جدائيءَ واري رستي تي پير رکيئه! منهنجو ڪجھه سوچيئه به نه ......!؟
جيڏانهن مان تيڏانهن تون _ تنهنجي سورج مکيءَ جهڙي وفا نيٺ مون کي ئي تنهنجو ڪري ڇڏيو.
مون پنهنجن انهن هٿن کي تي رکي چميو، جن ڪڏهن تنهنجي پيرن کي ڇهيو هو.
دعا مون کي ان لاءِ سُٺي لڳندي آهي جو هن مون لاءِ ڪڏهن دعا گھري هئي.
اي اسان جا خواب سنڀاليندڙ!
جي هي خواب پورو ٿي وڃي ها ته ڇا ٿي پوي ها!؟
توکان ڌار ٿي ويس _ سمجهان پيو ڪنهن وڏي گناهه جي سزا ملي آهي.
تنهنجون امانتون ڪنهن ايمان وانگي سنڀالي ناهيان سگھيو، مون کي بي ايمان نه سمجهجانءِ!
تون ڪير آهين مون کي ايئن چاهين پيو جو مون منجهان “مان” ئي نڪري وڃي ٿي!
مان تتيءَ ۾ ٻٻر جو ڪنڊو ۽ تون آهين جا، گلن جا رنگ ٿي ٻڌائيندي وڃين!
ثوابن جي ساڃاهه نه هجي ها ته به تنهنجي عبادت ڪيان ها.
تون منهنجي دل جو ٽڪرو به پر دل آهين.
مرجهايل گلن جي ديس ۾ منهنجي مرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو خوشيءَ مان وري ٽڙي پوندا!
“مان” کي مون ئي سڃاڻڻ ۾ دير ڪئي آهي تون پاڻ کي ڪهڙيون ٿي ميارون ڏئين!؟
منهنجي روئڻ وارن لمحن ۾ جڏهن تون منهنجي سامهون کلندي آهين ته مون کي لڳندو آهي ڄڻ مان دنيا جو وڏي ۾ وڏو بيوقوف آهيان.
هن زندگيءَ تي هر گندگي تڦجي وئي آهي، هاڻي مان تنهنجي لائق ناهيان رهيو!
تنهنجي اکين کي لفظي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پين هٿ ۾ کنئي، پهر ٿي ويا آهن ...... پر لفظن جي ڪائنات مان ڪوبه ستاري چونڊي ناهيان سگھيو.
توڏي اچڻ جو ارادو ته ناهي ڇڏيو پر پنهنجا ميرا پير ڏسي پاڻ روڪي ڇڏيو آ.
مون کي ٺاهي ڍاهي ڇڏيئه، توتي ڪهڙي ميار...!
تنهنجي شين کي چمي، ڇا مان توکي نه پيو چمان!
تنهنجي چوڌاري ئي زندگي گذري پئي تون ايترو وسيع ٿي ويو آهين يا مان ايترو محدود...!؟
ڇا مان ايڏو وڏو ٿي ويو هئس جو ايڏا وڏا امتحان ورتئه !؟
جيڪي غلاظتون مون مٿان ٿاڦيون ويون ڇا انهن لاءِ رڳو مان ئي قصوروار آهيان!؟
وڏي ڪرسي تي ويٺل! تون ڇو نٿو سمجهين تن ڌوڙ واري رستي جي دز مون تي چڙهي وئي آهي، هونئن مان ايترو ميرو ناهيان.
ويهن سالن جي ناچڻي ويهه سيڪڙو ئي ڍڪيل هئي پر انهن کان گھڻي ڀلي هئي جيڪي اندر ۾ داغ ڍڪي ويٺا هيا!
دل جي سڪون لاءِ ڪهڙي جهان ۾ وڃي گھر جوڙجي! تون ناهين ته مون کي جنت ۾ مزو نٿو اچي!
يادن کي چميون ٿو ڏيان جو اهي توسان لاڳاپيل آهن. زهر ۾ ٻوڙيل تير جيان سهي پر مون کي زخمي ڪرڻ سان گڏ توسان ڳنڍين ته ٿيون!
