شخصيتون ۽ خاڪا

جھڙا گُل گلاب جا

ھي ڪتاب نامياري ليکڪ غلام رباني آگري پاران لکيل مختلف شخصيتن جي خاڪن ۽ زندگيءَ جي يادگيرين بابت آھي. ھن ڪتاب ۾ آلبرٽ آئنسٽائن، علامه آءِ آءِ قاضي، عبداللطيف آگرو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاهه ۽ پير حسام الدين راشدي جي شخصيتن بابت ليک شامل آھن.
Title Cover of book جھڙا گُل گلاب جا

آلبرٽ آئنسٽائن

سن 1904ع جي ڳالهه آهي. سئٽزرلئنڊ جي برن شهر ۾ هڪ نوجوان، گهٽين ۾ هيڏي هوڏي ايندي ويندي، نظر ايندو هو، جو سدائين نوٽ بوڪ تي ڪي انگ اکر لکندو رهندو هو. اڳتي هلي انهن انگن اکرن کي گڏ ڪري، رسالي ۾ هڪ مضمون ڇپايائين. مضمون شايع ٿيو، ڄڻ ته دنيا ۾ زلزلو اچي ويو. فزڪس جي سائنس جي اڳوڻي عمارت ڊهي ڍير ٿي ويئي. روءِ زمين جا سائنسدان وائڙا ٿي ويا. ستت نئينءَ عمارت جي تعمير تمام وسيع بنيادن تي شروع ڪئي ويئي. پر، ان تاريخي واقعي کان پوءِ نه ڪي ته هن جهان بابت انسانذات جو نظريو ساڳيو رهيو ۽ نه وري اهو نوجوان ساڳيو رهيو. سندس نالو هو آلبرٽ آئنسٽائين.
آئنسٽائين جڏهن ستر ورهين جي عمر جو ٿيو ته هڪ نوجوان کيس خط لکيو: ”سائين، مون کي ٻڌايو ته منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ مان ڪير آهيان؟ مون کي هن جهان ۾ ڪنهن موڪليو آهي؟“
آئنسٽائين نوجوان کي سڏ ۾ سڏ ڏنو، لکيائينس ته ”مان زندگيءَ جو مقصد معلوم ڪرڻ واريءَ تنهنجيءَ جستجوءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. منهنجي راءِ موجب، جيڪڏهن اهو سوال ائين ئي ڪبو ته ان جو ڪو به معقول جواب(Reasonable Answer) ڪو نه آهي.“
دنيا جي هاڪاري سائنسدان، جنهن کي هاڻي انهن عظيم ترين سائنسدانن ۾ شمار ڪجي ٿو، جيڪي انسانذات هن جهان جي شروع ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پيدا ڪيا آهن، پنهنجي نقطه نگاهه جي وضاحت ڪئي ۽ آخر ۾ نوجوان کي نصيحت ڪئي ته ”البت اهو ڄاڻڻ نهايت مناسب ۽ تمام ضروري آهي ته انسان هن دنيا ۾ پنهنجي حياتي ڪيئن گذاري؟ منهنجي خيال موجب کيس ٻن انسانن سان پنهنجا ناتا ۽ لاڳاپا، سوچ ويچار جي هم آهنگيءَ (Harmony) ۽ دنيا کي خوبصورت بنائڻ (Beautifull) جي جدوجهد جي بنيادن تي قائم ڪرڻ کپن.“
عيسويءَ ويهينءَ صديءَ ۾ يورپ وڏا وڏا سائنسدان پيدا ڪيا جن هڪ طرف آسمان ۾ نوان نوان سج، چنڊ ۽ تارا ڳولي ڪڍيا ته ٻئي طرف، واريءَ جي داڻي جو پيٽ چيري، ان جي اندران ڪيئي اسرار معلوم ڪيا. آلبرٽ آئنسٽائين جي سوچ ته ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو. هڪ دفعي کانئس پڇيائون ته ”هن جهان جي هيڏي علم هوندي، تون آخر ڇا ٿو محسوس ڪرين؟“ جواب ڏنائين ته “Sense of wonder” حيرت! هي جهان بحر بي ڪنار آهي، ان جو ڪو انت ئي ڪونهي.“
آئنسٽائين جهڙا عظيم مفڪر، مغرب جي علمي مرڪزن مان مستفيد ٿيا هئا، جتي ڪنڪارڊ هوائي جهاز آمريڪا مان اڏامي ٿو ۽ هڪ ئي پرواز ۾، ست سمنڊ پار ڪري، يورپ ۾ اچي پرڙا ساهي ٿو. مون جهڙا مسڪين ته سنڌ جي سڃن ڳوٺن ۾ ڄاوا، جتي اڃا مهن جي دڙي واريون بيل – گاڏيون رائج آهن.
اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول ڪونه هو. نالي ماتر ملا مڪتب هو. لئبرريءَ جو ته ڪنهن نالو ئي ڪونه ٻڌو هو. جڏهن اک پٽيم ته پهريائين پنهنجو وجود ئي سوال جي نشاني نظر آيم. پاڻ کان پڇيم ته ”تون ڪير آهين؟“ درسي ڪتابن ۾ سوال جو ڪوبه جواب ڪونه هو. فقط ايترو لکيل هو ته ”حياتيءَ جو مقصد وري پيدا ڪرڻ“ Re-production آهي.“ يعني ماڻهوءَ ۽ ڍور ۾ ڪو به فرق ڪونهي. بس، گاهه کائي، وڏو ٿئي، ۽ پاڻي پئي، جڏهن ته ڦر ڄڻي مري وڃي. ”بابا دُورا، ليکا پورا.“
جڏهن ڪتابن مان ڪڪ ٿيس، ته وقت جي علامن، عالمن مفڪرن ۽ مصنفن جا در کڙڪايم. پر، هن ”جهان جي ڳجهارت“ Riddle of the Universe کي ڪير به سلي ڪو نه سگهيو هو. ڪنهن کي خبر ڪانه هئي، ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي، ڇو آهي، ڪٿان آيو آهي، ڪاڏي ويندو؟ مان ڪير آهيان، ڪٿان آيو آهيان، ڪاڏي ويندس؟ هر ڪو بي خبر هو. عمر خيام سان همنوا هو:
معلوم نه شد که در طربخانه خاک
نقاش ازل بهرچ آراست مرا.
هن جهان ۾ ماڻهوءَ جي ماڳ ۽ ڀاڳ بابت قاضي جاويد پنهنجي ڪتاب ”محبت ۽ انقلاب ۾ لکيو آهي ته
”اسان کي معلوم هئڻ گهرجي ته هيءَ ڪائنات اسان لاءِ ڪانه ٺهي هئي... اها پنهنجن حقيقتن جي پٿرن سان اسان جي خوابن کي زخمي ڪري ڇڏي ٿي... ليڪن ائين سمجهڻ ته حالتون سدائين ائين رهنديون پڻ صحيح ڪونه آهي... مادي تي ذهن جي ڪامراني، ان ڳالهه جي ثابتي آهي، ته زندگيءَ کي سهنجو بنائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.“
قاضي جاويد سان لاهور ۾ مجلس ٿي ۽ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو مليو. هو نقاشِ ازل جي مصلحت جو قائل ڪونه هو. ان راءِ جو هو ته ماڻهو پنهنجي مقدر جو مالڪ پاڻ آهي.
اسلامي فڪر جي تاريخ ۾ معتزله نالي هڪ فرقو پيدا ٿيو، جنهن جو چوڻ هو ته انسان پنهنجن افعالن جو خالق پاڻ آهي، نه ته ڀلا مٿس جزا ۽ سزا ڪيئن واجب ٿيندي؟ (علامه اقبال پڻ پنهنجي ڪتاب ”فلسفه عجم“ ۾ معتزله فرقي جو ذڪر ڪيو آهي.) معتزله فرقي جي نقطهءِ نگاهه موجب، ماڻهو پنهنجي قول ۽ فعل وسيلي، پنهنجي دنيا بدلائي سگهي ٿو. معتزله اهي خيال يوناني فلسفي مان ورتا هئا.
مدد علي سنڌيءَ، روزانه ”سنڌ نيوز“ ۾، ڊاڪٽر سورلي جو خط شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته ”جديد مغربي سوچ به اها ئي آهي ته ماڻهوءَ جا سڀ خيال پنهنجا پيدا ڪيل آهن. هو پنهنجي مقدر جو مالڪ پاڻ آهي. هيءَ دنيا گهڻو تڻو ائين ئي آهي، جيئن ماڻهوءَ ان کي ٺاهيو آهي. خدا تعاليٰ ته هڪ اهڙيءَ هستيءَ جو نالو آهي، جنهن جي اسان کي ڪابه ڄاڻ ڪانهي.“
مان ”نقاش ازل“ جي مصلحت جو قائل آهيان ۽ ”ڪن فيڪون“ تي ايمان اٿم. ڪشنچند بيوس جو هي ڪلام ڏاڍو وڻندو اٿم:
ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو
بيوس سائينءَ ناد وڄي ٿو
نوبت نينهن نقارا
سڀ ڪن تنهنجي ساره پيارا
پيارا قدرت وارا
ليڪن ان ڳالهه کان به انڪار ڪونهي، ته مادي تي انساني ذهن جي ڪامرانيءَ وسيلي، حالتن کي هڪ حد تائين واقعي تبديل ڪري سگهجي ٿو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون حيرت انگيز ڪاميابيون آخر مادي تي انساني ذهن جي ڪامرانيءَ جون ناقابل ترديد ثابتيون ئي ته آهن، ۽ ڌرتيءَ جي ساهوارن ۾ فقط انسان ئي ته آهي، جو فخر سان چئي سگهي ٿو ته:
من آنم که از سنگ آئينه سازم
من آنم که از زهر نوشينه سازم
انسان، عقل کي امام بنائي، ريڊئي، وايرليس، ٽيليڪس، ٽيلي گرام، ٽيلي فون، ٽيلي ويزن، دوربين، خوردبين، ڪار، ريل، سامونڊي جهاز ۽ هوائي جهاز ايجاد ڪري، زمان ۽ مڪان جي جبر کي ٽوڙي ڇڏيو.
انسان، هزارين سال اڳ، ٻيڙي ٺاهي، طوفان نوح تري وڃڻ کان وٺي، اڄ راڪيٽ ٺاهي، چنڊ تي خيما کوڙي، ثابت ڪري ڏيکاريو ته مادي تي انساني ذهن جي ڪامرانيءَ وسيلي گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
پر، هڪڙيون ڳالهيون انسان جي اختيار ۾ آهن، ٻيون ڳالهيون سندس اختيار کان ٻاهر آهن، ان ڪري کيس پنهنجي مقدر جو مالڪ قرار ڏيڻ سولي ڳالهه نه آهي.
انسان فقط پنهنجن پنجن حواسن وسيلي ئي تدبير تيار ڪري، تقدير جي سينڌ سنواري سگهي ٿو. ليڪن، ڪائنات جو سارو علم سندس پنجن حواسن ۾ سمايل ته ڪونه آهي.
ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيم ته، ”موت انسان جو آخرين دشمن آهي. ان کي ختم ڪرڻو آهي.“
حوصلو ۽ ارادو بيشڪ وڏو آهي. پر روز اول کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين، اهڙو ڪو حڪيم، طبيب، يا ڊاڪٽر ٿيو آهي، جو موت کان پاڻ بچائي سگهيو هجي؟
ابن سينا چيو آهي:
از قعر گل سياه تا اوج زحل
کردم همہ مشڪلات گيتي را حل
بيرون جستم ز قيد هر مکر و حيل
هر بند کشاده شد مگر بند اجل
”ڪاريءَ گپَ جي ڌٻڻ کان وٺي زحل تاري تائين دنيا جي سمورين مشڪلاتن کي مون حل ڪري ڇڏيو هر مڪر ۽ حيلي جي قيد مان پاڻ ڇڏائي آيس. سڀ ڳنڍيون کلي ويون، پر موت جي ڳنڍ کولي نه سگهيس.
سج روزانو صبح جو اوڀر مان اڀري ٿو ۽ اولهه ۾ لهي ٿو. ڪنهن به سپر پاور يا سيڪيورٽي ڪائونسل جو فيصلو، سج جي انهيءَ روش کي بدلائي سگهي ٿو؟
حقيقت اها آهي ته جيئن جيئن انسان جي ذهن تان اڻ ڄاڻائيءَ جا پردا هٽندا رهن ٿا، تيئن تيئن کيس قدرت جي قوت ڪائنات جي وسعت ۽ پنهنجيءَ حيثيت جو صحيح احساس ٿئي ٿو.
دنيا جي هاڪاري سائنسدان سر آئزڪ نيوٽن هڪ دفعي چيو هو ته ”ائين ٿو ڀايان ته سمنڊ جي ڪناري تي واديءَ جا ڍير پيا آهن ۽ مان هڪ ٻار وانگر، سڄي عمر رڳو انهن ۾ راند ڪندو رهيو آهيان.“
جڏهن انسان کي پنهنجي ابتدا ۽ انتها نامعلوم هجي، زندگيءَ جي مقصد ۽ سفر جي منزل به معلوم نه هجي، تڏهن هن دنيا ۾ حياتيءَ جا ڏهاڙا، ڪنهن سهڻي انداز سان گذارڻ لاءِ، صوفين جو هي قول معنيٰ رکي ٿو ته ”انسان جي زندگيءَ جو مقصد هن ڪائنات کي حسين بنائڻ آهي.“
ابن سينا جو ڪتاب ”القانون“ هجي، مونا ليزا جي مرڪ هجي، تاج محل جي تعمير هجي، آدم ڪلثوم جو آلاپ هجي، روي شنڪر جي ستار هجي يا جديد دور ۾ ڪنڪارڊ جي پرواز- مڙني جو مقصد هن جهانَ کي سهڻو بنائڻ آهي. ليڪن، جهان کي حسين بنائڻ آسان ڪونه آهي، رڳو پنهنجيءَ زندگيءَ کي حسين بنائڻ ئي ڏاڍو ڏکيو آهي!
اڪثر انسان مون وانگر خوابن ۾ رهن ٿا ۽ سڄي عمر ننڊ ۽ پنڌ ڪندا رهن ٿا. مقدر جا ماريل ۽ مجبور جو ٿيا. مجبور ماڻهوءَ کي ڏوهه ڏيڻ اجايو آهي، ڇو ته ڪير آهي، جو پنهنجيءَ بگڙيءَ کي بنائڻ نٿو گهري؟ ڪير آهي جو ڏک جي جهان مان نڪري، سک جي جهان ۾ پير پائڻ نٿو گهري؟ پر اها هڪڙي وک کڻڻ ڪيڏي نه ڏکي ڳالهه آهي! اهو چوڻ ڪيڏو نه آسان آهي، ته هيءَ دنيا گهڻو تڻو ائين ئي آهي، جيئن انسان ان کي ٺاهيو آهي. پر، حقيقت ائين ڪٿي آهي؟ ائين ڇو آهي ته هڪڙن جون اونڌيون به سنيون، ته ٻين جون سنيون به اونڌيون!
جڏهن يوسف جا ڀائر مصر مان ان وٺڻ ٿي ويا، تڏهن سندن والد، يعقوب کين نصيحت ڪئي ته ”جڏهن شهر ۾ داخل ٿيو، تڏهن جدا جدا دروازن مان داخل ٿجو جيتوڻيڪ ٿيندو ائين ئي جيئن تقدير ۾ لکيل هوندو.“
انسان جي هٿ وس شايد ايترو ئي آهي ۽ ان جو نالو تدبير آهي. پوءِ کيس به يوسف جي ڀائرن وانگر، ڪي داڻا ڪڻا نصيب ٿيا ته وهه واهه. نه ته چئي پنهنجيءَ تقدير کي! ليڪن ڀلا ڀاڳ يوسف جا. ڀائرن کيس ماري ڪٿي، کوهه جي تري ۾ اڇلايو پوءِ به سندس سڀ خواب سچا ٿيا. سج، چنڊ ۽ تارن سجدا به ڪيا، ته مصر جي تخت تي به ويٺو ۽ الائي ته ڪيتريون زليخائون سندس سونهن پسي پنهنجا هٿ ڪپينديون رهيون!
