پير حسام الدين راشدي
قدرت پير حسام الدين راشديءَ جي ضمَير جو خميُر موهن جي دڙي جي مقدس مٽيءَ ۽ سنڌو درياهه جي پاڪ پاڻيءَ سان ڳوهيو هو.
هو لاڙڪاڻي ضلعي جي، بهمڻ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو هو، جو موهن جي دڙي کان روڊ رستي پنجويهه ٽيهه ميل ۽ هوائي اڏام (Crow-Flight) موجب ڏهه پندرهن ميل پري ٿيندو.*
هڪ دفعي پير صاحب ۽ مان هوائي جهاز رستي ڪراچيءَ کان شڪارپور وڃي رهيا هئاسون. هوائي جهاز جيئن ئي موهن جي دڙي واري ايئرپورٽ تي لهڻ لڳو ۽ منهنجي نگاههَ، دريءَ مان دڙي تي پيئي، ته وات مان بي اختيار نڪري ويو:
”اسان جي عظمت جا نشانَ تو تي سلامُ“.
پير صاحب پاسي واريءَ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. ڪنڌ ورائي چيائين، ”رڳو اسان جي عظمت؟ پوريءَ انسان ذات جي عظمت.“
رحيم بخش سومرو ايئرپورٽ تي موٽر جهليو بيٺو هو. ساڻس گڏ شڪارپور هليا وياسين ۽ هفتو کن وٽس ٽڪياسون، جنهن ڪم سان ويا هئاسون، سو ته نه ٿيو. پر وقت ڏاڍو فرحتي گذريو. کل، خوشي، ٽهڪ، نقل، ڪچهريون، دعوتون، آسپاس جو سير. اهي ست ڏينهن ياد رهندا.
پير صاحب جي رحيم بخش سان ڏاڍي سڪ هوندي هئي. مون ڪراچيءَ ۾ ڪيئي خوبصورت شامون (Evenings) ساڻن گڏ گذاريون. اول ذهني سُروَر جو سامان، پوءِ ”اسپينزر“ جا چڪن تڪا ۽ نان، مٿان ”ڪون آئيس ڪريم“. آخر ۾ هل پارڪ تي هواخوري. بعضي بعضي پراڻي ڪلفٽن تي هليا ويندا هئاسين. سنڌ جي سياست کان وٺي، ملڪ جي مکيه معاشقن تائين، سڀ موضوع پير صاحب ۽ رحيم بخش جي گفتگوءَ ۾ بحث هيٺ ايندا هئا.
هاڻي جڏهن مان ۽ رحيم بخش ملندا آهيون ته پير صاحب کي ڏاڍيءَ سڪ سان ياد ڪندا آهيون. هڪ دفعي مون کانئس پڇيو ته ”تنهنجي خيال موجب پير صاحب جو زندگيءَ ۾ عزيز ترين دوست ڪير هو؟“
رحيم بخش چيو ته ”تون ٻڌاءِ.“
مون چيو، ”ممتاز حسن، ڊاڪٽر شمل...“
رحيم بخش منهنجي ڳالهه ڪاٽي چيو ته ”منهنجي خيال موجب پير صاحب جو دوست، پير صاحب جو ڀاءُ، پير صاحب جو اولاد تون ئي هئين.“
هڪ دفعي پير صاحب جي مان ۾ حيدرآباد ۾ ڪو جلسو ٿي رهيو هو. سندس دوستن ۽ احبابن کي مٿس مضمون لکڻ لاءِ چيو ويو. سنگت مون تي به زور رکيو پر مون معافي ورتي. پير صاحب چيو ته، ”مضمون ڇو نٿو لکين؟“
مون کيس جواب ڏنو ته، ”توهان جو دماغ خراب ٿيو آهي ڇا؟ مان اوهان تي مضمون لکي سگهندس؟“
هو خاموش ٿي ويو. ڪجهه دير کانپوءِ ڏکاري لهجي ۾ چيائين ته ”منهنجي مرڻ کانپوءِ لکندين!“
حقيقت اها آهي ته مان سندس مرڻ کانپوءِ به ڪافي عرصي تائين مٿس قلم کڻڻ جهڙو ڪو نه هئس. توڙي جو سندس ياد ۾ ”مهراڻ“ رسالي جو ”يادگار – نمبر“ شايع ڪيم. ان ۾ ”نذرانه عقيدت“ جي عنوان سان ابتدائي ڪلمات لکيم ۽ نالي ڳڻائڻ لاءِ پير صاحب جي تاري خنويسيءَ تي ٻه چار صفحا به رهڙي ورتم.
اصل ڳالهه اها هئي ته پير صاحب منهنجي ايڏو ته قريب هو، جو مٿس مضمون لکڻ لاءِ کيس پاڻ کان پري ڪري ڏسي ئي نٿي سگهيس.
جڏهن هيءُ جهان ڇڏيائين ته خبر ٻڌڻ شرط حيدرآباد مان ڪراچيءَ ويندي سارو رستو موٽر ۾ روئندو ويو هئس. سندس رهائشگاهه تي پهچڻ سان ته اصل ڇهه ئي ڇڄي پيا. حسين شاهه نظر پوڻ سان ڊوڙندو آيو ۽ ڀائرن وانگر ڀاڪر پائي ”ادا“ ”ادا“ ڪندو، ڏڍ ڏيندو رهيو. پر روئڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ جيڪي وڃڻ وارا آهن، سي ٿورو ئي موٽي ٿا اچن؟ ڪڏهن وڇڙيا به وري مليا آهن؟
وارث شاهه چيو آهي:
هير آکدي جوگيا جوٺ آکين، ڪو نه رٺڙي يار ملاوندا اي
ايها ڪوئي نه مليا مين ڍونڍ ٿڪي، جيهڙا گيا نون موڙ لياوندا اي
ساڏي چم ديان جتيان ڪري ڪوئي، جيهڙا جيودا روگ گواوندا اي
ڀلادس ڪهان چرين وڇنيان نون، ڪدون رب سچا گهرين لياوندا اي
ڀلا موئي تي وڇڙي ڪون ميلي، ايوين جيوڙا لوڪ ولاوندا اي
(هير ٿي چوي ته جوڳي تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، رٺل يارن کي ڪير ملائيندو؟ اهڙو ڪو به ڪو نه مليو، مان ڳولي ٿڪس، جيڪو ويلن کي موٽائي! اسان جي چم مان اهو جتيون ٺاهي پائي، جيڪو جيءَ جو ڏک ڏور ڪري! ڀلا ٻڌاءِ ته ڪڏهن ورهين جي وڇڙيلن کي سچو رب موٽائي گهر آڻيندو؟ ڀلا مئلن ۽ وڇڙيلن کي ڪير ملائيندو، لوڪ ائين ئي دل کي دلبو ڏيندوآ.)
* * * *
سنه 1957ع جي آڪٽوبر مهيني جي ڳالهه آهي.
مان ماهنامي نئين زندگيءَ مان نوڪري ڇڏي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ نئون نئون اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي مقرر ٿيو هئس. جويو صاحب سيڪريٽري هو.
پير صاحب جو مقرر نيم هوندو هو ته ڪچڙيءَ منجهند جو يارهين ساڍي يارهين ڌاران ڪراچيءَ جي صدر بزار جو چڪر ڏيئي، بندر روڊ، تي بورڊ جي آفيس ۾ ايندو هو ۽ ڪلاڪ اڌ جويي صاحب سان ڪچهري ڪري، مانيءَ مهل موڪلائي، پنهنجي گهر (جشميد روڊ، ”بيت الضيا“) هليو ويندو هو.
هڪ ڏينهن مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هئس، جو اوچتو دروازي مان پير صاحب اندر داخل ٿيو ۽ چيائين ته ”بابا، تو وٽ سگريٽ آهي؟“
مان کيس ڏسي ادب سان اٿي بيٺس ۽ ميز جي خاني مان پليئر نمبر 3 جو پاڪيٽ ڪڍي سندس اڳيان رکيم.
پير صاحب کي هيڊي رنگ جي بش شرٽ ۽ سفيد پينٽ پاتل هئي. سندس مٿي ۾ اڇا ۽ ڪارا وار هڪجيترا ٿي لڳا. سگريٽ دکائيندي، پاڪيٽ مون کي موٽائي ڏيندي چيائين ته ”بابا تون ته ڏاڍا اوچا سگريٽ ٿو ڇڪين؟ *
اهو پهريون دفعو هو، جو هو مون سان هم ڪلام ٿيو هو. ان کان اڳ سندس هڪ پيغام مليو هئم.
سنڌ ادبي سنگت ڪراچيءَ افسانن جي چٽا ڀيٽي ڪرائي هئي. مان به ان ۾ شريڪ ٿيو هئس. ججن منهنجي ئي افساني کي پهريون نمبر ڏنو هو. جج ٽي ڄڻا هئا: (1) بيگم زينت عبدالله چنا (2) عثمان علي انصاري ۽ (3) پير حسام الدين راشدي. (هاڻي ويچارا ٽئي الله کي پيارا ٿي ويا آهن).
پير صاحب افسانو پڙهڻ کانپوءِ مون کي چوائي موڪليو هو ته ربانيءَ کي چئجو.
جهونا ڳڙهه جهُرندو
پوندي جهان ءِ جهروڪ ۾
تيستائين پير صاحب سان منهان منهن منهنجو تعارف ڪو نه ٿيو هو. جيتوڻيڪ ڪيترا سال اڳي بابا سائينءَ کان ٻڌو هئم ته ”پير حسام الدين راشدي سنڌ جو هڪ وڏو عالم آهي.“
سندس پهريون پهريون ديدار سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ جويي صاحب وٽ ٿيو. تن ڏينهن ۾ مان مرحوم مولانا عبدالواحد سنڌيءَ سان گڏ ماهنامي ”نئين زندگيءَ“ جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هئس. پير صاحب اسان کان اڳ بورڊ جي آفيس ۾ جويي صاحب وٽ ويٺو هو ۽ لطف الله بدويءَ سان محمود غزنويءَ متعلق بحث ڪري رهيو هو. بحث جي آخر ۾ بدوي صاحب کي مخاطب ٿي چيائين، ”غزني تو ڏٺي آهي يا مون؟“
اسان تي به پير صاحب جي علم جو رعب ڇانئجي ويو.
ٿورا گهڻا ڏينهن گذاريا ته ساڻس ٻيءَ ملاقات جو قدرت موقعو پيدا ڪيو.
مئڪملنس ڪمپنيءَ جو نمائندو پاڪستان پهتو. سرڪار کيس اسان جي کاتي محڪمه مطبوعات (D.F.P) ۾ موڪليو. جلال الدين احمد ڊپٽي ڊائريڪٽر هوندو هو. مون کي نئين زندگيءَ جي آفيس مان سڏائي چيائين ته ”هن شخص کي پير صاحب جي گهر وٺي وڃ. مون ساڻس فون تي ڳالهائي ڇڏيو آهي.“
اسان جڏهن پير صاحب وٽ پهتاسين ته اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. کيس عمدو انگريزي سوٽ ڪوٽ پاتل هو. ڪافي گهرايائين ۽ مهمان کان حال احوال ورتائين. هن چيس ته ”اسان مشرقي ادب جو انگريزيءَ ۾ انتخاب شايع ڪري رهيا آهيون. مصر مان ڪم لاهي، پاڪستان پهتو آهيان. سرڪار صلاح لاءِ اوهان وٽ موڪليو آهي. ٻڌايو ته ڪهڙا ناول، افسانا ۽ ناٽڪ ترجمي لاءِ موزون ٿيندا؟“
پير صاحب چيس ته، ”اهو ته هي نوجوان اوهان کي ٻڌائي سگهندو؟“
”تڏهن توهان ڪهڙي موضوع تي ڪتبا لکندا آهيو؟“
”تاريخ“ پير صاحب هڪ لفظ ۾ جواب ڏنو.
”ظاهر آهي ته اسان جي دلچسپي اوهان جي ملڪ جي موجوده معاشري ۾ آهي، جنهن جو ترجمان جديد تخليقي ادب آهي.“
گفتگو اتي ختم ٿي. اسان، پير صاحب کان موڪلائي آياسين.
اهي هيون پير صاحب سان ابتدائي ملاقاتون. مان سندس ويجهو آيس ۽ قرب ۾ ڪڙجي ويس سو سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمت دوران.
* * *
هڪ دفعي پير صاحب مون کي چيو ته ”رباني پنهنجو تعلق بورڊ جي ڪري آهي. ائين نه؟“ سندس مطلب هو ته بورڊ سندس ڪتاب ڇاپي ٿو، ان ڪري بورڊ ۾ سندس دلچسپي آهي. مان بورڊ جو سينيئر ملازم آهيان، پاڻ وري بورڊ جو سينيئر ميمبر آهي، ان ڪري اسان ٻنهي جو تعلق باهمي مفاد تي مبني آهي.
مون جواب ۾ چيو ته ”هائو، سائين“.
منهنجي ائين چوڻ شرط کانئس به کل نڪري ويئي ۽ مون کان به.
ماڻهن جي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جو بنياد ڪهڙيءَ به ڳالهه ڪري هجي، پر جيڪڏهن ٻنهي جي سڀاءَ ۾ ڪي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن، ته اهو تعلق اڳتي هلي، دوستيءَ ۽ قرب جو باعث بڻجي ٿو.
پير صاحب ۽ منهنجي معاملي ۾ به ائين ئي ٿيو. هڪ دفعي مون کي چيائين ته ”بابا، مون ۾ ته هاڻي تو سان ڇنڻ جي طاقت ڪانهي. تو ۾ هجي، ته هجي.“
مون کي اهڙا ماڻهو وڻندا آهن، جيڪي طبيعت جا سخي هجن. دل کولي ٽهڪ ڏيئي سگهن ۽ وقت تي ڳراٽڙي پائي، گڏ روئي به سگهن. دوستي رکڻ سان گڏ، دوستي نڀائڻ به ڄاڻن. پير صاحب ۾ اهي خوبيون هيون.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ اسان جو اهو مقرر نيم هوندو هو ته سڄو ڏينهن آفيس جو ڪم ڪري، شام جو مان ۽ جويو صاحب بندر روڊ سان پنڌ ڪندا، شاهه صاحب جي. ايم. سيد جي بنگلي تي هليا ويندا هئاسين. هو تن ڏينهن ۾ بورڊ جو نائب صدر ۽ ان جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو صدر هوندو هو. سندس بنگلي تي روزانو جيڪا ڪچهري ٿيندي هئي، تنهن جا ٻيا مستقل ميمبر هوندا هئا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙي، پير حسام الدين راشدي، ڪامريڊ، عبدالقادر، يار محمد ٽانوري ۽ پوهو مل، ٻئي ٽئين ڏينهن حاتم علوي، الله بخش گبول ۽ شاهه صاحب غلام مصطفى شاهه به اچي نڪرندا هئا.
اهي سڀ ڄڻ ته شاهه صاحب جي گهر جا ڀاتي هوندا هئا ۽ ڪچهريءَ دوران ساڻس رات جي مانيءَ ۾ به شريڪ ٿيندا هئا. الله بخش گبول ڪڏهن ڪڏهن ڪباب پارٽي ڪندو هو. ٻڪر ڪهائي، سيخ ڪباب ٺهرائي، ٿالهن جا ٿالهه ڀرائي کڻي ايندو هو.
رئيس غلام مصطفى ڀرڳڙيءَ جي طبيعت ۾ مذاح جو رنگ آهي. سو ڪا نه ڪا کل ڀوڳ جي ڳالهه سوچيندو رهندو هو. سندس طعني ۽ تنڪي جو مکيه مرڪز هوندو هو، آنجهاني پوهو جنهن کي رئيس ”بيريا“ ڪوٺيندو هو. بيريا اسٽالين جي ڏينهن ۾ روس جي جاسوسيءَ جي وزارت جو سربراهه هوندو هو.
رئيس کي حاضر جوابيءَ تي به ڏاڍو ملڪو هوندو هو. ون يونٽ ٺاهڻ کان پوءِ، هڪ دفعي خانبهادر کهڙو کيس مليو ۽ چيائينس ته ”رئيس تون سنڌ جون ڳالهيون ڪندي چوندو آهين ته اڳي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جون سرحدون ڪشمير تائين هونديون هيون. سو، مون ون يونٽ ٺاهي، اوهان کي سنڌ جون سرحدون وڌائي ڏنيون آهن.“
رئيس چيو ته مون کي چرچو سجهي آيو سو کلي، کيس ٺهه پهه جواب ڏنم ته ”خانبهادر اها ته اوهان جي وڏي مهرباني. پر ون يونٽ سنڌ لاءِ ايڏيون ته انتظامي مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن، جو اسان سوچيو آهي ته اوهان کي عرض ڪيون ته سرحدن کي اڃا به ڪجهه اڳڀرو وڌائي ڏيو.“
اهو ٻڌي خانبهادر کهڙو گهٻرائجي ويو ۽ چوڻ لڳس ته ”ميان، تون ته ڪو خطرناڪ ماڻهو آهين“.
شاهه صاحب جي ايم سيد جي بنگلي تي ڪچهريءَ جو رنگ ان وقت ڄمندو هو، جڏهن پير حسام الدين راشدي ايندو هو. اچڻ شرط پڇندو هو ته، ”سيد اڄ مانيءَ ۾ ڇاهي“؟ جيڪڏهن ماني سندس مرضيءَ موجب هوندي هئي ته ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. نه ته گهڙي کن ويهي موڪلائي ويندو هو ۽ بعضي ته اسان کي پاڻ سان گڏ گهر وٺي ويندو هو ۽ ماني کارائين ڪچهري ڪندو هو.
رئيس ڀرڳڙيءَ جو پهوءَ سان چرچو گهٻو جاري رهندو هو ته پير صاحب جو وري شڪار هوندو هو مولوي خسرو.
مولوي خسرو هندستان مان مهارج ٿي آيو. خبر ناهي ته ڪيئن شاهه صاحب جي ايم سيد وٽ پهتو ۽ سندس مهمان ٿيو. هفتو گذريو، ٻه گذريا، ٽي گذريا. پر مولوي خسرو وڃي ڇو ٿو؟ تان ته ٻارهن مهينا ڦري آيا، ٻه سال گذري، ٽي سال گذريا. مولوي خسرو شاهه صاحب جو مهمان. ان وچ ۾ سندس بنگلي جي هڪ ڪمري تي قبضو ڪيائين. سو هيئن ته ڪنهن کي به ان ڪمري ۾ پير پائڻ جي اجازت ڪا نه هوندي هئي. نوڪرن کي ايتري موڪل هئي ته گهر جي بورچيخاني مان ٽه وقتي ماني خومچن ۾ کڻي، کيس ڪمري ۾ ڏيئي وڃن ۽ شام جي چاءِ. ان کان علاوه ڪمري ۾ پير نه پائن.
مولوي خسري جي دعوى هئي ته پاڻ وڏو عالم آهي. سو پير صاحب اچڻ شرط کيس پاڻ وٽ سڏيندو هو ۽ ساڻس ڪتابن جون ڳالهيون ڪڍندو هو ۽ جڏهن هو پير صاحب کان موڪلائي پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندو هو ته پير صاحب کيس پٺيان بجو ڏيئي، شاهه صاحب کي چوندو هو ته ”سيد هن مردود مان جان نٿو ڇڏائين.“ پر شاهه حضور شرم ماڻهو، سو تڏي آيل مهمان کي ڪيئن چوي ته هليو وڃي. بهر حال چئن پنجن سالن بعد هڪ واقعو ٿيو، جنهن ڪري، مولوي خسري پنهنجي عافيت ان ۾ سمجهي ته پاڻ ازخود ٽپڙ ٻڌي، ڪيڏانهن هليو وڃي.
شاهه صاحب جي ايم سيد جي ڪچهريءَ جا سوين موضوع هوندا هئا. بورڊ جون دفتري ڳالهيون ڪي ورلي نڪرنديون هيون. نه ته گهڻو ڪري اڳئين زماني، پراڻن يارن ۽ ڪتابن جا قصا هوندا هئا. شاهه صاحب ون يونٽ ٺهڻ بعد ڪو زمانو جيل ۾ گذاريو هو. سو ڪڏهن ڪڏهن اهي قصا به ڪڍندو هو ته سياسي قيدين کي ذهني اذيت ڪيئن ڏني ويندي آهي؟ ان سلسلي ۾ آخرڪار جويي صاحب جي چوڻ تي هڪ مضمون لکيائين جو ”نظربنديءَ جا ايام“ عنوان سان مهراڻ ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه شاهه صاحب سنڌ جي تصوف، تاريخ ۽ تذڪري جون ڳالهيون ڪڍندو هو، جن ۾ جان وجهڻ وارو ماڻهو هوندو هو پير حسام الدين راشدي.
تن ڏينهن ۾ شاهه صاحب کي سنڌ جي ساداتن جي شجري ٺاهڻ جو شوق کنيو بيٺو هو، سو، ان باري ۾ پير صاحب سان صلاح مشورو ڪندو رهندو هو. پر، پير صاحب کي اها ڳالهه مزو ڪا نه ڏيندي هئي، سو جواب ۾ چوندو هئس ته ”فلاڻيءَ پيڙهيءَ کانپوءِ سنڌ جي سيدن جو شجرو ملي ئي ڪو نه ٿو ۽ مٿي هلي بولڻ شاهه ۽ ان قسم جا ٻيا نالا ملن ٿا، جي خالص سنڌي آهن، منجهن عربيت ڪا به ڪانهي. ان جو مطلب ته اسان سنڌ جا سيد تاڃي پيٽي سنڌي آهيون.“
پير صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي شاهه صاحب کلي ڏيندو هو. خبر ناهي ته اها مذاق ڪئين پنجاب وڃي پهتي. لائلپور جي پاسي هڪ هفتيوار اخبار ۾ پهرئين صفحي پير صاحب جي نالي سان هڪ ڊگهو بيان شايع ٿيو ته سنڌ جي ممتاز تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ جو خيال آهي ته سنڌ جا سيد اصل ۾ ڀيلن ۽ ڪولهين جو اولاد آهن.
جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين ته ريجهو مل نالي هڪ واڻيو محبت ديري جتوئيءَ مان اسان جي ڳوٺ ۾ صبح جو سوير گهور ڪرڻ ايندو هو. مٿي تي هڪ لوهي ٿالهه هوندو هوس. ڳوٺ جي گهٽين مان لنگهندي، هوڪو ڏيندو هو، ”بيہ مرچائي ڪوسو.“
پير صاحب ته اها خبار پڙهي، ايڊيٽر کي ريجهو مل جي مرچائي بيهن جهڙيون ڪوسيون ڪوسيون گاريون ڏنيون. پر رئيس ڀرڳڙيءَ کي گهر ويٺي تماشي لاءِ مواد ملي ويو، سو چوڻ لڳو ته مان ان ايڊيٽر کي دعوت ڏيئي سنڌ ۾ گهرايان ٿو ته هت اچي ۽ پاڻ سنڌ جي سيدن سان ملاقاتون ڪري، سندن حسب نسب جي مستند معلومات ڪٺي ڪري.
هڪ دفعي هاسانند جادوگر، شاهه صاحب جي ايم سيد وٽ اچي نڪتو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ مان لڏي هندستان هليو ويو هو. اتان سالن کانپوءِ سنڌ گهمڻ آيو هو ۽ سيٺ سکديو سان گڏجي شاهه صاحب جي سلام تي آيو هو. اسان ننڍي هوندي سندس جادوءَ جا ڪيئي قصا ٻڌا هئا. سو چيوسونس ته ڪجهه تماشو ڏيکار. چيائين ته مان سامان کڻي ڪو نه آيو آهيان. بهرحال اسان جي زور ڀرڻ تي چانديءَ جو هڪ رپيو کيسي مان ڪڍيائين ۽ اسان کي چڱيءَ طرح ڏيکاري، ان کي هٿ سان مهٽو ڏيئي، اسان کي ڏنائين ته ٻه اڌ هو. چيائين ته ٻئي اڌ ملائي رپيو وري هڪ ڪري ڏيو. اسان هڻي هڻي بيٺاسين، ڪجهه نه ٿيو. چيائين ته مون کي ڏيو. هٿ ۾ وٺي، مهٽو ڏيئي، چيائين ته وٺو. ڏسون ته رپيو رپين جهڙو. پڇا تي ٻڌايائين ته ”جادو وغيره ڪجهه ڪونهي. رڳو هٿ جي چالاڪي آهي، جنهن تيزيءَ سان اوهان جون نظرون ڪم ڪن ٿيون، ان کان وڌيڪ تيزيءَ سان، منهنجو هٿ ڪم ڪري ٿو.“
پير صاحب اها ڳالهه ٻڌي رئيس ڀرڳڙيءَ ڏانهن نهاريو.
رئيس کلي چيو ته ”اسان هاسانند کي وڃائي، پنهنجو وڏو نقصان ڪيو.“
پير صاحب پڇيس ته ”اهو وري ڪيئن؟“
رئيس چيس ته ”هاسانند هت هجي ها ته اسان کيس سنڌ جي سياستدانن جي سکيا جو ڪم سونپيون ها. پوءِ هو اهڙا ته آڙيڪاپ سياستدان ٿي پون ها، جو ڪو به کين ٺڳي ڪو نه سگهي ها. سنڌ ونٽ يونٽ جهڙن ڏوجهرن کان بچي پوي ها.“
شاهه صاحب جي ڪچهريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سنڌي راڳ به ٿيندو هو. هڪ دفعي سن جي پاسي جو هڪ پنڊت آيو. اسٽيج ڪا نه هئي. سو، ميز تي چڙهي ويٺو. ڌڪڙ به وڄائڻ لڳو ۽ راڳ به ڳائڻ لڳو. سندس آواز سٺو هو، پر ان ۾ سوز ڪو نه هو. سندس هڪ سرائڪي ڪلام جون ٻه سٽون منهنجي دل ۾ کپي ويون:
اکڙيان تيڏيان عقاب
عاشق مارِ شڪار ڪِتوني.