دل چڱو جو سيني اندر ڍڪيل آ، نه ته کيس ڏسي حيران ٿي وڃين ها ته ڳوڙهن جو سمنڊ سندس اندر ڪيئن سمايل آ!
سِڪَ تنهنجي هجي يا ڌرتيءَ جي سنڌُ سنڌُ سڪائي ٿي ڇڏي!
سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيان ته توکي سمجهڻ ۾ اڃا به وڌيڪ ڏکيائي ٿيندي ڇا؟
ڇا وساري ويٺي آهين ته موهن دڙي واري دور کان ئي تون مون سان گڏ نرت ڪندي آئي آهين؟
تون نرت ڪرين ۽ آئون سامهون ويهي رڳو توکي ڏسان.... اها وڇوٽي ڇا لاءِ؟ ٿورو ترس ته ٻئي گڏجي ٿا نچون.
معصوم مک تي ڏنل چمين جي محسوسات نه پڇ! ايئن پئي لڳو ڄڻ خدا کي چميو پيون ڏنيو وڃن.
حُسن! توتي گيت گھڻا ٿيا، هاڻي ڇڏ ته ان مٽيءَ تي لکان جيڪا قدرت واري منهنجي وجود ۾ وڌي آ.
جيڪي به گلائون ڏوراپا، شڪايتون ۽ ميارون اٿئي، اڄ سڀ ڏئي ڇڏ، مان توکي ٻڌڻ لاءِ ئي تنهنجي سامهون آيو آهيان.
هيءَ ڪهاڻي رڳو تنهنجي آ، جنهن ۾ رڳو “تون” ۽ “مان” آهيون... ها تون ۽ مان __ اڳتي هلي مان غائب ٿي وڃان ٿو ۽ رڳو تون بچين ٿو، فقط “تون”.....
شبير!
زندگي حاصلات جو نالو آهي ۽ تو ڪجهه به حاصل ناهي ڪيو!
بهار جي اڄوڪي رات پير ڊگھا ڪري ڇڏيا آهن، تون ڀلي مون کي دوريءَ جي باهه سڙڻ ڏي پر نيٺ ته صبح ايندو، تنهنجي ميلاپ جو صبح ....
سندرتا جا روپ ناپاڪ اکين کي به هڪ پلڪ ۾ صاف ڪري ڇڏين ٿا.
اسان ايترا سٺا ناهيون، جيترو توهان جي لفظن جي آئينن ۾ آهيون.
هو منهنجا دوست هئا ئي ڪٿي!؟ مان ته اجايو خوشفهميءَ ۾ مبتلا هئس.
ڀنيءَ مهل جي ڀاڪرن، تنهجي چپن جي چاهتن، تنهنجي نيڻن جي خمارن منهنجي عشق کي امرتا بخشي جيئڻ لاءِ اتساهه ٻيڻو ڪيو.
پيار جو امر گيت جڏهن کان ڪنن کان رٺو آهي، روح ڀٽڪندو رهي ٿو، انهيءَ آواز لاءِ.
توسان تڏهن پرچندس جڏهن تنهنجي پنهنجائپ جا احساس روح جي راهن تي جھمريون هڻندا.
مرشد جي لکت ۽ منهنجي لکت ۾ اهو فرق آهي ته هن کي پاڻيءَ ۾ وجهي اندر منجهه اوتيو ويندو آ ۽ منهنجي لکڻي توکي تاريخ جو منهن ڏيکاريندي رهندي.
سنڌ جي اروڙ کي ته حجاج بن يوسف جي چوڻ تي اجاڙيئه پر دلين جي اروڙ کي ڪڏهن به، ڪنهن جي چوڻ تي نه اجاڙجانءِ.
جڏهن امان جي پيرن زور ڏيندو آهيان ته جنت امان جي پيرن ۽ منهنجي هٿن جي وچ ۾ هوندي آهي.