مير تقي مير، ماڻهوءَ کي هيءَ ميار ڏيئي، مون جهڙن الائي ته ڪيترن ڄڻن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏيئي ويو:
سرسري تم اس جهان سي گذري
ورنه هرجا جهانِ دگر بهي تها
مير سائين، ”جهان دگر“ ڪٿي هو؟ ڪنهن لاءِ هو؟ مون ته ڏاڍو ڳوليو. ڀلاري ڀٽائيءَ جو به مشاهدو اهوئي هو ته:
هَڙَ ۾ ڪيئن هئونِ، هنئين هن نه چاڙهيا
سارو ڏينهن سمونڊ تي لهي سج ويونِ
جڏهن سائينءَ سبب ڪيونِ، تڏهن ستڙ ٿيا سيد چوي
هيڪر، مان ۽ مولي قاسمي صاحب ڪراچيءَ کان اسلام آباد هوائي جهاز ۾ وڃي رهيا هئاسون. مون کيس سامهون ايندڙ ايئرهوسٽس ڏانهن اشارو ڪري چيو ته، ”هيءَ حور اسان لاءِ ميوي جي رس جا گلاس آڻي رهي آهي. هي اڏامندڙ محلات منٽ ۾ ڏهه ميل رفتار سان زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ پرواز ڪري رهيو آهي. ايئرڪنڊيشنڊ ماحول ۾ موسيقيءَ جي نغمن جي گونج آهي. خبر نه آهي ته حضرت سليمان جو تخت ڪيئن هوندو؟“
مولوي صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي مسڪرايو ۽ چيائين: ”اها به خبر ڪانهي، ته ان تي رڳو پاڻ چڙهندو هو، يا ٻين کي به ويهاريندو هو. هت ته جيڪو ٽڪيٽ جا پئسا ڀري، سو اچي سوار ٿئي.“
مولوي صاحب جي ڳالهه ٻڌي، مون دل ۾ سوچيو ته ”اڄ به ڪل ڪيترن ماڻهن وٽ هوائي جهاز جي سواريءَ جا پئسا هڙ ۾ آهن؟ اڳي ڪن کي حضرت سليمان اڏامندڙ تخت تي گڏ وهاريندو هو. اڄ ٻين کي پئسو هوا جي پرن تي پرواز ڪرائي ٿو. ڪن مسڪينن جو سارو ڏينهن سمونڊ تي اوسيئڙي ۾ گذري وڃي ٿو.“
ٿر جو هڪ لوڪ گيت آهي:
”سارو تان سيارو، مون گنديءَ ۾ گذرايو.“
ماڻهوءَ جي حياتيءَ ۾، سک جون ساعتون تمام مختصر ٿين ٿيون ۽ ڏک جا ڏاڍا ڏينهن ڊگها. انهن کان به اوکيون آهن رڻ جون ڪاريون راتيون. پر، ان هوندي به، رات جي ڪاريءَ ٻاٽ ۾، مون جتي به ڏيئي جي لاٽ ڏٺي، اتي ڊوڙي وڃي دروازي تي دستڪ ڏني، ته من ڪو بي قرار روح، ڪنهن اهل دل جي اوسيئڙي ۾ هجي. مون کي هر هنڌ، اهوئي جواب مليو ته ”مسافر جا پيرا انهيءَ ئي واٽ تي پوندا آهن، جيڪا آسمان جا ستارا سندس لاءِ هن ڌرتيءَ تي گهڙيندا آهن.“ پنهنجا پيرا جنهن واٽ تي پيا، ان تي وک وک تي ڪنڊا هئا. غلام فريد چيو آهي:
عمريا لنگهيا پٻان پار
پنهنجي ساري عمر به ڪنڊن کان بچندي پٻن تي هلندي گذري ويئي!
هونئن رڻ ۾ رڃ جا عجيب منظر هئا. ويراني ۾ وسندڙ شهر هئا، جي بي روح انسانن سان ڀريل هئا. ظاهري حسن ۾ آذر جا بت هئا. نه سونهن ۾ سندن ڪو ثاني هو ۽ نه دل جي سختيءَ ۾. سندن هڪڙيءَ ئي نگاهه سان سڪايل دل گهايل ٿي ويندي هئي.
دامن په کوئي چهينٽ نه خنجر په کوئي داغ
تم قتل کرو هو يا کرامات کرو هو
ننڍي هوندي، قصن ۽ ڪهاڻين ۾ پڙهيو هئم ته ”پوءِ مسافر انهيءَ طلسمي شهر ۾ وڃي پهتو، جتي سڀ ماڻهو پٿر جا بت هئا.“ مان به ان اجنبي مسافر وانگر، بتن ۽ بي روح انسانن سان ڀريل انهن شهرن مان ائين ئي حيرت ۽ حسرت سان لنگهيس، جيئن ڪو نادار ڀريءَ بازار مان خالي هٿين گذري.
*****
زندگيءَ جو سفر شايد اڃا به اوکو ٿي پوي ها، پر ڪي اعليٰ انسان هوندا هئا جي رڻ ۾ رهنمائي ڪندا هئا، جڏهن ڪو مسافر مون وانگر اڃ ۽ رڃ ۾ هلي هلي ماندو ٿي ڪري پوندو هو ته کيس آٿت ڏيئي اٿاريندا هئا: ”دل نه لاهه. زندگيءَ جا هي ڏکيا ڏينهڙا به گذري ويندا.“
اهڙا اعليٰ انسان ڪي ورلي نظر ايندا هئا. پر، ڇا چئجي سندن جوت ۽ جلوو،ڄڻ ته ڪوئلن ۾ هيرا. رڻ جي ڪارين راتين ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندا هئا. ٿڪا ماندا مسافر سندن ئي سوجهري تي وک وڌائيندا هئا. انهن اعليٰ انسانن جو ڪنهن به قوم ڪڙم ۽ قبيلي سان واسطو ڪونه هوندو هو. پيغمبرن جي پيروي ڪندا هئا. سموريءَ انسان ذات کي سهارو ڏيندا هئا.
هڪ دفعي، حضرت عيسيٰ کان ماڻهن پڇيو ته ”سائين اوهان جي گهر اچون؟“
جواب ڏنائين ته ”دنيا ۾ منهنجو گهر ڪٿي آهي؟ گهر ڇا کي چوندا آهن؟“
چون ٿا ته حضرت عيسيٰ مئل ماڻهو جياريندو هو. پر، مان ڀانيان ٿو ته سڀ پيغمبر مسيحا هوندا آهن. مرده دلين ۾ جان وجهي ڇڏيندا آهن. نه ته ڀلا بي قرار روحن کي سندن ئي پاڇي هيٺ قرار ڪيئن ايندو!
چون ٿا ته پيغمبر اسلام جڏهن ننڍو هوندو هو، ته پنهنجي چاچي سان گڏجي، شام ملڪ ڏانهن ويو هو. هڪڙو عيسائي راهب اهو لقاءُ ڏسي، وائڙو ٿي ويو، ته رڻ ۾، هڪ ڪڪر مٿس ڇانو ڪندو ٿي آيو. اها ڳالهه اڄڪلهه گهڻن ماڻهن کي ويساهه ۾ ڪانه ايندي. پر، هيءَ ڳالهه هر ڪو مڃيندو ته پيغمبر کي هي جهان ڇڏئي، چوڏهن صديون گذري ويون آهن، ليڪن ڪروڙين انسان سندس ئي پاڇي هيٺ قرار وٺن ٿا.
نواب نور احمد لغاريءَ ڳالهه ڪئي ته، ”مديني ۾ عجب منظر ڏٺم، شينهن جهڙا مڙس هجن. پري کان اچن، ته ڌرتي پئي ڌڏي. پر، مسجد نبويءَ ۾ گهڙن، ته سندن اکين مان نيسارا پيا وهن. مون الائي ته ڪيترن شهزورن کي، مسجد جي ٿنڀن کي ٽيڪ ڏيئي، ٻارن وانگر سڏڪا ڀريندي ڏٺو.“
نفسيات جو ماهر انهيءَ ماجرا جي سمجهاڻي شايد هيئن ڏيندو ته، ”هر انسان کي هيانءُ هلڪي ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي. هونئن به زندگيءَ جي رڻ ۾ هلي هلي، ماڻهو آخر ٿڪجي پوي ٿو. ساهه پٽڻ لاءِ کيس ڪنهن نه ڪنهن سهاري، ڪنهن نه ڪنهن ديوار، ڪنهن نه ڪنهن ٿنڀي ٿوڻيءَ جي ٽيڪ جي ضرورت پوي ٿي.“
ممڪن آهي ته حقيقت ائين ئي هجي. ليڪن، هيءَ به ته حقيقت آهي، ته ڪوبه بي بنياد ٿنڀو گهڻو بار برداشت ڪري نه سگهندو، ۽ نه وري گهڻي دير بنا پيرن جي بيهي سگهندو. وقت سچ ڪوڙ جي وڏي پرک آهي. مارڪس، لينن ۽ مائو جو اثر ڪل گهڻو عرصو هليو؟
مائيڪل هارٽ، پنهنجي ڪتاب “A Ranking of 100 Most Iufluential persons in Human History.” ۾ لکيو آهي ته: -
He was only man in history, who was supremely successful, on both the religious and secular levels.
Today, 14 centuries after his death his influence is still powerful and pervasive. It is this un-paralleled combination of secular and religious innuence, which I feel entitled Muhammad to be considered the most influential figure in human history.
”تاريخ ۾ هو واحد شخص هو، جنهن مذهبي توڙي دنياوي سطح تي، ڪمال درجي تائين ڪاميابي حاصل ڪئي.
اڄ، سندس رحلت کان چوڏهن صديون پوءِ به سندس اثر چوڏس قائم ۽ دائم آهي. منهنجي نظر ۾ ديني ۽ دنياوي اثر جي هن بي مثال ميلاپ سببان، محمد صلعم کي انساني تاريخ جي سڀ کان بااثر شخصيت قرار ڏيئي سگهجي ٿو.“
جيڪو انسان، صدين جون صديون، لکين ڪروڙين انسانن جي مٿان دنيا جي ڌر تتيءَ ۾ ڇپر ۽ ڇانو ٿي بيهي، ان جي مٿان رڻ ۾ هڪڙي ڪڪر جو پاڇو ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!
چون ٿا ته پيغمبر جڏهن ٻار هو، ته ٻڪريون چاريندو هو. وڏو ٿيو، ته ٿورو گهڻو واپار ڪندو هو. – اڻ پڙهيل هو. پر، دنيا کي اهڙو ڪتاب ڏيئي ويو، جنهن کي پڙهڻ سان ماڻهن جون دليون ميڻ وانگر رجي وڃن ٿيون. ڪتاب جو مصنف ڪير ڪونه آهي. پر دنيا ۾، نسل در نسل، ڪروڙين انسان پنهنجي زندگي ان ڪتاب جي قاعدن قانونن موجب گذارين ٿا. شايد اهوئي سبب آهي، جو دنيا جي مشهور قانوني- درسگاهه ”لنڪنس ان“ لنڊن ۾، پيغمبر جو پاڪ نالو، وڏي ادب سان دنيا جي انهن اعليٰ مدبرن ۾ لکيو اٿن، جن دنيا کي انصاف عطا ڪيو.
انگلستان جي عظيم اديب، ٿامس ڪارلائيل، پنهنجي ڪتاب Heroes and Hero – worship ۾ پيغمبر کي عقيدت جا گل پيش ڪندي لکيو هو:
”ڪنهن ٿي ڄاتو ته عربستان جي ريگستان ۾، واريءَ جو اهو داڻو، جڏهن جرڪندو، تڏهن غرناطہ کان دهليءَ تائين، ملڪن پٺيان ملڪ، سندس روشنيءَ ۾ تجلا ڏيندا.“
ڪارلائيل ڳالهه گهڻي گهٽائي ڪئي آهي. دهليءَ کان گهڻو پري، چين، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپائينس – الائي ته ڪيترا ملڪ انهيءَ ئي اُمي پيغمبر تي ڪَلمو پڙهن ٿا. (چون ٿا ته هاڻي دنيا جي هر پنجن ماڻهن ۾ هڪ ڄڻو مسلمان آهي).
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، سنڌي شعبي جي استاد عبدالجبار شامَ پنهنجي ڪتاب ”مائوءَ جي ملڪ“ ۾ لکيو آهي ته ”هاڻي هن ملڪ ۾ ڪوبه ماڻهو آسمان ڏانهن دعا لاءِ هٿ ڪونه ٿو کڻي.“
عبدالجبار شام جو مشاهدو ممڪن آهي ته اهو هجي. پر کانئس ست سال پوءِ جڏهن مان چين ملڪ جي دوري تي ويس ته چيني ترڪستان جي شهرن ارومچيءَ ۽ ترپان ۾ اذانون ٻڌم ۽ قطار در قطار ماڻهن کي مسجدن ڏانهن ويندي ڏٺم.
پاڪستان ۾ روشن واجديءَ نالي چين جي ثقافتي سيڪريٽري هوندي هئي. (هاڻي چين جي گادي بيجنگ ۾ رهندي آهي.) مون سان سڪ اٿس. سندس ننڍي ڀاءُ جي رحلت جي خبر ٻڌم، ته کيس تعزيت ڏيڻ ويس. سندس سهڻن ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي آيا. چيائين ته”رباني، منهنجو ڀائڙو پيغمبر جي در تي حاضري ڏيئي آيو هو. اها ئي ڳالهه منهنجي روح جي راحت آهي. مان سندس لاءِ دعا گهرندي آهيان.“
رب جي رحمت ته هر هنڌ وسي ٿي. پر، پيغمبر جي درکان ڪيئي ڪوهه پري، سوشلسٽ نظام ۾ پيدا ٿيل، هيگل جي جدلياتي ماديت (Dilectical Materialism) ۽ مارڪس جي تعليم سان سرشار سفارتڪار خاتون جڏهن مائوءَ جي ملڪ ۾ ڳوڙهن ڀريل اکين سان آسمان ڏانهن دعا لاءِ هٿڙا کڻي ٿي، تڏهن سندس روح کي راحت ان ڳالهه ۾ ئي اچي ٿي ته سندس ڀائڙو پيغمبر جي در تي حاضري ڏيئي آيو هو! ڀلاري ڀٽائيءَ الائي ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ فرمايو هو:
برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو
منهنجي ڏاڏي کي به پيغمبر سان حب هوندي هئي، سندس نالو به محمد هو. پر حاجي محمد نالي مشهور ٿي ويو، سو ان ڪري جو يارنهن حج ڪيا هئائين. ان زماني ۾ سفر جون سهولتون ڪونه هونديون هيون. پر، ”سڪندين کي سيد چئي، ڪين جهليندو جهنگ.“
ڪنڊياري تعلقي ۾، پنهنجي ڳوٺ مان پيادل نڪرندو هو. وسنديون ۽ ويرانا، صحرا ۽ ريگستان، پوٺا ۽ پهاڙ پار ڪري، مديني ۾ پيغمبر جي چانئٺ چمندو هو. اتي ئي سندس بي قرار روح کي قرار ايندو هو. سفر ۾ کيس پورو سال لڳي ويندو هو. ڳالهه ڪندو هو ته ”سڃن پهاڙن ۾ پيڻ لاءِ پاڻي ڪونه ملندو هو. ويلن جا ويلا گذري ويندا هئا. بعضي ته راهه ۾ ڦورو حملا ڪندا هئا. جبل جي غار ۾ هڪ حبشي بخار ۾ ڦٿڪي رهيو هو. مون کان اشاري سان پاڻي گهريائين. مون کيس پاڻي پياريو. سامت ۾ آيو ته اٿيو ۽ امالڪ ترار کڻي، مون کي ڦرڻ ۽ مارڻ آيو. قد جو ايڏو ته ڊگهو هو، جو مان سندس ٽنگن جي وچان نڪري ڀڄي ويس ۽ جان بچايم. پر، اها يا رستي جي ٻي ڪابه رڪاوٽ، مون کي پيغمبر جي در تي حاضري ڏيڻ کان روڪي نه سگهي. ست حَجَ پيادل ڪيم. پوءِ آگبوٽ ايجاد ٿيا. چار حج انهن جي وسيلي ڪيم.“
چون ٿا ته گوتم ٻڌ جا پوئلڳ به ائين ئي ڪندا هئا. چين ولايت مان نڪرندا هئا. همالا ۽ هندوڪس، پامير ۽ قراقرم پار ڪري، الائي ته ڪٿان ڪٿان هندستان جي سرزمين تي پهچندا هئا ۽ انهن ئي آستانن تي اچي مٿو ٽيڪيندا هئا، جتي سهڻي گوتم پنهنجا پاڪ پير گهمايا هئا. سياڻي سعديءَ چيو آهي:
اي دل خورسندم تو بوي کسي داري
مون نئين تعمير ٿيل شاهراهه – ريشم تي گلگت کان وٺي، چين جي سرحدي چوڪيءَ خنجراب تائين سفر ڪيو آهي. سفر جي انتظام ۽ اسان جي آرام لاءِ ست ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ هئا. انهن جي اڳيان پويان حفاظتي فوج جا دستا هئا. ايس . پي . پنهنجي پوليس جي پوري اٽالي سان سمورو وقت ساڻ هو. اسان جي ڪاروان ۾ دنيا جهان مان اسي عالَم، مردَ ۽ زالون هيون. ڪي ته ڄڻ ڪوهه ڪاف جون پريون هيون. طرح طرح جا مشروبات، ميوا ۽ کاڌا هئا. سفر ڇا هو، سراسر راحت هئي. پر، رستي جي هڪ طرف آسمان کي ڇهندڙ همالا جبل جون برفاني چوٽيون ۽ ٻئي طرف طوفان جي رفتار سان وهندڙ سنڌو درياءُ ڏسي، سيءُ وٺي ٿي ويو. ڪٿي ڪٿي پراڻيءَ شاهراهه – ريشم جا ٽڪرا به نظر ٿي آيا. ڪن پهاڙن تي ڪتبا ۽ گوتم ٻڌ جون تصويرون هيون، جي ياترين، سفر جي دوران، پنهنجي پيغمبر سان عقيدت جي اظهار طور ٺاهيون هيون. پهاڙ جي وٽ سان پيادل هلڻ جيترو پيچرو مس هو، جنهن تان پير ترڪي ته ماڻهو هزارين فوٽ اونهيءَ ماٿريءَ ۾ وڃي ڦهڪو ڪري. سندس هڏي به ڪانه بچي.
سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته سوين سال اڳ، گوتم جا ياتري انهيءَ پل صراط کي پار ڪري، سفر جون سموريون صعوبتون برداشت ڪري، چين ۽ ٿٻيٽ مان، هن جي سرزمين تي ڪيئن صحيح سلامت پهچندا هئا. سندن عشق ڏسي، مون کي ته هڪ سنڌي ڪافيءَ جا ٻول ياد آيا:
عشق وارن کي عشق هميشہ
وهه جون پياري وٽيون! يارَ
چين جي گاديءَ بيجنگ ۾، سهڻا مندر ڏٺم. مون کي لاما وارو مندر ڏاڍو وڻيو. گوتم جي عظمت کي عام ماڻهن جي اکين ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ، سندس وڏا وڏا پتلا ٺاهيا اٿن، ته گوتم هيڏو وڏو انسان هو. هڪ ڪاٺ جو پتلو ڏيکاريائون. الائي ته ڪيترا سو فٽ اوچو هو. چيائون ته هي هڪ ئي بنڊ مان ٺهيل آهي، جنهن کي رسا ٻڌي، چيني ياتري، هندستان ۾ گوتم جي جنم ڀوميءَ مان ڇڪي، همالا جبل جي مٿان ٽپائي آيا هئا. مان ڪا دير ته گوتم جي منهن ۾ ڏسندو رهيس. سوچيم ته گوتم ماڻهن جيڏو ئي ماڻهو هو، پر سندس اندر ۾ روشنائيءَ جو منارو ايڏو ته اوچو هو، جو ان جا تڙڪا، هزارن ورهين جو مفاصلو ۽ همالا جبل ٽپي، اڄ الائي ته ڪيستائين اچي پهتا آهن!
پيغمبرن جا نوراني پاڇا ائين ئي زمان ۽ مڪان جون سڀ سرحدون اورانگهي، رڻ جي راهين تي ڇانو ڪري بيهندا آهن. تڏهن ته منهنجو ڏاڏو به اڃ ۽ بک ۾ ڪيئي سڃا پوٺا ۽ پهاڙ، اڪيلي سر پار ڪري ويندو هو.
گوتم جي قدمن ۾ ويهي اکيون ٻوٽيم ته عربستان جي ريگستان ۾، ڏاڏي جا پيرا نيري آسمان ۾ سفيد پکين جي ولرن وانگر، مديني ۾ پيغمبر جي روضي ڏانهن ويندي ڏٺم. بي اختيار حافظ ياد آيم:
مڙده وصل توکز سر جان برخيزم
طائر قدسم و از دام جهان برخيزم
****
انسان جي مزاج جي نشو نما جو مدار، گهڻيءَ حد تائين، نفسياتي اثرن تي آهي. مون جنهن گهر ۾ اکيون کوليون، ان جو ماحول جان تان مذهبي هو. بابا سائين پابنديءَ سان پنج وقت نماز پڙهندو هو ۽ روزو قضا نه ڪندو هو. چاچا سائين ته ختمي درود جو به خيال رکندو هو. اَسُرَ جو اٿي، مٺي آواز سان ذڪر ڪندو هو. آخري عمر ۾ حج به ڪيائين. مون بابا ۽ چاچا جي نشست برخواست ۾، برصغير جي مسلم – فارسي ڪلچر جو هلڪو رنگ به ڏٺو. چاچا، پنهنجي ذاتي ذوق سان سڪندر نامي تائين ۽ بابا يوسف زليخا تائين فارسي پڙهيو. سندس ڪتابن مان سعديءَ جو گلستان ۽ زيب النسا جو ديوان مخفي مون وٽ اڃا محفوظ آهن.
ڏاڏا سائين تر جو مڃيل حڪيم ۽ وڏيءَ دل وارو انسان هو. اسان جي ڄمڻ کان اڳ ئي هي جهان ڇڏي ويو هو. پر، هنڌين ماڳين سندس سخاوت جي هاڪ هئي. چوندا هئا ته ڪو شخص سوال ڪندو هئس، ته سندس ضرورت ٿڏي تي پوري ڪندو هو. ان ڳالهه ۾ دير اصل نه ڪندو هو. بشري ڪمزورين کان ڪير به آجو ڪونهي. سو، جڏهن به ڪنهن ڳالهه ۾ منجهندو هو، ته رسول الله کي سڪ سان سڏڙا ڪندو هو:
”مديني جا مير، سڻ منهنجا سڏڙا“
انهيءَ پس منظر ۾، ننڍي هوندي کان ئي منهنجي ذهن تي مذهب جا پاڇا پيا. ليڪن، بابا سائين مذهبي ڪٽر پڻي جي سخت خلاف هوندو هو. خدا کي سڄي عالم جو رب سمجهندو هو. بيشمار هندو سندس پيارا دوست هوندا هئا. وڏي هوندي، منهنجي پڻ ڪيترن ئي هندن، عيسائين، مجوسين، ڪميونسٽن ۽ دهرين سان دوستي ٿي. حياتيءَ جي هڪ مرحلي ۾ پاڻ به مذهب ۾ آزاد خيال ٿي ويس. پر شخصي تجربي سان ائين محسوس ڪيم ته لا مذهب ماڻهوءَ جي سوچ، پنجاهه سوورهين تائين محدود آهي. سندس خيال موجب زندگيءَ جو سفر قبر جي ڪنڌيءَ تي ختم آهي. اڳتي رڳو اوندهه انڌوڪار آهي. هي جهان ۽ ان جو وڻ ٽڻ، ٻوٽو، گاههُ ۽ گلُ، جيڪو هر سمجهدار ماڻهوءَ اڳيان سوال بنيو بيٺو آهي، سو؛ سندس خيال موجب، ائين ئي اتفاق سان وجود ۾ اچي ويو آهي. ليڪن، ڏاهي ماڻهوءَ جي خيال موجب هي جهان اتفاق سان وجود ۾ ڪونه آيو آهي.
مشهور يوناني فيلسوف سقراط هڪ دفعي پنهنجي شاگرد ارسطاديمس کان پڇيو ته ”تون ڪنهن اهڙي شخص جو نالو کڻي سگهين ٿو، جنهن جي فن کان متاثر هجين؟“ ارسطاديمنس چيو ته ”استاد، هائو مون کي فلاڻو شاعر ڏاڍو وڻندو آهي.“
سقراط چيس ته ”ڀلا انهيءَ سنگتراش لاءِ ڪهڙو خيال اٿيئي، جيڪو پٿر جا مجسما ڏاڍا سهڻا ٺاهيندو آهي. سندس فن وڌيڪ يا انهيءَ جو جيڪو زندهه، هلندڙ، چلندڙ، کلندڙ، ڳالهائيندڙ مجسما ٺاهي ٿو؟“
ارسطاديمس چيو ته، ”استاد، مان زندهه هلندڙ، چلندڙ، گهمندڙ، ڦرندڙ مجسمن ٺاهڻ واري فنڪار کي ئي عظيم سمجهندس، بشرطيڪ اهي اتفاقي طرح يا حادثاتي انداز ۾ پنهنجو پاڻ وجود ۾ نه آيا هجن. سوچي سمجهي ٺاهيا ويا هجن.“
سقراط چيس ته ”سمجهه ته ڪي شيون اهڙيون آهن، جن جي تخليق جو مقصد اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي. پر، ڪي اهڙيون به آهن، جن جي تخليق جو مقصد سمجهه ۾ اچي ٿو. تنهنجي خيال موجب، ٻنهي مان ڪهڙي تخليق حڪمت ۽ دانائيءَ واري ٿي ۽ ڪهڙي اتفاقي؟“
ارسطاديمس چيو ته ”استاد، بيشڪ اهي شيون جن جي وجود جو مقصد ظاهر هجي، سي ئي دانائيءَ واريون ليکبيون.“
سقراط چيس ته ”انسان جي خالق کيس اکيون ڏنيون ته ڏسي ۽ ڪن ڏنائينس ته ٻڌي. ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي وسيلي کيس خبر پوي ته ڪهڙي ڳالهه مناسب آهي ۽ ڪهڙي نامناسب. ساڳيءَ ريت زبان ڏنائينس ته ڳالهائڻ ٻولائڻ لاءِ ڪم آڻي ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جي ذائقي جو فرق محسوس ڪري. ان طرح تون ٻين ڳالهين تي به غور ڪر ۽ ڏس ته هن ڪيئن نه ننڍيءَ کان ننڍيءَ ڳالهه جو به خيال رکيو آهي. مثال طور، ڪيئي ننڍڙا جيت جڻيا اڏامندا رهن ٿا. انسان جي خالق اکين جي حفاظت لاءِ ڇپر ڏنا، جي گهڙيءَ گهڙيءَ کلندا ۽ بند ٿيندا رهن ٿا، ته هوا ۾ جيڪو سنهو ڪن ڪچرو ۽ جيت جڻيو آهي، ان کان اکيون محفوظ رهن. ٻڌاءِ ته اهو سڀڪجهه اتفاقي طرح ٿي ويو يا حڪمت ۽ دانائيءَ وسيلي؟
ارسطاديمس چيو ته، ”استاد، بيشڪ اهي ڳالهيون انسان جي خالق جي دانائيءَ جو مظهر آهن.“
سقراط وانگر، ٻئي هڪ فيلسوف، عبدالله دراز به ان سوال تي بحث ڪيو آهي ته هيءُ جهان اتفاقي طور وجود ۾ آيو آهي يا ڪنهن رٿابنديءَ سان؟ هن هڪ مثال ڏنو آهي ته، ”ڪنهن وڏي جبل جي چوٽيءَ تي وڻن جي وچ ۾ هڪ بنگلو بيٺو آهي. ڪو شخص جبل تي چڙهي، بنگلي تائين پهچي ٿو. ڏسي ٿو ته اندر ڪير به ڪونهي! پر، هرشيءِ ٺهي ٺڪي پئي آهي. ڪمرن ۾، پٽ تي غاليچا آهن، جن تي سهڻا صوفا، ڪرسيون ۽ ميزون رکيل آهن. پلنگ آهن، جن تي قيمتي بسترا وڇايا پيا آهن.
هاڻي اهو شخص ڇا سمجهندو، ته پهاڙ تان پٿر ۽ مٽي پنهنجو پاڻ کڄي آيا. ڀتيون اڏجي ويون. انهن تي ڇت پئجي ويئي. وڻن جو ڪاٺ از خود چيرجي ويو ۽ ڪمرن کي در دروازا لڳي ويا. پوءِ خوبصورت فرنيچر به خودبخود ٺهي ويو ۽ پنهنجو پاڻ ٻاهران کڄي بنگلي جي اندر پهچي ويو. پلنگ پوش، بسترا، چادرون وڇائجي ويون. غاليچا به پنهنجو پاڻ وڇائجي ويا. فانوس به اتفاقي طرح لڳي ويا ۽ پنهنجو پاڻ ٻري ويا.
جيڪڏهن ڪو شخص اوهان سان ملي ۽ اهڙي ڪا ڳالهه ڪري ته اوهان کيس ڇا چوندا، ته ”ميان ڪو خواب ڏٺو اٿيئي، يا ڪو قصو بيان ٿو ڪرين؟ هوش ۾ ته آهين!“
پر، جيڪڏهن اهو شخص اڃا به گهڻو بحث ڪندو، ته اوهان کانئس پڇي سگهندا ته ”ميان، بنگلو ته پري ٿيو، رڳو بنگلي جو هڪ ڪمرو به ڪڏهن اتفاقي طرح پنهنجو پاڻ ٺهيو آهي؟ خودبخود ان جا تاڪ ٺهي ويا، منجهس انجيس ۽ ڪوڪا لڳي ويا! اها ڪا مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي؟“
اهو مثال ڏئي عبدالله دراز سوال ڪيو آهي ته هي جهان، تارن ڀريو آسمان، سج، چنڊ ۽ تارا وڌيڪ، يا بنگلي جا پٿر ۽ ڪاٺ جا در دروازا وڌيڪ؟ جي بنگلو پنهنجو پاڻ ٺهي نٿو سگهي، ته هي جهان پنهنجو پاڻ ڪيئن ٺهي ويو؟
مشهور مستشرق، سينتيلانا ساڳيءَ ڳالهه جو هڪ ٻيو مثال ڏنو آهي. چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪو شخص ڇاپي جا لکين ڪروڙين اکر گڏ ڪري، رڳو پيو انهن کي هيٺ مٿي ڪري، ته ائين ڪرڻ سان انهن مان ادب، شعر، فلسفي يا قانون جو ڪو ڪتاب اتفاقي طرح ٺاهي سگهندو؟
جيڪڏهن اکرن کي سالن جا سال رڳو هيٺ مٿي ڪرڻ سان ڪوبه ڪتاب ڪونه ٺهي سگهندو، ته پوءِ هي جهان، جنهن ۾ سج جي اڀرڻ، موسمن جي ڦرڻ، ۽ گلن جي ٽڙڻ ۾ ايڏي ترتيب ۽ توازن آهي، سو لامذهب ماڻهوءَ جي خيال موجب، پنهنجو پاڻ، اتفاقي طرح ڪيئن وجود ۾ اچي ويو.“
ارسطوءَ جو قول آهي ته”هر نظام ۽ هر سليقو، ڄڻ ته پنهنجيءَ زبان سان پاڻ ٻڌائي رهيو آهي، ته ان جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن جي حڪمت ۽ دانائي سمايل آهي.“
هن جهان جي ڳجهارت (Riddle of the Universe) بابت ابوالڪلام آزاد به پنهنجي ڪتاب”غبار خاطر“ ۾ دلچسپ بحث ڪيو آهي. چوي ٿو ته، ”زندگي ۽ هل هلان جو هي ڪارخانو آخر ڇا آهي؟ ان جي ڪا شروعات به آهي يا نه؟ ڪٿي هلي ختم ٿيندو يا نه؟ خود انسان ڇا آهي؟ هي جو اسان سوچي رهيا آهيون ته ”انسان ڇا آهي“ ته خود اها سوچ ۽ سمجهه ڇا آهي؟ حيرت جي پردن پٺيان ڪجهه آهي به يا نه؟ ان وقت کان وٺي جڏهن اوائلي انسان پهاڙن جي غارن مان منهن ٻاهر ڪڍي، سج جو اڀرڻ ۽ لهڻ ڏسندو هو، اڄ ڏينهن تائين، جڏهن هو علم جي تجربيگاهن مان فطرت جا بيشمار چهرا بي نقاب ڏسي رهيو آهي، سوچ ۽ سمجهه جون هزارين ڳالهيون بدلجي ويون، پر جهان جي ڳجهارت Riddle of the Universe ڪنهن نه سکي. جڏهن هيءَ ڳجهارت نئين نئين انساني ذهن ۾ آئي هئي، تڏهن جو حل به سامهون آيو هو. پر، جيئن ته اسان ان ڳجهارت جو ٻيو ڪو حل ڳولڻ گهرون ٿا، انڪري اسان جون پريشانيون شروع ٿين ٿيون. اسان عقل جو سهارو وٺون ٿا ۽ ان روشني ۾، جنهن کي اسان علم جو نالو ڏنو آهي، جيستائين رستو ملي ٿو، تيسين هلندا هلون ٿا، ليڪن اسان کي ڪوبه حل ڪونه ٿو ملي. هلي هلي نيٺ رستو ختم ٿي وڃي ٿو. ۽ روشني جهڪي ٿي، آخر ختم ٿي وڃي ٿي. اکيون انڌيون ٿي وڃن ٿيون. عقل ۽ ادراڪ جا سڀ سهارا ختم ٿي وڃن ٿا. پر جيئن ئي اسان پراڻي حل ڏانهن موٽون ٿا ۽ پنهنجيءَ معلومات ۾ رڳو هيترن اکرن جو اضافو ڪريون ٿا ته ”سوچ ۽ سمجهه واري ڪا اعليٰ هستي پردي جي پٺيان آهي“ ته ڄڻ اوندهه مان نڪري سوجهري ۾ آيا آهيون. هاڻي جيڏانهن نگاهه ڪريون ٿا ته روشني ئي روشني آهي.