پير صاحب کي پنڊت جي راڳ گهڻو مزو ڪو نه ڏنو. گهڙي کن رکي اٿيو ۽ اسان کي به پنهنجي گهر وٺي هليو. حسب دستور، رات جي ماني کاڌيسون ۽ پوءِ ڪتابن جا قصا نڪتا.
سنڌي ادبي بورڊ سوين، سنڌي، سرائڪي، عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب شايع ڪيا. ڪي ننڍا سٺ صفحن جا ته ڪي وڏا ٻن هزارن صفحن جا. ڪي هاڻوڪن عالمن جا لکيل ته ڪي سنڌ جو اڳوڻن عالمن، مير علي شير قانع، مخدوم معين، مخدوم محمد هاشم، مخدوم جعفر بوبڪائي، عبدالحڪيم عطا، منشي عطا محمد شڪارپوريءَ ۽ ٻين اهڙن برک عالمن جا لکيل.
قديم ناياب نسخن خاص ڪري عربي فارسي ڪتابن جي ڇپائيءَ جا سڀ امور پير صاحب سان بحث هيٺ ايندا هئا.
جويي صاحب جي بورڊ مان هلئي وڃڻ کانپوءِ، اهو سڄو ڪم مون کي ئي سنڀالڻو پيو. اهڙيءَ ريت قدرت مون کي مخدوم نوح واري قرآن ڪريم جي فارسي ترجمي جي اشاعت جي سعادت نصيب ڪئي.
چون ٿا ته اهو پاڪستان ۽ هندستان ۾ فارسي زبان ۾ قرآن ڪريم جو ان معنى ۾ پهريون پهريون ترجمو آهي، ته جيڪڏهن مولانا شهاب الدين دولت آباديءَ واري تفسير کي ”تفسير“ قرار ڏجي ته پوءِ خالص ترجمن ۾ هيءُ، پهريون پهريون فارسي ترجمو آهي.
شاهه ولي الله واري ترجمي کان ٻه اڍائي سو ورهيه آڳاٽو آهي.
پير صاحب کي ان سلسلي ۾ شڪ شبهو هوندو هو ته ان ڳالهه جي ڪهڙي ثابتي آهي ته هي ترجمو مخدوم نوح جو ڪيل آهي؟ جتي قرآن ڪريم پورو ٿئي ٿو، اتي فارسي ترجمي جي نقل نويس بهاءُالدين گودڙئي غالباً فقط ايترو لکيو آهي ته مون هي مصحف مبارڪ اڄ فلاڻي ڏينهن اتاري پورو ڪيو. بهاءُالدين گودڙيو مخدوم نوح جو خليفو هوندو هو ۽ خود به ايڏو عالم هوندو هو، جو عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سندس چاکڙيون سڌيون ڪري رکندو هو. پير صاحب جو خيال هو ته ممڪن آهي ته اهو ترجمو ڪنهن اڳوڻي عالم جو هجي ۽ مخدوم نوح کي پسند هجي. ان سببان گودڙئي ان کي نقل ڪيو هجي. گودڙي نقل نويسيءَ جو ڪم لڪيءَ ۽ سيوهڻ جي پاسي مخدوم نوح جي ڪنهن مريد لاءِ ڪيو هو.
ٻئي طرف ان ڳالهه جي حمايت ۾ ته اهو ترجمو مخدوم نوح جو ڪيل آهي، هي دليل هئا ته هڪ ته مخدوم نوح جي بزرگيءَ جون جيڪي مکيه وصفون هيون تن ۾ هڪ اها به هئي ته سندس قرآن داني ملڪان ملڪ مشهور هئي.* ٻيو ته مخدوم نوح جي خاندان ۾ اها روايت هلي اچي ٿي ته اهو ترجمو مخدوم نوح جو آهي. ٽيون ته ترجمي جي جيڪا فارسي آهي، اها سنڌ جي مقامي فارسي آهي، افغانستان ۽ ايران جي فارسيءَ وانگ شسته نه آهي. مولانا قاسمي صاحب هڪ دفعي ٻڌايو ته ترجمي ۾ ڪي لفظ اهڙا آهن، جي فارسي زبان ۾ مستعمل نه آهن، پر سنڌي زبان ۾ آهن: مثلاً لفظ ”موتي“. انهن دليلن جي بنياد تي اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته اهو ترجمو مخدوم نوح جو ئي ڪيل آهي.
دراصل ان ترجمي جو ڪم به جويي صاحب جي زماني ۾ ئي شروع ٿيو هو. ان کان به اڳ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، صدر شعبه اردو، سنڌ يونيورسٽي، مرحوم ممتاز حسين جي همٿائڻ تي انهيءَ قرآن ڪريم جي هڪڙي پاري کي نقل ڪيو ۽ ان کي ڇپايو هو. پر ان ڳالهه جي گهڻي مشهوري ڪا نه ٿي.
جڏهن سنڌي ادبي بورڊ اهو علمي ڪم هٿ ۾ کنيو ته اصل نسخي جي نقل نويسيءَ جو ڪجهه ڪم شروعات ۾ مرحوم حبيب الله رشديءَ ڪيو. اهو ويچارو الله کي پيارو ٿيو ته ڪم کي مرحوم مولوي محمد صديق ”ماعر“ اڳتي هلايو. آخر ۾ صحيح معنى ۾ نقل نويسيءَ، ايڊيٽنگ ۽ مقدمي لکڻ جو سڄو ڪم مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب پايه تڪميل تي پهچايو. اها ته ٿي ايڊٽنگ. ليڪن ڇپائي به پنهنجي مٿي وڏو مسئلو هئي. مون لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ جا چڪر ڪاٽيا. وڏو مسئلو خرچ جو هو. بورڊ وٽ پئسا ڪو نه هئا، پوءِ الله اهو ڪم آسان ڪري ڇڏيو. بهرحال ويهن ورهين جي مٿا ڪٽ ۽ محنت کانپوءِ قرآن ڪريم وڃي شايع ٿيو.
ڪا زندهه قوم يا فرض شناس حڪومت هجي ها ته اسان سڀني جون ڪي عزتون ٿين ها. پر هت ته سنڌ وارن وٽان ٺلهي شابس به ڪا نه ملي. مون کي سو مخدوم محمد زمان طالب المولى صاحب نهايت محبت ڀريو خط لکيو ۽ سڪ سان مبارڪباد ڏني پر جيتريقدر ياد پويم ٿو ته مولانا قاسمي صاحب کي ايڏي شاندار ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي خود بورڊ وٽان به پورو اجورو ڪو نه مليو.
سٺو ڪتاب ڇاپڻ ڄڻ ته ٻار ڄڻڻو آهي. جيڏي محنت ڪتاب جي لکڻ تي ٿئي ٿي، اوتري ئي محنت ان جي ڇاپڻ تي ٿئي ٿي. سٺن اديبن وانگر سٺا ناشر قومن جي ترقي ۽ تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتي ۽ نول ڪشور جا نالا ائين ئي اردو ادب ۾ مشهور ڪو نه ٿيا هئا.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ ۾ ذهني بيداريءَ ۽ خود شناسيءَ جو بنيادي ڪم ڪيو. پر اها ڪا سولي ڳالهه ڪا نه هئي. اسان ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. منهنجيءَ جوانيءَ جو ته سڄو رت ست سنڌي ادبي بورڊ جي پي ويو. پير صاحب ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد هو. منهنجيءَ غريبيءَ جو حال، اهو جو پنهنجن وڏڙن جا ڪي قلمي ڪتاب، پنجاهه پنجاهه رپين ۾ وڪيم. ڇٽيهن ورهين جي عمر تائين شادي ڪري نه سگهيس، جو پاڻ وٽ 3 هزار رپيا گڏ ڪري ڪو نه سگهيس. آخر بابا سائينءَ زمين جو ٽڪر وڪڻي، مون کي پرڻايو. تقريباً ويهه ورهيه بورڊ جي نوڪري ڪيم، پر سڄو عرصو مقروض رهيس. ڪنهن زماني ۾ هڪ دفعو قدرت ڪرم ڪيو. ڇا ٿيو ته ايوب خان ملڪ تان مارشل لا هڻڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون. ان جي نتيجي طور اسان جي پاسي واريءَ ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن، سنڌ، جي آفيس ۾ به متعلقه ملازمن جون پگهارون وڌايون ويون. ڪن کي ته نه رڳو وڌيل پگهارن جا نوان اسڪيل مليا، پر سرڪاري قاعدي موجب اڳين پگهارن جا تفاوت به ڀرجي مليا. ڪن کي ٻه هزار ته ڪن کي ٽي هزار وغيره.
اسان وٽ سنڌي ادبي بورڊ ۾، تن ڏينهن ۾، پگهارن، موڪلن ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جي قاعدن قانونن جي پيروي ڪئي ويندي هئي. اها ڳالهه بورڊ جي آئين ۾ لکيل هئي. سو اسان به ڪجهه ڏينهن صبر ڪرڻ کانپوءِ جويي صاحب جي ڪن تي ڳالهه وڌي، جو ان زماني ۾ بورڊ جو سيڪريٽري هو. چيائين ته سرڪاري قاعدي موجب، رپورٽ ٺاهي پيش ڪيو. مرحوم عبدالجبار عباسي بورڊ جو اڪائونٽنٽ هوندو هو، تنهن ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي آفيس ۾ ويهي، اها رپورٽ ٺهرائي، جنهن موجب مون کي اڳين پگهارن جو سورهن سو رپيا تفاوت به ٿي مليو ۽ نئين اسڪيل ۾ به ويهن پنجويهن رپين جو يا ان کان ڪجهه مٿي واڌارو ٿي مليو. بورڊ جي هڪ جونيئر ڪلارڪ ۽ پٽيوالي کي به ڪجهه نه ڪجهه فائدو ٿي پهتو، پر کين تفاوت ڪو نه ٿي مليو. ان زماني ۾ سورهن سو رپيا وڏي ڳالهه هئي! ڪي ڏينهن ته خوشيءَ جا خواب ڏسندو رهيس. جويي صاحب ٻه ٽي ڏينهن فائيل پاڻ وٽ رکي، ان تي فيصلو لکي اڪائونٽنٽ کي ڏنو ته جونيئر ڪلارڪ ۽ پٽيوالي کي ته سرڪاري قانون موجب ڀلي فائدو ڏيو، پر ربانيءَ کي ڪو به فائدو ڏيڻ جو ضرور ڪونهي.
جڏهن منهنجي چوڻ تي مرحوم عبدالجبار عباسيءَ کيس چيو ته ”سائين، رباني صاحب کي به ته سرڪاري قانون موجب ئي فائدو ملي رهيو آهي. بورڊ ته ساڻس ڪا به رعايت ڪا نه ٿو ڪري.“ تڏهن چيائينس ”هائو، پر ايڏا پئسا ڪاڏي ڪندو؟“
اڳتي هلي جويو صاحب وڃي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ملازم ٿيو ۽ جتوئي صاحب چيف منسٽر ٿيو. ساڻس سٺا تعلقات هئس. ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين مرحوم اسدالله شاهه حسينيءَ مون ڳالهه ڪئي ته جويي صاحب هزارين رپين جو هڪ بل ٺاهيو هو، جنهن تي بورڊ ۾ اختلاف ٿي پيو، ان ڪري سرڪار کان خاص منظوري وٺي پئسا وصول ڪيائين. هر غريب ماڻهوءَ کي پئسي جو احتياج ٿئي ٿو، ان ڪري منهنجي خيال موجب، جويي صاحب پنهنجو حق ورتو، ته ان ڳالهه ۾ هن ڪا به غلطي ڪا نه ڪئي. بلڪه چڱو ڪيائين. پر مون کي منهنجو قانوني حق به نه ڏنائين.
بهر حال عبدالجبار عباسيءَ مون سان اچي سربستو احوال ڪيو. هو سچو ماڻهو هو. کيس ڏاڍو ڏک رسيو؟
مون کي زندگيءَ ۾ گهڻيئي صدما مليا. ڪيترا وسري ويا، ڪي اڃا ياد اٿم. ان قدمي جو به اڃا دل تي داغ اٿم، ڇو ته ان جو منهنجي آئندي تي به برو اثر پيو، يعني آءٌ سڄيءَ عمر لاءِ پگهار ۾ فائدي کان محروم رهيس، جو منهنجو حق هو ۽ ٻين ملازمن وانگر مون کي به سرڪاري قانون موجب ئي ملي رهيو هو.
پر مون سڀ ڪجهه صبر سان برداشت ڪيو. پير صاحب کي سو اڳتي هلي، دٻيل لفظن ۾ دانهن ڏنم. ان زماني ۾ مون کي سياري ۾ پائڻ لاءِ ڪوٽ ڪو نه هوندو هو. نيري رنگ جو ڊگهين ٻانهن وارو هڪ سئيٽر قرض کڻي ورتو هئم. پير صاحب ڳالهه ٻڌي ڏک ۾ ويڙهجي ويو. پاڻ به مون سان دانهون ڪرڻ لڳو. چي ”هيڏي محنت ڪتابن ٺاهڻ تي ڪريان ٿو. بعضي ته ڪتابن جون مئڪرو فلمون ٻاهران گهرائڻ لاءِ کيسي مان پئسا خرچ ڪريان ٿو. (تن ڏينهن ۾ کيس ڪتابن ٺاهڻ لاءِ جدا معاوضو ڪو نه ملندو هو. پر هر مهيني هڪ هزار رپين جو يڪو مقرر معاوضو ملندو هو.) اوهان آفيس ۾ ڪم ڪريو ٿا. مون کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. پر ته به صبح سان تيار ٿي، ميز تي اوهان وانگر ئي ڪم ڪريان ٿو. ڪڏهن ناغو وڌو اٿم؟ ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو به ويهي نور نچوئيندو آهيان. انهن سببن ڪري دل جو دورو به پيم. پر آهي ڪنهن شخص کي ان ڳالهه جو قدر ته سنڌ جي تاريخ جي تعمير نو جو ڪم ڪري رهيو آهيان؟ ڪيئي هيرا لعل جيڪي وقت جي هٿان ضايع ٿي وڃن ها، سي بچائي ورتا اٿم.“ ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته ”مون کي هنن جي تحسين جي پرواهه ڪانهي. اهو سنڌ جي ڌرتيءَ جو مون تي حق آهي، جو ادا ڪري رهيو آهيان.“
هت مان ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏيان ته جويي صاحب مون سان ڏٺي وائٺي ناانصافي ڇو ڪئي؟ هن جو مون سان ذاتي بغض يا عناد ڪو نه هو. بلڪه مون سان محبت ڪندو هو. پر بورڊ سان سنڌ جي اداري جي حيثيت ۾، کيس وڌيڪ محبت هئي. هو ان جا چار پئسا بچائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو. ان زماني ۾ شاهه صاحب جي ايم سيد چوندو هو ته ”بورڊ معنى جويو صاحب.“ سو، هو ان کي ذاتي ملڪيت ۽ خانگي اداري وانگر هلائيندو هو پر اها سند ڀل هئي. سرڪاري ادارا سرڪاري آهن ۽ ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت ڪونهن. ٻيو ته پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ پر ٻئي پورهيت ڀاءُ کي جائز حق کان به محروم رکڻ کيس نه جڳائيندو هو. اها ميار مٿس رهي. اڳتي هلي سنه 1963ع ۾ سندس خلاف سنڌي ادبي بورڊ ۾ طوفان متو. مون ئي اڳتي وڌي سندس بچاءُ ڪيو. اسان جي پاڻ ۾ محبت هئي مون کي سندس لاءِ تمام وڏي عزت هئي ۽ انشاءَالله هميشہ رهندي.
1958ع ۾ پير صاحب کي دل جو دورو پيو. علاج لاءِ پنهنجي ڀاءُ وٽ منيلا هليو ويو. وڏو ڀاڻس اتي سفير هوندو هو. پير صاحب منيلا مان مون کي ڊگها ڊگها خط لکندو هو. ڪي ته ڏهن ويهن صفحن جا. خط ڇا هئا، سنڌ جي سماجي ۽ ادبي زندگيءَ جا دلچسپ دستاويز هئا. مون چڱو عرصو اهي خط سانڍي رکيا. ڏهاڪو سال گذرڻ کان پوءِ کانئس اجازت گهريم، ته انهن خطن کي ڇپايان. اجازت پاڻ ڪانه ڏنائين. وڌيڪ عرصو اهي خط مون کان سنڀاليا ڪو نه ٿيا. نيٺ ضايع ٿي ويا.
جڏهن پير صاحب منيلا مان دل جو علاج ڪرائي موٽي وطن آيو، ته ڪافي عرصي تائين ذهن تي بيماريءَ جو ڀؤ ويٺل هوندو هوس. ڏاڪڻ ڪو نه چڙهندو هو. صبح جو ڏهين بجي کان پوءِ اس ۾ ڪو نه نڪرندو هو. گهر جي ٻوڙ ٻاڙيءَ ۾ گيهه بند ڪري، سرنهن جو تيل ساڙائي، ان کي استعمال ڪندو هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي وفات هيڪاري کيس متاثر ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحب به دل جي دوري سببان جهان ڇڏيو هو.
1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آيون. ان جو سبب اهو هو ته خانبهادر کهڙي کي بورڊ جي صدارت تان هٽايو ويو ۽ ساڻس گڏ، سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ آغا بدرالدين به بورڊ جي ميمبريءَ تان هٽايا ويا. ايوب خان جي ملٽري حڪومت پنهنجي ليکي ڄڻ ته بورڊ جي تطهير ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر کي سنڌي ادب جي هن اداري جو سربراهه بڻايو ويو.
ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ کان اڳ کهڙو صاحب حڪومت پاڪستان جو ڊفينس منسٽر هوندو هو ۽ بورڊ جو صدر. هڪ دفعي لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن جلسي ۾ ويو. کانئس گهر ڪئي ويئي ته بورڊ جي ڪتابن جو سيٽ اسڪول جي لئبرريءَ لاءِ تحفي طور ڏيو. ڪراچيءَ موٽي آيو ته مون کي پاڻ وٽ سڏيائين ۽ چيائين ته بورڊ جي شايع ڪيل ڪتابن جي لسٽ کڻي اچ. لسٽ مان ڪتاب چونڊي، حساب ڪري، هڪ سو ٻيانوي رپين جو ذاتي چيڪ ڏنائين ته فلاڻي اسڪول کي هي ڪتاب منهنجي طرفان موڪليو.
بورڊ جي ميٽنگ هميشہ پنهنجي بنگلي تي ڪوٺائيندو هو ۽ ان ۾ وڏي شان مان سان بورڊ جي ميمبرن جي خاطر تواضع لاءِ ڪيڪ، پيسٽرين ۽ چاءِ جو انتظام ڪندو هو. ڪڏهن به بورڊ کان بل نه ورتائين.
کيس اهو شوق هوندو هو ته بورڊ جي ملازمن جي پگهار جا چيڪ پاڻ دستخط ڪري. ڪاٿي به هوندو هو ته ان ڪم لاءِ ڪهي اچي ڪراچيءَ پهچندو هو. پر ڪڏهن به ائين ڪو نه ٿيو ته لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ جو ڪرايو اسان کان وصول ڪيو هجيس.
جڏهن علامه قاضي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، تڏهن سڀ کان اول خانبهادر کهڙو وٽس پهتو ۽ عرض ڪيائينس ته ”بورڊ جا عالم ٿيڻ قبول فرمايو.“ کانئس اها ڳالهه مڃائي، بورڊ ۾ علامه صاحب جي لاءِ ٻه هزار رپيا ماهيانو معاوضو مقرر ڪرايائين. ان زماني ۾ وائيس چانسلر کي شايد اڍائي هزار رپيا هر ماهه پگهار ملندي هئي.
جڏهن ايوب خان جي مليٽري حڪومت سندس جاءِ تي حيدرآباد ڊويزن جي غير سنڌي ڪمشنر کي سنڌي ادب جي ترقيءَ جي هن اداري جو سربراهه بڻايو، تڏهن پير صاحب اهو سڄو ناٽڪ ڏسندو رهيو. خاموشيءَ سان ايوب خان کان انٽرويو ورتائين. کيس حقيقت حال کان واقف ڪري چيائين ته ”سنڌ جا عالم هاڻي ڪمشنر جي قيادت هيٺ ادبي ڪم ڪندا؟“ ايوب خان چيس ته ”پوءِ اوهان اهو بار سنڀاليو.“ پير صاحب پنهنجي لاءِ معذرت ڪئي. ڀٽو صاحب ايوب خان جو وزير هو، تنهن پير صاحب کي چيو ته مون کي پنهنجو ڪم ٺاهڻ ڏيو. پير صاحب چيس ته بسم الله. ڀٽي صاحب ايوب خان کي چئي، هالن جي مخدوم صاحب کي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرايو.
اهڙيءَ ريت ڪمشنر بدران، کهڙي صاحب جي جاءِ تي، مخدوم صاحب جي تقرر ڪري، بورڊ جي آبرو به بچي ويئي ۽ سنڌين جي هيانءَ تي به ٿڌو ڇنڊو پيو.
ڪشمنر صاحب بورڊ جي پهرينءَ ميٽنگ ۾ ئي بورڊ جون آفيسون حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، جو پاڻ حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر هو. حڪم جي تعميل ٿي ويئي. اسان اچي حيدرآباد خيما کوڙيا.
هاڻي ڪتابن جي ڪم سانگي پير صاحب کي جلد جلد حيدرآباد اچڻو پيو. رٽز هوٽل ۾ ترسندو هو. مون کي انهيءَ ڊپ ۾ رات جو پاڻ وٽ سمهاريندو هو ته متان ڪنهن مهل اڪيلائيءَ ۾ وري ڪو کيس دل جو دورو پوي. منهنجي لاءِ وٽس سمهڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هبو. اڃا بستري تي پاسو مس ورايان ته سندس دانهن ٻڌان، ”رباني تون مون کي سمهڻ ڪو نه ڏيندين. اهي ڇا جا کڙڪا لاتا اٿئي؟ پنهنجي کٽ اڃا پرڀرو ڪر.“ نتيجو اهو ته مان پاسو ورائي به نه سگهان. تيسين سنئون نئون ليٽيو پيو هجان، جيسين وڃي کيس ننڊ اچي.
پير صاحب حيدرآباد ايندو هو، ته نه فقط پنهنجي ماني پاڻ کائيندو هو پر اسان سڀني کي به پاڻ کارائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ، شيخ علي محمد ۽ مون وٽ کائيندو هو. شيخ علي محمد تڪلف ڪندو هو ته گهر ۾ عمدا طعام رڌائيندو هو، نه ته اسان جي ڪاهه هوندي هئي ڪراچيءَ هوٽل تي. جويو صاحب، گرامي صاحب، نياز همايوني، اسدالله شاهه حسيني، تنوير عباسي، امداد حسيني، ٻيڙو فقير ۽ ٻيا ڪي دوست به شريڪ ٿيندا هئا. اڳيان پير صاحب ۽ شيخ علي محمد ۽ پٺيان اسان جو ڊنبلو. بعضي بعضي لجپت روڊ تي واڻئي واريءَ هوٽل تي هليا ويندا هئاسين.
پير صاحب کي حيدرآباد آئي هفتي ٻن جي وٿي پئجي ويندي هئي، ته پوءِ مون کي ڪراچيءَ سڏائي وٺندو هو. بعضي اڪيلو مون کي. بعضي نواب نور احمد لغاريءَ سان گڏ. هر سال مون کي بورڊ جي سالياني گرانٽ جاري ڪرائڻ لاءِ لاهور وڃڻو پوندو هو ۽ ڏهه ٻارنهن ڏينهن اتي هوٽل ۾ ٽڪڻو پوندو هو. اهڙن موقعن تي پير صاحب لاهور ۾ پنهنجن ذاتي، دوستن ڏانهن خط ڏيندو هو ته ضرورت وقت کانئن مدد وٺان.
هڪ دفعي پنهنجي دوست ظهيرالاسلام ڏانهن خط ڏنائين، جنهن لاهور ۾ مون کي پندرهن ڏينهن پنهنجي گهر ۾ ٽڪايو ۽ ميزباني ڪئي. مون کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو پنجاب جي وچولي طبقي جي رهڻي ڪهڻي ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ اهو محسوس ڪيم ته هنن جي زندگيءَ ۾ ڪفايت شعاريءَ جو پورو پورو خيال رکيو وڃي ٿو. اسان سنڌين وانگر رڳو مولائي ماڻهو ناهن. لاهور جي انهن چڪرن ۾ هڪ دلچسپ واقعو ٿيو. هڪ ڏينهن سيڪريٽريٽ ۾ ڪاغذ پئي نيڪال ڪرايم، ته آفيس جو هڪ ملازم اٿي مون وٽ آيو ۽ چيائين ته ”منهنجيءَ ميز تي اچي چانهه پيئو.“ اول ته مان غير واقف ماڻهوءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ڪجهه حيران ٿيس، پوءِ وٽس ويس. چيائين ته ”ڪاغذن جي ٽائيپ ٿيڻ ۾ دير آهي. تيسين پاڻ ڪچهري ٿا ڪريون.“ واقفيت ڪرائيسون. چيائين ته ”اوهان هڪ علمي اداري سان تعلق رکون ٿا. مون کي ٻڌايو ته احد جي جنگ ۾ حضور ﷺ جن جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو؟“ مون سيرت جو چڱو مطالعو ته ڪيو هو، پر ان موضوع بابت ڪا خبر ڪا نه هئم. سو خاموش رهيس. چيائين ته ”دنيا ۾ ڪنهن کي به خبر ڪانهي. پر مون کي آهي.“ مون چيو ”اهو ڪيئن؟“ چيائين ته ”خواب ۾ حضور جن خود مون کي وات مبارڪ ۾ اهو هنڌ آڱر رکي ڏيکاريو آهي.“ ڳالهه ٻڌي مان وائڙو ٿي ويس. ايتري ۾ ڪاغذ ٽائيپ ٿي ويا، سي وٺي کانئس موڪلائي، ٻاهر نڪتس ته پٺيان آيو. چيائين ته ”منهنجي جاءِ تي اهل دل لاءِ روزانو رات جو مجلس ٿيندي آهي. اوهان ان ۾ ڪجهه خير خيرات ڏيڻ گهرو، ته اوهان جي مرضي آهي. اوهان کي رسول الله ﷺ سان محبت آهي.“
مون ڳالهه ٻڌي ائين محسوس ڪيو ته هي هڪ ٺڳ آهي. کانئس نفرت ٿي ويئي. سو، موٽر ۾ چڙهي روانو ٿيس. رستي تي خيال آيو ته ”رباني، هو ته برابر ٺڳ هو. پر تو اهو سوچيو ته هن تو کان ڪنهن جي نالي ۾ خيرات طلب ڪئي! ڪاڏي نبيءَ ﷺ جو نالو، ڪاڏي ڏهه ويهه رپيا. تو کي شرم ڪو نه آيو؟“ اکين ۾ پاڻي اچي ويو. هڪدم موٽر پوئتي موٽايم. کيس ڪجهه رقم وڃي ڏيئي آيس، تڏهن دل کي آٿت آيو.