ڇا زندگي معصوم شاهه جو مينارو آهي، جنهن جا سوڙها ڏاڪا چڙهي، اوچائي تي پهچي، سکر شهر بدران تنهنجو وجود پسڻو آ.....!؟
جي سنڌو جنت مان نڪرندڙ درياءُ آهي ته لڳي ٿو هالائي هندورو ۽ اجرڪ به اتان جا ئي آهن!؟
اهي پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ ياد آهن، جي سانوڻ موسم ۾ تو پيار منجهان پياريا ها.
منهنجين ناپاڪ اکين کان جنت جا خواب ڏسڻ وسري ويا آهن.
مون ڪنول جهڙو سندر روپ ورتو آپرين! اهو سمورو اثر تنهجي ان نظم جو آهي جنهن ۾ ڪرم ۽ ٻاجھه سمويل آهي.
پرينءَ جي پيرن هيٺان آيل مٽي جڏهن منهنجو سينگار بڻي تڏهن ساري لوڪ مون کي اکين منجهه سمائڻ چاهيو.
جڏهن ماءُ جو پيار ۽ چاهت ڀريل هٿ نصيب ۾ هجن ته پوءِ ڪائنات مون آڏو ڪجهه به نه آهي.
ماءُ ..... محبت جي ڌاڳن سان ٻڌل رشتو ..... جنهن ۾ مرڪون، چاهتون ۽ پنهنجائپ ٺپ آهي پيرن هيٺيان جنت.
جوانيءَ جي ڪتاب کي نيڪين، خوشبوئن ۽ سندرتائن جون ڪهاڻيون زنده رکنديون آهن.
تنهنجا چپ جي منهنجي لاءِ مرڪي پون ته منهنجي دل جا سارا درد لهي وڃن.
اسان دل جي باغيچي کي تنهنجي نانوَ جو پاڻي ڏيندا آهيون، تڏهن ئي ته ارمانن جهڙ ا گل خوشبوءِ هاڻا ٿي پوندا آهن. اي سڄڻ! منهنجو هر ارمان تنهنجي سٻاجھي نانوَ، صدقي ئي هر سڳند کان وڌ مهڪيل ۽ سونهن ڀريو آهي.
کليل ڪتاب وانگي زندگيءَ جا پنا... جن تي لکي ڦاڙي ڇڏيا تو پنهنجا نالا
منهنجي زندگيءَ جي راتين کي روشن ڪجانءِ، چنڊ جي چانڊوڪيءَ سان نه پنهنجائپ جي سهائيءَ سان.....
زندگيءَ جا پنا اٿلائيندي وجود جي تاريخ تي نظر پئي... جن تي رڳو تنهنجون ئي ڳالهيون لکيل نظر اچن ٿيون.
او پرين! سچ، تنهنجي مرڪ منهنجي بيمار روح لاءِ شفا آهي.
منهنجا خواب ٻارن جيان ۽ تعبيرورن پوپٽن وانگي آهن.
سگريٽ سان سڙيل اگھاڙو پيرُ “گيتو” لڙڪ لاڙيندي ماءُ کي ڏيکاري پئي.
توڙي جو تعبيرن جا لوڏا دور آهن، پوءِ به مون هالائي هندورن جهڙا خواب ڏسڻ اڃا ڇڏيا ناهن.
اي سنڌ!
تون اها گلاب جي صورت آهين، جيڪا هر ڪنهن کي خوشبوءِ ڏيندي آهي.
ذهن جي ڪونڊيءَ مان، تنهنجي ياد جو پاڻي سڪيو ناهي ۽ زندگيءَ جي گل تي تنهنجي بهار جهڙن هٿن جو اثر مون خزان ۾ به محسوس ڪيو آهي.
هو ايئن ئي چوندو رهندو، تون چريي جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏي.