آسٽريليا جي وحشي قبيلن کان وٺي، تاريخي عهد جي متمدن انسانن تائين، ڪوبه خدا جي تصور کان خالي نه رهيو آهي. ”رگ ويد“ جي فڪري مواد جي اوڄ ان وقت شروع ٿي، جڏهن تاريخ جو صبح به اڃا چٽو ڪونه ٿيو هو. حتين ۽ اعلامين جڏهن پنهنجي عبادتگاهه جا نقش و نگار ٺاهيا هئا، تڏهن انساني تمدن جي ننڍپڻ اڃا پنهنجون اکيون به مس کوليون هيون. مصرين حضرت عيسيٰ جي ڄم کان هزارين سال اڳ پنهنجي خدا کي طرح طرح جي نالن سان سڏڙا ڪيا هئا ۽ ڪالڊيا جي ڪاريگرن مٽيءَ جي پڪل سرن تي حمد ۽ ثنا جا اهي گيت لکيا هئا، جي اڳين قومن کان کين ورثي ۾ مليا هئا. ابو الفضل ڪشمير ۾ جوڙايل عبادتگاهه لاءِ ڪهڙو نه سهڻو ڪتبو تجويز ڪيو هو”الاهي به هر خانه که مِي نگرم جو يا ي تواند، و به هر زبان که مي شنوم گوياي تو.“
اي تير غمت را دل عشاق نشانه
خلقي بتو مشغول و تو غائب زميانه
گم معتڪف ديرم و گه ساڪن ڪعبہ
يعني که ترامي طلبم خانه به خانه
سقراط، عبدالله دراز، ڊيوڊ سينتيلانا ۽ ارسطوءَ وانگر، ابوالڪلام به انهيءَ نتيجي تي پهتو، ته خدا جي هستيءَ ۾ ايمان رکڻ سان ئي هن جهانَ ۽ انسانَ جي زندگيءَ کي معنيٰ ملي ٿي.
انسان جڏهن به خدا جو سوچيندو، ته پنهنجي ذهن ۾ سندس ڪونه ڪو تصور ضرور قائم ڪندو، ليڪن خدا تعاليٰ ته هر تصور کان مٿي آهي. اهڙيءَ صورت ۾، انسان جو ذهن، پنهنجي ۽ جهان جي خالق کي ڪيئن سوچي، سمجهي ۽ ياد ڪري؟
اهو دليل درست ته:
ڪبهي صانع سما سڪتا نهين صنعت کي دامن مين
سمجهه کا ديني والا خود سمجهه مين آ نهين سڪتا
پر، ان دليل سان انسان لاءِ ڪا راهه ته ڪانه ٿي کُلي!
ابوالڪلام جو چوڻ آهي ته اسلام پنهنجي عقيدي جو بنياد سراسر ”تنزيه“ تي رکيو. قرآن ڪريم جي ارشادن ته:
1- ”ڪابه شيءِ هن وانگر نه آهي“ – تشبيہ جي اهڙي عام ۽ قطعي نفي ڪري ڇڏي، جو اسان جي تصوري تشخص لاءِ ڪجهه به ڪونه بچيو.
2- ”الله لا مثال نه گهڙيو“ – تمثيلن جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا.
3- ”اکيون سندس ادراڪ ڪري نٿيون سگهن“- حقيقت جي سڃاڻپ جي ڪابه اميد ڪانه ڇڏي.
تاهم، انسان جي تصور جي نظاري لاءِ اسلام کي به صفتن جي صورت آرايي ڪرڻي پئي ۽ ”تنزيه مطلق“ کي ”صفاتي تشخص“ جو جامو ڍڪڻو پيو، جنهن جو مثال قرآن ڪريم ۾ الله پاڪ جا اسمآءُ الحسنيٰ آهن.
صوفين به ذات مطلق جو قرب حاصل ڪرڻ لاءِ صفتن جو سهارو ورتو. ليڪن، ممتاز عالم گائي ايٽن(حسن عبدالحڪيم) پنهنجي ڪتاب، ”اسلام ۽ تقدير انساني“ (اداره ثقافت اسلاميه، لاهور) ۾ سوال ڪيو آهي ته ”صفت جي وسيلي ته مخلوق جو بيان ٿي سگهي ٿو. الله ته خود صفتن جو خالق آهي. جا شيءِ هن پاڻ ٺاهي آهي، سا خود سندس احاطو ڪيئن ڪري سگهندي! سو، قرآن مجيد ۾، الله تعاليٰ جا جيڪي اسمآي الحسنيٰ ڏنل آهن، سي فقط سندس مزاج جا آئينه دار آهن“
لفظ ”الله“، پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جي ٺاهيل عربي سنڌي لغت موجب، ”رب جو ذاتي نالو آهي.“ ٻيا نالا صفاتي آهن. ليڪن، مولانا ڪوثر نيازيءَ، اسلام آباد جي هڪ تقريب ۾ تقرير ڪندي، مون کي ڇرڪائي ڇڏيو ته ”الله لفظ ولہ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ حيراني آهي.“ ڳالهه ٻڌي دل تي بار ٿي پيوم. مولانا قاسميءَ کي حيدرآباد فون ڪيم، پر هن به ڪوثر نيازيءَ جي ڳالهه جي تصديق ڪئي. اسلام آباد جي اسلامي يونيورسٽيءَ جي استادن سان ڳالهه ڪڍيم. اتي پروفيسر غزاليءَ ٻڌايو ته ”ڪن عالمن جو اهو رايو آهي. ٻين جو خيال آهي ته ان پاڪ لفظ جي ڪابه مصدر ڪانهي.“ اهو ٻڌي ڪجهه آٿت آيو، پر من پوءِ به منجهيل ۽ ڪوماڻل رهيو. پر، ستت ئي، مون گنهگار کي پيغمبر جي پاڇي هيٺ پناهه ملي. گائي ايٽن جي تحقيق موجب، هڪ حديث قدسيءَ ۾ آيو آهي ته:
”مان ائين ئي آهيان، جيئن منهنجو ٻانهو مون کي سمجهي ٿو ۽ جيئن ئي مون کي ياد ڪري ٿو ته مان ساڻس گڏجي وڃان ٿو.“
ان حديث جو متبادل ترجمو هي به آهي:
”مان پنهنجي بندي جي گمان موجب آهيان. جيئن ئي منهنجو نالو سندس لبن مان نڪري ٿو ته مان ساڻس گڏجي وڃان ٿو.“
انهن ئي ڏينهن ۾، پيغمبر جي قول سان مطابقت رکندڙ، قرآن ڪريم جي ارشاد تي نظر پيم:
”اي نبي منهنجا ٻانها جي توکان منهنجو پڇن ته کين ٻڌائي ڇڏ، ته مان کين ويجهڙو آهيان. جڏهن مون کي ڪير سڏي ٿو، ته مان سڏ ٻڌان ٿو ۽ جواب ڏيان ٿو.“- سورت بقره – آيت 186
منجهيل مَنَ ۾ ڪوماڻل دل کي ان کان وڌيڪ ڪهڙي تسلي کپي! مون ته ائين محسوس ڪيو ته آسمانن جا در کلي ويا ۽ دل جي سڪل پوٺن ۽ پهاڙن تي مهر ۽ محبت جا مينهن وسي ويا! چاليهه ورهيه اڳ ملڪاڻيءَ جو ترجمو ڪيل، ٽئگور جو هڪ گيت بي اختيار چپن تي آيو:
”گاني ۾ مخمور ٿي، پوءِ پنهنجو پاڻ وساريان ٿو،
تون جو منهنجو مالڪُ آهين، تنهن کي دوستُ پڪاريان ٿو.“
شاهه ولي الله سطعات ۾، پنهنجي مخصوص عالمانه انداز ۾ وضاحت ڪئي آهي ته ”قرآن“ ان جو نالو آهي، جنهن جي معنيٰ ۽ اسلوب الله تعاليٰ طرفان پيغمبر تي نازل ٿيا هجن. اهو ڪلام الله آهي.
حديث قدسي اها آهي، جنهن ۾ معنيٰ ته الله پاڪ طرفان پيغمبر تي نازل ٿي هجي، پر اسلوب پيغمبر پاڻ اختيار فرمايو هجي، يعني لفظن جو جامو پاڻ ڍڪايو هجي.
گويا حديث قدسي ۽ عام حديث ۾ فرق آهي.
حديث معنيٰ ڳالهه. ليڪن، پيغمبر جي عام ڳالهه کي به عام ماڻهن جي ڳالهه وانگر پرکڻ نه گهرجي، ڇو ته پيغمبر جو علم عام ماڻهن وانگر فقط پنجن حواسن تائين محدود ڪونه هوندو آهي. پيغمبر اسلام چوندو هو ته مان اوهان جهڙوئي ماڻهو آهيان، پر اوهان ۽ مون ۾ هي فرق آهي، ته مون تي وڃي نازل ٿئي وڃي عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ته ڪا ڳالهه مخفي نموني ۾ تيزيءَ سان ڪنهن جي من ۾ وجهڻ. پيغمبر جي معلومات جو ذريعي وحي الاهي هئي. پر، وحي رڳو پيغمبرن کي ڪانه ٿيندي آهي. قرآن ڪريم ۾ آيو آهي ته تنهنجي پروردگار ماکيءَ جي مک کي وحي ڪئي. شاهه ولي الله جو خيال آهي ته پيغمبر جي وحي مخصوص ٿيندي آهي. مثلاً ماکيءَ جي مک ڏانهن وحي الهام جو هڪ قسم آهي.
عام ماڻهن جي حالت ۾ به فقط عقل، دليل ۽ استدلال علم جا ذريعا ڪونه آهن. اونهو توجهه ۽ ڪشف به علم ۽ معلومات جا ذريعا آهن. مغربي فيلسوفن ۾ شو پنهاور Schopenhauer ان راءِ جو هو ته وجدان، عقل کان به علم جو وڌيڪ موثر ذريعو آهي. ڪن ماڻهن کي خوابن جي وسيلي ايندڙ واقعن جو اڳواٽ علم ٿيندو آهي، يعني سندن خواب سچا نڪرندا آهن. ڪن ماڻهن جي زبان يعني گفتي ۾ غير معمولي اثر هوندو آهي. سندن قول پيشن گوئي ثابت ٿيندو آهي. ڪن ماڻهن جي دعا ۽ بددعا لڳندي آهي. ڪن جي نظر لڳندي آهي.
ڪنهن زماني ۾، (غالباً 1960ع) کان 1970ع واري ڏهاڪي ۾) روسي سفارتخانو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ”طلوع“ نالي هڪ رسالو شايع ڪندو هو. ان ۾ هڪ روسي عورت تي مضمون شايع ٿيو، جنهن جي نظر لڳندي هئي. هوءَ اونهي توجهه وسيلي پنهنجي نظر جي اثر سان، ميز تي رکيل شيون، مثلاً ڪاغذ، ٽامي جا سڪا ۽ ميوو وغيره هيڏي هوڏي ريڙهي سگهندي هئي. مضمون ۾ عورت جون ٻه تصويرون به ڏنل هيون. هڪڙي عام رواجي حالت ۾ ته ٻي جڏهن اونهي توجهه سان ڪنهن شيءِ ڏانهن گهوري رهي آهي. ان تصوير کي ڏسڻ سان ئي خوف ٿي ٿيو، ڄڻ ته شينهن گهوري رهيو هجي.
مضمون جي آخر ۾، وڏن وڏن روسي سائنسدانن (جن ۾ ايڪيڊمي آف سائنسز، سويت يونين جو صدر به شامل هو) ان ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي ته هن عورت جي نظر ۾ برابر اها طاقت آهي. اسان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. پر، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.“
مون مولانا قاسمي صاحب سان جڏهن اها ڳالهه ڪئي، چيائين ته”ان ۾ حيرت جي ڪابه ڳالهه ڪانهي. سنڌ ۾ مون ڪيترائي ماڻهو ڏٺا آهن، جن لاءِ چوندا آهن ته، سندن نظر لڳي ٿي.“ مولوي صاحب چيو ته ”اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو، جنهن لاءِ چوندا هئا ته مجذوب آهي. هڪ دفعي ماڻهن کيس ڏاڍو چيڙايو ته ”تون رڳو اجايون ٻٽاڪون هڻندو آهين.“ شام جي مهل هئي. ڳوٺ جي ٻاهران پڌر ۾ بيٺا هئاسين. سامهون اهو رستو نظر اچي رهيو هو، جنهن تي، مسافر ايندا ويندا هئا. پري کان هڪ ماڻهو نظر آيو، جو گهوڙي تي سوار هو. مجذوب چيو ته ”چڱو، جي اهو گهوڙي سوار، رستي تي اها پل ٽپي ويو، ته پوءِ مان ڪوڙو آهيان. پر، جي پل تي پهچڻ کان اڳ ئي نظر لڳس، ته منهنجي اٿس،“ مولوي قاسمي صاحب چيو ته، ”گهڙي نه گذري ته اتي جو اتي گهوڙو ٿاٻڙيو ۽ گهوڙي تي سوار شخص زمين تي اچي ڦهڪو ڪيو.“
قدرت، انسانن وانگر ٻين ساهوارن کي به غير معمولي صلاحيتون ڏنيون آهن، ڪن جانورن ۾ سنگهڻ جي طاقت تمام تيز هوندي آهي. انسان کي خبر پوي نه پوي، پر جانور کي سنگهڻ سان خبر پئجي ويندي آهي. ولايت ۾ پوليس خاص ان ڪم لاءِ ڪتا ڌاريندي آهي. ڪن پکين ۾ اها صلاحيت هوندي آهي، ته کين زمين جي زلزلي جي اڳواٽ خبر پوندي آهي. ٻيا پکي آهن، جن کي مينهن وسڻ جي اڳواٽ خبر پوندي آهي. سنڌ ۾ چوندا آهن ته تاڙي جي تنوار مينهن اچڻ جي نشاني آهي.
انسان ته مڙني ساهوارن ۾ ڏاهو آهي. پر، انسان ۾ به سڀ هڪجهڙا ڪونه آهن. ڪي ڏاها ته ڪي ڏڏَ. چون ٿا ته آئنسٽائين کي پنهنجيءَ غير معمولي ذهانت جو احساس هو. وصيت ڪئي هئائين، ته مئي کانپوءِ، منهنجو دماغ کولي ڏسجو. ائين ڪيائون، پر سندس دماغ ۽ عام ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ڪوبه فرق ڪونه هو. پوءِ ائين ڇو هو، ته کيس جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ آئي، سا عام ماڻهن جي سمجهه کان مٿي هئي؟ جڏهن نظريه اضافت ڏنائين ته سڄيءَ دنيا جي سائنسدانن جي سوچ بدلائي ڇڏيائين. هنن سندس عظمت جو اقرار ڪندي چيو ته اسان کي نظريي اضافت جي جزيات کي سمجهڻ ۾ ورهيه لڳي ويندا. ڀانئجي ٿو ته انساني نگاهه وانگر انساني عقل جي به حد آهي. دوربين سان ڏسبو، ته نگاهه پري پري پوندي. انساني عقل کي به دوربين نصيب ٿيندي، ته ان جي پهچ پري پري ٿيندي. پر ڪن ماڻهن کي دوربين جي ضرورت ئي ڪانه ٿي پوي. هو ڄمندي ڄام آهن. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته، ”بيشڪ خدا جي لاءِ اها ڳالهه مشڪل نه آهي، ته ڪنهن انسان ۾ سڀ خوبيون جمع ڪري ڇڏي“.