لاهور جي انهن چڪرن دوران ٻيو به هڪ دلچسپ واقعو ٿيو. لاهور ۾ مان هوٽلن ۾ ٽڪندو هئس. هڪ دفعي ڪنهن هوٽل ۾ وڃي ڪمرو ورتم. رات جو سمهي پيس. صبح سان ننڊ مان اٿي چاءِ گهرايم ۽ ڪمري جي دري کوليم. سياري جي مند هئي. رات جو در دريون بند ڪري ستو هوس. منهنجو ڪمرو ٽينءَ ماڙ تي هو. مون جيئن ئي دري کولي ته آمهون سامهون هڪ جاءِ جي ڇت تي نگاهه پيئي. انهيءَ ڇت ۽ اسان جي هوٽل جي وچ ۾ رڳو هڪ ديوار جي وٿي هئي. ڇت تي اس پکڙجي چڪي هئي. هڪ انتهائي حسين ۽ نوجوان عورت، پلاسٽڪ جي هڪ ٿانو ۾، پنهنجا رنگبرنگي ريشمي دوپٽا ڌوئي رهي هئي. سندس وار ڇڙيل هئا، جي سندس ڪلهن تي ٿي پيا. گلابي ريشمي قميص ۽ گلابي سلوار پيل هئس. مون کان پنجن ستن والن جي مفاصلي تي دنيا جهان کان بي خبر ويٺي هئي. سندس ۽ منهنجي وچ ۾ فقط ڪمري جي دريءَ جي باريڪ ڄاري هئي. ان زماني ۾ ڇڙوڇانڊ هئس. آفيس ۾ رڳو مرد ئي مرد ملازم هوندا هئاسين. سو ڪنهن حسين عورت کي ڏسڻ ۽ سندس آواز ٻڌڻ لاءِ دل سڪندي هئي. ڪجهه دير بعد هن اوچتو ئي اوچتو ڪنڌ مٿي کنيو. سندس نگاهه سامهون دريءَ تي پيئي. شايد چند لمحن لاءِ اسان جون نظرون هڪٻئي سان مليون هونديون، پر اهي چند لمحا مون جهڙي ماڻهوءَ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. هن فورن پنهنجون نظرون هيٺ جهڪايون ۽ جلدي جلدي دوپٽا نپوڙي، ٿانو ۾ وجهي، ڏاڪڻ تان هيٺ لهي هلي ويئي.
مان تيار ٿي آفيس جا ڪاغذ سنڀالي، سيڪريٽريٽ هليو ويس. منجهند جو ڪم لاهي موٽيس. حسب دستور ماني گهرايم. پر کائي، آرام ڪرڻ بدران، وري دري کوليم. ڇت خالي هئي. دري بند ڪري ليٽيس. شام جو چاءِ گهرايم. چاءِ پي، غسل ڪري، ڪپڙا بدلائي چڪر ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ وارو هوس ته اوچتو خيال آيم، سو وري دري کوليم. هوءَ ڇت تي موجود هئي. اهوئي گلابي ويس اهيئي زلف پريشان. ڏهن يارهن ورهين جو هڪ ننڍو ٻار هو، غالباً سندس ننڍو ڀاءُ، جنهن سان بال راند ڪري رهي هئي. آءٌ کيس ڏسندو رهيس، تان جو هن ڪنهن مهل ڪنڌ ورائي دريءَ ڏانهن نهاريو. سندس مون تي نگاهه پيئي، پر اهڙو نمونو ڪيائين، جو ڄڻ ته مون کي ڏٺو ئي ڪو نه اٿس. اڌ منو ڪلاڪ ان ڇوڪري سان کيڏندي ۽ کلندي رهي ۽ وقفي وقفي کانپوءِ سندس نگاهن جي کنوڻ مون تي به چمڪندي رهي.
ان ڏينهن کانپوءِ اسان جو اهو روزانو نيم ٿي ويو، ته مان صبح جو سوير دري کوليندو هوس ۽ هوءَ ڪڏهن دوپٽا، ڪڏهن پنهنجا ريشمي رومال ڌوئندي نظر ايندي هئي. وقفي وقفي کانپوءِ چند لمحن لاءِ اسان جون نگاهون ملنديون هيون پر اهي لمحا صدين تي حاوي هوندا هئا. نه مون ڪڏهن ڪو اکر چيو نه هن، پر خاموشيءَ کي پنهنجي زبان ٿئي ٿي.
هڪ ڏينهن جهڙالي مند هئي. شام جو مون دري کولي آسمان ۾ ڪڪر هئا پر ڇت تي ”سونهن جو سج“ چمڪي رهيو هو. جيئن ئي مون تي سندس نگاهه پئي ته سندس چپن تي هلڪي مرڪ آئي. ڪتاب هٿ ۾ کنيو، هوءَ اڪيلي ئي اڪيلي هيڏي هوڏي گهمي رهي هئي. کيس ڏسي مون کي ٿر جا اهي مور ياد آيا، جيڪي چون ٿا ته وسڪاري ۾ پنهنجا رنگبرنگي پَر کولي واري جي ڀٽن تي ٽلندا آهن. جڏهن آسمان ۾ جهڙ گهاٽو ٿي ويو ۽ مينهن جون ڪڻيون تيز ٿي ويون، ته هوءَ هڪ هنڌ ڪافي دير تائين بيهي مون ڏانهن نيم باز نگاهن سان نهاريندي رهي ۽ پوءِ مشڪندي، لڏندي، لمندي، ڏاڪڻ تان لهي هيٺ هلي ويئي.
ڏينهن گذرندي دير ڪا نه ٿي ٿئي. سيڪريٽريٽ ۾ منهنجو ڪم پورو ٿي ويو، ته مون واپسيءَ جي ٽڪيٽ ورتي. شام جو ريل ڇٽڻ واري هئي. اهو سڄو ڏينهن مون دريءَ وٽ ويهي گذاريو. هوءَ ٻه ٽي دفعا ڇت تي آئي. چوطرف نهاري، اطمينان ڪرڻ کان پوءِ، دريءَ تي ديد وڌائين. ڪير ڪنهن جو وڌيڪ منتظر هو، سو ته مان چئي نٿو سگهان، پر جدائي جي تصور ڪري مان ڏاڍو اداس هئس. اها ڳالهه هوءَ سمجهي نٿي سگهي. سو، هر بار، سوالي نظرن سان نهاريندي رهي. سندس نگاهن ۾ ڪيئي سوال هئا، پر ڳالهائڻ جي همت نه مون ۾ هئي نه منجهس.
رات جو ريل مون کي لاهور مان کڻي حيدرآباد پهتي، پر مون سان فقط منهنجو جسم گڏ آيو. روح اتي ئي رهيو.
پهرئينءَ ئي ملاقات ۾ پير صاحب سان سربستو احوال ڪيم. ٻڌي اچي ٽهڪن ۾ پيو. چوڻ لڳو ته ”تنهنجي پيٽ ۾ عشق آهي.“
ٻئي سال وري بورڊ جي گرانٽ لاءِ لاهور وڃڻو پيو. پير صاحب چيو ته ”ظهيرالاسلام نالي منهنجو هڪ دوست آهي. وٽس ٽڪجانءِ ڏانهس هڪ خط به لکي ڏنائين. مان ريل ۾ انهيءَ مسئلي تي سوچيندو ويس. ڪنهن زماني ۾ هوٽل ۾ ٽڪڻ عيب واري ڳالهه هوندي هئي. مغربي تهذيب جي غلبي ڪري، اهو تاثر آهستي آهستي ختم ٿي ويو. هاڻي ماڻهو ڪنهن به گهري دوست بدران هوٽل ۾ ٽڪڻ کي ترجيح ڏئي ٿو سبب اهو آهي ته هوٽل ۾ اچڻ وڃڻ جي آزادي آهي، ماڻهو ڪنهن وٽ مهمان ٿيو ته ڄڻ کيس به، پابند ڪيائين، پاڻ به سندس نيمن جو پابند ٿيو. مناسب وقت تي ميزبان جي گهر وڃي ۽ مناسب وقت تي ٻاهر نڪري. هوٽل ۾ ٽڪڻ ۾ قباحت اها آهي ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ وارو ڪير ڪو نه آهي. ماڻهو پنهنجي ليکي پيو آهي. مون کي تنهائيءَ کان وحشت ٿيندي آهي. سو، ظهير صاحب وٽ هليو ويس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو وچولي طبقي جي پنجابي خاندانن جي رهڻي ڪهڻيءَ کي ويجهڙو ڏسڻ جو موقعو مليو. ظهير صاحب دراصل، وڪالت ڪندو هو. مڇيءَ ماني وارو هو. ماڊل ٽائون ۾ چڱو گهر هئس، جنهن کي سنڌي محاوري ۾ بنگلو ڪوٺجي، اڳيان آڳر ۾ وڏي ڪشادي ڇٻر، جنهن جي اڳيان ڪمپائونڊ وال سان يوڪلپٽس جي وڻن جون قطارون هيون، جاءِ ۽ ڇٻر جي وچ ۾ پڪ سرائون ٿلهو، جنهن تي ويهارو کن کٽن وجهڻ جي گنجائش هئي، ٿلهي کانپوءِ ورانڊو ۽ ان جي پٺيان ڪوٺيون. منهنجي پيتي به هڪ ڪوٺيءَ ۾ رکيائون، پر مون ان ڪوٺيءَ کي استعمال نه ڪيو. صبح جو ناشتو ڪري آفيس جي ڪم سان هليو ويندو هوس. رات جو ڪڏهن ماني کائي موٽندو هوس ته ڪڏهن وٽن اچي گرهه وجهندو هوس. گرميءَ جي مند هئي. چوڏهن پندرهن واڻ جون کٽون قطار ۾ وجهندا هئا، هڪ تي منهنجو هنڌ بسترو هوندو هو. هوا جو نالو ڪو نه هو. مجال آهي جو وڻن جو ڪو پن چري. مرد ماڻهو ٿلهي تي سمهندا هئا. زالون پٺيان ٻئي ڪنهن هنڌ هونديون. اسان کٽن تي ليٽڻ کانپوءِ ڪلاڪ ڏيڍ ڪچهري ڪندا هئاسون. ظهير صاحب وارن جي ڪل ڪائنات گهريلو معاملن تائين محدود هوندي هئي. رات جو جيڪو ٻوڙ چاڙهيندا هئا، ان مان هرهڪ پنهنجو پنهنجو ذرو وٽيءَ ۾ بچائي رکندو هو. صبح جو نيرن ان سان ڪندو هو، منهنجي لاءِ سوجيءَ جو حلوو يا آمليٽ ٺاهيندا هئا، سندن پاڙي ۾ ”ترانه پاڪستان“ جو شاعر، حفيظ جالنڌري رهندو هو. نيرن ڪري گهران تيار ٿي نڪرندا هئاسون ته اهو يار ۽ اقبال اڪيڊميءَ جو موجوده ڊئريڪٽر ميرزا منور به اچي شامل ٿيندو هو. پوءِ ٽولو ٺاهي، پنڌ ڪندا، بس اسٽئنڊ تي ويندا هئاسين. اتان بس ۾ سوار ٿي، شهر ۾، پنهنجي پنهنجي مطلب واريءَ آفيس وٽ لهندا ويندا هئاسين. ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ جو عيش ڪير ڪو نه ڪندو هو.
ظهير صاحب وارا سنڌي وچولي طبقي جي ماڻهن وانگر اشراف انسان هوندا هئا. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. ظهير صاحب مقامي ليول تي مسلم ليگ جو مشهور ڪارڪن هو. پر، مون کي ڪو نه سجهي ته هن ڪنهن ڏينهن ڀلئي ڀلائي به ڪنهن سياسي مسئلي تي گفتگو ڪئي هجي. سندس هڪ پٽ هوندو هو، جنهن کي برمنگهام ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو هو. شام جو اڪثر گفتگو ان ڳالهه تي ٿيندي هئي ته اهو معاملو اڄ ڪاٿي پهتو. ڪاڳر ڪهڙيءَ آفيس مان نڪري ڪهڙيءَ ۾ پهتا. مون سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا، سا به اها ته تو وارا ڪاڳر ڪاٿي پهتا. سنڌ ۾ ون يونٽ جي ڪري رڻ متو پيو هو. جوشيلا جوان رات ڏينهن جلسا جلوس ڪندا رهندا هئا، پر لاهور ۾ وچولي طبقي جي ماڻهن ۾ ڪا پچار ئي ڪا نه هئي. سڄو وقت پنهنجي گذر سفر ۽ آمدني وڌائڻ جو فڪر هوندو هون. سنڌ جي وچولي طبقي جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پڪا هئا. مون کي اهو ڏينهن ڪو نه سجهي، جنهن ڏينهن ظهير صاحب وارن گهر ۾ ڪڪڙ جو ٻوڙ چاڙهيو هجي.
وطن دشمن ماڻهن جو اهو طبقو، جنهن خلق خدا جي مرضيءَ خلاف، مٿن زوريءَ ون يونٽ مڙهيو، وڏو رهزن هو! مون انهن رهزنن کي آخر سڃاڻي ورتو، پر گهڻو گهڻو پوءِ. منهن ۾ مٺا، گفتي جا ڪوڏيا، سخن جا ڪوڙا، اندر جا ڪارا ۽ پليت هئا. پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ڪرڻ رات ڏينهن سندن شغل هو. دين ۽ ايمان کي، دنيا جي مطلب لاءِ تين وال ڪندا هئا. جيڪڏهن منجهن ذري برابر به قومي انگ هجي ها، ته اوڀر پاڪستان اسان کان ڪڏهن به جدا ڪو نه ٿئي ها. پر مطلبي ۽ منافق ماڻهوءَ جي اک ۾ لڄ ڪا نه ٿيندي آهي. هڪ دفعي ون يونٽ سيڪريٽريٽ ۾، هڪ ڪاموري، مون کي بورڊ جي گرانٽ لاءِ پورا پندرهن ڏينهن پنهنجي پٽيوالي سان گڏ آفيس جي در وٽ ويهاريو. ڪمري ۾ اندر ڪو نه گهرايائين. پندرهن ڏينهن کان پوءِ به جڏهن ڪاڳر ڪڍيائين، ته پٽيوالي کي چيائين: ”پرٻاهرو روانو ڪريس.“
ٻئي سال لاهور ويس ته بورڊ جي چيئرمين مخدوم صاحب کان لاهور ۾ ون يونٽ جي هڪ سنڌي وزير ڏانهن سفارشي خط وٺي ويس. پورو پهر پرسنل سيڪريٽريءَ وٽ ويٺو رهيس پر چيائين ته وزير صاحب اندر آفيس ۾ ميٽنگ ۾ مشغول آهي. ان وچ ۾ ڪيئي گڏهه گهوڙا وزير صاحب جي آفيس اندر ايندي ويندي ڏٺم. ڏک ٿيم، پر چپ رهيس. اوچتو وزير صاحب ٻاهر نڪتو. ڊوڙي وڃي بورڊ جي گرانٽ جي ڳالهه ڪئي مانس ۽ مخدوم صاحب جو خط ڏنو مانس. لفافو وٺي ڪوٽ جي کيسي ۾ بي پرواهيءَ سان وجهي چيائين ته ”مان ته پنڊيءَ ٿو وڃان.“ ٽن ڏينهن کانپوءِ وري لاچار سندس آفيس ۾ ويس. پاڻ وري به ڪو نه مليو. البت سندس سيڪريٽريءَ واسطيدار آفيسر کي فون تي پارت ڪئي ۽ مون کي چيائين ته ”وڃي مليس.“ مان خوشيءَ ۾ وڃي آفيسر سان مليس. اندر گهرائي ڪاوڙ مان چيائين ته ”مون کي پنهنجو ڪم ايندو آهي. وزير ڪير ٿيندو آهي، جو مون کي سفارش ٿو ڪري؟“ مس مس وڃي مون کيس ٿڌو ڪيو، تڏهن ڪم ٿيو.
جيسين ون يونٽ قائم رهيو، تيسين سنڌي ادبي بورڊ جي گرانٽ پنهنجو پاڻ مرادو لاهور مان ڪڏهن به جاري ڪا نه ٿي. هر سال مون کي لاهور وڃي، ڪلارڪ کان وٺي ڪاموري تائين، هر ڪنهن جي خوشامد ڪري، ڪاغذن جو نيڪال ڪرائڻو پوندو هو.
هڪ سال حڪم مليو ته ڪتابن جي بين الاقوامي نمائش ٿي رهي آهي. ايوب خان افتتاح ڪندو، ڪتاب کڻي لاهور پهچو. تن ڏينهن ۾ پير صاحب مرڪزي اردو بورڊ لاهور جو ايڊيٽر مقرر ٿيو هو ۽ جويو صاحب ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور ۾ ملازم هو. رهائش لاءِ ٻنهي ڄڻن گڏجي لاهور جي تڏهوڪي سڀ کان سهڻي علائقي ”گلبرگ“ ۾ هڪ وڏو ڪشادو بنگلو ڪرايي تي ورتو هو. ان جو نمبر شايد T-13 هو. مان پير صاحب ۽ جويي صاحب وٽ تقريباً پندرهن ڏينهن ٽڪيس. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تاريخ جو هڪ ڪتاب اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمي لاءِ ڏنو هو. غريب ماڻهو هوس. ان ترجمي جي ڪم مان هزار ٻه ملڻا هئا. اڳيون قرض لهي ويندو، اڳتي جو آسرو الله تي! ڏينهن جو سرڪاري ڪم ۽ رات جو ترجمي جو ڪم.
سياري جي مند هئي. جويو صاحب ۽ پير صاحب باهه تي ڪچهري ڪندا رهندا هئا. مان ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪندو رهندو هوس. ڪنهن ڪنهن مهل ڪو دلچسپ ٽڪر هوندو هو ته اچي کين ٻڌائيندو هوس. هڪ هنڌ لکيل هو ته نيپولين بونا پارٽ لاءِ ڪن جو چوڻ آهي ته بونا پارٽ ”بن فرات“ جي بگڙيل صورت آهي ۽ نيپولين جا ابا ڏاڏا مسلمان هئا. ڪتاب جي مصنف کي شايد اهو احساس هو ته ڳالهه ته حماقت جي ڪئي اٿم، سو ان کي گل ڦل وجهڻ لاءِ لکيو هئائين ته ممڪن آهي ته هي رڳو هڪ لطيفو هجي، پر آهي ڏاڍو دلچسپ!
منهنجو جويي صاحب ۽ پير صاحب وٽ وڃي اهو قصو بيان ڪرڻ ۽ جويي صاحب کي چڙ وٺڻ. ڀايان ٿو ته مصنف موجود هجي ها ته چڱي موچاري جٺ ڪريس ها. ٻئي طرف اهو نقل ٻڌي، پير صاحب کل ۾ ويڙهجي وڃي. ڪتاب جو مصنف هجي مولانا غلام رسول مهر، پير صاحب جو دوست ۽ سنڌ جي تاريخ جي ٻن جلدن (عهد ڪلهوڙا) جو مصنف.
هڪ ڏينهن پير صاحب مون کي وٽس وٺي هليو. اسان کي حلوو کارايائين ۽ چاءِ پياريائين. پير صاحب سان تاريخ بابت ڳالهيون ڪيائين ۽ مون سان ابوالڪلام آزاد بابت. ان کانپوءِ آچر ڏينهن مانيءَ جي دعوت ڏنائين. آچر ڏينهن پاڻ شيخ نياز ڪتب فروش وارن وٽ ويندو هو، پوءِ سڀئي ويندا هئا. نعمت ڪدي هوٽل تي منجهند جي ماني کائڻ،. ڳالهيون فقط علمي ۽ تمام دلچسپ. عالمن جو اهو نسل هو، جيڪو اسان وٽان اٿي ويو. هاڻي انهن کي ڏسڻ لاءِ اکيون سڪنديون رهنديون. مٺا ماڻهو هئا. عجب انسان هئا!
T-13 ۾ رهائش دوران پير صاحب ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن شام جو رستي تي پسار ڪندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا مان امن جا دستا Peace-Corps يعني نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پاڪستان ۾ آيل هئا ۽ پروگرام موجب مهينن جا مهينا وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ ٽڪيل هئا. شام جو اسان به ٻاهر نڪرون ته آمريڪي نوجوان پاڪستاني دوشيزه کي ۽ پاڪستاني جوان آمريڪي حسينه کي بغل ۾ کنيو گلبرگ ۾ گهمندو نظر اچي.
T-13 بنگلو به گلبرگ ۾ هوندو هو. ڊاڪٽر عبدالله چغتائي نالي پير صاحب جو هڪ دوست اڪثر ڪري اسان سان گڏ چڪر ڏيندو هو. پير صاحب چوندو هوس ته ”چغتائي، هي نوجوان جوڙ ان باهمي خير سگاليءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ سڀ فرائض سرانجام ڏيندا هوندا؟“
اهو ٻڌي مون کان کل نڪري ويندي هئي ته چغتائي صاحب، جو ڳالهائڻ ۾ ٻاتو هوندو هو، مون کي چوندو هو، ”ان ۾ کلڻ جي ڳالهه ڪانهي. پير صاحب سچ ٿو چوي.“
ڊاڪٽر عبدالله چغتائي اڏاوت جي فن جو وڏو ماهر هو. تاج محل تي سندس تحقيق سند جي حيثيت رکي ٿي. سندس وڏو ڀاءُ عبدالرحمان چغتائي ملڪ جو وڏو آرٽسٽ هو.
ڊاڪٽر عبدالله چغتائيءَ پير صاحب ۽ مون کي لاهور به گهمايو. انارڪليءَ جي مقبري کان وٺي، لنڊا بازار تائين جتي پراڻي آمريڪي سامان جي خريداريءَ لاءِ آچر آچر ڏينهن ميلو لڳي ويندو هو.
هاڻي اسلام آباد مان منهنجو مهيني ماسي لاهور وڃڻ ٿيندو آهي. هڪ دفعي اڪيلو ئي اڪيلو نعمت ڪدي هوٽل ۾ ماني کائڻ هليو ويس. جڏهن موٽر ۾ هوٽل ڏانهن موٽيس، ته مرحوم مولانا غلام رسول مهر، مرحوم عبدالله چغتائيءَ ۽ مرحوم سائين پير صاحب سان مجلسون ياد آيون. دل اداس ٿي ويئي ۽ مير جو شعر چپن تي آيو:
وه صورتين الاهي کس ديس بستيان هين
اب ديکهني کو جن کي آنکهين ترستيان هين
* * *
هڪ دفعو صاحب مون کي امير خسروءَ جي سيمينار تي راولپنڊيءَ وٺي ويو. ڪرنل افنديءَ جي والده وٽ ٽڪياسين. اها خاتون افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه جي پڦاٽ هئي. سندس خاوند سردار افندي ڪنهن ڳالهه تي بادشاهه سان ناراض ٿي افغانستان ڇڏي آيو هو. پهريائين ڪشمير جي راجا وٽ هليو ويو. اتي ٻي شادي به ڪيائين. پاڪستان ٿيو ته هجرت ڪري آيو. ايوب خان کيس پنڊيءَ ۾ ايڪڙن ۾ هڪ شاهي بنگلو الاٽ ڪيو، پنجاب ۽ سنڌ ۾ زمين ڏني. سنڌ واري زمين ڏي ته هن توجهه ڪو نه ڏنو، البت پنجاب واريءَ زمين ۾ باغ پوکايائين. پٽ کي فوج ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏنائين ۽ سندس شادي پنجاب جي چيف منسٽر سر سڪندر حيات جي ڀائٽيءَ سان ڪيائين.
سردار افندي مون ڪو نه ڏٺو. بيگم افندي وڏي وقار واري عورت هئي. منجهس شاهي خاندان واريون سڀ خوبيون هيون. اردو پوري ساري ايندي هئس. پير صاحب سان فارسي ڳالهائيندي هئي ۽ مون سان اردو. بدن ۾ ڀريل. ڳوري زائفان هئي. عمر سٺ پنجهٺ ورهيه. ڀوري ڀوري جهڙي ڪپهه. رات ڏينهن تسبيح هٿ ۾. خاص شوق بنگلي جي باغيچي ۾ قسم قسم جا گل ٻوٽا هڻائڻ.
اسان جون ڏاڍيون خدمتون ڪيائين. مانيءَ جي هر ويلي تي نئين قسم جا طعام ۽ نئين نئين قسم جي ڪراڪري. رات جي مانيءَ کانپوءِ قهوي جو دور هلندو هو، ان ۾ ڦودني جا پن وجهائيندي هئي.
ڪچهريءَ جو مکيه موضوع افغانستان جو شاهي خاندان. ڪڏهن ڪڏهن پير صاحب کيس سنڌ ۽ افغانستان جي قديم تاريخي لاڳاپن کان واقف ڪندو هو.