جبران! ڇا تنهنجي لفظن جي خوشبوءِ ڪجهه ڪيو!؟
هلندڙ ليڪچر دوران اٿي بيهي چيائين : “سر! هي ته ساڳيو معاشرو آهي! گرورجنيش جي ليڪچرن به ته ڪو ٻوٽو نه ٻاريو.....!”
هيل به ان _ داڻن جو سٺو ملهه نه مليو، سوچيان ٿو ايمان داڻا نه وڪڻڻا پون.
سنڌوءَ جا سور ۽ منهنجا پور هڪجهڙا ٿا لڳن!
خوابن جا پوپٽ، تعبيرن جا گل ڳوليندا رهندا آهن.
جڏهن به تنهنجي ياد آئي آ، مون مرڪي پاڻ سنڀاليو آهي.
خوابن جا چپ، تنهنجي تعبيرن جهڙي مرڪ جا منتظر آهن.
بغير سهارن جي جيئڻ تي وڏا بحث ڪندڙ شبير! ڇو اڄ هن جي سهاري لاءِ روئي رهيو آهين.؟!
مون منجهان تنهنجي وجود جي خوشبوءِ وڃائجي وئي ڇا، جو مون کي بدبودار گل سڏي، سڀ پري وڃي رهيا آهن!
توکي وڃائي پاڻ کي وڃائڻ نٿو چاهيان.
پنهنجي صدقي، مون سامهون ايڏو پردن ۾ نه ايندو ڪر.
جڏهن پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ويس تڏهن تنهنجي ضرور خبر پوندي.
ٿڌين راتين ۾ گرم لڙڪ ڪنهن جي لاءِ ٿي وهائين...!
وکري ويو آهيان، ڇا مون کي ميڙيندينءَ نه .....!؟
تنهنجي اماڻيل خالي پيڊ جي هر پني تي مون تنهنجي تصوير ٺاهي ڇڏي آهي.
تنهنجي چاهت جا گل تازا رکي ڇڏيا اٿم، پرين! اچي پنهنجي محبت جا ماڪ ڦڙا ارپي وڃ.
ڪڏهن ڪڏهن تون مونکي ايئن وڻندي آهين جيئن آذان.
زندگيءَ جي دريءَ مان مون رڳو توڏانهن ئي ليئا پاتا آهن.
اي سنڌ!
وري پڇانءِ ٿو، تنهنجا ماڻهو اجرڪ جهڙا ڪڏهن ٿيندا؟
تنهنجي وئي کانپوءِ به ، مون ۾ موجود تنهنجائپ نه وئي، ڇا مان مڃان ته تون هليو ويو آهين.
ڪالهوڪي ڳالهه اڄ ٿو پڇي. چئوس ته مونسان اچي سڀاڻي تي ڳالهائي.
تون وئين ته اڪيلو ڇو نه وئين؟ مون کي ڪاڏي گم ڪري ويو آهي؟!
يتيمن جي ديس ۾ خرچين جهڙا خواب ....!؟
گھر جي معنى پڇائين، کيس ٻڌايم:
پنهنجو گھر معنى خدا جو دَرُ.
“بوگي ووگي” جي ڊانس جيان تنهنجا مستيءَ جي سونهن جهڙا ٽهڪ ڏاڍا وڻن ٿا.
بنا پاڻيءَ جي ڪومايل گل ايئن ٿا لڳن، ڄڻ تنهنجي مرڪ بنا منهنجو جيون.
ڄامشوري ۾ “المنظر” ڀرسان بي اختيار منير کان پڇي ويٺس: “هي سنڌو درياءُ آهي يا سنڌو واهه ...!؟”
تمام گھڻين خوشين ۽ نعمتن سان ڀريل ڪائنات، ماءُ جي پنهنجائپ ڀري آغوش کان تمام گھٽ آهي.
پرين!
مون جيون کي تنهنجي وجود جو وڳو پارائي ڇڏيو آهي، هاڻي مان “مان” نه رهي آهيان.
بابا!