اسلام آباد ۾، هڪ جرمن خاتون سان دعا سلام ٿي. هوءَ هر مذهبي عقيدي کان آزاد هئي، پر هڪ ڳالهه اهڙي ڪائين، جنهن تي ٻئي ڄڻا متفق ٿياسين. چيائين ته ”آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ برابر ڪيئي اسرار ۽ قوتون آهن، جن جي پاڻ کي ڪابه خبر ڪانهي. پر، اهي هن ڪائنات توڙي اسان جي زندگيءَ تي اثر پذير آهن.“
اسرار معنيٰ راز، مخفي لڪل، غيب يا اهڙي ڳالهه جا معلوم نه هجي. پيغمبر ڏانهن هڪ حديث منسوب آهي ته ”مون کي غيب جو علم ڪونهي. جيڪڏهن غيب جو علم هجي ها، ته مون تي سختيون ڇو اچن ها؟ غيب جو علم فقط انهيءَ کي آهي جو جهانن جو سرجڻهار آهي.“
ان هوندي به پيغمبر جون نگاهون جيڪي ڏسن پسن ٿيون سو عام ماڻهن کي نظر نٿو اچي ڇو ته مٿس وحي ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي جو قرآن پيغمبر کي ”روشن چراغ“ ڪوٺيو آهي.
مير علي احمد ٽالپر هڪ دفعي مون کي هڪ سنڌي شاعر جو شعر ٻڌايو( جو بعد ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ) کان به ٻڌم) جنهن جو مطلب اهو هو ته ”اسان ته خدا کي هنن ٻن اکين سان ڪونه ڏٺو هو. اسان کي ته مٺي محمد ٻڌايو ته الله هڪ آهي.“
رڻ جون ڪاريون راتيون ڏاڍيون اوکيون ٿينديون آهن. پر، جيڪو مسافر روشن چراغ جو سهارو وٺندو، سو اونداهيءَ ۾ گمراهه ڪونه ٿيندو ۽ نه وري دل لاهي، ائين سوچيندو ته ”قبر جي ڪنڌيءَ کان اڳتي، رڳو اوندهه انڌوڪار آهي.“
ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ ۾ وڪٽوريا روڊ تي، صدر ۾ هڪ ڪافي هائوس کليو. مان تڏهن ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ۽ هفتي ڏيڍ بعد دوستن سان گڏجي، اتي ڪافي پيئڻ ويندو هوس. اسان جنهن ميز جي چوڌاري وڃي وهندا هئاسون، ان جي پاسي ۾ ڀت تي هڪ فريم ٽنگيل هوندو هو، ان تي انگريزي زبان ۾ هڪ عبارت هوندي هئي. ان جو مطلب اهو هو ته:
”حياتيءَ جي گهڙيال کي رڳو هڪ دفعو چاٻي ايندي آهي. ڪنهن کي خبر ته سندس حياتيءَ جي گهڙيال جا ڪانٽا، ڪڏهن ۽ ڪاٿي هلي بيهي رهندا؟“
مون هڪ دفعي مير علي احمد ٽالپر کي خط ۾ اها ڳالهه لکي موڪلي. تڏهن پاڻ اسلام آباد ۾ رهندو هو ۽ مون کي حيدرآباد ۾ خط پٽ لکندو رهندو هو. منهنجو خط پڙهڻ سان دانهن ڪري اٿيو ۽ فوراً جواب لکيائين:
”توکي ڪنهن ٻڌايو آهي ته هي کيل هت ئي ختم آهي؟ تو کان وسري ويو آهي ته قرآن وري وري چيو آهي ته اوهان اسان ڏانهن موٽايا ويندؤ.“
چون ٿا ته پيغمبر هميشہ اونهيءَ سوچ ۾ هوندو هو. عقل کي مشعل راهه بنائيندو هو، ليڪن، هر معاملو خدا جي سپرد ڪندو هو. جيڪي دعائون گهرندو هو، تن ۾ هڪ خاص دعا هيءَ هئي ته ”يا الله منهنجو علم وڌاءِ.“ علم جي سکيا مسلمان مرد ۽ عورت لاءِ فرض قرار ڏنائين ۽ ائين به فرمايائين ته ”عالم جي مس شهيد جي رت کان افضل آهي.“ ٻئي ڪنهن موقعي تي ائين به فرمايائين ته، ”علم حاصل ڪريو، پوءِ ان لاءِ اوهان کي چين ڇو نه وڃڻو پوي.“
هيڪر، مان چين کان پاڪستان اچي رهيو هوس. بيجنگ کان ڪراچي ايندي سمورو وقت سوچيندو آيس ته پيغمبر صلعم پنهنجو مقصد انسانن جو اخلاق درست ڪرڻ ٻڌايو آهي. اسلام جي تعليم قرآن ڪريم ۾ ڏنل آهي. قرآن ۾ سرآغاز چيل آهي ته هي ڪتاب انهن لاءِ ئي هدايت آهي، جي با اخلاق آهن. ماڻهن جي اخلاقي تربيت لاءِ جنهن زماني ۾ قرآن سان گڏ پيغمبر پاڻ موجود هو، ان زماني ۾ خود پيغمبر طرفان کين علم جي تحصيل لاءِ چين تائين وڃڻ جي تلقين ڇو ڪئي ويئي؟ ان سوال جو هڪ جواب ته اهو ٿي سگهي ٿو ته پيغمبر تجارتي مقصد سان عرب ملڪن جي واپاري ميلن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اتي چيني ماڻهو ڏٺا هئائين، جن لاءِ مشهور هو ته پري پنڌ تان چين ملڪ مان آيا آهن. گويا چين ڏورانهون ڏيهه آهي، انڪري علم جي ”اهميت“ واضح ڪرڻ لاءِ مثال ڏنائين ته علم حاصل ڪرڻ ايڏو ته ضروري آهي جو چين وڃڻو پوي ته به وڃڻ کپي.
سوال جو ٻيو جواب هي ٿي سگهي ٿو ته چين دنيا جي هڪ قديم ترين تهذيب وارو ملڪ هو ۽ اها تهذيب، ثقافتي، توڙي هنر ۽ ڪاريگريءَ (Science and Technology) جي علم جي لحاظ کان، نهايت شاهوڪار هئي. مثلاً بارود چين ۾ ايجاد ٿيو، ڪاغذ دنيا ۾ سڀ کان اول چين ۾ ٺهيو، شايد پيغمبر هنر ۽ ڪاريگريءَ جي علم جي معنيٰ ۾ چين جو مثال ڏنو.
چنانچ، هوائي جهاز، هزارين ميلن جو مفاصلو، پورن پنجن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري، جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ مٿان، پنهنجا پر پکيڙي، آهستي آهستي هيٺ لهڻ لڳو، تڏهن صوفين جو قول ياد آيو ۽ هيءَ ڳالهه منهنجي من تي آشڪار ٿي ته انسان اخلاق ۽ علم جي آميزش وسيلي، دنيا کي حسين بنائي سگهي ٿو.
***

اخلاق ۽ مذهب هڪ ٻئي سان ايتري قدر ته لاڳاپيل آهن، جو هڪ جو ٻئي کان سواءِ سوچي به نٿو سگهجي. تاهم، لامذهبي معاشري جو ته وري به تصور ڪري سگهجي ٿو، ليڪن اهڙي ڪنهن به معاشري جو تصور اچي نه ٿو سگهي، جيڪو اخلاقي قدرن کان بلڪ آجو هجي. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ”ماڻهو ڪفر سان ڀريل معاشري ۾ ته رهي سگهي ٿو، پر ظلم سان ڀريل معاشري ۾ رهي نه ٿو سگهي.“
چين ۽ روس لا مذهبي معاشرن جا چٽا مثال آهن، ليڪن اتي اخلاقي قدرن جو وڏو احترام ڪيو وڃي ٿو. چين جو ته مان پاڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. مغربي سرمايه دار ملڪن جي معاشرن کي نڪي ته مذهبي چئي سگهجي ٿو، نه وري لامذهبي. عيسائي ۽ يهودي اڃا مڙئي پنهنجي مذهب جو نالو کڻن ٿا. پر، اخلاقي قدرن جو خاص خيال رکن ٿا. مثلاً، سندن معاشري ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ کي ننديو وڃي ٿو. ”اندر ۾ هڪڙي، ٻاهر ۾ ٻي“ خراب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. پراوا حق ڦٻائڻ ظلم ليکيو وڃي ٿو. حقيقت اها آهي ته مغربي ملڪن جو معاشرو عام اخلاقي قدرن جي بالادستيءَ ۾، مشرقي ملڪن جي معاشري کان جيڪڏهن ڪن ڳالهين ۾ گهٽ آهي، ته ڪن ڳالهين ۾ ان کان گهڻو بهتر به آهي. خاص ڪري، مغربي ملڪن جون حڪومتون عام شهريءَ جي حقن جو جيترو لحاظ رکن ٿيون، اوترو مشرقي معاشري ۾ تصور به ڪري نه ٿو سگهجي. مون سان مائٽ شوڪت جماڻيءَ ڳالهه ڪئي ته ”پنهنجيءَ گهر واريءَ (ڀاڄائي ناهيد) کي ويم لاءِ لنڊن وٺي ويس. جنهن ڏينهن ٻار ڄائو، ان ڏينهن کان اسان جي گهر ۾ سرڪار طرفان کير جي بوتل خودبخود پهچڻ شروع ٿي ويئي.“ سندس ڳالهه ٻڌي مون کي پنهنجي ملڪ ۾ سرڪاري اسپتالن جا ڪيئي منظر اکين اڳيان آيا، جن ۾ مون مرضن ۾ ورتل غريبن کي درد ۽ عذاب سببان تڙپندي ۽ ليلائيندي ڏٺو هو. پر، ڪوبه سندن سڏ ٻڌڻ وارو ڪونه هو.
مغربي معاشري ۾، رڳو سرڪار کي فرض شناسيءَ جو احساس ڪونه آهي. هر شهريءَ کي ٻئي شهريءَ جي حقن جو خيال آهي.
1947ع کان اڳ انگريزن جي بادشاهيءَ ۾، بڊ صاحب نالي سنڌ ۾ ڪو اعليٰ عملدار هوندو هو. 1976ع ۾ هڪ ڏينهن پير علي محمد راشديءَ اسلام مان حيدرآباد فون ڪئي ته: ”بڊ صاحب پنهنجيءَ فيمليءَ سميت روڊ رستي اسلام آباد کان ڪراچيءَ اچي رهيو آهي. وارو ڪر، حيدرآباد ۾، انگريزن جي زماني جا ڪي ٻه ٽي ڪراڙا ڪليڪٽر گڏ ڪري وٺ ۽ بڊ صاحب جي مان ۾ ڪا شانائتي دعوت ڪر.“
مون بڊ صاحب جي مان ۾ لنچ ڏني. ٻه ٽي ڪراڙا ڪليڪٽر اڃا حيات هئا، سي به شريڪ ٿيا. شام جو بڊ صاحب کي ڄام شوري واريءَ پل تائين ڇڏڻ به ويس. شهر کان ٻاهر نڪتاسين، ته راجپوتانا اسپتال وٽ بڊ صاحب پيٽرول پمپ وٽ پنهنجي ڪار بيهاري، تيل وجهايو. کانئس پوءِ مون به پنهنجيءَ جيپ ۾ تيل وجهايو. پئسا ڏيڻ لاءِ سامهون شيشي جي ڪئبن ۾ ويس ته پٺيان بڊ صاحب ڇوهو ڇوهو اندر آيو ۽ چيائين ته ”مسٽر رباني، پنهنجي ڊرائيور کي چئه ته جيپ پمپ کان پاسي ڪري بيهاري. ڪو شخص پٺيان ڪار ۾ آيو آهي؛ پر، غريب تيل وجهائي نه ٿو سگهي، جو تنهنجي جيپ پمپ جي اڳيان سندس رستو روڪي بيٺي آهي. متان غريب تڪڙو هجي.“ بڊ صاحب جو اخلاق ڏسي، مون دل ۾ چيو ته، ”بيشڪ، اوهان جي قوم کي اسان تي حڪمراني ڪرڻ جو حق هو.“
اهڙين روايتن ڪري، مغربي معاشري ۾، اعليٰ اخلاق پيدا ٿيو، جنهن جو ٻيو قصو سائين مخدوم محمد زمان ٻڌايو. چيائين ته، ”هڪ دفعي علاج لاءِ ولايت ويس. ڊاڪٽر سان طبيعت جو احوال ڪري، دوا جو نسخو وٺي، پنهنجيءَ جاءِ تي آيس. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر وٽان ٽپال ۾ هڪ پارسل اچي پهتو. کولي ڏسان ته سگريٽن جو پاڪيٽ! ڊاڪٽر خط ۾ لکيو هو ته ”اوهان پنهنجن سگريٽن جو اڌ ڀريل پاڪيٽ منهنجيءَ ميز تي وساري ويا هئا، سو موڪلي رهيو آهيان.“
هڪ دفعي مان پنهنجيءَ فيمليءَ سان روڊ رستي اسلام آباد کان ڳوٺ وڃي رهيو هوس. لاهور ۾ ڏينهن ٻه ترسياسين. ٻارن کي شاهي قلعو گهمائڻ وٺي ويس. اسان کان اڳي ٿورا گهڻا سيلاني قلعو گهمي رهيا هئا. انهن ۾ ساٺيڪو سالن جي هڪ زائفان، جا ڪنهن يورپي ملڪ جي رهاڪو هئي، اسان سان رلي ملي ويئي. قلعو گهمندي، پنهنجيءَ ڪئمرا سان، اسان جو تصويرون ڪڍيائين ۽ موڪلائڻ مهل ايڊريس گهريائين. اسان پنهنجي سفر تي روانا ٿياسين. ڳالهه کي مهينا گذري ويا. هڪ ڏينهن ٽپال ۾ پارسل اچي پهتو. کولي ڏسون ته مائيءَ جو خط ۽ اسان جون تصويرون! ڏاڍا خوش ٿياسون.
هن ئي ڪتاب ۾، مون ايڇ- ٽي لئمبرڪ تي مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ ٻڌايو اٿم ته سنڌي ادبي بورڊ سندس ٻه ڪتاب ڇاپيا هئا. ٻه ٽي سال گذريا، ته انهن ڪتابن ۾ ڏنل ڪي نقشا، ولايت جي ڪنهن رسالي ۾، پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڇاپڻ لاءِ اسان کان اجازت گهريائين. جيڪڏهن پاڻمرادو ائين ڪري ڇڏي ها، ته اسان کي خبر به ڪانه پوي ها. پر، جي پوي ها ته ڪوبه اعتراض ڪونه ڪيون ها.
هي ٻه ٽي عام مثال مون اهو ڏيکارڻ لاءِ ڏنا آهن، ته مغربي معاشري ۾ جيتوڻيڪ مذهب ڏانهن توجهه گهڻو گهٽجي ويو آهي، پر عام اخلاقي قدرن جي بالادستي آهي.
ليڪن، ائين سمجهڻ به صريحاً غلط ٿيندو، ته مغرب جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهي، سو عين اخلاق آهي، يا سڀ مغربي ماڻهو وڏا بااخلاق شخص آهن.