جڏهن پير صاحب هيءُ جهان ڇڏي ويو، تڏهن مون ساڻن قرب جو پير قائم رکيو. مان جڏهن به پنڊيءَ ويندو هوس ته بيگم افندي دعوت ڪندي هئي. وچ تي ڪو حج تي ويئي هئي. اتان جي جيڪا خاص ڳالهه مون کي ٻڌائڻي هئس سا اها ته ”رباني صاحب اتان جا پوليس وارا ڏسي، مان ته حيرت ۾ پئجي ويس. هيترا هيترا قد جا هجن“. هٿ سان ائين اشارو ڪيائين، ڄڻ ته اهي سڀ ڄامڙا هئا. پوءِ اچي کل ۾ ڇٽڪي.
بعد ۾ ڪنهن مون سان ڳالهه ڪئي بيگم افندي سورهن آنا سچي ڳالهه ٿي ڪئي. ٻه چار ورهيه ٿيا ته بيگم صاحبہ به هي جهان ڇڏي ويئي. هاڻي سندس فرزند ڪرنل يحى خان افنديءَ سان گاهي ماهي ملاقات ٿيندي آهي. صحيح معنى ۾ وڏو مهذب انسان آهي ۽ علمي ادبي ڪتابن جو شوقين.
پوئين دور ۾ پير صاحب جو ملتان گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيو. ممتاز حسن نالي هڪ خزانه آفيسر هوندو هو، جو مون کان تاريخي ڪتاب گهرائيندو هو. هڪ سال غوث بهاول الحق ملتانيءَ جي عرس تي پير صاحب کي ادبي ڪانفرنس جي صدارت لاءِ سڏيائين. ان موقعي تي پير صاحب جو غوث جي سجاده نشين مخدوم سجاد حسين قريشيءَ سان تعارف ٿيو.
ٻئي سال پير صاحب ملتان ويو ته مون کي به ساڻ وٺيون ويو. مخدوم صاحب جي مون سان پاڻ جيڪا تعريف ڪئي هئائين، هو اهڙو ئي مکڻ ماڻهو نڪتو.
رات جي ماني کائي پير صاحب ۽ مخدوم صاحب جو ڪچهري شروع ڪن ته صبح جا ٻه پيا وڄن. ان وچ ۾ چاءِ جو دور جاري هجي. ٻي بجي کانپوءِ نوڪر وڃي سمهن، ته مخدوم صاحب پاڻ وڃي چاءِ ٺاهي کڻي اچي. تان ته صبح جو بانگ اچي.
سندس ڪچهري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ماڻهو تي جادو ڪري ڇڏي. ڪو اهڙو موضوع نه هجي، جنهن تي جديد ترين معلومات نه رکندو هجي. انگريزي زبان تي وڏو ملڪو هئس. شايد آڪسفورڊ ۾ اعلى تعليم ورتي هئائين. مذهب، تصوف، ادب، ثقافت، تاريخ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي سندس گفتگو ٻڌڻ وٽان هئي. سنڌ ۽ ملتان جا تاريخي لاڳاپا ۽ انگريزي دور ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ تحريڪن جو اڀرڻ ته سندس خاص موضوع هئا. پر سندس مجلس جي جيڪا خاص ڳالهه هئي، سا هئي سندس مزاح جو رنگ. هڪ دفعي خروشچوف ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ملاقات جو قصو ٻڌايائين. اهو قصو ڀٽي (مرحوم) خود کيس ٻڌايو هو، پر ان ۾ پاڻ ڪا رنگ آميزي ڪيائين. ٻئي دفعي شاهه ايران جي ڀيڻ شهزادي اشرف پهلويءَ جي ملتان ۾ آمد جي ڳالهه ٻڌايائين. شهزاديءَ جو جهاز هندستان ويندي ڪجهه خراب ٿي پيو هو، سو ملتان ۾ ايمرجنسي لئنڊنگ ڪئي هئائين. ايوب خان جا ڪيئي قصا ٻڌايائين. مان نٿو سمجهان ته پير صاحب ۽ مان زندگيءَ ۾ ڪنهن به مزاحيه فلم ڏسندي يا مزاحيه ناول پڙهندي، ايڏو کليا هونداسين. پير صاحب کان ته کلي کلي اکين مان پاڻي وهي ايندو هو. پر وري مخدوم صاحب جڏهن سنجيده گفتگو ڪري ته ڄڻ ته ڪو عالمي مفڪر ۽ دانشور ڳالهائي رهيو آهي. جڏهن رات جا ٽي چار وڄندا هئا، ته مان سمهي پوندو هوس. پر، پير صاحب ۽ مخدوم صاحب جي ڪچهري پوءِ به جاري رهندي هئي. صبح جي بانگ ٻڌي، مخدوم صاحب نماز پڙهڻ ويندو هو ۽ پير صاحب اچي آرامي ٿيندو هو.
اهي غوث جي عرس جا ڏينهن هوندا هئا. ملتان ۾ مخدوم صاحب جي رهائشگاهه، جا چڱي خاصي محلات هئي، جي ٻاهران دم بهاوالحق جا نعرا لڳندا رهندا هئا. هزارين ماڻهو گڏجي هڪ خاص سر سان نعرو هڻندا هئا. مخدوم صاحب، نماز پڙهي، سڌو وڃي مختلف جماعتن سان ملاقاتون ڪندو هو. سڄو ڏينهن وٽس ماڻهن ۽ مريدن جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. ڪو منجهند جو ڪلاڪ ٻه سمهندو هجي ته سمهندو هجي، نه ته مان ته سمورو وقت کيس هل هلان ۾ڏسندو هوس. عمر پنجاهه ۽ سٺ ورهين جي وچ ۾ هئس، پر مون کيس ٿڪجندي ڪو نه ڏٺو. پير صاحب جي ڪري، مون سان به محبت ٿي ويس. مون وٽ ادبي بورڊ ۾ قرب جا پير ڀري آيو. منهنجي والد صاحب وفات ڪئي ته تعزيت ڏيڻ آيو. پر پير صاحب جي وفات کانپوءِ ملتان مان اسان جو مرڪز اجڙي ويو. هڪ ته مخدوم صاحب گورنر ٿي لاهور هليو ويو، ٻيو ته خود ملتاني دوست ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
مخدوم صاحب سان هاڻي به ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن مان کيس گورنر هائوس لاهور فون ڪندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به ياد ڪندو آهي. اڳي ملتان مان مون کي حيدرآباد انب موڪليندو هو. هاڻي لاهور مان اسلام آباد منهنجي گهر ليچي ميوي جو ٽوڪرو موڪليائين، مون سان گڏ ٻين جن ماڻهن کي ساڳي ميووي جا ٽوڪرا موڪليائين تن ۾ ملڪ جو صدر، مرڪزي وزير ۽ فوج جا جرنيل لسٽ ۾ ڄاڻايل هئا. غريب ماڻهو شايد مان اڪيلو ئي هوس. لاهور جي گورنر هائوس ۾ ڊاڪٽر شمل سان گڏ سندس پرتڪلف دعوتون به کائي آيو آهيان. تازو ايوان صدر ۾ ملياسون. پر تڏهن به مان جڏهن لاهور ويندو آهيان، ته ورلي ڪو وٽس گورنر هائوس ۾ پير پائيندو آهيان.
پير صاحب هڪ دفعي مون کي ٻڌايو هو ته جڏهن ڀاڻس وزير هوندو هو، ته پاڻ سندس بنگلي تي ورلي ڪو ويندو هو، ان ڪري مان به ان ۾ ئي ڀلائي ڀائيندو آهيان.
* * *
پير صاحب جا هونئن ته گهڻائي دوست هئا پر انهن مڙني ۾ ڊاڪٽر شمل ۽ ممتاز حسن کيس وڌيڪ ويجها هئا. ٽيون ماڻهو آغا بدرالدين دراني. کيس ڏاڍو ويجهو هو. پر ان مرحوم جي حال احوال جي مون کي خبر ڪانهي.
ڊاڪٽر شمل سان پير صاحب جي معرفت منهنجي پهرين پهرين ملاقات سنه 1958ع ۾ ٿي. انهيءَ سال هن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سالگرهه ملهائي. مير غلام علي خان ٽالپر کيس چانديءَ جو هڪ ٽي سيٽ تحفي طور ڏنو ۽ مون هالن جي جنڊيءَ جو هڪ خوبصورت آئينو. پير صاحب ڇا ڏنس، سو هاڻي ياد ڪونهيم.
ڊاڪٽر شمل اصل ۾ سيد عبدالواحد نالي ٻيلي کاتي جي هڪ رٽائرڊ عملدار سان جرمنيءَ ۾ واقف ٿي هئي ۽ سندس دعوت تي اقبال تي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ آئي هئي. سيد صاحب ۽ پير صاحب ٻئي اقبال اڪيڊميءَ جا ميمبر هئا. ڊاڪٽر شمل جي پير صاحب سان واقفيت ٿي ته هو کيس ڳڙهي ياسين ۾ پنهنجي دوست آغا بدرالدين وٽ گهمائڻ وٺي آيو. آغا صاحب ڊاڪٽر شمل جي ڏاڍي خاطر تواضغ ڪئي. واپسيءَ تي سنڌي ڀرت ڀريل وڳا ۽ چانديءَ جا ڳهه ڳٺا به تحفي طور ڏنائينس.
ڊاڪٽر شمل جي پير صاحب سان آهستي آهستي دوستي وڌندي ويئي ۽ هوءَ سنڌي ادب ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳي. ستت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ڏانهن متوجهه ٿي. سيد صاحب جي مرضي هئي ته هوءَ رڳو علامه اقبال تي ڪم ڪري. ان وچ ۾ هڪ واقعو ٿيو، جنهن صورتحال کي پيچيده بڻائي ڇڏيو.
پير صاحب ڊاڪٽر شمل کي مڪلي ۽ ٺٽو گهمائڻ وٺي ويو. ممتاز حسن، سيد عبدالواحد، آثار قديمه جو ڊائريڪٽر ولي الله به ان دعوت ۾ شامل هئا. مڪلي ۽ ٺٽو گهمي ڏوپهرو آثار قديمه واري ريسٽ هائوس ۾ مڪليءَ تي ڪيائون. ڪچهري ڪندي، اقبال ۽ شاهه لطيف جو ذڪر نڪتو. ولي الله چيو ته، ”ٻنهي جي ڀيٽ اجائي آهي، ڇو ته ٻنهي جو زمانو ساڳيو ڪونهي. هرهڪ پنهنجيءَ جاءِ تي عظيم آهي. علامه اقبال جديد زماني جو تمام وڏو شاعر هو. ولايت جو پڙهيل هو. سياسي ذهن رکندو هو. شاهه لطيف کي وفات ڪئي ٽي سو ورهيه ٿيا، عام روايت موجب کيس ابتدائي اسڪولي تعليم به ڪا نه ملي هئي. پر جيڏو وڏو شاعر هو، ان کان وڏو اهل الله هو. سياست کان پري هو، پر وقت جي بادشاهه نور محمد ڪلهوڙي سندس قدمن تي اچي هٿ رکيا. شاعر ۽ فقير جي پاڻ ۾ ڪهڙي ڀيٽ؟“
پير صاحب اهي اکر ٻڌي پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اٿيو، ولي الله کي وڃي چمي ڏنائين. پير صاحب جي ائين ڪرڻ سان محفل ۾ هيجان واري ڪيفيت پيدا ٿي ويئي. سيد عبدالواحد ڪڏهن به اهو واقعو وساري نه سگهيو.*
هڪ دفعي ڊاڪٽر شمل وٽس ٽڪيل هئي ۽ علامه اقبال تي ڪم ڪرڻ لاءِ سورهن هزار رپيا اجورو مليو هوس، جنهن مان هن ڳهن جو سونو سيٽ خريد ڪيو هو.
جنهن ڏينهن جرمنيءَ وڃي رهي هئي، ان ڏينهن سانجهيءَ جو پير صاحب جي گهر کانئس موڪلائڻ ويئي ته پٺيان سيد صاحب جي گهر ۾، ڪنهن پيتي ڀڃي، سندس سونو سيٽ ڪڍي ورتو.
ڊاڪٽر شمل خاموشيءَ سان سامان کڻي ايئرپورٽ تي پهتي. اتي پير صاحب کان موڪلائڻ مهل کيس ڪن ۾ ڳالهه ڪيائين. ايئرپورٽ کان واپسيءَ تي پير صاحب موٽر ۾ مون سان اهو احوال ڪيو ۽ منع ڪئي ته ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪج.
ٻئي سال جڏهن ڊاڪٽر شمل پاڪستان آئي ته ون يونٽ سرڪار سندس لاهور وڃڻ تي ته ڪو به اعتراض ڪو نه واريو، پر سنڌ ۾ داخلا تي بندش وڌي. تن ڏينهن ۾ پير صاحب لاهور هو. مون کي فون تي اها خبر ٻڌايائين ۽ چيائين ته تون ۽ حسين شاهه پاڻ ۾ صلاح ڪري ڪراچي ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪريو جو هوءَ ڏکويل آهي.
اسان سنگتي ساڻ ڪري، گلن جا هار کڻي، ڳائڻا وٺي ايئرپورٽ پهتاسين. جيئن ئي ڊاڪٽر شمل وي آءِ پي لائونج مان ٻاهر نڪتي ته مٿس گلن جي ورکا ٿي ويئي ۽ سنڌي ڪلام شروع ٿي ويا. ڏاڍي خوش ٿي.
اڳتي هلي ڊاڪٽر شمل سان واقفيت زندگيءَ ڀر جي دوستيءَ ۾ تبديل ٿي. هن منهنجي هڪ افساني جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيو. هاڻي هوءَ ۽ مان هڪٻئي کي مستقل طرح خط پٽ لکندا رهندا آهيون. حڪومت کيس ”سرڪاري مهمان“ قرار ڏنو آهي. جڏهن پاڪستان جي دوري تي ايندي آهي ته مان اڪيڊميءَ جي طرفان کيس اسڪردو، سوات، ڪاغان، سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب گهمائڻ وٺي ويندو آهيان.
گذريل سال چترال وياسين. سرسبز بلند و بالا جبلن جي وادين ۾ سئر ڪندي، چيائين ته ”رباني تو کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائڻي اٿم. ڪجهه عرصو اڳ لنڊن ۾ هئس. ورهين کانپوءِ مرحوم سيد عبدالواحد جي ننڍيءَ ننهن فون ڪئي. ٻئي ڏينهن مون سان ملڻ آئي ۽ پنهنجيءَ سس جا سلام ڏيئي، ڳهن جو هڪ سونو سيٽ تحفي طور ڏيئي ويئي.“
ڊاڪٽر شمل هاڻي وصيعت ڪئي آهي ته جڏهن پاڻ هيءُ جهان ڇڏي، ته کيس ولايت ماڻ سنڌ آڻي، مڪليءَ تي پير صاحب جي پاسي ۾ دفن ڪيو وڃي. ڀٽائيءَ چيو هو:
”واجهائي وطن کي آءٌ جي هت مياس،
ته گور منهنجي سومرا ڪج پنوهارن پاس،
ڏج ڏاڏاڻين ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.“
عمر ۽ عرصي جي لحاظ کان پير صاحب جو ڊاڪٽر شمل کان به جهونو دوست هو (مرحوم) ممتاز حسن.
جڏهن پير صاحب جمشيد روڊ تي رهندو هو، ته شام جو جيڪي دوست وٽس مقرر گڏ ٿيندا هئا، تن ۾ مان ممتاز حسن کي روزانو ڏسندو هوس. ننڍين ٻانهن واري قميص ۽ انگريزن جي زماني واري خاڪي چڍي پائي ايندو هو. پير صاحب جي مجلس ۾ ويٺل ماڻهو سندس ڏاڍو ادب ڪندا هئا. پر پاڻ ۽ پير صاحب هڪٻئي سان ڏاڍا حجائتا هوندا هئا، سو هڪٻئي سان چرچا گهٻا ڪندا رهندا هئا. هونئن هر معاملي ۾ ٻن سچن دوستن وانگر هڪٻئي جو ساٿ ڏيندا رهندا هئا. ممتاز حسن پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ ۽ ٻين اهڙن نازڪ ڪمن ۾ پير صاحب سان مشورو ڪندو هو. ساڳيءَ ريت پير صاحب جي گهر جي ڀاتين کي به پنهنجو اولاد سمجهي، سندن پر گهور لهندو رهندو هو.
ممتاز حسن آءِ سي ايس عملدار هو. پهريائين حڪومت پاڪستان جو مالي سيڪريٽري هو. پوءِ نيشنل بئنڪ جو مئنيجنگ ڊئريڪٽر ٿيو. ادب نواز ماڻهو هو. ملڪ جو اهڙو ڪو علمي ۽ ادبي ادارو مشڪل ملندو، جنهن جي ڪنهن نه ڪنهن طرح سرپرستي نه ڪئي هجيس.
سندس والد ڪنهن زماني ۾ خيرپور رياست جي والي، مير علي نواز جو اتاليق هو. ان نسبت سان، ممتاز حسن جو سنڌ سان انس هو. جڏهن مالي سيڪريٽري هو، ته بورڊ کي عربي ۽ فارسي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ چئن لکن رپين جي گرانٽ ڏنائين، جنهن ۾ پوءِ ڏيڍ لک جو اضافو ٿيو. کيس بورڊ جي ڪتابن جو انگ سدائين ياد هوندو هو، جڏهن ملندو هو، ته پڇندو هو ته، پوئين ڪتاب جو انگ 276 آهي يا 277. پير صاحب جي ڪري مون سان به محبت ڪندو هو. حيدرآباد ۾ مون کي جڏهن گڙدن جي سور ڪڪ ڪيو ۽ کيس اها خبر پيئي، تڏهن ڪنهن ڊاڪٽر جو ڏس ڏيڻ بدران، نئون نسخو تجويز ڪيائين. خط لکيائين ته، ”پنهنجون عادتون سڌار.“
هيءَ دنيا عجب جهان آهي. مون کان ڪو پڇي ته تو عمر ۾ ڪي ٻه سچا دوست ڏٺا؟ ته فوراً جواب ڏيان ته پير صاحب ۽ ممتاز حسن. پر پوين ڏينهن ۾ اهڙن ٻن پيارن دوستن کي به هڪ ٻئي کان وٿيرڪو ڏٺم. حيرت به لڳندي هئم. تازو اردو زبان جي هڪ اديب سان، جو ممتاز حسن، پير صاحب ۽ جوش مليح آباديءَ جو دوست هو، اها ڳالهه نڪتي. هن دٻيل زبان سان ٻڌايو ته پير صاحب جي وڏي ڀاءُ ممتاز حسن جي معرفت ڪو قرض ورتو هو، جو ادا ڪري نه سگهيو، يا دير سان ادا ڪيائين، يا ان ۾ ٻي ڪا ڪمي پيشي رهجي ويئي، ان واقعي، پير صاحب ۽ ممتاز حسن جي دوستيءَ کي به متاثر ڪيو.
خدا ٿو ڄاڻي ته حقيقت ڇا هئي؟ پر هڪ ڳالهه مون کي به ياد آهي. هڪ رات مان پير صاحب وٽ ويٺو هوس، ته ممتاز حسن آيو. وڏو ڀاڻس به موجود هو. حقو ڇڪي رهيو هو ۽ ممتاز حسن سان ڪچهري ڪري رهيو هو. موڪلائڻ مهل ممتاز حسن جو هٿ وٺي چيائين، ۽ چيائين ته ”اسان جي عرض جو غرض پورو نه ٿيو.“ ممتاز حسن گهٻرائجي هٿ پوئتي ڪيو ۽ چيو ته ”پير صاحب هي ڇا ٿا ڪريو!“
پير صاحب پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مالڪ رام جو هڪ اهڙو ٻيو قصو خود به مون کي ٻڌايو هو. پر مان ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته هو انهن ڳالهين جي باوجود پنهنجي وڏي ڀاءُ جو بيحد ادب ڪندو هو. سندس ذڪر ڪندي، هڪ دفعي مون کي چيائين ته ”ڪڏهن سندس غلطين جو مان نتيجو ڀوڳيندو آهيان ۽ ڪڏهن منهنجي غلطين جو نتيجو هو ڀوڳيندو آهي.“ ٻئي هڪ دفعي مون کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ کي بجنسي پيرين پئي ملندي ڏٺو. پوين زماني ۾ مير معصوم جي زندگيءَ تي يا ٻئي ڪنهن موضوع تي ڪتاب لکيائين، جنهن جو انتساب پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏانهن ڪيائين.
سنڌ جي دوستن ۽ احبابن ۾ غالباً پير صاحب سڀ کان وڌيڪ شاهه صاحب جي ايم سيد سان محبت ڪندو هو. چنانچ ايوب خان جي حڪومت شاهه صاحب کي جڏهن نظربند ڪري، ڳوٺ سن ۾ رکيو، تڏهن پير صاحب اتي به ساڻس ڪچهري ڪرڻ هلندو هو. تن ڏينهن ۾ شاهه صاحب ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب لکندو هو. ڏينهن ٻه اسانکي سن ۾ ٽڪائي ڇڏيندو هو. اهي مجلسون ۽ محبتون عمر ڀر ياد رهنديون.
ڪچهريءَ ۾ رني ڪوٽ جي قلعي جو ذڪر اڪثر نڪرندو هو. هڪ دفعي پير صاحب قلعي ڏسڻ لاءِ ڪراچيءَ مان سنبري نڪتو، سندس دوست ڪرنل خواجه عبدالرشيد، مسٽر محمد حسين پنوهر ۽ جويو صاحب به گڏ هئا. رات سن ۾ رهي، صبح سان جيپن ۾ سوار ٿياسين ۽ اچي قلعي جي در تي لٿاسين. اتان اٺن تي چڙهياسين ۽ ميريءَ واري ڪوٽ وٽ وڃي لٿاسين.
رني ڪوٽ سنڌ جو عجوبو آهي. ڪنهن زماني ۾ ان کي موهن ڪوٽ ڪوٺيندا هئا. ان جي آسپاس هڪ ديهه جو نالو موهن مڪان اهي. رني ڪوٽ آمريءَ کان ويهارو ميل پري ٿيندو. آمري موهن جي دڙي کان سو ميل ڏکڻ اولهه ۾ آهي ۽ ان کان اٺ سو ورهيه قديم آهي، جيئن ته رني ڪوٽ تي آثار قديمه وارن ڪا به تحقيق ڪا نه ڪئي آهي، ان ڪري ان جي عمر جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.
سنه 1982ع ۾ چين ويس. جڏهن ”ديوار چين“ ڏٺم ته ائين محسوس ڪيم ته رني ڪوٽ جي اڳيان بيٺو آهيان.
قلعو ڏسي اسان سن موٽي آياسين ۽ شاهه صاحب جي درياهه واري بنگلي تي ڪچهري ڪئي سون. رات جي ماني کائي، کليل صحن ۾ موڙن تي اچي ويٺاسين. اونهاري جي مند هئي. ٿڌي هوا پئي لڳي. پاسي ۾ درياهه پئي وهيو. مٿي آسمان ۾ تارن جو عجب جنسار لڳو پيو هو. اسان سنڌي زبان ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئاسون، جا ڪرنل خواجه عبدالرشيد کي اصل سمجهه ۾ ڪا نه ٿي آئي. هو غريب چڱيءَ چڱيءَ دير تائين آسمان ۾ تارا جاچيندو رهيو. پوءِ خبر ناهي ته کيس ڇا ٿيو، جو امالڪ موڙي تان پٽ تي وڃي ڦهڪو ڪيائين. ٿلهو ٿنڀرو مڙس هو. ڌڌڪو ٿي ويو. ”اوهه“ ڪري اٿي کڙو ٿيو ۽ ڪپڙا لٽا ڇنڊي، وري موڙي تي ٺهي ٺڪي ويٺو. اهو لقاءُ ڏسي مون کان ته کل نڪري ويئي. پر شاهه صاحب ۽ پير صاحب سياڻا ماڻهو هئا، سي پوءِ ساڻس اردوءَ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا. خواجه صاحب، شاهه صاحب کان رني ڪوٽ بابت الاهي سوال ڪيا ۽ انهن جي آڌار تي هڪ شاندار مضمون لکيائين، جيڪو رني ڪوٽ تي پهريون پهريون اهم مضمون آهي. اول اقبال رويو جرنل ۾ ڇپيو ۽ پوءِ ان جو سنڌي ترجمو مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو.
ان موقعي تي اسان شاهه صاحب جي سن واري لئبرري به ڏٺي. ننڍي هئي پر نهايت سليقي سان سنڀاليل هئي. منجهس مولانا ابوالڪلام آزاد، قائداعظم محمد علي جناح ۽ ٻين اهڙن اڳواڻن جا خط ۽ تارون هڪ فائيل ۾ سانڍيل هئا.