جن سٻاجھن سنڌين جي باري ۾ اوهان ٻڌايو هيو، اهي هتان لڏي ويا آهن ڇا!؟
پنهنجي هٿ مان منهنجي چيچ ڪڍي ڇڏيئي، وڃائجندس نه ته باقي بچندس ڇا؟
ڇا مان اهو مڃان ته زندگي رڳو تنهنجي ۽ منهنجي ڪهاڻي آهي!؟
ڇا اهو ضروري آهي ته مان توسان ڪتابي ٻوليءَ ۾ ڳالهايان؟
سڄي عمر فلسفي تي ڊگها ليڪچر ڏيندي گذريس پر زندگيءَ جو فلسفو ڇا آهي؟ اڄ تائين سمجهائي نه سگھيو!
مرڪندڙ چهرن جي وچ ۾ منهنجو مرجهايل چهرو پاڻ تي ٽوڪون ڪري رهيو هو!
فائدي ۽ نقصان کان مٿانهون ٿي سوچڻ لڳين ته تنهنجو نالو دوستيءَ جي ڊڪشنريءَ ۾ سڀ کان مٿي لکي ڇڏيندم.
تنهنجي اچڻ جو ٻڌي ڦلواڙيءَ جا گل به جهومي رهيا آهن.
توکانپوءِ اهڙي ڪا ڇانوَ ناهي ملي، جيڪا سڏ ڪري پنهنجي ڀر ۾ ويهاري.
تو چيو ته “اچ مقابلو ڪيون...” پرين! ڇا منهنجا لڙڪ تنهنجي ٽهڪن سان مقابلو ڪري سگهندا!؟
توکانپوءِ اهي شعر ڪيئن لکان جي بسنت رت ۾ بلبل جي گيتن جيان ذهن تي ايندا ها!
تون جيڪي گل ارپي وئين، سي ساهه ۾ سانڍي رکيا اٿم.
شبير! وڃائجي ويو آهين ڇا، جو پنهنجو پاڻ کي به نٿو سڃاڻين!؟
ڊڄان ٿو ڪڏهن هو ايئن نه چون “توکي دوست جي ديس ۾ رهڻ جو حق ناهي!”
دوستن جو آئينو ڪڏهن نه ٿجانءِ پنهنجو اڻ وڻندڙ چهرو ڏسي توکي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا.
ماڪ جي اجرن هيرن جو تاج پائيندڙ گل، تنهنجي پرچڻ کانپوءِ مونکي جهڪي سلام ڪري رهيا آهن.
مان پاڻ کي الائي ڇو نه سمجهائي سگهيو آهيان ته تنهنجون حيا جون پاڻي پيتل اکيون، منهنجي بي حيا دوڏن ڏانهن ڏسي نٿيون سگھن!
منهنجون آڱريون تنهنجي وفا جو پورٽريٽ نٿيون چٽي سگھن، تون ڀلي مون کي وفا چئي سگھين ٿي!
جواني خواب جهڙي پياري آهي.
تون، جا يادن جو ٻيو نانءُ ٿي وئي آن، پري هوندي به ويجهو ڇو ٿي وئي آن!؟
تنهنجي اکين کي گھڻن ڏينهن کان ناهي ڏٺو ڄڻ پاڻ کي ناهي ڏٺو.
اي راڳي!
هي جيڪي تنهنجي راڳ جي آخر ۾ ٽي تاڙيون وڳيون آهن انهن ۾ منهنجي ٻن ترين جو آواز به شامل اٿئي.
اي منهنجي اولاد!
لکندا رهجو، هميشه سچ ڀلي اهو ڏکيو ڇو نه ٿي پوي...!
ڇا اسان جي سماج ۾ اهو ڦيرو ايندو جو اسان جي نقطن کي هينئين سان هنڊائن ۽ سچائي تي عمل ڪن. پاڻ کي آٿت ڏيان ٿو ايئن ٿيندو نيٺ به ته اسان انهن لاءِ لکون ٿا.
اظهار کي لفظن جو اجرڪ اوڍائڻ ڪيڏو نه ڏکيو آ!