اٽڪ وٽ، سنڌو درياءَ ۽ ڪابل درياءَ اچي ملندا آهن. انهيءَ تاريخي لنگهه وٽ، هزارن سالن کان ڪيئي لشڪر، درياءُ پار ڪري، هندستان تي حڪمران ٿيا، انڪري اڪبر اعظم پنهنجيءَ ايامڪاريءَ ۾، فوجي قلعو ٺهرايو، جو اڃا جبل تي ڪر کنيو بيٺو آهي. سو سال اڳ، انگريزن درياءَ تي پل ٺهرائي، جنهن جو شان ڇا چئجي. پوري هڪ صدي، مٿانئس هيٺان لاريون ۽ مٿان ريلون لنگهنديون رهيون آهن. انهيءَ تاريخي پس منظر ۾، اٽڪ جو نظارو مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. پراڻي رستي جي پاسي ۾، لوڪلبورڊ جو ننڍڙو ريسٽ هائوس آهي. ٻه چار دفعا ان ۾ وڃي ٽڪيو آهيان. تازو ڳوٺان منهنجي وڏي ڀيڻ جنت خاتون، اسلام آباد گهمڻ آئي.“ مان کيس پنهنجيءَ گهر واريءَ نورجهان ۽ ٻارڙن سان گڏ، اٽڪ وٺي ويس. ريسٽ هائوس ۾ ماني کائي، درياءَ جي ڪپ تي ڪرسيون وجهائي ويٺاسون. چاءِ پي رهيا هئاسون، جو هڪ انگريز زال، هٿ ۾ ڪتاب ۽ ڪار جي چاٻي لوڏيندي، سڌي اسان وٽ آئي. چيائين ته منهنجو مڙس ۽ ٻيا ڀاتي، درياءَ جي رستي، ٻيڙيءَ ۾ اچي رهيا آهن. مان اڳواٽ موٽر ۾ آئي آهيان، جو اسان جو پروگرام هو، ته اٽڪ وٽ پاڻ ۾ ملنداسين. اسان کيس قرب ۽ تعظيم ڏيئي، پاڻ وٽ ويهاريو. ميوي ۽ مشروبات سان خاطر تواضع ڪئي. کيس ڪئميرا ساڻ هئي. اسان جي ئي چوڻ تي ٻه ٽي تصويرون ڪڍيائين ايڊريسون ورتائين. ڪجهه وقت کانپوءِ ٻيڙي آئي. مائي موڪلائي رواني ٿي. ورهيه وري ويا، مائيءَ نه تصوير موڪلي، نه چٺي چپاٽي.
ان واقعي کان به ويهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ دفعي لاهور ۾ شام جي مهل رستي تي پسار ڪري رهيو هوس، ته منهنجو هم عمر، هڪ انگريز نوجوان، پنڌ ڪندو، مون وٽ آيو، ۽ ڪنهن ننڍيءَ هوٽل جو ڏس پڇائين. مان کيس بکارو ڏسي، پاسي واريءَ ريسٽارنٽ ۾ وٺي ويس ۽ ماني کارايم. ڏاڍو شوق هو ته کانئس پڇان ته ڪلائيو نالي، تو جيڏو هڪ نوجوان، سڄي هندستان کي سٽي ڪٽي، انگريزن جي بادشاهي قائم ڪري ويو. توهان جي نئين نسل ڪهڙي نفسياتي چڪر ۾ هپي رنگ اختيار ڪيو آهي، جو ماني به خيرات جي کائو ٿا. هو پهريون سال انجنيري پڙهندو هو، جو پڙهڻ ڇڏي، هپين جي هڪ ٽولي سان گڏ، دنيا گهمڻ نڪتو هو. ماني کائي ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين. هلڪي بونداباري ٿي رهي هئي، سو مون کيس چيو ته ”ٽام، تون پنج منٽ ترس، ته مان پنهنجي ڪمري مان ڪوٽ پائي اچان ته پوءِ ٿا ڪچهري ڪريون.“ مان ٻن چئن منٽن ۾ ڪوٽ پائي، ٻاهر آيس. رستي تي ٽام جو نالو نشان به ڪونه هو. هن فقير جو فقط مانيءَ سان مطلب هو.
ٽام کي ته ائين چئي آسانيءَ سان نظرانداز ڪري سگهجي ٿو، ته هو هڪ اوباش نوجوان هو. پر، علامه آءِ. آءِ. قاضي چوندو هو، ته ”انگريزن جو پنهنجي ملڪ ۾ اخلاق جو ماپو هڪڙو آهي ته اسان وٽ ٻيو. جڏهن سئيز واهه ٽپن ٿا، ته اخلاق کي پٺيءَ پاسيرو اڇلائي اچن ٿا.“ برصغير تي سياسي تسلط حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزن اخلاقي قدرن کي جيئن پائمال ڪيو، سا حقيقت علامه صاحب جي قول جي صداقت جي ناقابل ترديد ثابتي آهي. چون ٿا ته سرچارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ انگلستان جيڪا تار موڪلي هئي، سا ٻٽيءَ معنيٰ واري هئي. ان جو هڪ مطلب اهو هو ته ”مون سنڌ حاصل ڪئي آهي“ ۽ ٻيو اهو ته ”مون گناهه ڪيو آهي.“
آزاديءَ کان اڳ، انگريزن جي حڪومت ۾، ڪراچيءَ ۾ چاءِ پيڻ جون ننڍيون هوٽلون هونديون هيون، جن مان ڪن ۾ فقط انگريز چاءِ پي سگهندا هئا. هوٽل جي ٻاهران تختي لڳل هوندي هئي ته Indians and Dogs not allowed هندستانين ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه آهي. مون اهي هوٽلون ۽ تختيون ڪونه ڏٺيون، جو اڃا ننڍو هوس ۽ ڳوٺان ڪراچيءَ وڃڻ ڪونه ٿيو هو. پر، ريل ۾ اهڙا گاڏا ڏٺم، جن ۾ رڳا انگريز چڙهيل هئا.
درحقيقت، سڀئي مغربي ملڪ، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ پنهنجا بيٺڪي راڄ قائم رکڻ لاءِ مشرقي ماڻهن تي بي پناهه ظلم ڪندا هئا. سندن بداخلاقيءَ تي شيڪسپيئر جو هيءُ قول حرف به حرف صادق هو:
There is blood on your hands
All the perfumes of Arabia shall not sweeten it.
اڳيون دور ته ڇڏيو، پر هاڻوڪي زماني، خود ويهينءَ صديءَ ۾، مغربي ملڪن جيڪي هٿيار ٺاهيا آهن، سي جهنگلي جانورن تي آزمائش لاءِ آهن، يا انسانن تي؟ عراق، ايران، افغانستان، ويٽنام ۽ ڪوريا جي جنگين ۾، معصوم شهرين ۽ ابهم ٻارڙن جا رت جي دريائن ۾ ترندڙ لاشا آدم جو اولاد هئا يا ابليس جو؟ اتي مغرب جو اخلاق ڪيڏانهن پر ڪري اڏامي ويو؟ انهن جنگين ۾ ته وري به رڳو روايتي هٿيار Conventional Weapons استعمال ٿيا هئا. مغرب ۾، ليزر شعاع Laser Rays ڪنهن کي ساڙي خاڪ ڪرڻ لاءِ ايجاد ٿي رهيا آهن؟ ايٽم بم ۽ هئڊروجن بم ڪنهن جي مهمانيءَ لاءِ تيار ٿي رهيا آهن؟
انهن مهلڪ هٿيارن ٺاهڻ لاءِ اهو عذر ڏنو وڃي ٿو ته جيڪڏهن هٽلر جهڙو ڪو خردماغ ماڻهو، ڪنهن ملڪ تي قبضو ڪري، ۽ اقتدار جي هوس ۾، پنهنجا پر ڦهلائي، اوسي پاسي جي غريب ملڪن کي سٽڻ ڪٽڻ شروع ڪري، ته کيس ٻين ملڪن وٽ انهن هٿيارن جي موجودگيءَ جو ڊپ هجي. گويا اهي هٿيار هڪ قسم جو دڙڪو يا روڪ Deterant آهن. پر ٻيءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ کان پوءِ جيڪي جنگيون لڳيون آهن، تن جي تجربي مان ڇا ثابت ٿيو آهي، ته اهي جنگيون ڪنهن هٽلر کي روڪڻ لاءِ لڳيون هيون يا مغربي ملڪن جي ملڪي مفادن لاءِ؟
تازو، آمريڪي هفتيوار رسالي ”ٽائيم“ (11 مارچ 1991ع) ۾ هڪ خط ڇاپي، ويٽنام جي جنگ کي به حق جي حمايت ۾ ”جهاد“ قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. خط ۾ ڇپيل آهي ته: ”اها جنگ اسان جي غلطي نه هئي. جيڪڏهن ائين نه ڪيون ها ته رڳو ڏکڻ ويٽ نام نه، پر ڏکڻ اوڀر جو پورو علائقو ڪميونزم ۾ وٺجي وڃي ها.“
جيڪڏهن ڪميونزم جي نظام ۾، ماڻهوءَ کي بک، بيماريءَ ۽ گناهه کان نجات ملي ها، ته هو، هر صورت ۾، ان کي چنبڙيو پيو هجي ها. ڀلا، پنهنجي ٺهيل ٺڪيل آسودي گهر کي ڪير ڊاهيندو؟ جيڪڏهن ڪميونزم ناڪام ٿيو آهي، ته ان ڪري جو عوام جا مسئلا حل ڪري نه سگهيو. ورندو ماڻهن کان سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي به کسي ورتائين. پهاڪو ٺهي ويو ته: Not for Bread alone
چون ٿا ته روس ۾، اسٽالن جي حڪومت ۾، لکين ماڻهو قوم، ملڪ ۽ ڪميونزم جي نالي ۾، موت جي گهاٽ تي ائين ئي ڪٺا ويا، جيئن هٽلر جي نازي جرمنيءَ ۾. جيڪي ڪميونسٽ رياستون اڄ سوويٽ وفاق کان آزادي طلب ڪري رهيون آهن، سي ورهين جا ورهيه ڪميونزم جي نظام ۾ رهڻ کانپوءِ ئي مايوس ٿيون آهن. هنن ظلم ۽ زيادتيءَ جون شڪايتون ڪيون آهن. پر، ائين ته ڪونه چيو آهي ته اسان کي ويٽ نام جي جنگ مان اتساهه مليو آهي.
جنگ جنگ آهي. خون ۽ خرابي آهي. دنيا جو ڪوبه مهذب ماڻهو جنگ کي چڱو چئي نه ٿو سگهي، ۽ نه وري مهلڪ هٿيارن ٺاهڻ جو عذر قبول ڪري سگهي ٿو. خود مغربي ملڪن ۾ بي شمار باضمير انسان، مهلڪ هٿيارن ٺاهڻ تي احتجاج ڪري رهيا آهن. پر ڪارخانن جا امير مالڪ کين اپڙڻ نه ٿا ڏين. ڪڏهن دشمن ملڪ کي ”دڙڪي“ جو عذر ڏين ٿا، ته ڪڏهن ڪو ٻيو. مڙئي ”عذر“ ڏيڻو جو ٿيو.
وڪٽر هيوگو(يا ڪنهن ٻئي دانشور) ڦاسيءَ جي سزا جي مخالفت ڪندي، هڪ هنڌ لکيو هو ته ”اوهان ڪنهن به ماڻهوءَ کي زندگي ڏئي نه ٿا سگهو، ته پوءِ کانئس ڪهڙي اصول هيٺ کسيو ٿا؟ عذر اهو ڏيو ٿا ته ڦاسيءَ ڪري، مجرمانه ذهنيت رکندڙ ماڻهن کي عبرت حاصل ٿيندي. جيڪڏهن ماڻهن کي سڌارڻ لاءِ کين ”عبرت“ ڏيڻ اوهان کي ايڏوئي ضروري لڳي ٿو، ته اڳوپو هيئن ڪريو، جو پئرس جي دڪانن تي ڇيلي، گهيٽي ۽ ڍڳي جي گوشت سان گڏ، ماڻهوءَ جو گوشت به وڪري لاءِ رکو. ان مان ماڻهن کي وڌيڪ عبرت حاصل ٿيندي.
***
چون ٿا ته مغربي معاشرو ڏينهون ڏينهن بي روح بنبو وڃي ٿو. خود غرضي وڌندي وڃي ٿي. ماڻهن مان محبت موڪلائيندي وڃي ٿي. تازو، اخبارن ۾ خبر ڇپي ته ڪنهن نالي واريءَ فلم ايڪٽريس هڪ امير ماڻهوءَ سان شادي ڪئي. مڙس ڪئنسر جي ڪري وڃي اسپتال ۾ داخل ٿيو، ته زال عيش عشرت لاءِ ڪنهن سامونڊي ٻيٽ تي هلي ويئي. نالي واري هئي، سو، اخباري نمائندن اتي به ڳولي لڌس. ان مهل هوءَ هوٽل ۾ ترڻ جي تلاءَ تي، وهنجڻ جو هلڪو لباس پائي، آرام ڪرسيءَ تي ليٽي، انگوري شراب جون چسڪيون وٺي رهي هئي. اخباري نمائندن چيس ته ”اوهان جو خاوند ڪئنسر جي عذاب ۾ ڪنجهي رهيو آهي. اوهان هت عيش عشرت فرمائي رهيون آهيو؟“
اخباري نمائندن کي جيڪو جواب ڏنائين، ان ۾ سڄي مغربي معاشري جي سوچ جو عڪس آهي. چيائين ته، ”هائو. پر پاڻ کي حياتي ته رڳو هڪ دفعو ملندي آهي.“
جيڪي ماڻهو ولايت جا واقف آهن، تن جو چوڻ آهي ته اتي وڏيءَ عمر واريون زالون توڙي مرد وڏن سورن ۾ آهن. اولاد کين پڇي به ڪونه ٿو. منهنجي محترم دوست ڊاڪٽر علي محمد انصاري ڳالهه ڪئي، ته هونئن ته گهڻئي گهمرا ولايت ويو آهيان، پر اعليٰ تعليم لاءِ چڱو عرصو انگلستان ۽ آمريڪا ۾ رهيو آهيان. اها دانهن سورهن آنا صحيح آهي. ٻار جوان ٿيو ناهي ته ماءُ پيءُ گهر مان ڪڍي ڇڏيندس. چي، اسان ۾ طاقت ڪانهي ته توکي يونيورسٽيءَ جي تعليم ڏياريون. وڃي ڪماءِ ۽ کاءُ اها روش ماڻهوءَ کي خود غرض نه بنائيندي ته ٻيو ڇا ڪندي؟“
چوڻ لڳو ته ” آمريڪا جي اسپتال ۾ هڪ ٻڍيءَ عورت جي تعريف ڪندا هئا، جا اٺين اٺين ڏينهن مريضن جي سار سنڀال اچي لهندي هئي. جنهن مهل مون کيس ڏٺو ته هڪ ٻارڙي کي مٿي تي ٻاجهه سان هٿ گهمائي رهي هئي. پڇيو مانس ته توکي پنهنجي پوٽي يا پوٽو آهي؟ منهنجو ائين چوڻ ۽ مائيءَ جو روئڻ ۾ ڇٽڪڻ. مون ۾ کانئس ٻيو سوال ڪرڻ جي طاقت ڪانه رهي.“
ڊاڪٽر طاهره آغا ”امن جا دستا“ پروگرام (Peace corps) هيٺ آمريڪاويئي. هڪ خانگي گهر ۾ ٽڪايائونس. ڳالهه ڪيائين ته ”هڪ دفعي ٻارڙي جي روڄ اڌ رات جو ننڊ ڦٽائي وڌي. اٿي وڃي پاسي واري ڪمري جو در کوليم. معصوم ٻارڙو اڪيلو بستري ۾ ڦٿڪي رهيو هو. ڇاتيءَ تان ڪپڙو کسڪي وات ۾ اچي ڦاٿو هوس. ڪڍ ڪئي هئائين، جنهن ۾ چولو خراب ٿي پيو هئس. چڍي مٽ ۾ آلي ٿي پئي هئس. سياري جي رات هئي. ابهم عذاب ۾ هو. ڊوڙي وڃي پاسي واري ڪمري جو دروازو کڙڪايم. ماڻس اکيون مليندي ٻاهر نڪتي. ڳالهه ٻڌي، ڪاوڙ مان ٻار جي ڪمري ۾ وئي. ڪپڙا مٽي، مٿس ڪمبل اڇلائي، ڇوهي ڇوهي، پوئتي پنهنجي مڙس ڏانهن موٽي ۽ زور سان ڪمري جو دروازو بند ڪري، مون کي تکائيءَ سان چيائين ته، ”آئنده منهنجي ننڊ نه ڦٽائيندي ڪر. پيو ڌوڙ پائي.“
جنهن معاشري ۾ ماءُ جي دل مان قياس جو جذبو ختم ٿي ويندو، سو آخر ڪاٿي وڃي پهچندو؟ ان ڳالهه مغربي ڏاهن کي منجهائي وڌو آهي. هڪ انگريزي فلم ڏٺم. ٽائيم – مشين ٺاهي اٿن، جو پوئتي هلاءِ ته اڳين زمانن جو احوال پردي تي ويٺو ڏس، پر جتي اڳتي هلاءِ ته ايندڙ زمانن جو احوال ويٺو ڏس، ايندڙ زمانن جو هڪ نظارو اهو هو ته ڪنهن واهه جي پل تي مرد ۽ زالون ويٺا آهن. هيٺ واهه ۾ ٽپا ڏين ٿا ۽ پاڻيءَ ۾ راند روند ڪن ٿا. هڪ ڄڻو ترڻ ڪونه ڄاڻي. سو غوطا کائي، دانهون ٿو ڪري ته ”وارو ڪريو. مون کي بچايو.“ سندس ساٿي وائڙن وانگر رڳو ڏانهس ڏسندا رهن ٿا. نيٺ غريب ٻڏي وڃي ٿو. پر ڪير به سندس ويجهو ڪونه ٿو وڃي.