پير صاحب جي پنهنجي لئبريري سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان نهايت اهم هئي. ان ۾ ڇاپي ڪتابن سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي ڪيترا قلمي نسخا پڻ موجود هئا. پير صاحب جي دلي مرضي هئي ته لئبرري سنڌ يونيورسٽي خريد ڪري. شاهه صاحب غلام مصطفى شاهه وائيس چانسلر هو. هن ٽن ڄڻن جي هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي. ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي پير صاحب جي نازڪ مزاج جو ڪو به پتو ڪو نه هو. هنن ساڻس جنهن انداز ۾ گفتگو ڪئي، ان تان ئي پير صاحب جهڙي نازڪ ماڻهوءَ جي دل کڄي ويئي. هن پوءِ قائداعظم يونيورسٽيءَ سان ڳالهيون هلايون. وچ تي پروفيسر شيخ عبدالرشيد هو سمجهدار ماڻهو هو. غالباً ڊاڪٽر دانيءَ سان به مشورو ٿيو. ٻنهي ڄڻن عقلمنديءَ سان مسئلي کي سلجهايو. ائين پير صاحب جي لئبرري وڃي قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ پهتي. پير صاحب ان سلسلي ۾ هڪ اڌ خط مون کان به انگريزيءَ ۾ ڊرافٽ ڪرايو هو، جنهن مان پتو پيم ته ان لئبرريءَ لاءِ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي ڪتبخاني ۾ هڪ خاص گوشو قائم ڪيو ويندو. پير صاحب کي لئبرريءَ جي عيوض جيڪي پئسا مليا، تن مان هن الحمرا سوسائٽيءَ وارو موجوده گهر خريد ڪيو.*
پير صاحب پنهنجي لئبريري سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏيڻ وڌيڪ پسند ٿي ڪئي، ڇو ته سنڌ سان کيس بيحد محبت هئي. هونئن ته علمي ادبي تحقيقي ڪم جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ سندس دوستن احبابن جو حلقو وسيع هوندو هو. ان ۾ سنڌي عالم ۽ ماهر به هئا ته اردو اديب ۽ محقق به هوندا هئا. مهيني ماسي سندس گهر ۾ عالمن ۽ اديبن جي دعوت ٿيندي هئي، ان ۾ اڪثريت اردو اديبن جي هوندي هئي. مان اردو زبان جي ممتاز عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان پير صاحب جي گهر متعارف ٿيس. جوش مليح آبادي پير صاحب وٽ گهڻو ايندو هو. پير صاحب ٻڌايو ته هڪ دفعي ٽاڪ منجهند جي مهل بي وقتو اچي نڪتو. اها منهنجي آرام ڪرڻ جي مهل هئي. چيائين ته پير صاحب پنجين بجي نياڻيءَ جو نڪاح آهي. مون چيس ته جوش صاحب ان ۾ حيرت جي ڳالهه ڪهڙي آهي؟ چيائين ته اڃا تائين ڪنهن کي به اطلاع ڪو نه ڪيو اٿم. نڪو نڪاح پڙهڻ جو بندوبست ڪيو اٿم. ظاهر آهي ته مان به اها ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويس. ان مهل ئي دوستن احبابن کي فونيون ڪيم، تڏهن وڃي گلم غاليچي، تنبو، شامياني، ۽ خارڪ ۽ نقل ورهائڻ جو انتظام ٿيو.
پوين ڏينهن ۾ فيض احمد فيض به پير صاحب کي ويجهو هوندو هو. سنڌ ۾ اردو ۽ سنڌي اديب هڪٻئي کان ڇڄي ويا هئا. پير صاحب ۽ فيض جو خيال هو ته ٻئي ادبي گروهه گڏجي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪن.
هڪ ڏينهن پير صاحب ڪراچيءَ مان فون ڪئي ته مان فيض کي وٺي حيدرآباد اچان ٿو. تون مرڪزي اردو بورڊ ۾ جلسي جو بندوبست ڪر. جلسي ۾ حفيظ قريشيءَ، ڊاڪٽر عاليه امام ۽ رسول بخش پليجي تقريرون ڪيون. صدارت فيض ڪئي. سنڌي ادبي حلقن ۾. مون کي ياد آهي ته ان موقعي تي رسول بخش پليجي انگريزي زبان ۾ نهايت پياري تقرير ڪئي. دل کي ڇهندڙ انداز ۾ فيض کي مخاطب ٿي چيائين ”سائين، سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر تون اسان جي اڱڻ پيهي آئين، ته ڄڻ زندگيءَ جو هڪ خواب پورو ٿيو.“
پير صاحب پنهنجين دعوتن ۾ ٿوريون گهڻيون زالون به سڏيندو هو. مان اڪثر ڪري ٻه جوان خوبصورت ڀينر ڏسندو هوس، جي انگريزي يا فارسي ڳالهائينديون هيون. سندن آڳاٽو تعلق افغانستان جي شاهي خاندان سان هو. اهو خاندان ڪن گهرو اختلافن سببان، انگريزن جي زماني ۾، لڏي اچي ديرادون ويٺو هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، هجرت ڪري ڪراچي آيو. وڏي ڀيڻ شاديءَ کانپوءِ ابوظهبيءَ هلي ويئي ۽ ننڍي سعودي عرب. وڏي ڀيڻ اهل قلم هئي. آمريڪي مرڪز اطلاعات جي ثقافتي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندي هئي. ساڻس پير صاحب جي ڪري منهنجي دعا سلام ٿي. اڃا تائين خط پٽ لکندي رهندي آهي. منهنجي مشوري تي ڪن سنڌي لوڪ ڪهاڻين جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿس.
هڪ ڏينهن پير صاحب مون کي چيو ته اڄ تو کي هڪ خوبصورت فارسي ڳالهائيندڙ خاتون به ڏيکاريندس ۽ سندن گهر دعوت به کارائيندس.
منجهند جو مون کي هڪ محلات جهڙي گهر ۾ وٺي هليو. خانم ۽ سندس خاوند ٻئي ايراني هئا. پر خانم ڪا سهڻي هئي! مون ته پنهنجي ملڪ ۾ يا ڪنهن به، ٻاهرئين ملڪ ۾ اهڙي خوبصورت عورت ڪا نه ڏٺي آهي.
پير صاحب ٻڌايو ته پاڻ شاهه ايران جي راڻيءَ سان به ڪيترا ڀيرا ملاقات ڪئي اٿس، پر خود راڻي به هن عورت اڳيان پاڻي نه ڀري سگهندي.
خانم ايڏي ته خوبصورت هئي، جو مان جيئري جاڳندي ڪنهن به انسان سان سندس تشبيہ ڏيئي نٿو سگهان.
اسلام بت تراشيءَ کي ناجائز قرار ڏنو. اسلام کان اڳ بت تراشي عام هئي. حضرت ابراهيم جو پيءُ آذر به بت تراشيندو هو ۽ چون ٿا ته ڏاڍا سهڻا بت ٺاهيندو هو. هاڻي شاعر جڏهن محبوب جي سونهن جي تعريف ڪندا آهن، ته کيس ”رشڪِ بتانِ آذري“ ڪوٺيندا آهن.
پر، آذڙ جو زمانو اڄ کان هزارين ورهيه اڳ هو. مان نٿو ڀايان ته آذر جو ڪو بت باقي بچيو هوندو، جنهن سان جديد دور جي ڪنهن زندهه حسين بت کي ڀيٽي ڏسجي.
عيسائيت بت پرستيءَ تي اعتراض ڪو نه واريو. سو، عيسائي مذهب وڏا وڏا بت تراش پيدا ڪيا، جن مان ڪن جا تراشيل بت اڃا تائين يورپ جي ڪليسائن ۽ بادشاهن جي محلاتن ۾ موجود آهن.
مون روم جي ڪن تاريخي محلاتن جون تصويرون ڏٺيون آهن. انهن ۾ پاڻيءَ جي حوض يا آبشار مٿان سنگمرمر مان ٺهيل پرين جا بت ڏٺا اٿم. اها ايراني حسينه انهن پرين جهڙي سهڻي هئي. فرق اهو هئو ته هو بت هئا ۽ پاڻ جيئرو جاڳندو انسان هئي.
خانم ايڏي ته سهڻي هئي، جو اڳتي هلي، پنهنجي ئي سونهن سندس لاءِ نفسياتي مسئلو ٿي پيئي. ڪو زمانو ڪراچيءَ ۾ نفسيات جي هڪ ماهر کان ذهني الجهن جو علاج ڪرائيندي رهي.
سندس عاشق اڻ کٽ هئا. ڪي ويچارا ته سندس هڪڙيءَ مٺيءَ مرڪ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان هيرا، جواهر، موتي ۽ لعل تحفي طور آڻيندا هئا. پر هوءَ ڪنهن کي به خاطر ۾ ئي ڪو نه آڻيندي هئي.
جنهن ڏينهن پير صاحب مون کي وٽس وٺي هليو، ان ڏينهن کيس بنا ٻانهن جي سفيد ريشم جي ڄاريءَ جي گلن واري قميص ۽ هيٺ گلابي جينس جي پينٽ پاتل هئي. پيرن ۾ هاءِ هيل سونهري سئنڊل. هڪ ٻانهن ۾ سوني پٽي سان سنهڙي واچ، ۽ ٻيءَ ۾ موتين سان جڙيل سون جو پٽو. سندس سونهري وار ڪلهن تي پئي پيا. جڏهن پير صاحب منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو، تڏهن زماني جي دستور موجب رسمي طرح، پنهنجيءَ صراحيدار گردن کي ٿوري جنبش ڏنائين ۽ مون ڏي مرڪي نهاريائين. مون کان ته سيسراٽيون نڪري ويون. ورهيه اڳ ٻڌل هڪ سرائڪي ڪلام ياد اچي ويو:
اکڙيان تيڏيان عقاب
عاشق مار شڪار ڪِتوني
اسان کي ”چلو ڪباب“ کارايائين ۽ مٿان ايراني چاءِ جو دور هليو.
پير صاحب چاءِ جي چسڪي ڀريندي چيس ته، ”خانم، شام جو ڪراچيءَ جي ايلفنسٽن اسٽريٽ ۾ خوبصورت زالون ۽ مرد گهمڻ ايندا آهن. ڪنهن ڏينهن اوهان به ڪاري ريشمي سلوار، ڪاري ريشمي قميص ۽ ڪارو دوپٽو پائي چڪر ڏيڻ اچو.“
خانم ڏاڍي ذهين هئي. مرڪي چيائين، ”پير صاحب پوءِ ڇا ٿيندو؟“
پير صاحب چيو، ”بس، پوءِ قيامت اچي ويندي!“
هڪ دفعي مڙس سان گڏ حيدرآباد گهمڻ آئي ۽ خانه فرهنگ ايران ۾ اچي ٽڪي. ڪراچيءَ جي هڪ ٻي ايراني فئملي به ساڻن گڏ هئي.
مان ۽ خانه فرهنگ جو ڊئريڪٽر، کين نواب نور احمد لغاريءَ جي باغ تي دعوت کارائڻ وٺي وياسون. ان ڏينهن يار جي ديدار جي عام خاص کي اجازت هئي، يعني ”نڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي“ وارو حساب هو.
خانم شام جو ڪجهه دير لاءِ ايراني سهيلين سان گڏ، ريشم گليءَ جو چڪر ڏيڻ ويئي. مڙسس به ڪو سڪايل هو. جڏهن موٽر رواني ٿي ويئي، تڏهن غريب مون کي اچي آهستي ڪن ۾ چيو ”آغا سڄي سونهن ريشم گليءَ رواني ٿي؟“
انقلاب اچڻ کان ٿورو اڳ، زال مڙس ايران موٽي ويا. ٻڌم ته اتي خانم خاوند کان عليحدگي اختيار ڪئي.
* * *
پير صاحب بنيادي طرح اهل دل انسان هو. سچل چيو آهي:
”صورت ۾ جاءِ دم جي
دم ريءَ نه صورت ڪم جي
دم ۾ جا لذت غم جي
وه واه ڳالهه خاصي.“
اها ڳالهه پير صاحب تي سورهن آنا صادق هئي. هر انسان وانگر کيس به سهڻي صورت وڻندي هئي. گلاب جا گل ڪنهن کي نٿا وڻن؟ پر سهڻيءَ صورت کان وڌيڪ کيس سهڻي سيرت وڻندي هئي. مون کي جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته تون ويهن ورهين کان مٿي عرصو پير صاحب کي نهايت ويجهو رهئين. هڪ جملي ۾ سندس شخصيت بيان ڪر، ته مان جيڪر جواب ۾ کيس هيئن چوان ته ”پير صاحب بنيادي طرح هڪ بااخلاق انسان هو.“ انسانن کي تورڻ تڪڻ، جاچڻ جوچڻ جو وٽس هڪ ئي پيمانو هو ۽ اهو هو سندن اخلاق.
1965ع واريءَ جنگ ۾ ڪن اديبن، شاعرن ۽ صحافين اهو ضروري سمجهيو ته پاڪستان سان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏيڻ لاءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ شعر وغيره لکن. پير صاحب جي وڏي ڀاءُ به جنگ اخبار ۾، پنهنجي ڪالم ۾، ان موضوع تي قلم کنيو. پهريائين ته ملڪي حالتن ۽ جنگ بابت مضمون لکيائين. ان کانپوءِ هندستان جي هڪ وزير کي، جيڪو غالباً ذات جو ”ڇاڳلا“ هو، پنهنجي طعني تنڪي جو مرڪز بنايائين. ان ۾ ڪجهه زيادتي ڪري ويو. هڪ مضمون ۾ لکيائين ته اسان کي ”ڇاڳلا“ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جو نالو رکڻ کپي، جيڪا رديءَ جي استعمال لاءِ هجي، يعني خسيس ۽ ذليل هجي، مثلاً اسان ردي ڪاغذن جي ٽوڪريءَ جو نالو ”ڇاڳلا“ رکون، جو ان ۾ گند بلا ڦٽي ڪندا. رهندا آهيون... وغيره. اها ڳالهه پير صاحب کي نه وڻي. پر، ان کانپوءِ ڀاڻس هڪ ٻيو مضمون لکيو، جنهن ۾ جواهر لعل جي خاندان تي ذاتي حملو ڪيائين ۽ سندس رشتيدار زالن جا مسلمان اڳواڻن سان معاشقا بيان ڪيائين.
هڪ ڏينهن مان پير صاحب وٽ ويس. شام جي مهل هئي. موٽر ۾ ويٺاسين. صدر ۾ ڪو ڪم هوس. موٽر جي ڊرائيور کي چيائين ته ”اول علي محمد شاهه جي جاءِ تي لارينس روڊ تي هل.“ جڏهن اتي پهتاسين ته چيائين ”تون به لهه.“ هيٺ لٿاسين. بنگلي جي وڏي در مان اندر گهڙياسين ته سامهون صحن ۾ سندس وڏو ڀاءُ، اڪيلو ئي اڪيلو، آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ پائيپ ڇڪي رهيو هو. ڀرسان ٻه ٽي آرام ڪرسيون پيون هيون. هڪ تي پير صاحب ويٺو، ٻيءَ تي مان. وڏي ڀاڻس پڇيو ته، ”چانهه پيئندا يا شربت؟“ پير صاحب جواب ۾ چيس ته، ”علي محمد شاهه وطن سان محبت هڪ شيءِ آهي، سياست ٻي ۽ ٽينءَ شيءِ جو نالو اخلاق آهي. تو کي شرم ڪو نه آيو، جو تو جواهر لعل جي زالن کي گهٽ وڌ ڳالهايو؟ تو کي پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ڪانهي؟“
پير صاحب جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو. وڏي ڀاڻس ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. ڪا دير ته خاموش رهيو. پوءِ ڏاڍي ڏک مان چيائينس، ”حسام الدين شاهه مون کي معاف ڪر. مون کان برابر غلطي ٿي ويئي.“
هڪ دفعي پير صاحب اورينٽ هوٽل ۾ ٽڪيل هو. وٽس ڪچهري متل هئي. ان ۾ نياز همايوني به هو ۽ تنوير عباسيءَ جو ننڍڙو ڀاءُ مرحوم الطاف عباسي به. پير صاحب هوٽل ڇڏي ڪراچيءَ وڃي رهيو هو. بل ڏيئي ٻاهر نڪتو. اسان پٺيان موٽر ۾ ويٺاسون ته کيس اڳڀرو هلي خدا حافظ چونداسون. موٽر جڏهن گاڏي کاتي واري چوڪ وٽ پهتي ته مرحوم الطاف پينٽ ۽ قميص جي کيسن مان ڪانٽا ۽ چمچا ڪڍيا، جي هو، کل ڀوڳ جي نموني ۾، هوٽل مان کڻي آيو هو. ننڍيءَ عمر ۾ ماڻهو اهڙيون معصومانه حرڪتون ڪندو آهي. پير صاحب کڙڪو ٻڌي، اڳيان سيٽ تان پڇيو ته ”ڇاهي؟“ ڪنهن کلندي ڳالهه ٻڌايس. ڊرائيور کي چيائين ته ”موٽر پوئتي موٽاءِ.“ سڌو هلي هوٽل تي بيٺو. چيائين ته ”وڃو، وڃي پرائو سامان موٽائي ڏيئي اچو.“ الطاف غريب جي ته منهن جو پنو ئي لهي ويو، پر اسان سڀ اهڙا ششدر ٿياسين، جو ڌرتي جاءِ ڏئي ته اندر گهڙي وڃون. پير صاحب ٻيو دڙڪو ڏنو. الطاف پاڻ وڃي سامان اندر ڇڏي آيو ۽ هوٽل وارن سان چرچي جي معذرت ڪيائين.
پير صاحب جڏهن ڪئنسر جي علاج مان ماسڪو جي ڊاڪٽرن مان به آخرڪار مايوس ٿيو، تڏهن مون مٿس زور ڀريو ته لنڊن وڃو. چيائين ته پئسا ڪيڏانهن آڻيان؟ مون چيس ته زمين وڪڻو. اسان ان الجهن ۾ هئاسين جو وٽس هڪ ڏينهن ڊاڪٽر شمل جو خط آيو. لکيائينس ته ”مون سڄو بندوبست ڪيو آهي. تون جرمنيءَ علاج لاءِ هليو اچ.“ مان اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس. پر جڏهن وٽس ويس، ته کيس ڪو به خيال ڪو نه هو. آخر مون جڏهن اصرار ڪري چيو ته ”ڪڏهن ٿا جرمنيءَ وڃو؟“ تڏهن ڏک مان چيائين ته ”رباني، ڪا عقل جي ڳالهه ڪر. مان اهڙو بداخلاق آهيان، جو رن زال وٽ وڃان ته منهنجو علاج ڪرائي.“
آخر پنهنجي خرچ تي لنڊن ويو. انهن ڏينهن ۾ وري ويزا جو مسئلو پيدا ٿيو. هڪ مرڪزي وزير لاءِ چيو مانس ته ”ان کي چئو.“ جواب ۾ چيائين ته ”بداخلاق ماڻهوءَ کي مان ڪم نه چوندس. موت وڏي ڳالهه ناهي. اخلاق وڏي ڳالهه آهي.“
هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”رباني، چون ٿا ته انسان کي قيامت ڏينهن، ترار کان تکيءَ ۽ وار کان سنهيءَ پلصراط تان لنگهي، بهشت ۾ پير پائڻو پوندو. پر منهنجي خيال موجب هن دنيا جي حياتي ئي حقيقي پلصراط آهي.“
جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو - وائيس چانسلر مقرر ٿيس ته منهنجا ڪي دوست خوش ٿيا ۽ ڪن کي حسد ٿيو. پير صاحب جو رد عمل نرالو هو. مون کي خوشيءَ ۽ غم جي گڏيل جذبن سان مخاطب ٿيندي چيائين ته ”تو جنهن ماڻهوءَ سان پلئه اٽڪايو آهي سو اڳي پوءِ تو کي ڏنگيندو. مون کي انديشو آهي ته تون آخرڪار پڇتائيندين.“ اڳتي هلي سندس پيشنگوئي حرف بحرف صحيح ثابت ٿي.
پير صاحب مون کي جڏهن به ڪنهن غلط ماڻهوءَ جي صحبت ۾ ڏسندو هو ته فوراً ٽوڪيندو هو. هو مون ڏانهن حقيقي اولاد وانگر ڏسندو هو.
هڪ دفعي ڪراچيءَ ۾ هڪ هوٽل ۾ ٽڪيل هجان ۽ سخت ٿڪل هجان. هڪ دوست اچي ڪڙڪيو ۽ منهنجي مرضيءَ جي خلاف سينيما تي وٺي هليو. پڪچر ڏسندي، مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪو منهنجي دل کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي، ان کي ڀڪوڙي رهيو آهي. سينيما اڌ ۾ ڇڏي، ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي پير صاحبن وٽ پهتس. اڌ رات جي مهل هئي. اوڏيءَ مهل ئي موٽر ۾ سمهاري اسپتال وٺي هليو. جڏهن چڪاس ڪرائي موٽياسين ته هوٽل تي وڃڻ نه ڏنائين. گهر هلي پنهنجي پلنگ تي سمهاريائين. پنهنجي لاءِ پاسي ۾ جدا پلنگ وجهايائين. صبح جو ننڊ مان اٿيس ته ساڻس گڏ ناشتو ڪري عادت موجب سگريٽ دکايم. چيائين ته ”سگريٽ ڇڏين نٿو؟“
مون 30 ورهيه لاڳيتو سگريٽ ڇڪيو هو ۽ ان کي ڇڏڻ لاءِ ڪي جتن ڪيا هئم. مثلاً جڏهن سگريٽ جي ٻاڙ لڳندي هئي، تڏهن کٽمٺڙا يا سونف کائيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ پهرن جا پهر آڱرين ۾ جهلي وهندو هوس، ان کي دکائيندو ڪو نه هوس. ڪڏهن سگريٽ جي ڪوٽا مقرر ڪندو هوس. هر مانيءَ جي ويلي تي، کاڌيءَ کانپوءِ هڪ، صبح ۽ شام چاءِ کانپوءِ هڪ. ڳوٺ ويندو هوس ته ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن سگريٽ ڪو نه ڇڪيندو هوس. پر سگريٽ نوشي ڏاڍي گندي عادت آهي. ريڊرس ڊائجيسٽ رسالي ۾ هڪ مضمون پڙهيم ته ماڻهن سگريٽ ڇڏڻ کانپوءِ ڏهن ورهين جي عرصي بعد وري ڇڪڻ شروع ڪيو آهي. مطلب ته سگريٽ مان جند ڇڏائڻ منهنجي لاءِ ممڪن نه هو. پر پير صاحب جي ٽن اکرن جادوءَ وارو ڪم ڪيو. مون سندس حڪم جي تعميل ۾ پاڪيٽ ڦٽي ڪيو. اهو سنه 1969ع هو ۽ هي سنه 1988ع آهي. گذريل اڻويهن ورهين جي عرصي اندر، مون ڪڏهن ڀلجي به سگريٽ کي هٿ نه لاتو آهي.
هڪ دفعي ڪراچيءَ جي نارٿ ويسٽرن هوٽل ۾ ٽڪيل هوس. هوٽل جو ٻڍڙو مالڪ آغا يوسف پير صاحب ۽ منهنجو دوست ٿي ويو هو. آغا يوسف اصل ۾ پشاور جي هڪ وڏي تاجر خاندان مان هو. سندس والد انگريزن جي زماني ۾ ريلوائيءَ جا وڏا وڏا ٺيڪا کڻندو هو. خود آغا يوسف جو برما جي پاسي ڪروڙن جو ڪاٺ جو ڪاروبار هلندو هو. چين ۾ انقلاب کان اڳ شانگهائي شهر ۾ سندس هوٽل هوندي هئي. * جڏهن انهن ملڪن ۾ ڪميونسٽ تحريڪن زور ورتو ته آغا يوسف واپس وطن هليو آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ نارٿ ويسٽرن هوٽل هلائڻ لڳو. اها ڪراچيءَ جي ٻيو نمبر قديم هوٽل هئي. ان کان آڳاٽي ڪارلٽن هوٽل هئي، جا صدر ريلوائي اسٽيشن وٽ هئي. ڪجهه عرصو اڳ بند ٿي ويئي. هاڻي آغا يوسف جي وفات کان پوءِ نارٿ ويسٽرن هوٽل به بند ٿي ويئي. نارٿ ويسٽرن هوٽل ۾ مان سالن جا سال ٽڪيس. مهيني ماسي ڪراچيءَ وڃڻ ٿيندو هو، سو آغا يوسف جي مون سان ڏاڍي دل ٿي ويئي. سندس گهرواري، پٽس حسام ۽ ڌيڻس مهرو به منهنجو خاص خيال رکندا هئا. آغا يوسف پراڻي زماني جا قصا ڪڍندو هو. سندس هڪ ڀاءُ مصطفى ڪمال پاشا ۽ انور پاشا جو ساٿياري هو. پر ٻنهي اڳواڻن جي اختلاف ڪري، موت جو شڪار ٿيو ۽ ترڪيءَ ۾ ئي دفن ٿيو. منهنجيءَ صلاح سان آغا يوسف سندس حياتيءَ جو احوال جو ڪتاب ڇپايو.*
ٻيو ڀاڻس يونس الائي ڪيئن نهرو خاندان سان لاڳاپي ۾ آيو ۽ انهيءَ ئي خاندان سان سڄي عمر گڏ گذاريائين. هڪ ڏينهن آغا يوسف چيو ته ”منهنجي ڀاءُ يونس پنهنجين يادگيرين جو ڪتاب Persons, Passions and Politics نالي سان ڇپايو آهي. ٻن ٽن ڏينهن لاءِ تو کي پڙهڻ واسطي ڏيان ٿو.“
يونس ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو هو ته ”مان جڏهن ڪنهن ڳالهه ڪري پريشان ٿيندو هوس ته جواهر لعل وٽ هليو ويندو هوس. هو هندستان جو وزيراعظم هو، پر منهنجو ڄڻ ته مربي هو. هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته يونس جڏهن تنهنجيءَ عمر جو هوندو هوس ۽ ڪنهن ڳالهه ڪري پريشان ٿيندو هوس ته مهاتما گانڌيءَ وٽ هليو ويندو هوس. هو ڪا نه ڪا سهڻي صلاح ڏيندو هو. تون جڏهن ڪنهن معاملي ۾ منجهين ٿو، ته صلاح مشوري لاءِ مون وٽ اچين ٿو. هاڻي مهاتما گانڌي هن دنيا ۾ موجود ڪونهي. ٻڌاءِ ته مان جڏهن پريشان هجان ته ڪنهن وٽ وڃان؟“
مون ڪتاب اتي بند ڪيو ۽ ٽئڪسي ڪري هوٽل مان پير صاحب جي گهر هليو ويس ۽ کيس اهو قصو ٻڌائي چيم ته، ”پير صاحب، مان به جڏهن ڪنهن پريشانيءَ ۾ اچان ٿو، ته سڌو اوهان جي گهر جو رستو وٺان ٿو.
پير صاحب اها ڳالهه ٻڌي خاموش رهيو. گهڙي کن رکي چيائين ته ”هل ته صدر جو چڪر ڏيئي اچون.“ صدر جو چڪر ڏيئي وٽس گهر اچي منجهند جي ماني کاڌيسون. پاڻ وڃي آرامي ٿيو ۽ مان موٽي هوٽل تي آيس.