سچائي!
تون سک نٿي ڏئين ته خدا جي واسطي ايترا ڏک به ته نه ڏي!
اي سنڌ!
ڪاش تنهنجا سڀئي ماڻهو هالائي هندورن جيان سهڻا ٿين ۽ ڪاشيءَ جي رنگن جيان پڪا....
اي سنڌ!
شل تنهنجا ماڻهو اجرڪ ٿي پون، جيئن تنهنجي سورن جي سيءَ جي واهر ٿي پوي.
هٽيا هو دوست پاڻ ئي آهن ۽ الزام دؤر تي ٿا هڻن.
سرمد! اروڙ جا سڏ توکي ڇا چئي رهيا آهن؟
دروپدي!
هاڻي سڌو ديو سان گڏجي مسئلي کي ڀلي حل ڪر، پر پنج مڙس قبولي تو غلطي ڪئي هئي!
منهنجي خوابن جا پر ڪنهن حقيقت جي ڪينچيءَ سان ڪٽي ڇڏيا آهن.
تنهنجي ساراهه جي وڻن جي پاڇي ۾ بيٺس ته پاڇا پاڻ کان وڏا هيا.
اي عاقل بن دانش!
توکي اڃا ڪيترن سوالن جا جواب کپن جو تنهنجو غرور ختم ٿئي!؟
تو ريءَ ته اهڙو ڪو به ڪونهي جو مون کي مون کان وڌ ڄاڻي.
اي مصور! خوابن جون اهڙيون تصويرون نه ٺاهه جن ۾ حقيقتن جو رنگ نه ڀري سگھين.
هر ڪربلا کانپوءِ ڳوڙها اکين ۾ اچي ويندا آهن.
تون جا وسري ناهين! ڪيئن چوان ته ياد اچين ٿي.
اي يزيد!
ڇا ڪربلا کانپوءِ به تنهنجو ڀيٽ نه ڀريو هيو جو سنڌ ۾ اچي لاجيءَ جا ڪن ڪٽيئه!
مون هن جي سونهن کي ڏسي، پنهنجون ناپاڪ اکيون پاڪ ڪري ڇڏيون.
جي تنهنجي ساٿ جي سڳند ساڻ آهي ته جيون جو هر ڏکيو رستو به آسان آهي.
هي قلم گواهه آهي ۽ پني جي ڌرتي شاهد آهي ته مان هنن سان تنهنجي ئي گفتگو ڪريان ٿو.
دوستيءَ جو رنگ اهڙو هوندو آهي، جيئن طوطي جي ڳچيءَ ۾ وڻندڙ ڳانو.
اڌ جملو ته ڏاڍي رواني سان لکي ويم باقي اڌ لکندي ايڏي دقت ڇو پئي ٿئي!؟
مان تنهنجي اڳينءَ ڳالهه تي ڀروسو ڪريان يا هاڻي واري تي...!؟
شبير! تو رڳو پنهنجو پاڻ کي وڃايو آ...
مون گناهن جو جام تولاءِ ئي ته پيتو هيو پر تون به ڪنهن ثواب وانگي نڪري پئينءَ!
تنهنجي خوشي جي پڙي ۾ ويڙهيل جھمر، ڪٿي منهنجي ڏکن جي ڦاٽل پهراڻ تي ٽوڪ ته ناهي!؟
منهنجي من جي محراب ۾ تنهنجو مرڪڻ، زندگيءَ جي مسجد کي آباد رکيو ويٺو آ.
پرديس ته منهنجي زندگيءَ جو حصو هو، پوءِ ان جي سزا هن کي ڇو...؟
اسلم جي روم ۾ هو علي چاچا جي ڪتابن کي باهه ڏئي ساڙي رهيو هو .... ۽ هن چيو هو هن جي روح کي ساڙي رهيو آ.....
اي زندگيءَ جي خوشي! مون کي ته تون اميءَ جي آغوش ۾ ملي هئينءَ، ان کانپوءِ توکي ڪاٿي ڳوليان!؟
توکان ڌار واري جهان ۾ ڪيڏي نه بيقراري آ.....