فلم ساز اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته مغربي معاشري ۾ جيئن ته ڏينهون ڏينهن رحم ۽ قياس گهٽجي رهيو آهي، ان ڪري هڪ اهڙو ڏينهن به ايندو، جو ڪير ٻڌندڙ جي ويجهو ڪونه ويندو.
ننڍي هوندي درسي ڪتابن ۾ هڪ بيت پڙهيو هئم، ته ”ٿيو غلغلو گرنار ۾ ته ڪو عطائي آيو.“ اڄڪلهه مغرب ۾ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو غلغلو آهي. چون ٿا ته جديد ترڪيءَ جي بانيءَ مصطفيٰ ڪمال جي قبر تي ڪتبو لڳل آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي انسان جا حقيقي مرشد آهن. مان ترڪيءَ ڪونه ويو آهيان، جو ان ڳالهه جي ترديد يا تصديق ڪريان، پر اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته ترڪي اڄڪلهه مغربي اثر هيٺ آهي. ڪنهن زماني ۾ اسلامي دنيا جي اڳواڻ هئي ۽ جلال الدين روميءَ جهڙو گوهر پيدا ڪيائين جنهن ست سو سال اڳ چتاءُ ڏنو:
علم را برمن زني باري بود
علم را برتن زني باري بود.
سائنس ۽ ٽيڪنالاجي علم آهي. ان جي وسيلي، ماڻهوءَ مادي طاقتن کي مطيع ڪري، اهڙيون عجيب ايجادون ڪيون آهن، جن کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ سان اهي ڏينهن وسري وڃن ٿا، جڏهن چوندا هئا فلاڻي کي اهڙو علم آهي جو جيڪي وڻيس سو ويٺو ڪري. غيبات هٿ ۾ اٿس. انسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ سان جنن ۽ ديون کان وڏا ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن. اڳين زمانن جي انسانن جا خواب ۽ خيال حقيقتن ۾ بدلائي ڇڏيا آهن. ماڻهو مڇيءَ وانگر سمنڊن جا سمنڊ تري وڃي ٿو. پکيءَ وانگر آسمان جي هڪ ڪناري کان ٻئي تائين اڏامي وڃي ٿو. پر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دريافتن ڪري حياتيءَ ۽ موت جا بنيادي نظريا ته بدلائي نٿا سگهجن. هونئن به سائنسي صداقت ته روزمره بدلبي رهي ٿي.
***
مغربي انسان هر مسئلي جو حل سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ڳولي رهيو آهي ۽ ڏينهون ڏينهن ماده پرست ٿي رهيو آهي. تازو اسلام آباد ۾ سنڌونديءَ تي هڪ بين الاقوامي سيمينار ٿيو. محترم محمد حسين پنوهر سيمينار جي روح روان مسٽر ميڊوز سان ملاقات ڪرائي. ڳالهين مٿان ڳالهيون نڪتيون. مسٽر ميڊوز چيو ته خدا جي تصور کان سواءِ ته هن جهان جي ڪارخاني جي ڪا معنيٰ ئي ڪانه ٿي رهي. پر، اهو به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته خدا جي مخلوق هن دنيا ۾ ايڏي عذاب ۾ ڇو آهي؟ چيائين ته توسان مذهب متعلق گفتگو ڪرڻ جو شوق اٿم. ٻئي ڏينهن منهنجي گهر آيو. مغربي معاشري جو ذڪر نڪتو. چيائين ته اتي ڏينهون ڏينهن ماده پرستيءَ ڏانهن لاڙو وڌي رهيو آهي. مون کانئس پڇيو ته ”ماده پرستيءَ مان مطلب؟“ چيائين ته ”مال اسباب ميڙڻ، پئسا ڪمائڻ ۽ شاهوڪار ٿيڻ.“
ڏاهن هن دنيا کي ”عالم اسباب“ ڪوٺيو آهي. مال ۽ اسباب واقعي وڏي ڳالهه آهي. پئسو ڇٽيهه لڇڻو آهي. پرائين ڇو آهي ته سمورن مذهبن پئسي ميڙڻ کي ننديو آهي!
سک مت جي باني گرو نانڪ جي ڳالهه ڪندا آهن ته هيڪر پنهنجي چيلي سان گڏ ڪنهن ڳوٺ مان ٻئي ڳوٺ وڃي رهيو هو. چيلي چيس ته سائين جهنگ واريءَ واٽ بدران شاهي رستو ڏيئي هلون. جهنگ ۾ جانور ۽ چور چڪار جو خوف خطرو ٿئي ٿو. گرونانڪ چيس ته اها هڙ ته مون کي ڏي. کوليائين ته اندران هڪ سونو سڪو نڪتو. گرو نانڪ سڪو جهنگ ۾ اڇلائي، خالي هڙ چيلي کي ڏيئي، چيو ته : ”ابا، هاڻي منهنجي پٺيان هليو اچ. توکي چور چڪار جو ڪوبه ڀؤ ڀولو ڪونهي.“
حضرت عيسيٰ جو قول آهي ته ”اٺ ته سئيءَ جو پاکڙي مان لنگهي سگهي ٿو. پر، شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بهشت ۾ داخل ٿيڻ ممڪن نه آهي.“
پيغمبر اسلام ڏانهن هڪ دعا منسوب آهي ته: ”يا الله، قيامت ڏينهن مون کي غريبن سان گڏ اٿار.“
شاهه ولي الله جي چوڻ موجب قرآن ۾ فرعون ۽ قارون کي مال ۽ اسباب جي هوس سببان ننديو ويو آهي. عام مشاهدو به اهو آهي ته جنهن ماڻهوءَ وٽ مال ۽ اسباب ججهو آهي، تنهن ۾ ئي لالچ گهڻي، انسان دوستي گهٽ آهي. اڻ هوند وارو انسان کيس ڪوڙهه جو مريض نظر ايندو.
مئڪسم گورڪي آمريڪا ويو. هڪ وڏي سرمايه دار سان ملاقات ڪيائين ۽ پڇيائين ته اوهان وٽ هيترا لک ڪروڙ اڳيئي آهن، جي سڄيءَ عمر لاءِ اوهان جي کائڻ کپائڻ کان وڌيڪ آهن. سنڌ جي ڪنهن ڏاهي چيو ته ”ادا، امير ماڻهوءَ کي اوڏي آڪڙ آهي جو ڪو غريب کيس پيرين پوندو ته ائين ڀائيندو ته کيس ڪو ڪتو سنگهي ويو.“ پوءِ اوهان جو هن نئين ڌنڌي ۾ هٿ وڌو آهي، سو ڇا جي ڪري؟ سرمايه دار جواب ڏنس ته ان مان ٻيا پئسا ڪمائيندس. گورڪيءَ چيس ته درست، پر انهن پئسن سان ڇا ڪندين؟ سرمايه دار چيس ته انهن سان وري ٻيا پئسا ڪمائيندس. گورڪيءَ چيس ته سمجهان ٿو ته تون پاڳل آهين؟ سرمايه دار چيس ته تون پاڳل آهين.
سرمايه دار جي ذهنيت بابت هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ٻڌم. مرحوم حاجي مولا بخش سومري سان منهنجي هڪ هوندي هئي. بيمار ٿيو ته کيس ڪراچيءَ پڇڻ ويس. سندس فرزندن لنڊن مان هڪ ڊاڪٽر گهرايو هو، جو حاجي صاحب جهڙن وڏيءَ ڄمار وارن جي علاج جو ماهر هو. مسٽر الاهي بخش سومرو ۽ رحيم بخش سومرو، ماني کارائڻ لاءِ هڪ هوٽل ۾ وٺي ويا. زماني جون ڳالهيون نڪتيون. ڊاڪٽر ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي بمبئيءَ ويس. هندستان جي وڏي ۾ وڏي سرمايه دار سيٺ جو هڪ عزيز منهنجو دوست هو. ماڻس لنڊن ۾ گذاري ويئي هئي. سندس زيور ڏنائين ته هيءَ امانت کنيو وڃي. مان ڏاڍو خوش ٿيس، ۽ بمبئيءَ پهتس ته سيٺ صاحب کي فون ڪيم. سيڪريٽريءَ ٻئي ڏينهن آفيس ۾ ملاقات جو ٽائيم ڏنو. آفيس پهتس ته اهو ڏسي حيران ٿيس ته سڄو فرنيچر سادو ۽ پراڻو هو. سيڪريٽري قديم زماني جي هڪ ٽائيپ رائيٽر تي ڪاغذ ٿي ٽائيپ ڪيا. مون کي ڏسي سيٺ جي ڪمري ۾ اندر ويئي. موٽي، چيائين ته اندر وڃو. ارب پتي سيٺ هڪ پراڻيءَ ميز جي پٺيان ڪرسيءَ تي ويٺو هو. ڇت مان هڪ اڪيلو ۽ اگهاڙو بجلي بلب تار مان پئي لڙڪيو. ٻيو ڪل خير. مون کيس امانت ڏني. چيائين ته ترس ته مان ننگ چڪاسيان. هڪ هڪ ڪري سڀ زيور چڪاسي، ميز جي خاني ۾ بند ڪيائين. پوءِ ڪرسيءَ تي ٺهي ٺهڪي ويٺو ۽ پڇيائين ته ”ڪڏهن آيو آهين ۽ ڪاٿي ٽڪيو آهين؟“ مون کيس ٻڌايو ته ”ڪالهه آيو آهيان ۽ فلاڻي هوٽل ۾ ٽڪيو آهيان.“ گهنٽي وڄايائين ته نوڪر آيو. چيائينس، ته:”صاحب کي چانديءَ جي گلاس ۾ پاڻي پيار.“ مون پاڻي پيتو ته سيٺ صاحب ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ هٿ ڏيئي، چيائين ته ”چڱو خوش هوندين.“
سرمايه دار جي اها ذهنيت خود غرضيءَ جي ڪري آهي. انساني فطرت جي ابتڙ آهي. انسان فطري طرح ٻئي انسان جي قرب جو گهرجائو آهي. جيڪا آسيس ۽ فرحت ٻئي انسان جي قرب ۽ محبت مان ملي ٿي، ساٻيءَ ڪنهن ڳالهه يا مشين مان ملڻ مشڪل آهي. پر، سال اسباب ميڙڻ جي هوس کيس ٻين انسانن کان ڌڪي ڌار ڪري ٿي. ولايت ۾ ته هينئر اهڙا تجربا ٿي رهيا آهن، ته ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ جي محتاجيءَ کان آجو ڪرڻ لاءِ ماڳهين مشيني ماڻهو Robot ايجاد ڪجي. نوڪر جو ڪم به ان کان وٺجي. ٻئي ماڻهوءَ سان جيترو گهٽ واسطو پئي، اوترو چڱو. گويا، مغربي انسان پاڻ ئي پاڻ کي ٻين انسانن کان پري ڪري رهيو آهي.
خود مشرقي معاشري ۾ جيڪي ماڻهو مغربي معاشري جي طرز زندگيءَ جا عادي آهن، تن جي سوچ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ ۾ به خود غرضيءَ جا لاڙا نمايان نظر ايندا. ڪنهن زماني ۾ گڏيل ڪٽنب Joint Family اسان جي مشرقي معاشري جي عڪاسي ڪري ٿو:
”مغرب هڪ بي روح بستي بنجي رهيو آهي. ان جا رهاڪو فساد ۽ لڙائيءَ جي حقيقي خلفشار کان علاوه نراسائيءَ ۽ بي آراميءَ، ڳڻتي ۽ ڏٺي وائٺي خوف جي اثرن ڪري مسلسل تڪليفن ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.
بيشڪ اسان پنهنجيءَ اڄوڪيءَ دنيا تي فخر ڪري سگهون ٿا، جيڪا ٽيڪنالاجيءَ جي ايجادن ۽ مسلسل ماديءَ ترقيءَ جي هام هڻي سگهي ٿو. پر، شورَ ۽ غل، رفتار، آلودگيءَ ۽ چٽا ڀيٽيءَ جو پس منظر، هڪ اهڙو انسان پيدا ڪري رهيو آهي، جو انهيءَ آدرش سان ڪابه مشابهت ڪانه ٿو رکي، جنهن جو ڌنڌلڪو تصور، اسان پنهنجن خوابن ۽ امنگن ۾ ڪريون ٿا. اسان جو معاشرو، جن روڳن ۽ مرضن ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، سي ايترا ته اونها ۽ گهڻا آهن، جو انهن جو ذڪر، مايوس ٿيڻ کان سواءِ، ڪري ئي نٿو سگهجي. پاڻ کي انهيءَ حال تي ڇڏي ڏيڻ هيڪاري وڌيڪ مهلڪ آهي. اسان ۾ ڪير آهي، جو پنهنجي نئين نسل کي، سستيءَ ۽ ڪاهليءَ ۾ غرق ٿيڻ، يا ان جي ابتڙ پنهنجي ذهني ۽ جسماني صحت کي جوکي ۾ وجهي، بنا ڪنهن ڄاڻ جي، انڌن وانگر، ٻئي طرف ڌوڪيندو ڏسي، ڏک محسوس نه ٿو ڪري!
اسان جي دنيا اهڙيءَ تيز رفتار سان تبديل ٿي رهي آهي، جنهن تي اسان جو ڪوبه اختيار ڪونهي. اسان مان وڏيءَ عمر وارن کي اڄ به اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن اسان پنهنجن گهرن ۾ شمعدان ٻرندا ڏسندا هئاسون، گهوڙن تي سواري ڪندا هئاسون ۽ پاڙي جي کوهن تان پاڻي ڀري ايندا هئاسون. اڄ روزمره جي زندگيءَ جون حالتون، بجليءَ ۽ برقي اوزارن، جهازن ۽ مصنوعي سيارن، ٽيليويزن ۽ جوهري توانائيءَ ۽ اطلاعاتي ٽيڪنالاجيءَ تبديل ڪري ڇڏيون آهن. هر طرف، بي تحاشا ڀڄ ڊڪ ۽ موجهاري ۾ مبتلا هئڻ ڪري، ماڻهو پنهنجي بچاءَ لاءِ اڳرائيءَ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. هو فطري دنيا جي سموري حسَ وڃائي چڪا آهن. سانت ۽ سڪون مان لطف اندزو ٿيڻ بدران کين وحشت ٿئي ٿي. اسان سڀ غلام بڻجي چڪا آهيون پوءِ به اڃا آزاديءَ، خود شناسيءَ ۽ صحيح قدرن جا خواب ڏسي رهيا آهيون!“
ڳالهه ڪندا آهن ته: ڪنهن شخص شينهن سان ياري رکي. هڪ ڀيري ٻئي ڄڻا واٽ وٺيو پئي ويا، ته هڪ تصوير ڏٺؤن، جنهن ۾ ماڻهو شينهن کي دسي، مٿس چڙهي ويٺو هو. ان شخص کلي چيو ته، ”ڏس، ماڻهوءَ جي مڙسي.“ شينهن جواب ڏنس ته، ”يار، اها تصوير ڪنهن ماڻهوءَ جي ٺاهيل آهي. شينهن ٺاهي ها ته تون ڪو ٻيو نظارو ڏسين ها.“
مغربي معاشري جي مٿين تصوير، ڪتاب جي مغربي مصنف هائوريس هرزاگ ڪڍي آهي. پر، ان ۾ اسان مشرقي معاشري جي باشندن کي خوش جو ٿيڻ ڪوبه سبب ڪونهي. مشرقي معاشرو جن روڳن ۽ سورن ۾ ورتل آهي. سي ڏسي، مون کي ته ساحر لڌيانوي ياد ايندو آهي. فحاشيءَ جي اڏن تي هڪ دلسوز نظم چئي هئائين:
ثنا خوانِ تقديسِ مشرق ڪهان هين؟
ثنا خوانِ تقديس مشرق بلاؤ
ڀانئجي ٿو ته جنهن به معاشري ۾ پوءِ اهو مغربي هجي يا مشرقي، انسانن ۾، خوش خلقيءَ بدران خود غرضي ايندي، اتي اڪيلائي، نراسائي، بي چيني، خوف ۽ ڏک جنم وٺندا. انسان کي حقيقي خوشي ۽ راحت فقط ٻئي انسان جي محبت مان ئي ملي ٿي.