هاڻي جڏهن پير صاحب هن جهان ۾ ڪو نه آهي ۽ مان ڪنهن مشڪلات ڪري، اڪيلو ئي اڪيلو تڙپندو آهيان، تڏهن منهنجون ادا اکيون هيڏي هوڏي پير صاحب لاءِ واجهائينديون آهن. ٻيا ماڻهو هڪ دفعو يتيم ٿيندا آهن پر مان ٻه دفعا ٿيس هڪ دفعو جڏهن بابا سائينءَ هي جهان ڇڏيو ۽ ٻيو دفعو جڏهن پير صاحب موڪلائي ويو.
پر موت به، پير صاحب کي مون کان جدا ڪري ڪو نه سگهيو. جيئن مان ڪڏهن ڪڏهن بابا سائينءَ کي خواب ۾ ڏسندو آهيان، تيئن ڪيترائي دفعا پير صاحب کي به خواب ۾ ڏٺو اٿم. مان سمجهان ٿو ته جڏهن سندس روح کي ڌرتيءَ تي اچڻ جي موڪل ملندي آهي، تڏهن اهو حسين شاهه وٽان ”علي رضا هائوس“ مان، پٻڻ ۾ حسنا جي گهر مان ۽ منهنجي گهر مان ليئو پائيندو آهي ۽ عالمِ ارواح ڏي موٽندي، اسان سڀني کي دعائون ڏيندو ويندو آهي.
پير صاحب جو قرب ۽ ڪرم رڳو مون تائين محدود ڪو نه هو. بيشمار ماڻهو اديب توڙي غير اديب سندس ڳڻ ڳائيندا آهن. هو انهن کي به تمام پيارو هو. پر مان ائين چئي سگهان ٿو ته منهنجي روح ۾ ڄڻ ته وسيل هو. مون ۾ جيڪي به برايون آهن، سي ته منهنجي مَنَ جي ميرائيءَ ڪري آهن، پر جيڪڏهن ڪا به چڱائي آهي ته اها والدين ۽ پير صاحب جي ذهني تربيت ڪري آهي.
پير صاحب غميءَ ۽ خوشيءَ ۾ منهنجي سار سنڀال لڌي. جڏهن منهنجي والد جو آپريشن ٿيو، تڏهن آپريشن جي في ته پاڻ ادا ڪيائين، پر منهنجي دلجوئيءَ لاءِ حيدرآباد واريءَ بليئر ڪلينڪ ۾ آپريشن دوران ڊاڪٽر شمل سان گڏ ڪلاڪ ڏيڍ اڀين پيرين بيٺو رهيو.
جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ وفات ڪئي ۽ مان ڀاءُ کي ڳوٺ دفنائي، ساڻس ڪراچيءَ ۾ مليس ته ڀاڪر پائي روئي ڏنائين.*
جڏهن مون شادي ڪئي ته منهنجي لاءِ ۽ منهنجي گهرواريءَ لاءِ ڪپڙا خريد ڪيائين. چيائين ته ”پٽ ڄميئي ته نالو علي رضا رکجانس.“ مون ته پٽن تي وڏن جا نالا رکيا پر جڏهن کيس پوٽو ڄائو ته نالو علي رضا رکيائينس.
زندگيءَ جو شايد ئي ڪو مسئلو هجي جو مون کان مخفي رکندو هجي. نه ته سڀ ڳالهه ڪندو هو ۽ صلاح وٺندو هو، توڙي جو مان کانئس ننڍو ۽ گهٽ تجربيڪار هوس. اڄ مان انهن مان ڪيتريون ڳالهيون لکڻ کان قاصر آهيان. بعض اوقات پنهنجي وڏي ۽ ننڍي ڀاءُ جون به مون سان گهر جي ڀاتين وانگر شڪايتون ڪندو هو. جڏهن حسين شاهه ۽ حسنا بيبيءَ جي شاديءَ جو معاملو آيو، تڏهن پنهنجن دوستن ۾ فقط مون سان صلاحي هو. حالانڪه، رت جي رشتي جي لحاظ کان هو ٻئي ڄڻا وڏي ڀاڻس، پير علي محمد راشديءَ جو اولاد هئا پر پاڻ راشدي صاحب کان به اها ڳالهه تيسين راز ۾ رکيائين، جيسين سڄو ڪم وڃي راس ٿيو.
پير صاحب جي حسين شاهه ۽ حسنا بيبيءَ سان ڏاڍي دل هئي. ٻنهي کي ننڍي لاڪر اولاد وانگر پاليو هئائين ۽ حقيقي والاد جون سڀ تمنائون ساڻس ئي وابسته ڪيون هئائين. ٻئي ڄڻا سندس اکين جو نور ۽ دل جو سرور هئا.
هڪ ڏينهن سندس لئبرريءَ ۾ ويٺا هئاسين. مون سان اندر اوريائين ته ”حسنا جي شادي ڪري وڃڻ کانپوءِ هي هي مشڪلاتون ۽ مسئلا روزمرهه جي زندگيءَ ۾ درپيش آيا اٿم.“ مون کيس هڪ مخلصانه صلاح ڏني. ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪيائين. گهڙيءَ کن کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪيائين ته سندس اکيون ڳوڙهن سان ٽٻٽار هيون. چيائين ته ”ڀاءُ، اهي وڻ به ويا، واهيرا به ويا.“
اولاد کان محروميءَ جو احساس عذاب آهي. بدقسمتيءَ سان پير صاحب جي اهليه، تعليم توڙي صحت، ٻنهي نعمتن کان محروم هئي. سو، پير صاحب جي تنهائيءَ جو احساس هيڪاري وڌي ويو. جڏهن بيبي صاحبه هي جهان ڇڏيو ته مون کي وڏي ڀاڻس جي بيگم ممتاز راشديءَ فون تي ڄاڻ ڪيو. فوراً پير صاحب وٽ پهتس. اوچتو آيل ڏسي اول ته منجهي پيو، پر جلد ئي ڳالهه کي سمجهي ويو. ٻئي خاموش ويٺا رهياسون. ڪرسيءَ تي ڪنڌ لاڙي، ڏک ۾ چيائين، ”رباني، ٽيهن چاليهن ورهين جو ساٿ هو.“ مون ڏانهس ڏک ۾ نهاريو. سندس اکين ۾ ڳوڙها ڇلڪي رهيا هئا.
* *
حيدرآباد ۾ اپريل ۽ مئي جو مهينو چڱا گرم ٿين ٿا. هڪ ڏينهن ڄام شوري ۾ بورڊ جي آفيس ۾ ويٺو هوس، جو پٽيوالي اچي چيو ته ”پير صاحب ۽ نواب نور احمد خان لغاري هيٺ موٽر ۾ ويٺا آهن. چون ٿا ته ربانيءَ کي چئه ته جلد هيٺ اچي.“
ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي! اڳئين ڏينهن پير صاحب حيدرآباد آيو هو. نواب نور احمد لغاريءَ وٽ ٽڪيو هو. شام جو مان وٽس ويو هئس. اسان دير دير تائين رات جو ڪچهري ڪئي هئي. ان کانپوءِ، آءٌ ٻنهي ڄڻن کان موڪلائي ڄامشوري آيو هوس. شام جو وري ملڻ جو پروگرام هو، جنهن مهل پٽيوالي اچي اهو پيغام ڏنو، ان مهل منجهند جو هڪ ڏيڍ ٿيو هوندو. ڌرتتيءَ جو کين ڄامشوري اچڻ جو ڪهڙو لاچار پيو هو؟ اهي ڳالهيون سوچيندو، مان تڙ تڪڙ ۾ هيٺ لٿس. پير صاحب موٽر جو دروازو کولي چيو ته ”ويهه.“
موٽر شهر رواني ٿي. پير صاحب ۽ نواب صاحب ٻئي چپ. مان به خاموش رهيس. تان جو درياهه واري پل ٽپي وياسين. اتي پير صاحب نواب صاحب کي چيو ته، ”ربانيءَ کي ڳالهه ٻڌايو“.
نواب صاحب چيو ته ”سائين مون کي اڄ صبح جو ڊاڪٽر منير صديقيءَ (ڊاڪٽر آفتاب شاهه جي خاوند) کي پاڻ ڏيکارڻو هو. پير صاحب چيو ته مان به ٿو هلان. جڏهن مون پاڻ ڏيکاري بس ڪيو ته پير صاحب ڊاڪٽر کي چيو ته، ”ڊاڪٽر صاحب مون کي ڪافي وقت کان گلي ۾ هيءَ ڳوڙهي آهي. ڏسو ته ڇاهي؟“
ڊاڪٽر صاحب ڳوڙهي جاچي چيو ته پير صاحب مون کي ڊپ ٿو ٿئي. چئو ته مان ڪڍي وٺان. ننڍو آپريشن آهي“.
نواب صاحب اشارتاً چيو ته ”ڊاڪٽر منير صاحب جو انديشو هو ته خدا نه ڪري جو اها ڪئنسر جي ڳوڙهي هجي.“
مان ڳالهه ٻڌي پير صاحب جي پريشانيءَ کي سمجهي ويس. کيس ڏڍ ڏيندي، نواب صاحب کي چيم ته ”اها شڪي ڳالهه آهي. خود ڊاڪٽر منير صاحب به خاطريءَ سان ته ڪا ڳالهه ڪا نه ڪئي آهي. پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ عقلمنديءَ جي ڳالهه ڪانهي. پير صاحب خير سان ڪراچيءَ وڃي. اتي ڪيترائي وڏا وڏا ڊاڪٽر سندس دوست آهن. انهن سان صلاح ڪري تپاس ڪرائي. پوءِ جي ضروري هجي ته آپريشن ڪرائي، ته خبر پئي ته ڳالهه ڇاهي؟ پير صاحب هڪ دفعي مون کي ٻڌايو هو ته گهڻا گهڻا سال اڳي پاڻ ٻي به اهڙي ڳوڙهي ڪڍائي هئائين.“
ڳالهه پير صاحب کي دل سان لڳي. کيس ڪجهه آٿت آيو. ان ئي ڏينهن شام جو ڄام ڪرم علي خان پنهنجي ڳوٺ اسان جي دعوت ڪئي هئي. اوڏانهن هليا وياسين. کل خوشيءَ ۾ پير صاحب جو به ڪجهه غم گهٽ ٿيو.
ڏينهن ٻه حيدرآباد ۾ ٽڪي پير صاحب ڪراچيءَ موٽيو. پنهنجن ڊاڪٽرن سان ڳالهه ڪيائين، جن تپاس بعد ڊاڪٽر منير صاحب جي ڳالهه جي تائيد ڪئي.
جنهن ڏينهن پير صاحب جي گلي جو پهريون پهريون آپريشن ٿيو، ان ڏينهن ڊاڪٽر شمل به ڪراچي ۾ هئي. مون کي چيائين ته ”خدا ڪري جو ڦهلجندڙ ڪئنسر نه هجي!“ پر ڊاڪٽري تپاسن سڀ اميدون خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون.
بهر حال پير صاحب جي حوصلي جو داد ڏجي. دل تي جيڪا به ٿي گذري هجيس. ليڪن ٻاهرئين ٻني پنهنجو حوصلو بلند رکيائين. قدرت کيس غم برداشت ڪرڻ جي وڏي طاقت ڏني هئي. وڏو ماڻهو ٿيڻ لاءِ وڏي دل کپي ۽ شينهن جو جگر کپي. پير صاحب وڏو ماڻهو هو ۽ وڏيءَ دل وارو هو. پر، اها دل بهرحال گوشت پوست مان ٺهيل هئي. سو، ڪڏهن ڪڏهن سندس اکيون ڇلڪي به پونديون هيون.
ڪئنسر جي ڪري سندس گلي جا ڪيئي آپريشن ٿيا. هڪ ڀيري تازو تازو اسپتال مان نڪتو هو. گلي تي اڃا پلاستر چڙهيل هوس. مون نهايت ادب سان آهستي کانئس رڳو ايترو پڇيو ته، ”سائين، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي؟“
چيائين ته، ”ڀاءُ، ڊاڪٽرن جو ڇرو آهي ۽ منهنجو گلو آهي.“ اکين جي پڇڙين وٽ ٻه ڳوڙها تري آيس، جن کي آهستي اگهي ڇڏيائين.
ڪجهه عرصي کانپوءِ، روسي حڪومت جي دعوت تي، ماسڪو علاج لاءِ ويو، جڏهن موٽيو ته ڏاڍو خوش هو. کيس روسي ڊاڪٽرن جي مهارت تي وڏو اعتماد هو. (پر اهو اعتماد عارضي هو، ڇو ته اصل فيصلو ان جو آهي، جو حياتي ڏئي ۽ وٺي ٿو.)
سال کن کانپوءِ، ايران ۾ هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ويو. جڏهن موٽيو، ته خوشيءَ مان چيائين ته، ”رباني قدرت جا عجب رنگ آهن. مان جنهن ڏينهن ايران ۾ بين الاقوامي ڪانگريس جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هوس، انهيءَ ساڳئي ڏينهن گذريل سال، نهايت ملول، ڳڻتين ۾ ويڙهيل، اداس ۽ اڪيلو ئي اڪيلو، ماسڪو جي اسپتال ۾ علاج لاءِ بستري تي ليٽيل هوس. جنهن مهل ايران ۾، عالمي ڪانفرنس ۾، تاڙين جي گونج ۾، صدارتي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺس، تنهن مهل اهو ڏينهن ۽ اها گهڙي ياد آيم.“
پير صاحب جي خوشيءَ گهڻو جٽاءُ ڪو نه ڪيو. ستت، ڪراچيءَ وارن ڊاڪٽرن کيس چيو ته ”اسان کي وري اوهان جو آپريشن ڪرڻو آهي.“ اهو ٻڌي، ڏاڍو دلگير ٿي پيو. ڳالهه به اهڙي هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي مان ساڻس گڏ ڪراچيءَ جي صدر ۾ شام جو گهمڻ ويس. اڃا موٽر مان لهڻ وارا هئاسين، ته هڪ فقير تڪڙو تڪڙو موٽر ڏي آيو ۽ پير صاحب کي سٺو لباس پيل ڏسي، کانئس خيرات گهريائين. پير صاحب کي فقيرن تي سخت چڙ هوندي هئي ۽ سندس پراڻي عادت هئي ته کين ڪچيون ڪچيون گاريون ڏيندو هو. فقير جو سامهون اچڻ ۽ پير صاحب جو کيس ست سريون ٻڌائڻ. فقير ته موٽي ويو. پر، مون پير صاحب کي ڏک سان چيو ته ”پير صاحب، قرآن ڪريم ۾ صاف حڪم آهي ته ”سواليءَ کي نه جهڻڪ“. مون کي ڊپ آهي ته اوهان کي ڪئنسر هنن فقيرن ڏني آهي.“
اهو ٻڌي چپ ٿي ويو ۽ ڪار ۾ پنهنجيءَ سيٽ تي ڪا گهڙي ويٺو رهيو. مان به خاموش ويٺو رهيس. ڪجهه دير کانپوءِ هيٺ لٿو ته سندس اکيون آليون هيون. پر، ان کانپوءِ مون کيس ڪڏهن به فقيرن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي نه ٻڌو.
غالباً، انهن ئي ڏينهن ۾ حڪومت مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو. اهو فيصلو سيد پناهه علي شاهه صاحب تڏهوڪي تعليمي سيڪريٽريءَ ڪيو. پير صاحب ان فيصلي تي ناخوش ٿيو. سندس خيال هو ته چيئرمينيءَ جو پاڻ ئي صحيح مستحق هو. هونئن نه ته مولانا قاسمي صاحب سان سندس تعلقات تمام پراڻا ۽ نهايت سٺا هئا. بهرحال، پنهنجي ناخوشيءَ جو مون سان چٽن اکرن ۾ اظهار ڪيائين ۽ صاف صاف منع ڪيائين ته ”آئينده مولانا قاسميءَ کي پاڻ سان مون وٽ نه وٺي ايندو ڪر.“
مولانا قاسمي صاحب فقيراڻي سڀاءُ وارو ماڻهو آهي، ان ڪري مون پير صاحب جي انهيءَ ڳالهه کي پسند ڪو نه ڪيو. دل ۾ سمجهيم ته مان آهستي آهستي ڪري ٻنهي کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندس. اڳ ۾ پاڻ مرحوم سيد ميران محمد شاهه سان به ائين ڪنهن ڳالهه تي ڦٽو هو. پر مون آهستي آهستي ڪري، سندن وچ مان ڪنڊو ڪڍي ڇڏيو هو ۽ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا هئا. پر هن ڀيري منهنجي توقع غلط ثابت ٿي. ان جا ڪيئي ڪارڻ هئا. هڪ ته مولوي صاحب مفلس ماڻهو هو. سنڌ ۾ غربت کي ڪير ڪو نه سهندو آهي. ٻيو ته ڪيئي مفسد ماڻهو مولوي صاحب جي خلاف پير صاحب جا ڪن ڀريندا هئا. هوندا اهي به اديب هئا. پر وڏو اديب ٿيڻ هڪ ڳالهه آهي، وڏو انسان ٿيڻ ٻي ڳالهه آهي.* ان طرح، مان پير صاحب ۽ مولانا قاسمي صاحب کي ته ملائي ڪو نه سگهيس، اٽلندو پير صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ وٿي پيدا ٿي وئي، ڇو ته چيئرمين ۽ سيڪريٽريءَ جو لاڳاپو اهڙو هو جو مان ته مولوي صاحب کي ڇڏي نٿي سگهيس. مفسد ماڻهن ان طرح پير صاحب کي منهنجي ۽ مولوي صاحب جي خلاف مڇرائي ڇڏيو. ٻيا ڪهڙا سبب هئا، سو مان چئي ڪو نه ٿو سگهان.
انسان جي هڪ وڏي بدقسمتي اها آهي ته کيس اها به خبر نه پوي ته سندس حقيقي سڄڻ ڪير آهي؟ چون ٿا ته حضرت عيسى دعا گهري هئي ته ”يا خدا، مون کي منهنجن دوستن کان بچاءِ“. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
ديکها جو تير کهاکي کمين گاه کي طرف
اپني هي دوستون سي ملاقات هوگئي
منهنجو ۽ پير صاحب جو سڄيءَ عمر جو تعلق رهيو هو، تنهن ڪري مون به، گهڻي ڏک جي ڪري، خاموشي اختيار ڪئي. ان طرح، هو مون سان آهستي آهستي ٿڌو ٿي ويو.
مون کي ان ڳالهه جو پڪو پختو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن ٻڌم ته پير صاحب حيدرآباد اچي ٿو، پر مون سان ڪو نه ٿو ملي. انهن ئي ڏينهن ۾، مون سنڌ جي هڪ افسانه نگار خاتونءَ جي وفات تي ”مٽيءَ جي مٺ“ عنوان سان افسانو لکيو هو. منهنجي ان خاتونءَ سان گهڻي زماني کان دعا سلام هئي. هوءَ چڱي خاندان جي نينگر هئي. پر، پوين ڏينهن ۾، ويچاري قسمت جي رولڙي ۾ اچي ويئي.
مون افساني ۾ انسان جي انجام جو منظر چٽيو هو ۽ ان ئي نسبت سان افساني جو عنوان ”مٽيءَ جي مٺ“ رکيو هو. جن ڏينهن ۾ اهو افسانو ڇپيو، تن ڏينهن ۾، پير صاحب ڪو حيدرآباد آيل هو. مون کي ڪل ئي ڪانه هئي، ڇو ته مون وٽ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين.
شام جي مهل هئي. ڄامشوري ۾ گهر ۾ ويٺو هوس، ته پُٽَ اچي چيو ته ”بابا پير صاحب دروازي تي موٽر جهليو بيٺو آهي.“ اهو ٻڌي، تڙ تڪڙ ۾، پيرين اگهاڙو ٻاهر نڪري آيس، ۽ اچي سندس پيرن تي هَٿَ رکيم ته ڇڪي ڀاڪر پاتائين. ان کان اڳجو مان کيس ڪجهه چوان، پاڻ منهنجو هٿ وٺي، ان کي چمي چيائين ته ”بابا، ڪراچيءَ پئي ويس. چيم ته جنهن هٿ سان اهو افسانو لکيو اٿيئي. ان کي چمندو وڃان.“ ائين چوڻ شرط سندس اکين مان ڳوڙها وهي اچي منهنجي هٿ تي ڪريان.
مان اڃا انهيءَ حيرت ۾ هوس جو پاڻ موٽر ۾ چڙهيو ۽ ڪراچي روانو ٿيو. سندس ڊرائيور سچوءَ بعد ۾ مون سان ڳالهه ڪئي ته ڪراچيءَ ويندي، ڪافي دير تائين اکين مان ڳوڙها اگهندو هليو.
مون اهو افسانو ته سنڌي افسانه نگار خاتونءَ جي ياد ۾ لکيو هو، پر خبر ناهي ته ڇو جڏهن افسانو لکي رهيو هوس، ته پير صاحب جو چهرو، وري وري، منهنجين اکين جي اڳيان ٿي آيو ۽ حافظ جو هڪ شعر چپن تي آيو:
آسمان بار امانت نتوانست ڪشيد
قرعِ فال بنام من ديوانه زدند
* * *
پير حسام الدين راشدي، سنڌ جي تاريخ ۾، هڪ محب وطن تاريخ نويس جي حيثيت ۾ امر رهندو.
پير صاحب کي سنڌ جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ سان عشق هو. ون يونٽ جي ڏينهن ۾، هڪ دفعي مان وٽس ويٺو هوس. پاڻ ڪنهن سان بحث ڪري رهيو هو. ان شخص ڪا اونڌي ابتي ڳالهه ڪئي، جنهن تي پاڻ جذباتي ٿي ويو، ۽ ٻانهون ٻڌي چيائينس ته ”مون کان سڀ ڪجهه وٺ. دين وٺ، ايمان وٺ. پر خدا جي واسطي مون کي سنڌ موٽائي ڏي.“
ٻئي دفعي حيدرآباد ۾ پٺاڻ ڪالونيءَ مان لنگهي رهيا هئاسون اها ڪالوني اصل ۾ هڪ قديمي قبرستان هئي. ڪنهن جاءِ جي اڏاوت ٿي رهي هئي. مزورن بنياد کوٽيندي، پٿر مان ٺهيل قبر جو هڪ تعويذ ڪڍيو، جنهن تي قرآن جون آيتون ۽ ڪتبا اڪريل هئا. هو تعويذ ڪلهي تي کڻي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. پير صاحب روڊ تي موٽر روڪي مزورن ڏي ڊوڙيو: ”هي ڇا ٿا ڪيو؟ هي سنڌ جي تاريخ جو پٿر آهي. اوهان ڪاڏي ٿا کڻي وڃو؟“
مزور وائڙن وانگر ان شخص ڏانهن ڏسڻ لڳا، جنهن کي سوٽ ڪوٽ پيل هو، موٽر مان لٿو هو، هوش حواس ۾ هو، پر اهڙي ڪا ڳالهه ڪري رهيو هو، جا کين اصل سمجهه ۾ نٿي آئي.
مون کي يقين آهي ته جڏهن خداوند ڪريم پير صاحب کي بهشت برين ۾ داخل ڪندو، تڏهن پاڻ ادب سان هٿ ٻڌي الله پاڪ کي هڪڙو ئي عرض ڪندو، ”جهانن جا مالڪ! مون کي بهشت ۾ رهائش لاءِ جيڪو زمين جو ٽڪرو ملي، ان جي چوڌاري سنڌ جو نقشو نڪتل هجي.“
پير صاحب جي ذهن ۾ سنڌ جي محبت تاريخ جي مطالعي مان پيدا ٿي. هن پنهنجو ادبي ڪئريئر ته شايد صحافي، افسانه نويس، ناول نگار ۽ شاعر جي حيثيت سان شروع ڪيو هو. پر سندس اندر ۾ جيڪو تاريخدان هو، سو رفتي رفتي سندس ذهن تي ڇانئجي ويو. سندس ابتدائي ڪتاب يا ڪتابڙا سکر جي ”المنار“ پريس مان ڇپيا، جنهن جو مالڪ رشيد ڀٽيءَ جو والد حافظ عبدالحميد ڀٽي هو. تن ڏينهن ۾ ئي پير صاحب جي مرحوم عبدالرحيم کرل سان به ڏيٺ ويٺ ٿي. المنار پريس ۾ حافظ صاحب سان ڪيترو وقت گڏ ڪم ڪيائين، سو معلوم ڪونهي. ان زماني ۾ اها ڳالهه اسان نڪي ته ڀٽيءَ جي والد صاحب کان پڇي ۽ نه وري پير صاحب کان. پر پاڻ اها ڳالهه وري وري ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي منهنجي اڳيان رشيد ڀٽيءَ کان ان دور جا لکيل پنهنجا ڪتاب به گهريا هئائين.
سکر ۾ رهائش واري دور جو ذڪر ڪندي، وڏي ڀاڻس پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جلد اول ۾، خانبهادر کهڙي جي اخبار ۽ آغا نظر عليءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پوءِ پنهنجيءَ اخبار ڪڍڻ جو ذڪر ڪيو آهي. هن هندو مسلم ڪشيدگيءَ جو به شَد مدَ سان ذڪر ڪيو آهي. پر پير صاحب جي لکيل ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ ۾ هندو مسلم ڪشيدگيءَ جو ايڏيءَ شدت سان ذڪر ڪونهي. ڪٿي ڪٿي اشارا ضرور آهن. اها ڳالهه ان زماني ۾ ئي، ٻنهي ڀائرن جي ذهني لاڙن جي نشاندهي ڪري ٿي.
سکر ۾ رهائش کانپوءِ، سندن لڏ پلاڻ ڪراچيءَ ڏانهن ٿي. پر، ان وچ ۾ ڪو ويرو آيو، جو پاڻ ڪجهه وقت ڳوٺ ۾ آبائي زمينون به سنڀاليندو هو. سندس والد ۽ ڏاڏو وفات ڪري چڪا هئا. چون ٿا ته پاڻ کي ڪامياب زميندار ثابت ڪيائين. اوسي پاسي سان به سٺا تعلقات هئس ۽ هاري ناري به منجهانئس ڏاڍا خوش هئا.