اهو سوال من ۾ الائي ڇو هرهر لهي اچي ٿو : “ڇا هوءَ به مون لاءِ ايترو بيقرار هوندي جيترو مان هن لاءِ آهيان!؟”
هوءَ منهنجي پهرين نهار ڪيئن ٿي؟ هن کي به ياد آهي الائي نه!؟
سچائي ڪنڌ ڪپڻ واري آهي، ڪوڙ مٿي تي تاج پارائڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏي رهيو آهي _ اي دوست! تون ئي ٻڌاءِ مان ڪاڏي وڃان!؟
مون ڄاتو آ، توسان ارڏائي ڪري مان نيست ۽ نابود ٿي ويندس، تنهن ڪري مون اچي تنهنجي چرنن ۾ جاءِ ورتي آهي.
خالي پني جي زندگي، جيئن پيارن لفظن کان محروم آهي، ڇا ايئن ئي تون مون لاءِ آهين!؟
وري به گناهه ٿي ويو نه! مون کي تنهنجي اکين ۾ وڃائجڻو هو پر دنيا جي گھمسان ۾ وڃائجي ويس.
هن سڄڻ لاءِ پاڻ سينگارڻو آ مون کي، زم زم سان وهنجي ثوابن سان وضو ڪرڻو آ.
تنهنجي ٻاجهه .... آسمان _ منهنجي دعا .... ٻڪ هڪڙو.
زندگيءَ جي هن ننگي وجود کي تنهنجي عشق واري پهراڻ سان ڍڪڻو آهي.
توکان دور، وجود سانوڻ موسم جي ڊگھي روزي جيان ٿو لڳي!
زندگيءَ جي ذري ذري جو احوال لکڻ لاءِ ستن آسمانن کان به وڏو پنو گھرجي.
اندر منجهه اوري ويٺو آهين، توکي ٻاهر ڳوليان ته ڪافر ٿيان.
“مان سيڪس ليس هجان ها ته ڇا پوءِ به تون مون کي چاهين ها!؟” مان هن جي اوچتي سوال تي هڪو ٻڪو ٿي کيس ڏسندو رهجي ويس.
توکان دوري، ڇا توکي چاهڻ جي سزا آهي!؟
زندگيءَ جي ٿر کي تنهنجي چمين جو پاڻي ملي وڃي ، ته مان جنت گھرڻ ڇڏي ڏيندس.
اکين جون ڳالهيون نه سمجهڻ جي ميار نه ڏجانءِ تنهنجي اکين سان اکيون ملايان، اڃا ته اهڙو ٿيو ئي ناهيان!
نئين بڪ تي تنهنجي محبت جي پهرين سٽ ٿو لکان، ڄڻ صدين پراڻي سڪ جي تاريخ پنن تي ٿو اُتاريان.
تنهنجي محبت، مون کي مون کان ئي دور ٿي ڪري ڇڏي!؟
دوزخ کان نفرت ڪندڙ دل کي محبت کان خالي ناهن رکندا.
زندگيءَ جي ڪتاب ۾ تون ئي ته هڪ وڻندڙ چيپٽر آهين.
تنهنجا سورنهن سينگار، زندگيءَ جا راز ٿا کولين يا وڌيڪ منجهائين پيا!؟
جيڪو خود ٽٽي خلا ۾ وکري ويو، تنهن کان ڪهڙو گھرڻ!؟
مون ته توکي سانوڻ ۾ برسات ٿي اچڻ لاءِ چيو هو پر تون ته منجهند ٽاڪ ٿي آيو آهين!
ڏکڻ جي هير بدن لاءِ ڀلي آهي ۽ تنهنجي يادن جي هير روح لاءِ.
تنهنجي يادن سان گڏ اکين ۾ هليو اچي ٿو، پڳلو، بي چيو، سمنڊ جھڙو کارو پاڻي ....