چون ٿا ته: هڪ دفعي حضرت عليءَ کان پڇيائون ته ”غريب ڪير آهي؟“
چيائين ته”اهو نه، جنهن وٽ منجهند جي ماني ته آهي، پر رات جي مانيءَ لاءِ اٽو ڪونهي.“
چيائونس ته ”پوءِ غريب ڪير آهي؟“
چيائين ته ”اهو نه، جنهن وٽ گوڏ ٻڌڻ لاءِ لٽو آهي، پر، پٺن ڍڪڻ لاءِ قميص ڪانهي.“
چيائين ته،”غريب اهو آهي جنهن جو دنيا ۾ ڪو به دوست ڪونهي.“
پيغمبرن جنهن اخلاق جي تعليم ڏني آهي، ان ۾ انصاف ۽ احسان لازم ۽ ملزوم آهن. قرآن جو فرمان آهي ته ”احسان جو بدلو احسان آهي.“ حضرت عيسيٰ جو قول آهي ته” پنهنجي دشمن سان پيار ڪر.“ سنڌ جي صوفين فرمايو آهي ته ”عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ.“
ڪنهن مغربي مفڪر چيو آهي ته:
True love- stories have no endings
ٻئي مفڪر چيو آهي ته:
Beauty is the image of Gog on earth.
منهنجي خيال موجب حقيقي سونهن ٻئي جو ڏک ڏور ڪرڻ ۾ آهي.
شنڪر آچاريه، هندستان جو وڏو داناءُ ٿي گذريو آهي. همالا جبل واري ڪتاب ۾، سندس هڪ سهڻو قول پڙهيم:
هن جهان ۾، ماٺيڻا ۽ مهاسنت آهن، جيڪي چشمي وانگر، ماٺ ميٺ ۾ ۽ بنا گهرڻ جي، ٻين سان ڀلائي ڪندا آهن. هو حياتيءَ جو ڀيانڪ سمنڊ اڳيئي اڪري چڪا آهن ۽ ٻين کي پار پهچڻ ۾ خودبخود ۽ بنا مطلب جي مدد ڪندا آهن.
There are saints, calm and great, who bring good to others quietly and unasked, as does the Spring. They have already crossed the dreadful ocean of life themselves and help others to cross it, spontaniously and without any motive
Shankar Acharya Vive Kchudamani,39
***
شنڪر آچاريه وڏو داناءُ هو. انسان جي وجود تي ويچار ڪندي، سندس حياتيءَ کي ڀيانڪ سمنڊ سان ڀيٽيائين ۽ کيس انهن درويشن، ساڌن ۽ درويشن جو ڏس ڏنائين، جيڪي اڻ – تارن کي پار پهچائيندا آهن. سندن سڃاڻپ اها ڏسيائين ته خود – غرضيءَ کان خالي هوندا آهن، پاڻ ساڻ ڪونه کڻندا آهن.
مون کي هيءَ دنيا هڪ رڻ وانگر نظر آئي. سفر سامونڊي هجي يا سڃ جو، مڙئي سفر آهي. عربيءَ ۾ سفر کي ”سقر“ ڪوٺيو اٿن. سقر معنيٰ دوزخ (تڪليف ۽ ڪشالو). تڪليف رڳو باهه جي آڙاهن ڪري ڪانه ٿيندي آهي. گرميءَ کان گهڻي دوري به عذاب آهي. وڻن ٽڻن جا پن، گل ۽ گؤنچ گهڻي سيءَ ڪري به سڙي ويندا آهن.
تهه سيارو هجي، پارو پيو وسي، چوطرف سڃ ۽ سناٽو هجي، تڏهن ڪنهن ٿڪل ۽ ڊنل، رڻ جي راهيءَ کي، رات جي اونداهيءَ ۽ اڪيلائيءَ ۾، پري کان روشنائيءَ جو ڪو ڪرڻو ڏسي، ڪيڏي ته خوشي ٿيندي! ڄڻ ته موسيٰ طورسينا تي پهتو. ڀلاري ڀٽائيءَ خبر ناهي ته ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ فرمايو هو:
ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪن، باهيون بيراڳين جون،
هلو ته سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مچن
قدرت مون کي حساس دل ڏيئي، پٿر ۽ پاڻيءَ جي هن جهان ۾ موڪليو. جڏهن پٿرن تي هلي پير رتو رت ٿي ويندا هئا، تڏهن پاڻيءَ ۾ پناهه وٺندو هوس. جڏهن جر جهاڳي ٿڪبو هوس، تڏهن آسپاس ڪنهن اهلِ دل لاءِ واجهائيندو هوس.
روايت آهي ته ڀٽائيءَ جڏهن شعر چوڻ شروع ڪيو ته ملڪ ۾ بلهي شاهه جي ڪلام جي هاڪ هئي. ڀٽائي صاحب کي سندس والد شاهه حبيب چيو ته ”ابا شعر جي اهڙي ڪا زمين بچيل ئي ڪانهي، جنهن ۾ بلهي شاهه هر نه هلايو هجي.“
ڀٽائي صاحب، جواب ۾، ادب سان عرض ڪيو ته، ”بابا سائين، جي بلهي شاهه زمين جي ڪابه ٽڪري ڪانه ڇڏي آهي، ته مان جَرَ ۾ جاٽون ڏيندس، جن جو ڪو انت ئي ڪونه هوندو.“
جر ۾ جاٽون ڏيڻ ته ڏاڍيون ڏکيون آهن، پر ڳولڻ به سوليون ڪونهن. مون سچن سامين جا پيرا اتي به ڳوليا. ليڪن، هر انسان بلال ٿورو ئي ٿيندو آهي. هماءَ پکيءَ جو پاڇو ته ڪنهن ڪنهن بختاور تي پوندو آهي.
جڏهن منهنجون نگاهون چوڌاري ٿڪجي، مون وٽ ئي موٽي آيون، تڏهن آس پاس ڏٺم ۽ ماڻهوءَ جي محبت کي جنت جو جام سمجهيم. دوستن کي اڻ – ميو قرب ڏنم، پر اڻ گهرئي قرب جو قدر ڪير ڪونه ڪندو آهي.
زماني جا يار اڪثر خود غرض نڪرندا هئا. ٻاهران موتئي وانگر مهڪندا رهندا هئا، وقت آئي سندن وکا پڌرا ٿي پوندا هئا. ڪي ته بي سبب ڏنگ به هڻي ڪڍندا هئا. پنهنجي محبت ۽ سندن بي مروتي ڏسي، دل ۾ جهير پئجي ويندا هئا. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي. شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو قول ياد ايندو هو:
ساقي سرڪ پيار، عقل مون اوکو ٿيو.
***
ماڻهوءَ جو مزاج فطرتاً ڪيئن آهي؟ ان سوال تي، سنڌي ادبي بورڊ ۾، مولوي محمد صديق نالي هڪ رفيق سان اڪثر گفتگو ٿيندي رهندي هئي. منهنجو خيال هو ته انسان ڪوبه اڻ –وڻندڙ ڪم، اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪري ٿو. مولوي صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي کلي ڏيندو هو. سندس خيال هو ته ماڻهو بگهڙ کان به بڇڙو آهي. پاڻ ان اصول تي عمل ڪيائين. سڄي عمر پاڻ کي وس ڪندي دنيا کان پري رکيائين. ڇڙوڇانڊ رهيو. پاڻ پچائيندو کائيندو هو. ڪتابن سان دل وندرائيندو هو.
مان نفسيات جو ماهر ڪونه آهيان، جو ڪا راءِ ڏيئي سگهان. سوال اهم آهي. ان جا ڪيئي پاسا آهن. صحيح نتيجي تي پهچڻ لاءِ ان جي هر پاسي کي جاچڻ گهرجي. هونئن به سڇ کي پرکڻ لاءِ ان جو پس منظر ڏسڻ گهرجي. پس منظر بدلجڻ سان اڪثر ڪري، حقيقت به بدلجي وڃي ٿي.
اڄ کان ٻه ٽي سئو ورهيه اڳ، ڏاهن پنهنجي تجربي مان نتيجو ڪڍيو ته، ”پڙهڻ، ترڻ، تير هڻڻ ۽ گهوڙي جي سواري، ننڍي هوندي نه سکئين، ته وڏي هوندي خواري.“ موجوده دور ۾ ترڻ، تير هڻڻ ۽ گهوڙي سواريءَ جي فن نه ڄاڻڻ ڪري، ڪوبه ماڻهو خوار ڪونه ٿيندو. سو، چئي سگهجي ٿو ته اهي ٽيئي ڳالهيون زمان ۽ مڪان جي ڪنهن مخصوص پس منظر ۾ حقيقتون هيون.
ڏاهن انسان کي هڪ جهان سان ڀيٽيو آهي ۽ ”عالم اصغر“ ڪوٺيو آهي. سندس من جو منجهه لهڻ سولي ڳالهه نه آهي.
سلطان باهوءَ چيو آهي:
دِل دريا سُمندرون ڍونگهي ڪون دِلان دِيان جاني هُو
وِچ بيڙي، وِچ جهيڙي، وِچ ونجهه مُهاني هُو
چَودان طبق دلان دي اندر تنبو وانگن تاني هُو
جوئي دِل دا مَحرم هو وي سوئي رب پڇاني هُو
مان ڀانئيان ٿو ته جيئن ٻيلي ۾ ڪي به ٻه وڻ هڪجهڙا ڪونه آهن، سندن ٽاريُون، پَنَ ۽ گُلَ هڪ ٻئي کان نرالا آهن، تيئن هن دنيا جا ٻه انسان به منهن مهانڊي، توڙي مزاج ۾، هڪ ٻئي کان مختلف آهن. هڪڙا اڻ پڙهيل انسان سنڌ جي سڃن ڳوٺن ۾ رهندي، رڳو ڪڪڙ کي حلال ڪرڻ لاءِ سير به وجهي ڪونه سگهن، ٻيا مهذب مغربي ملڪن ۾ رهندي ۽ دنيا جي قيادت جو دم هڻندي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وسيلي، هڪ ٻئي کي ساڙي خاڪ ڪرڻ لاءِ ليزر شعاعن (Laser Rays) جا تجربا ويٺا ڪن.
ماڻهو ٻين ماڻهن کان جدا ڪنهن جهنگ جهر ۾ اڪيلو ته رهي نه ٿو سگهي. وڃي ته آخر ڪاڏي وڃي؟ آدم اڪيلو هو، ته بهشت ۾ به مزو ڪونه آيس. باغ بهشت جا ميوا ۽ مشروبات سندس تسڪين لاءِ ناڪافي ثابت ٿيا. جهانن جي خالق کي سندس سنگت لاءِ بيبي حوا خلقڻي پيئي. آدم کي ٻئي انسان جي قرب ۾ ئي قرار مليو. اهوئي سبب آهي جو اڄ به هر انسان ٻئي انسان جي قرب لاءِ تانگهيندو رهي ٿو.
چنڊ مَ اڀر سنجهه، ته اونداهي اجهو ڪيان،
ڀري کٿوري هنج، رٺا پرين پهائيان.
هن دنيا ۾ مال اسباب جي آسودگي، سونهن،صحت، عقل، عزت ۽ علم قدرت جون وڏيون نعمتون آهن. پر، انسان کي حقيقي راحت وري به ٻئي انسان جي قرب مان ئي ملي سگهي ٿي. اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسانن ۾ اخلاق هجي.
منهنجي محسن ۽ سنڌ جي تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ جو قول آهي ته ”زندگيءَ جي سفر ۾ جي بد – اخلاق ماڻهوءَ سان پلئه پيو، ته پس پيش ڏنگ هڻندو. پر جي بااخلاق ماڻهوءَ جو ساٿ نصيب ٿيو، ته پوءِ ڇپر به ڇاڙڪي آهي.“
منهنجي خيال موجب، اخلاق جو سڌو ۽ سولو مطلب اهو آهي ته ماڻهوءَ ۾ منافقي نه هجي سندس قول ۽ فعل ۾ فرق نه هجي. ”تن صفا، من صفا“ قولِ محمد مصطفيٰ.“
انساني معاشري کي مهذب بنائڻ لاءِ، اولين ضرورت اخلاق جي آهي. گوتم ٻڌ، بن ۾ نرواڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ موٽي دنيا جو رخ ڪيو. پيغمبر، معراج جو مشاهدو ماڻڻ کان پوءِ، وري ماڻهن ڏانهن موٽيو. آئنسٽائين انسان ذات جي مستقبل جو دارومدار سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ بدران اخلاق تي رکيو.
هي ڪتاب اهڙن اعليٰ انسانن جو تذڪرو آهي، جن جي روح مان مون کي اخلاق جي خوشبوءِ آئي. رڻ جي ڪارين راتين ۾، مون کين ٿڪن ماندن راهين جي رهنمائيءَ لاءِ ڀنيءَ مهل باهڙي ٻاريندي ڏٺو. سندن دکايل دُونهِينِ تي ڪي ڏينهن پاڻ به ساهي پٽيم. مخدوم محمد زمان جو هي شعر مٿن حرف بحرف صادق هو: مٺا محب ماڻهو، پرين پيار وارا، عجب انسان هئا ۽ عجيب هيون سندن ڳالهڙيون. ڪي رڻ اڪري، پار هليا ويا، ڪي اڃا دوُنهيون دکايو ويٺا آهن. رب کين سلامت رکي. ايڏا ڏينهن ڏئي، جيڏا آسمان ۾ تارا.
”وڏي وٿ آهين ٻاروچا ڀنڀور ۾“
هڪ دفعي صديق سالڪ سان ايوان صدر ۾ ويٺو هوس. چاءِ ويٺي پيتيسون. شيشي جي دريءَ مان مرغلا جي سرسبز پهاڙن تي نظر پئي. مٿان ڀورا بادل ڇانيل هئا. ڏک سک جا ڪيئي زمانا ياد آيا ۽ عمر خيام جي رباعيءَ جي هڪ سٽ چپن تي آئي:
”اين قافله عمر عجب مي گذرد.“
حياتيءَ جو پراسرار سفر ته نه ٻئي ڪنهن کي سمجهه ۾ آيو، نه وري مون کي ئي آيو. سفر سولو به ڪونهي ۽ ان ۾ پنهنجو ڪو اختيار به ڪونهي. واريءَ ۾ واٽون ڳولڻ ڏاڍيون ڏکيون آهن! ليڪن مون نه ڪڏهن الله مان آسرو لاٿو آهي ۽ نه وري انسان جي قرب مان مايوس ٿيو آهيان. حياتيءَ جي سفر ۾ اس ۽ ڇانو هڪ ٻئي جي پٺيان اچن ٿيون. پر، ڌر تتيءَ جو رڻ ۾ اڪيلوئي اڪيلو هلندي هلندي جڏهن ڏاڍو ٿڪجي پوندو آهيان، تڏهن اڃايل اکڙيون نيري آسمان ۾ ڪنهن وسندڙ ڪڪر لاءِ واجهائينديون آهن ۽ هڪ آس چپن تي ايندي آهي:
آگم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جان
پاسي تنهن وسن، جي سڀ ڄماندر سڪيون


*********


“Man is the measure of all things.”

-A proverbial saying
Of portagoras
5 B.C

*********

“I am a man: Nothing human is alien to me.”

a celebrated tradition
of Terentius dictum.

*********

“A man can do what he wants, but not want what he want.”

-Schopenhauer.