ڪراچيءَ اچڻ کانپوءِ، وڏو ڀاڻس ته اڳي کان وڌيڪ، سياست کي جنبي ويو، پر پير صاحب اهوئي ادب سان لنو لائيندو آيو. اڳتي هلي، همہ وقت، تاريخ ڏانهن متوجهه ٿيو. شروع ۾ مسلم سنڌ ۽ هند جي تاريخ ۽ پوين ڏينهن ۾ ايران جي تاريخ، وچ ايشيا جي تاريخ ۽ مسلم سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت، سندس مطالعي جا خاص موضوع هئا.
پير صاحب جي ادبي ڪئريئر ٺاهڻ ۾ وڏي ۾ وڏو رول سنڌي ادبي بورڊ ادا ڪيو. پير صاحب بورڊ جو مرهون منت هو، جنهن سندس ڪتاب وڏي خرچ سان ڇاپيا. اها ڳالهه هو علي الاعلان مڃيندو هو، پر ٻين گهڻن عالمن ۾ ايتري به دل جي سخاوت ڪا نه هئي. دل جي سخاوت انسان جي عظمت جو دليل آهي.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”يار ڪجي هڪڙو، نه ته ٻه هجن، هڪڙو وڃي نڪري، ته ٻئي تي هٿ کپن.“ ان چوڻيءَ موجب، پير صاحب، ڊگهي نظر ڪري، سنڌي ادبي بورڊ تي پنهنجي پوري پوري تسلط جي باوجود، سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ کي ترغيب ڏني ته سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ يونيورسٽيءَ ۾ ٻيو هڪ ادارو به قائم ڪجي. آخر اهو ادارو سنڌي ايڪيڊميءَ جي نالي سان ٺهيو. ان جو نگرانُ پنهنجو ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي جوانيءَ جو دوست مرحوم محمد حنيف صديقي مقرر ڪرايائين. پير صاحب اها ڳالهه به علي الاعلان مڃيندو هو ته ”اسان ٻنهي کي ادب ۽ تاريخ جا ابتدائي سبق حنيف صديقيءَ ڏنا.“ پر جڏهن پير صاحب حنيف صديقيءَ کي انهيءَ مقصد لاءِ منتخب ڪيو ته هو ويچارو خزان ٿي چڪو هو. (هونئن ڏاڍو محبتي ماڻهو هو. مون سان سندس ڪافي مجلسون ٿيون.) چنانچ اڳتي هلي، اداري جي نائب نگران ڊاڪٽر الانا ايڪيڊميءَ کي سنڀاليو. ان وچ ۾ پير صاحب جو ايران اچڻ وڃڻ وڌي ويو هو. اتان اداره ايران شناسيءَ (۽ مصر جي اداري مصر – شناسي) جا خيال کڻي آيو. اداره سنڌ شناسيءَ جو سندس ذهن ۾ نالو ۽ تصور ان طرح پيدا ٿيو. اڳتي هلي سنڌي ايڪيڊميءَ جو نالو مٽرائي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي رکايائين. بهرحال، ان باري ۾ وڌيڪ خبر ڊاڪٽر لانا کي هوندي.
ڊاڪٽر رضي الدين صديقي نيڪ ماڻهو هو. هندستان مان مهاجر ٿي آيو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ کيس پير صاحب جهڙن سنڌي عالمن ۽ دانشورن جي صلاح ۽ مشوري جي ضرورت هئي. چنانچ، هو پير صاحب جي مشورن تي پورو پورو توجهه ڏيندو هو. پير صاحب سان سندس واقفيت برک اردو عالمن ۽ اديبن جي وسيلي ٿي هئي، جن سان پير صاحب جا قريبي مراسم هئا.
ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ کانپوءِ سنڌالاجيءَ جو ڪم جيئن پوءِ تيئن وڌندو رهيو. پر، پروفيسر غلام مصطفى شاهه جي وائيس چانسيلر هئڻ واري دور ۾، اها صحيح معنى ۾، وڌي وڻ ٿي ۽ اڄڪلهه ته سنڌي ادب ۽ ثقافت جو تناور ۽ ثمر آور درخت آهي. موجوده پروقار عمارت به پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه ئي پنهنجيءَ ايامڪاريءَ ۾ وڏي شوق سان ٺهرائي. ليڪن حقيقت اها آهي ته سنڌالاجي جي آبياريءَ ۾ ڊاڪٽر الانا وڏيءَ محبت ۽ محنت سان ڪم ڪيو. بيشڪ، وسيلا وڏي ڳالهه آهن. اهي وائيس چانسيلر مهيا ڪيا. پر ادارن کي ٺاهڻ لاءِ عشق جي ضرورت آهي. سندن آبياري رت سان ڪرڻي پوي ٿي. اهو ڪم ڊاڪٽر الانا ڪيو. سندس اسلام آباد اسهڻ کان پوءِ ڀيڻ مهتاب اڪبر راشديءَ پوري پوري خلوص سان سنڌي ادب جي هن چمن جي رکوالي ڪئي ۽ ان جي گلن ڦلن کي تر و تازه رکيو. دعا آهي ته الله پاڪ شال هن اداري کي سدائين شاد ۽ آباد رکي.
پير صاحب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ به هڪ اداري جو ٻج پوکيو. ”وچ ايشيا جي مطالعي جو ادارو“ (انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ايشين اسٽڊيز). پر اهو ادارو سندس زندگيءَ ۾ ئي پوريءَ ريت پرواز ڪري اٿي ڪو نه سگهيو. اڃا تائين پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. ڪجهه ڪارائتا ڪتاب شايع ڪيا اٿس. اداري جو سربراهه ڊاڪٽر رياض الاسلام پير صاحب جو دوست ۽ وڏو عالم آهي. کيس وسيلن جي ڪجهه ڪمي آهي.
پوين ڏينهن ۾ پير صاحب سچل تي تحقيقي ڪم کي زور وٺائڻ جي تحريڪ کي به ٽيڪو ڏنو، جنهن ڏينهن ۾ سيد غوث علي شاهه سنڌ جو وزير تعليم، محب الله شاهه سکر ڊويزن جو ڪمشنر ۽ غلام محمد ميمڻ خيرپور جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته ٻه چار عمدا سچل سيمينار منعقد ٿيا. سندن وڃڻ کانپوءِ بند ٿي ويا. ليڪن، پير صاحٻ سچل جي سالياني عرس تي ڀيرو ڀرڻ شروع ڪيو. خيرپور ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ وٽ وڃي ٽڪندو هو. ممڪن هو ته ڳالهه کي به مچائي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجيءَ وانگر، سچل اڪيڊميءَ کي، به ڪا عملي صورت ڏيئي سگهي ها. پر حياتيءَ ساڻس وفا نه ڪئي. سندس لاڏاڻي کانپوءِ سچل ايڪيڊمي قائم ته ٿي، پر ادارن ۽ تحريڪن جي پٺيان ڪو نه ڪو روح روان هوندو آهي. رڳو، جاين ٺهڻ، ٽيبل ڪرسي وجهڻ ۽ گرانٽ مقرر ڪرڻ سان ته ادارا ڪو نه هلندا آهن.
خانگي ادبي تنظيمن ۾، سنڌي ادبي سنگت، پير صاحب جي نقطه نگاهه کان، نوجوان اديبن جو مرڪز هئي. پر پير صاحب ڪڏهن به ان ۾ ڪا خاص دلچسپي ڪا نه ورتي. انفرادي طرح پاڻ انهن اديبن کي همٿائيندو ضرور هو، جيڪي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ دلچسپي وٺندا هئا. انهن ۾ سردست، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لاکي، نواز علي شوق ۽ عبدالله ورياهه جا نالا مون کي ياد اچن ٿا. ممڪن آهي ته ڪي ٻيا اديب به کيس ايترائي ويجها هجن، پر مون کي انهن جي خبر ڪانهي. پر ساڳئي وقت ائين به چئي نٿو سگهجي، ته پاڻ ڪي ٻه ٽي اهڙا ”خاص ماڻهو“ تيار ڪيائين، جن کي تربيت ڏيئي ”تلميذ“ بنايائين ۽ انهن کان پنهنجيءَ نگرانيءَ هيٺ سنڌ جي تاريخ جي ڪن خاص عنوانن تي تحقيقي ڪم ورتائين. هونئن، ته پاڻ سنڌي اديبن جي سڄي نئين نسل کي متاثر ڪيائين. سندس محنت ۽ مکيه ڪم فارسي ڪتابن ۾ آهي، جي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا. جڏهن اهي ڪتاب سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيندا، ته پير صاحب جي ڪم جو صحيح معنى ۾ قدر ٿيندو ۽ فقط سنڌ جو موجوده نسل نه، پر ايندڙ نسل به سندس ڳڻ ڳائيندا.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ هڪ وڏو خير جو ڪم ڪيو. بيگلارنامي جو سنڌي ترجمو شايع ڪيائين. ڪتاب پڙهه ته عبرت وٺي ٿي وڃي، ته سنڌ ڪهڙن دورن مان گذري آهي! شال ڪو ڏينهن اچي، جو پير صاحب جا ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتاب، سنڌي زبان ۾ ترجم ٿي شايع ٿين. اها پير صاحب ۽ سنڌ جي وڏي علمي خدمت ٿيندي.
* * *
پير صاحب سنڌ جي اوائلي دور يعني موهن جي دڙي واري زماني، يا ائين کڻي چئجي، ته اسلام کان اڳ واريءَ سنڌ جي تاريخ ۾، ڪڏهن به دلچسپي نه ورتي. ان ڳالهه جو مکيه سبب شايد اهو هو ته ان دور تي تحقيق لاءِ مستند مواد موجود ڪو نه هو.
پر، پوئين دور يعني ميرن ۽ انگريزن واري دور ۾ به دلچسپي ڪانه ورتائين، توڙي جو ان دور بابت تحقيق لاءِ مواد موجود هو.
سندس تحقيق جو ميکه موضوع هو سنڌ جي تاريخ جو ارغون، ترخان، مغل دور، ۽ ان کان اڳيون دور يعني سمن جو دور. ان ڳالهه جو مکيه سبب غالباً اهو هو ته ان دور جي عالمن جا لکيل ڪتاب، فارسي ۽ عربي زبانن ۾ قلمي نسخن جي صورت ۾، موجود هئا. ٻيو ته ان دور جي عالمن جون قبرون حاڪمن جا مقبرا ۽ مسجدون اڃا ٺٽي ۽ ٻين هنڌن تي موجود آهن. ٽيون سبب هي هو ته پير صاحب پنهنجي ادبي ڪئريئر جي آغاز ۾ ئي هندستاني مسلمان عالمن، جهڙوڪ شبلي نعمانيءَ جهڙن محققن کان متاثر ٿيو هو. سيد سليمان ندويءَ سان محبت ڪندو هو، جو کيس ”محقق سنڌ“ ڪوٺيندو هو.*
اڳتي هلي وڏن هندستاني اردو عالمن سان دوستي به رکيائين. انهن ۾ مولوي عبدالحق، سيد صباح الدين عبدالرحمان ۽ مالڪ رام جا نالا سر فهرست آهن.*
پير صاحب جو پهريون پهريون تاريخي ڪتاب به هڪ هندستاني عالم جي تصنيف جو سنڌي ترجمو آهي. پاڪستان کان اڳ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ ”اسلامي ڪتبخانا“ نالي سان شايع ڪيو هو. ڪتاب جو مصنف اختر جهونا ڳڙهي جڏهن پاڪستان لڏي آيو ته پير صاحب سان گهري گهاٽي دوستي ٿيس. پير صاحب جو آخرين ڪتاب، جنهن تي وفات کان اڳ پاڻ وڏي چاهه سان محنت ڪري رهيو هو، ”تاريخ رشيدي“ هو، جو ميرزا حيدر جي تصنيف آهي. جيئن ته پاڻ ان ڪتاب جي ايڊٽنگ جو ڪم مڪمل ڪري ڪو نه سگهيو، ان ڪري رهيل ڪم کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ وصيعت به هڪ اردو عالم، پروفيسر رياض الاسلام کي ڪيائين.
هندستاني عالمن جي تحقيق ۾، برصغير جي مغل دور ۽ ان کان اڳ واري مسلم دور حڪومت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. سندن خيال موجب، مغل دور هندستان جي تاريخ جو سونهري دور هو. ان دور جي سياسي، ثقافتي ۽ علمي رخن تي تحقيق وسيلي هندستان جا مسلمان محقق، هڪ طرح سان، ڄڻ ته وڃايل جنت جي تلاش ڪري رهيا هئا.
بيشڪ، پير صاحب کانئن متاثر ٿيو ۽ پاڻ به سنڌ جي ارغون، ترخان ۽ مغل دور کي ئي پنهنجيءَ تحقيق جو مرڪزي نڪتو بڻايائين، ليڪن جيئن جيئن ان دور جي تاريخ جو باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪندو ويو، تيئن تيئن سندس راءِ هندستاني عالمن کان مختلف ٿيندي ويئي. منهنجو خيال آهي ته ان جو سبب هيءُ هو ته ابن خلدون وانگر تاريخ جي تجزيي ۾ پير صاحب جو نقطه نگاهه به سائنسي هو. پاڻ تاريخي واقعن کي جذباتي انداز سان ڪو نه پرکيندو هو. ڪاري کي ڪارو ۽ سفيد کي سفيد قرار ڏيندو هو. بادشاهي نظام کي بادشاهي نظام ڪوٺيندو هو. ان کي دين ۽ مذهب جا غلاف ڪو نه پهرائيندو هو.* سندس راءِ موجب مخدوم بلال جهڙي درويش ۽ شاهه عنايت شهيد جهڙي اهل الله کي مارائڻ وارا ارغون ۽ مغل مسلمان حاڪم، دين جا نه، دنيا جا طالبو هئا. چنانچ هن انهن کي غاصب ۽ لٽيرا قرار ڏنو. سندس قومي سورمو نظام الدين سمو هو، جو روزانو فجر جي نماز پڙهي گهوڙن جي طبيلي ۾ ويندو هو ۽ سندن پٺيءَ تي پيار مان هٿڙا گهمائي چوندو هو ته:
”ڀٽارا، الله اهو ڏينهن نه آڻي، جو مان ڪنهن تي
ظلم ڪرڻ لاءِ اوهان تي سواري ڪريان.“
تاريخ جي انهيءَ شعور، پير صاحب کي سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن سان محبت سيکاري. چنانچ، هن پنهنجي نقطه نگاهه کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چٽن پٽن لفظن ۾ بيان ڪيو.
”برهانپور ڪي سنڌي اولياء“ ڪتاب جي پيش – لفظ ۾ لکيو اٿس:
”سنڌ جو اهو دور، جنهن کي تاريخي نقطه نظر سان سونهري دور ڪوٺي سگهجي ٿو، سمن جو دور آهي. سمن جي حڪومت ۾ سنڌ امن، آسودگي ۽ سک سڻائيءَ جا اهي ڏينهن ڏٺا، جن جو مثال سنڌ جي تاريخ جي ٻين دورن ۾ ملڻ مشڪل آهي. حقيقت اها آهي ته سمن حاڪمن سنڌ کي ترقيءَ ۽ ڪمال جي عروج تي پهچايو. خوش بختي ۽ ڪامراني سمن جي پيرن کي چمندي هئي. سما حاڪم سنڌ جي ترقيءَ جي راهه تي وڌي رهيا هئا، جو ڄام نظام الدين (متوفي 914هه) کان پوءِ، سنڌ جي سڪون ۾ خلل پيو. اقتدار جي هوس ۽ گهرو جهيڙي جي ڪري، سمن جي اقبال جو سج لهڻ لڳو.
”928هه ۾، سنڌ غلاميءَ جي انهيءَ اداس شام ۾ وٺجي ويئي، جنهن جي اوندهه انڌوڪار صدين تائين آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي سج کي اڀرڻ نه ڏنو.
ارغونَ، بابر بادشاهه، شاهه اسماعيل ۽ محمد خان شيبانيءَ جي دٻاءَ ڪري، ڪابل ۽ قنڌار خالي ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. پريشانيءَ ۾ ڪو نئون هنڌ ماڳ تلاش ڪري رهيا هئا. سمن جي گهرو جهيڙي جو فائدو وٺي، سنڌ تي اچي ڪڙڪيا ۽ طوفان وانگر ملڪ تي ڇانئجي ويا. اهي ختم ٿيا ته ترخانن کي وارو مليو. ٻنهي ڌرين سنڌ تي سؤ سال حڪومت ڪئي. سندن بادشاهيءَ جو هڪ هڪ ڏينهن سنڌ کي تباهيءَ ۽ برباديءَ، قتل ۽ غارت گريءَ ڏانهن ڌڪيندو رهيو. اها ڌرتي جنهن کي سمن حاڪمن جنت بڻايو هو، سا ارغونن ۽ تر خانن جي ڏينهن ۾ دوزخ بڻجي ويئي. سنڌ جا رهاڪو وڏي عرصي تائين انهيءَ دوزخ جي باهه جو ٻارڻ بڻبا رهيا.
مطلب ته 914 ۾ ڄام نظام الدين سمي جي وفات کان وٺي سنه 1000هه تائين، پورا سو سال سنڌ لاءِ قيامت صغرى قائم ٿي ويئي. سنڌ علمي ۽ مادي طرح تباهه ۽ برباد ٿي ويئي. سمن جيڪي خوشيون ۽ خوشحاليون آنديون هيون، سي سنڌ کان کسجي ويون. سندن اڏايل عمارتون باهه، خاڪ، آنڌي ۽ طوفان جي نذر ٿي ويون. انهن هنگامن ۾ سنڌ جو جيڪو وڏو نقصان ٿيو ۽ جنهن جي تلافي اڄ تائين ٿي نه سگهي، سو هيءُ هو ته علم ۽ ادب جا چمن، جيڪي صدين کان سرسبز هئا، سي اجڙي ويا؛ روحاني فيض ۽ رشد و هدايت جا مرڪز، جتان تصوف ۽ عرفان جا چشما ڦٽي نڪرندا هئا، سڪي خشڪ ٿي ويا؛ اهي خانقاهون، جن مان معرفت ۽ عظمت الاهيءَ جا نغما ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، سي ويران ٿي ويون؛ مدرسا جن مان علم ۽ فضل جا درياهه وهندا هئا، سي تباهه ٿي ويا.
جڏهن يوسف ميرڪ جو ڪتاب ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ايڊٽ ڪيائين ته ان ۾ وڏيءَ محنت سان ملڪہ نورجهان جا مادري ۽ پدري شجرا ٺاهي، اهو ڏيکاريائين ته سندس خاندان مغل سلطنت ۾ ڪيئن ”ڪئنسر وانگر پکڙجي ويو هو“ * سيوهڻ جي ڊويزن جهانگير نورجهان کي پرائيويٽ پرس ۾ ڏني هئي. پير صاحب جو چوڻ هو ته سيوهڻ جو ڪمشنر نورجهان خود مقرر ڪندي هئي. يوسف ميرڪ مظهر شاهجهانيءَ ۾ جنهن ڪمشنر جو ذڪر ڪيو آهي، سو چمڙي جا ڇوڙا لوڻ جي ڳوڻين ۾ رکائيندو هو ۽ خداءِ جي خلق کي انهن سان ڪٽائيندو هو، ته جيئن زخمن تي لوڻ لڳڻ ڪري، ماڻهن کي عذاب ۾ تڙپندو ڏسي سگهي!
هڪ دفعي مان پير صاحب وٽ ويٺو هوس. ڪنهن شخص سان مغل خاندان بابت بحث ڪري رهيو هو. جهانگير جو ذڪر ڪندي، چيائين ته ڪشمير ۾ هو، جو پٺيان سندس پٽ بغاوت ڪئي. لشڪر کي بغاوت جي ڪچلڻ جو حڪم ڏيئي، جهانگير موٽي لاهور پهتو. شهزادي جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو ۽ پاڻ گرفتار ٿيو. جهانگير لاهور جي قلعي ۾ درٻار ڪئي ۽ باغيءَ کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شاهي فوج شهزادي جي ساٿين جون منڍيون ڪپي، راويءَ کان قلعي تائين ڪاٺ جي ٿنڀن تي ٽنگيون. پوءِ شهزادي کي چيلهه ۾ زنجير وجهي، راويءَ کان قلعي تائين اهو منظر ڏيکاريندا، گهليندا آيا ۽ جهانگير جي قدمن ۾ آڻي اڇلايائونس. پيءُ پٽ کي ڳراٽڙي پائڻ، قرب ۽ محبت سان نصيحت ۽ هدايت ڪرڻ بدران، مٿس هڪ نگاههِ غلط انداز وڌي ۽ حڪم ڏنائين ته ”اکيون ڪڍي ڇڏيوس.“
محي الدين اورنگزيب جو ذڪر ڪندي، چيائين ته، ”بيجا پور ۽ گولڪنڊي جي جن بادشاهن تي ڪاهي، کين تحس نحس ڪري ڇڏيائين، سي ڪارا ڪافر ڪونه هئا.“ *
پير صاحب پنهنجي تاريخي شعور کي ماضيءَ تائين محدود ڪو نه رکيو. هن پنهنجي دور جي واقعن جو تجزيو ڪيو ۽ انهن متعلق دليرانه موقف اختيار ڪيو. هيڪر ملتان ۾ جلسو هجي، هڪ وفاقي وزير صدارت ڪري رهيو هو. پير صاحب پنهنجيءَ تقرير ۾ ساڻس اهڙي ته تعدي ڪئي جو وزير صاحب جا ڪن ڳاڙها ٿي ويا.
پوين ڏينهن ۾ ته هو تمام بيباڪ ٿي ويو هو ۽ تکيءَ کان تکي ڳالهه ڀريءَ مجلس ۾ چوڻ کان ڪو نه گسندو هو. ان سلسلي ۾ مٿس ”متعصب سنڌي“ هجڻ جو الزام به لڳو پر پاڻ ڪا به پرواهه ڪانه ڪيائين.
سندس دوست ۽ اردو زبان جي ممتاز اديب، ممتاز مفتيءَ پنهنجي مضمون* ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته هڪ ڏينهن، مون کيس چيو ته ”حسام الدين ماڻهو چون ٿا ته تون متعصب سنڌي آهين؟“
هن گهوري مون ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ته ”تون متعصب پنجابي نه آهين؟“
مون چيو ”نه.“
”وڏو احمق آهين“ پير صاحب چيو، ”مثبت تعصب کانسواءِ ماڻهو انسان ٿي نٿو سگهي. ماءُ پيءُ جي معاملي ۾ تعصب، خاندان جي حق ۾ تعصب، ڳوٺ جي حق ۾ تعصب، پنهنجي علائقي جي حق ۾ تعصب ۽ وطن جي حق ۾ تعصب.“
جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، سنڌيءَ کي سرڪاري زبان بڻائڻ جو ٺهراءُ آندائين، تڏهن اردو اديبن کيس ”شهناز گل“ جو لقب ڏنو، جنهن تي مصطفى زيدي شاعر کي مارڻ جو الزام هنيو ويو هو. پير صاحب کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر سنڌ سان سندس محبت هيڪاري وڌي ويئي.
جن ڏينهن ۾ ڪورٽ مرحوم ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ته سندس پارٽيءَ جا چڱا ڀلا ماڻهو، جن کانئس ڪيئي فائدا ورتا هئا، سي چپ ٿي ويا. ڪي ٿورا اهڙا هئا، جن سندس جان بچائڻ لاءِ رحم جون اپيلون ڪيون. پير صاحب نڪي سياستدان هو ۽ نه مرحوم جي پارٽيءَ سان واسطو هئس، پر ڀٽو سنڌ جو باشندو هو، ان نسبت سان پير صاحب اپيل جاري ڪئي ۽ سرڪاري عتاب جي ڪا به پرواهه ڪانه ڪئي. پاڻ مون کي ٻڌايائين ته خود سندس وڏو ڀاءُ به اخبار ۾ اپيل پڙهي، ڇرڪي ويو. پر، پير صاحب لحظي لاءِ به نه لڏيو. اٽلندو. پاڻ سيد صاحب وٽ سن ويو ته ”تون به اپيل جاري ڪر.“ سندس خيال هو ته سنڌ جي سمورن اڳواڻن کي اهڙين ڳالهين ۾ ذاتي رنجشون وساري، حسن اخلاق جو مظاهرو ڪرڻ کپي“.