مان پنهنجن انهن لفظن تان ڦران ٿو پر ايئن نه چئجان ته “تون ڦرڻو گرڻو آهي!”
مان حيران آهيان، تنهنجي چپن جي لالاڻ، منهنجي چپڻ جي ڪاراڻ سان ٺاهه ڪيئن ڪيو آ!؟
ڇا اڄ به تون ايئن چوندين، جيئن ڪلهه چيو هئيئه!؟
سوري مسيح!
چماٽ هڻندڙ کي هاڻ آئون پنهنجو ٻيو ڳل پيش نه ڪندس. اهو برابر ٿيندو ته آئون ظالم کي چوان: “تون مون تي هڪ ٻيو به ظلم ڪر!”
ضمير، ضمير کڻي ڪيو اٿئي! مون کي بس ايتري خبر آهي ته هو منهنجو دوست هيو، جنهن سان ڦٽندي سال ٿي ويا آهن!
توکان دور، زندگي اماوسي رات ئي ته آهي!
مان پاڻ وڃائڻ ٿو چاهيان، جي تون مون کي ڳولين ته .....
اروڙ جبل جي هنج ۾ هو اڪيلو اڌڙوٽ اڃا تائين ڇا پيو ڳولي!؟
هن چيو هو: “مون کي ايئن نه کڻجانءِ، جيئن پين کڻي ٻه ٽي اکر لکي وري رکي ڇڏيندو آن!.
من اندر تنهنجي چاهت جا گل ٽڙندا آهن ته محبت جي خوشبوءِ ساهن کي سينگاري ڇڏيندي آهي.
مان اهو گلاب آهيان جنهن کي تو بهار ۾ چاهيو هو، خزان اچي وئي ته بس وساري ڇڏيئه، سکي
ڇا هيءَ اها ئي دنيا آهي جنهن ۾ تون مون سان هئين!؟
امان! مون کي پنهنجي گوڏي تي سمهار، زندگيءَ جي نٽهڻ اس ۾ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان!
ڦٽاڪن سان لطف اندوز ٿيندڙ ٻارن کي ڏسي هو يتيم چئي رهيو هو: “اي الله! هن سال به منهنجا ڦٽاڪا توتي اوڌارا ٿيا”.
روز ساڳئي شهر جو ساڳيو صبح ۽ ساڳي شام ڏسي اکيون ميريون ٿي پيون آهن، کين پنهنجي تازي نور سان اجرو ڪڏهن ڪرڻ ايندين!؟
دانشور!
ان حديث جو مفهوم وساري ڇڏيئي ڇا “عالم جي مس شهيد جي رت کان وڌيڪ هوندي آهي”.
ارونڌتي راءِ پڇي پئي: “ڊيم خلاف مون وانگر ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڇو نٿو ڪرين!؟”
کيس چئه “مون ۾ اڃا ايتري همٿ ناهي آئي..!
تنهنجي ڪائنات ۾ مونکي ٻه شيون وڻن ٿيون هڪ تنهنجا چپ، ٻيون تنهنجون اکيون، جن سان تون چمندي آهين ۽ گھور ڪري ڏسندي آهين.
فجر جا هي پل گواهه آهن ته هن وقت به تون مون ۾ سمايل آهين.
تون الائي ڪڏهن سمجهندين ته زندگي نه ئي ذاڪر حسين جو طبلو آهي ۽ نه ئي فدا حسين جي اجائي سجائي پينٽنگ .....
اي ڪوجها انسان!
گلاب، شرافت ۽ اخلاق چوي ٿو ته دل جي خوبصورتيءَ ۾ ئي سڀ ڪجهه آهي.
زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪهڙي ڊائريءَ تي لکجي؟ ايترن ڏکن ۽ سورن جو هيءُ قلم بار نٿو کڻي سگهي، اجرا ۽ ميرا لفظ لمحن جو پورو اظهار نٿا ڪري سگھن.... اهي ته زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ جا ٽٻڪا ئي مس آهن...!