ايراني عالمن سان پير صاحب جا نهايت قريبي مراسم هئا. انهن جي وسيلي آخر خود شاهه ايران سان به سندس شناسائي ٿي. شاهه کانئس ايترو ته متاثر ٿيو، جو نه رڳو ساڻس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ملاقاتون ڪندو هو، پر پوين ڏينهن ۾ ته کيس شايد اهو اختيار به ڏنو هئائين ته ”تون ايراني حڪومت پاران هيترن هزارن ڊالرن جو ڪنهن به ڌر سان معاهدو ڪري سگهين ٿو. ايران جي حڪومت تنهنجي قول کي پاڙيندي.“ اها ڳالهه پير صاحب خود مون سان ڪئي هئي. مان تن ڏينهن ۾ بورڊ مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ويو هئس. مون سان بورڊ جي ڪم جي شڪايت ڪيائين ته تنهنجي وڃڻ کانپوءِ بورڊ جو ڪم بريءَ طرح متاثر ٿيو آهي. چوڻ لڳو ”جيڪڏهن هنن ڳريلن ۾ جان هجي ۽ پنهنجن فارسي ڪتابن جا سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجما ڪرائين ته مان ايران جي حڪومت پاران ساڻن هزارن ڊالرن تائين معاهدو ڪري سگهان ٿو.“
پر انهيءَ عزت افزائي ڪري، پاڻ ايران جي حقيقي حالتن بابت ڪڏهن به غلط راءِ قائم نه ڪيائين. پنهنجا ڪن ۽ پنهنجيون اکيون کليل رکيائين، ڇو ته شاهه ايران جي ڏينهن ۾ ايران جي شهرن جي ڇا حالت هئي، ان جو اندازو فقط اهي ماڻهو لڳائي سگهن ٿا، جن ان زماني جو ايران اکين سان ڏٺو. ”تخت طائوس جي پٺيان“ ڪتاب جي مصنفه هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”ٻيو ته ٺهيو پر خود شاهي خاندان جي حالت اها هئي ته شاهه جي ڀيڻ، شهزادي اشرف پهلوي، هر سال ڏکڻ فرانس ويندي هئي، جتي لکين ڊالرن جي جوا کيڏندي هئي، ۽ هر ڀيري نئين نئين عاشق سان دادِ عيش ڏيندي هئي. هڪ دفعي مٿس حملو به ٿيو. فائرنگ ۾ سندس عاشق مارجي ويو. پاڻ بچي ويئي.“ *
ايراني حڪومت جا جيڪي ڪارڪن پاڪستان ۾ ملازمت ڪندا هئا، سي هر سال موڪلن جا ڏينهن پئرس ۾ موج مزي ۾ گذاريندا هئا. هڪ دفعي منهنجي اڳيان پير صاحب هڪ ايراني عملدار کان پڇيو ته ”موڪلن ۾ ڪهڙو پروگرام آهي؟“ هن جواب ۾ چيو ته ”پاريس (پئرس) وڃڻ جو خيال آهي.“
پير صاحب سختيءَ سان چيس ته، ”اوهان ايرانين سان منهنجي محبت پنهنجيءَ جاءِ تي آهي. پر مان طوفان جا آثار ڏسي رهيو آهيان. جنهن کان پڇان ٿو ته ڪاڏي ويندين، سو ٿو چوي ته پاريس! ياد رکو ته ايران ۾ اهو طوفان ايندو، جو اوهان جون وايون ولڙيون ٿي وينديون. سِرَ سِرَ سان ٽڪرائبي. اوهان ڪک پن وانگر اڏامي ويندؤ.“
جڏهن ايران ۾ انقلاب آيو، تڏهن اهو ساڳيو عملدار، ڪنهن ريت، ايران مان کسڪي پاڪستان پهتو ۽ هتان ڪئناڊا ويو. منهنجي ساڻس ڪراچيءَ ۾ اوچتي مختصر ملاقات ٿي ويئي. ملڻ سان ٿڌو ساهه ڀري چيائين ته ”پير صاحب سچ چوندو هو. ان زماني ۾ سندس اکر اسان کي تکا لڳندا هئا، پر هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته سندس قول ۾ سورهن آنا صداقت هئي. تاريخ جي وهڪري تي سندس دور – رس نگاهه هئي.“ *
پوين ڏينهن ۾ ته پير صاحب جون تقريرون ٻڌڻ وٽان هيون. سندس ٻه تقريرون مون کان اصل نه وسرنديون. هڪ ريڊئي پاڪستان حيدرآباد جي آڊيٽوريم ۾ ڪيائين. ڀلجان نٿو ته الياس عشقي صاحب ڊئريڪٽر هو ۽ موضوع غالباً ”چچ نامو“ هو. مون محسوس ڪيو ته اهلِ سنڌ کي شناس هجي ته جيڪر شهر شهر ۾ جلسا ڪري، پير صاحب کان تاريخ تي ليڪچر ڏيارين.
ٻي تقرير ملتان ۾ ڪيائين. موضوع ”سنڌ ۽ ملتان جا تاريخي لاڳاپا“ هو. ڇا تقرير هئي. علم جو درياءُ وهي رهيو هو. مون پنجاهه ورهين جي زندگيءَ ۾ جيڪي غير معمولي تقريرون ٻڌيون آهن، تن ۾ ٽن ماڻهن جون تقريرون ڪڏهن به وساري نه سگهندس. هڪ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جون تقريرون. انهن ۾ ”الهامي آواز“ جو پڙلاءُ هوندو هو. ٻيو لاهور ۾ سنه 1962ع ۾ ملڪ راج انند جي تقرير. پاڻ به رنو ۽ لاهور جي باشندن کي به رئاريائين (تازو ڪلڪتي ۾ اخبار ۾ سندس لاجواب مضمون پڙهيم). ٽين پير صاحب جي ملتان واري تقرير ڪا اک نه هئي، جا ڳوڙهن سان ڀريل نه هئي. پير صاحب جي ڳلن تي به ڳوڙهن جا موتي چمڪي رهيا هئا. جڏهن تقرير ختم ڪيائين ته ڀريل ڳلي سان چيائين ته ”حياتيءَ جو جام ڀرجي آيو آهي. شايد ايندڙ سال اوهان هي آواز به ٻڌي نه سگهو.“ هال ۾ سناٽو ڇانئجي ويو. ماڻهو ڄڻ ته پنڊ پاهڻ ٿي ويا. جڏهن اسٽيج تان هيٺ لٿو ته وڏ ڦڙي مينهن وانگر تاڙيون وڄڻ لڳيون ۽ ماڻهو ديوانه وار، سندس هٿ چمڻ لڳا. ملتان جي نيشنل سينٽر جو ڊائريڪٽر غضنفر مهدي، ان واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي. اهو منظر مون کان عمر ڀر وسري نه سگهندو.
پير صاحب تاريخي ڪتابن جي تصنيف ۽ تاليف تي وڏي محنت ڪندو هو. ڪو به اهم تاريخي واقعو رڪارڊ ڪرڻ کان اڳ ان جي صحت جي تصديق ڪندو هو. ان مقصد لاءِ لنڊن جي انڊيا آفيس لئبريري، برٽش ميوزيم، جرمنيءَ جي بالڊين لئبرري ۽ هندستان جي رامپور لئبرريءَ مان فوٽو اسٽئٽ ڪاپيون ۽ مئڪرو فلمون گهرائنيدوهو.
اهي ذريعا ته مون کي معلوم آهن. انهن کان علاوه ڪٿان مواد جمع ڪندو هو، سو مان چئي نٿو سگهان. ايتري خبر اٿم ته جڏهن مير معصوم تي ڪتاب لکي رهيو
پير حسام الدين راشدي
هو ته سندس ڪتبن کي پڙهندو بجنسي پاڻ ايران ۽ افغانستنا وڃي نڪتو. مير معصوم جي عادت هوندي هئي، ته هو هنڌين ماڳين، پٿر جي ڇپن، تي پنهنجا ڪتبا لکائيندو ويندو هو. اها ڳالهه پاڻ مون کي ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ٻڌائي هئائين ته افغانستان ۾ فلاڻن فلاڻن هنڌن تي مير معصوم جا ڪتبا پڙهيم.
پير صاحب جي عادت هوندي هئي ته صبح جو ناشتو ڪري، انگريزن وانگر، اعلى درجي جو سوٽ ڪوٽ نيڪ ٽاءِ پائي، پنهنجيءَ لئبرريءَ ۾، لکڻ جي ميز ڪرسي اچي والاريندو هو. انگريزي طرز زندگيءَ کان متاثر هو. بيت الضياءَ ۾ سندس سمهڻ جي ڪمري ۾ فقط ونسٽن چرچل جي تصوير رکيل هوندي هئي. علي رضا هائوس ۾ دوستن مان ڊاڪٽر شمل ۽ نواب نور احمد لغاريءَ جون تصويرون رکيائين ۽ ڪجهه گهر جي ڀاتين جون.
منجهند جي مانيءَ تائين مسلسل لکندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اصل ڪتاب ۾ ڪو رنگين شعر اچي ويندو هو، ته جهومي اٿندو هو ۽ ڪا دير اهو شعر هلڪي آواز ۾ جهونگاريندو رهندو هو. ڪڏهن لکي لکي ٿڪبو هو، ته دل وندرائڻ لاءِ ڪراچيءَ جي صدر ۾ چڪر تي هليو ويندو هو.
منجهند جي ماني کائي لازمي طرح آرام ڪندو هو. شام جي چاءِ پي، يا ڪنهن يار دوست وٽ ويندو هو يا وري ڪراچيءَ جي صدر بازار جا چڪر ڏيندو هو. جتي سندس پهريون ٿاڪ اردو ڪتابن جو دڪان ڪتابستان پوءِ آغا فرزانه جو فارسي ڪتابن جو دڪان ۽ پوئين زماني جو ٿاڪ حميد ڪاشميريءَ جي ڪتابن جو دڪان هوندو هو.
ڪتابن کانپوءِ ٻئي نمبر تي کيس جنهن شيءِ جو گهڻي ۾ گهڻو شوق هو، سا هئي فوٽو گرافي. قسم قسم جون اعلى درجي جون ڪئميرائون خريد ڪندو هو. چڱو انبار گڏ ڪيو هئائين. سندس ڪڍيل تصويرن جو ته شمار ئي ڪونهي. ٻه تصويرون منهنجون به ڪڍيائين: هڪ علامه قاضيءَ ۽ سندس گهرواريءَ سان گڏ ۽ ٻي ملتان ۾ رڪن عالم جي روضي اڳيان.
پير صاحب کي عمدن ڪپڙن پائڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ولائتي سوٽ به سبائيندو هو ۽ ديسي به. بوٽ به سٺا سٺا وٺندو هو. ڪنهن زماني ۾ ٽوپلو به پائيندو هو. سولو هئٽ به ۽ فليٽ هئٽ به.
پوين ڏينهن ۾ صوفياڻي راڳ ٻڌڻ جو شوق به ٿيس. ريڊيا ۽ ٽيپ رڪارڊر ته هونئن ئي گهڻا هئس، پر پوين ڏينهن ۾ نواب نور احمد لغاريءَ هڪ شاهي ريڊيو ۽ ٽيپ رڪارڊر ڏنس. الحمرا سوسائٽيءَ واري گهر جي لئبرريءَ ۾ کيس اڪثر ڪري انهيءَ ٽيپ رڪارڊر تي سنڌي ڪلام ٻڌندي ڏسندو هوس. اهو زمانو اهو هو، جڏهن سمجهيائين ٿي ته حياتيءَ جو گهڙيال سالن تان هلي، هاڻي اچي مهينن تي بيٺو آهي.
انهن ئي ڏينهن ۾ پيرن فقيرن جي آستانن تي وڃڻ شروع ڪيو هئائين. قلندر شهباز ۾ ته شروع کان ئي سندس وڏو اعتقاد هو.* غوث بهاول الحق ملتانيءَ جي روضي تي مون سان گڏ ڪيئي دفعا دعائون گهريائين. اُچَ شريف جي اوليائن ۽ پاڪ پٽڻ تي بابا فريد گنج شڪر جي ابدي آرام گاهه تي دعا گهرڻ لاءِ خاص ماڻهو موڪليائين.
نبي ڪريم ﷺ تي صلوات پڙهڻ ته سندس پراڻي عادت هئي. هٿ ۾ تسبيح هوندي هئس، سا سدائين چرندي رهندي هئي. ڪي ماڻهو سمجهندا هئا ته شايد ايراني دوستن جي سنگت ۾ تسبيح فئشن طور کڻي ٿو پر حقيقت ۾ ائين ڪو نه هو.
گلشن خاڪي آمريڪا ۾ ڪنهن يونيورسٽي ۾ تقابل اديان جو مضمون پڙهائيندي هئي. پير صاحب وٽ عام جام ايندي هئي ۽ گهر جي ڀاتين وانگر ٽڪنڊي هئي. تڏهن جوان جمان حسين عورت هئي. پير صاحب جي ڪري مون سان به دعا سلام ٿيس. هڪ دفعي چيومانس ته ” پير صاحب جو پيرن فقيرن جي مزارن تي وڃي ٿو، سو ڪيتري قدر درست آهي؟ رب ته ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي.“
ڏاهي زال هئي، سوچي چيائين ته ”زباني، مان توکي گلاب جي گلن جي مٺ ڀري ڏيان، تون خاڪ ۾ کڏڙي کوٽي، مٽيءَ ۾ پوري ڇڏ. هفتي کن کانپوءِ مٽي هٽائيندين ته توکي ڇا نظر ايندو؟“ مون چيو، ” شايد، گلاب جا سڪل پن، يا اهي پن به ڳري مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويندا.“
چيائين، ”هاڻي انهيءَ مٽيءَ سان لپ ڀري، نڪ جي ويجهو آڻ، توکي گلاب جي گلن جو هلڪو ئي سهي، پر ٿورو گهڻو واس ايندو يا نه ؟ “
مون چيو ته، ”يقينن ايندو.“
چيائين ته، ”پوءِ پاڪ ۽ متبرڪ جسم جڏهن ڪنهن مٽيءَ ۾ لهن ٿا ۽ دفن ٿين ٿا، تڏهن اها مٽي واسجي متبرڪ ٿيندي يا نه ؟“
گلشن جي ڳالهه ٻڌي هڪ واقعو ياد آيم.
امام مالڪ کي نبي ڪريم ﷺسان ايڏي ته محبت هوندي هئي، جو سڄي عمر مديني منور ۾ پيرين اگهاڙي گهميو ته متان جتيءَ سان اهڙي ڪنهن هنڌ تي پير اچي وڃي، جنهن هنڌ نبي ڪريم ﷺ پير رکيو هجي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي ڪنهن مواليءَ پڇيس ته ”مڪو افضل يا مدينو؟“
امام مالڪ ٺهه پهه جواب ڏنو ته ”مڪو، ڇو ته ان ۾ بيت الله آهي.“ موالي ٿورو مشڪيو. امام مالڪ دانهن ڪئي، ”ترس، ترس، مديني ۾ اهو هنڌ، جتي ٻنهي جهانن جا سردار ابدي آرام ۾ آهن ۽ اها مٽي، جيڪا سندن جسم مبارڪ کي ڇهي ٿي، سا بيت الله ته ڇا عرش کان به افضل آهي.“
الله جي رسول جي ته ڳالهه ئي جدا آهي پر قلندر شهباز جهڙا لعل واقعي جيئري ئي جنتي آهن. انسان برابر مٽيءَ جي مٺ آهي. پر ڪا ڪا مٽي اعليٰ شان ۽ شرف واري آهي. هڪ سنڌي درويش چيو آهي؛
ملڪن فلڪن سجدا ڪيا ٿئي
واهه مٽي تنهنجو ملهه
پير صاحب جي مذهبي عقيدن بابت ڪن، ڪن ماڻهن کي صحيح تصور نه آهي. هو ائين ڀائيندا آهن ته پير صاحب آزاد خيال ماڻهو هو. پر حقيقت ائين نه آهي. پير علي محمد راشديءَ سکر ۾، پير صاحب جي وفات کانپوءِ، سندس ياد ۾ ڪوٺايل هڪ جلسي ۾ اهڙي قسم جي راءِ جي سختيءَ سان ترديد ڪئي هئي، منهنجي ڄاڻ موجب به هو صحيح معنيٰ ۾ موحد مسلمان هو ۽ رسول ﷺ سان محبت ته سندس ايمان جو جز هئي. البت مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف هو. مولانا دين محمد وفائيءِ جي ڪتاب ”شاهه جو مطالعو“ جي مقدمي ۾ لکيو اٿس؛
”...... مذهبي ڇيڙ ڇاڙ جا وڏا مرڪز انهيءِ زماني ۾ هونئن ته گهڻائي هئا پر سڀني ۾ برک هو ٺٽو. اهي مرڪز شاهه جي آسپاس هئا... ٺٽي ۾ مخدوم هاشم عليه رحمته جو اسڪول قائم هو، جنهن مهراڻ جي اڻ کٽ موجن ۽ اڻ ڳاڻو لهرن هوندي به سنڌ کي عربي صحرا سمجهي، خدا ڄاڻي، ڪهڙي خيال خاطر ”هاشمي ڪوز“ ايجاد ڪيا هئا. اتي پڻ شاهه جو گهڻو اچڻ وڃڻ هو. سندس ڪيترا دل گهريا دوست انهن ۾ موجود هئا. جن جون دليون نه فقط وسيع ۽ ويڪريون هيون. بلڪه آئيني وانگر اجريون ۽ کير جهڙيون صاف ۽ شفاف هيون. مٿن نڪو هو داغ ۽ نڪو ڌٻو. انهن جا قلب ايڏا ڪشادا هئا، جيڏو اسان جي مٺي محمد جو مذهب.“
پير صاحب نڪي ته مذهبي تنگ نظريءَ جو قائل هو ۽ نه وري مذهبي ڀيد ڀاؤ ڪري، ٻين مذهب وارن سان نفرت، سندس مذهب ۾ جائز هئي. ان باري ۾ گويا پاڻ محي الدين ابن عربيءَ جي مسلڪ کي پسند ڪندو هو، جيڪو سمورن پيغمبرن کي ڪلمه الاهيءِ جي مختلف رخن جو حامل قرار ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته هر پيغمبر خود ئي هڪ ڪلمو يا هيئن چئجي ته ڪلمه الاهي آهي.
ابن عربي ”اسماءِ الاهيءَ“ جي ورد وظيفي ۾ مشغول رهندو هو ۽ پير صاحب پيغمبر تي صلوات پڙهندو رهندو هو. ابن عربيءَ جي شهره آفاق نظم ۾ سندس دل جو آواز ٻڌي سگهجي ٿو.*
”منهنجي دل هر صورت کي جاءِ ڏيڻ جي قابل بڻجي وئي آهي.
اها هرڻن لاءِ چراگاهه آهي ۽ راهبن لاءِ خانقاه،
اها بتن لاءِ مندر آهي ۽ حاجين لاءِ ڪعبو
اها الواح تورات به آهي ۽ قرآن ڪريم به آهي،
مان عشق الاهيءَ جي دين جو پوئلڳ آهيان،
جنهن طرف عشق جو قافلو روانو ٿئي،
اهوئي منهنجو دين آهي ۽ منهنجو ايمان آهي
***
مير علي شير قانع، صحيح معنيٰ ۾، سنڌ جو پهريون تاريخ نويس هو. ان سان گڏ شاعر پڻ هو. پاڻ جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ لکڻ جو ڪم هٿ ۾ نه کڻي ها، ته ان جا ڪيترائي اهم باب گمناميءَ ۾ غرق ٿي وڃن ها. باشعور مصنف هو، پنهنجن تصنيفن جي مڪمل فهرست پڻ ڇڏي ويو. تاهم، پير صاحب وڏي محنت ۽ سرجوشي ڪري، سندس ڪن نامعلوم تصنيفن جو سراغ لڳايو آهي.
ڪنهن به وڏي عالم جي اٿي وڃڻ کانپوءِ سندس تصنيف ۽ تاليف بابت ڪيترائي شڪ ۽ شبها پيدا ٿين ٿا. اڳين زمانن جا عالم ته پري ٿيا، پر هاڻوڪي زماني جي ممتاز سنڌي عالم شمس العلماءُ، مرزا قليچ بيگ جي لکيل ڪتابن جو صحيح تعداد به اڃا تائين ته معلوم نه ٿي سگهيو آهي. آخرين معتبر راءِ، آغا رشيد فرزانه پور جي ليکي وڃي ٿي. پير صاحب ايراني حڪومت کان حيدرآباد ۾ جڏهن ”خانه فرهنگ“ قائم ڪرايو ته رشيد فرزانه پور ان جو پهريون پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿي آيو. پير صاحب جي چوڻ تي ڄاڻايل سينٽر جي ڪم ۾، مون پنهنجي حال سارو سندس مدد ڪئي. رشيد فرزانه پور مرزا قليچ بيگ تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ سندس جملي تصنيفن جي فهرست پڻ ٺاهي.
ٻيو ته ٺهيو، اسان سنڌ وارن خود اڃا تائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي به اتفاق ڪو نه ڪيو آهي، ته ڪهڙو ڪلام سندس آهي ۽ ڪهڙو پرائو. سڀ کان دلچسپ روايت اها آهي (جيڪا چڱن ڀلن راوين بيان ڪئي آهي) ته ڀٽائي صاحب پوين ڏينهن ۾ پاڻ ئي پنهنجي رسالي کي ڍنڍ ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو. (رڳو ان ۾ اهو اضافو ڪو نه ڪيائون ته وري شمس تبريز وانگر پاڻيءَ ۾ هٿ وجهي رسالو ٻاهر ڪڍي، فقيرن کي ڏنائين ته مٿس پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪو نه هو)
ڀٽائي صاحب ائين ڇو ڪيو، ان باري ۾ راوين فرمايو آهي ته کيس انديشو هو ته متان خدا جي خلق سندس ڪلام سمجهي نه سگهي ۽ ابتي سبتي معنيٰ ڪڍي، گمراهه ٿي وڃي.
اهو انديشو ان برگزيده هستيءَ ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو، جيڪا سنڌ جي ستن هزارن سالن* جي تهذيب ۽ تمدن جي نقطه عروج Culminating Point آهي، جنهن جي برڪت ڀريءَ ذات ۾ سنڌ جو علم، ادب ۽ شعر پنهنجي معراج تي پهتو ۽ جنهن پنهنجي ڪلام جي اهميت ۽ خصوصيت، پاڻ ئي شعوري طرح، هنن چٽن لفظن ۾ بيان ڪئي؛
جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.“
راوين بهرحال پنهنجي ڪارستاني ڪري ڇڏي. ڀٽائي صاحب جي بيتن ۾، پرينءَ جي پار کي ڳولڻ بدران، گمراهيءَ جو گمان ڏٺائون. ڀٽائي صاحب جو جيئري ئي اهڙن راوين سان شايد ٿورو گهڻو واسطو پيو هو. فرمايو هئائين؛
”ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو.“
پر خدا جي خدائيءَ ۾، ڪنڊن جي وچ ۾ گل به ڦٽندا آهن. سنڌ ته الله وارن جو گهر آهي. انهن ۾ هڪڙو هو شهيد عبدالرحيم گرهوڙي، ڀٽائي جي آيتن کي قرآن وانگر چائين ۽ چيائين؛
ڀلو آهي ڀٽ ڌڻي، سارو ئي سبحان
جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ صحيح ڪيو.“
پير صاحب سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪيو هو. راوين جا سور به سمجهندا هئس، سو، ٻئي ڪنهن تي انحصار ڪرڻ بدران پنهنجي نور چشم حسين شاهه کي وهاري، پنهنجي ”بايو ڊيٽا“ ٺهرايائين ۽ ان ۾ پنهنجن تحريرن ۽ تصنيفن جا نالا وضاحت سان لکيائين هاڻي اميد آهي ته سندس سوانح نگارن کي مستقبل جا راوي ڪو نه منجهائيندا.
دارالمصنفين اعظم ڳڙهه جي ناظم، سيد صباح الدين عبدالرحمان، هيڪاري سندن ڪم سولو ڪري ڇڏيو آهي، شروع شروع ۾ پير صاحب ئي ساڻس منهنجي واقفيت ڪرائي هئي. پير صاحب جي وفات کانپوءِ مان کيس ۽ ڊاڪٽر فرمان فتحپوريءَ کي دعوت ڏيئي، حيدرآباد وٺي آيس. مون کي فرمائش ڪيائين ته ”سنڌي ادبي بورڊ پير صاحب جا جيڪي ڪتاب شايع ڪيا آهن، سي هٿ ڪري ڏي.“ اهڙيون فرمائشون شايد ٻين دوستن کي به ڪيون هئائين. وفات کان اڳ پير صاحب جي ڪتابن ۽ علمي ڪارنامن جو جائزو وٺي، هڪ مفصل مقالو لکيائين، جو انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچيءَ جي هڪ تقريب ۾ پڙهيائين. مذڪوره اداري اهو مقالو بعد ۾ ”پير حسام الدين راشدي اور ان ڪي علمي ڪارنامي“ نالي ڪتاب جي صورت ۾شايع ڪيو. سيد صاحب ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي.
”راقم جناب پير صاحب ڪي بهتيجي جناب حسين راشدي اور سندهي ادبي بوڊ ڪي ڊائريڪٽر جني تاريخ جو مطالعو ڪيو هو. ڀٽائي جي آيتن کي قرآن وانگر چائين ۽ چيائين؛
ئي شعوري طرح، هنن چٽن لفظن ۾ بيان ڪئي؛
و. ڏيندواب غلام رباني، جناب مشفق خواجه اور ڊاڪٽر ابو الليث صديقي ڪا شڪر گذار هي ڪه انهون ني مرحوم ڪي بعض تصانيف بروقت فراهم ڪرڪي اس مقالي ڪي تياري مين مدد ڪي.
پير صاحب مرحوم کي علمي ڪارنامون ڪا جائزه اس ڪتاب ۾ پوري طور پي نهين هوسڪا. اس مين جوڪمي ره گئي هي اميد هي ڪه آئينده ڪسي علم دوست ڪي ذريعي پوري هوجائيگي“. *
سيد صباح الدين عبدالرحمان پنهنجي دور جو هندستان پاڪستان جو مڃيل عالم هو. سندس تاريخ جو مطالعو وسيع هو. پاڻ شبلي نعماني ۽ سيد سليمان ندويءَ جو جانشين هو. اهي تاريخ ساز ماڻهو هئا.
سيد صاحب جي عظمت جي اها ئي هڪ ثابتي ڪافي آهي ته دار المصنفين مان ”معارف“ نالي جيڪو رسالو شايع ڪندا هئا، سو مهيني جي مقرر تاريخ تي شايع ٿيندو هو،. سيد صاحب مون کي پاڻ ٻڌايو ته شادي هجي غمي، مينهن هجي طوفان، زلزلو هجي يا ملڪ جو ورهاڱو ، ”معارف“ مقرر تاريخ تي شايع ٿيندو آهي. مون چيو ته ”سيد صاحب جڏهن انگريزن کان آزادي ملي ۽ هندستان ۽ پاڪستان مان لڏپلاڻ ٿي؟“ چيائين ته ”تڏهن به رسالو مقر تاريخ تي شايع ڪيوسون.“
چناچ، سيد صاحب پير صاحب جي علمي ڪارنامن بابت پنهنجي پيش لفظ ۾ جيڪي فرمايو آهي، سو محض سندس ”ڪسر نفسي“ سمجهڻ کپي. منهنجي خيال موجب پير صاحب جي ڪتابن ۽ علمي ڪارنامن جو پاڻ جيڪو جائزو ورتو اٿس. سو اڃا تائين ته بي مثال آهي. مون سنڌي يا اردوءَ ۾ پير صاحب جي ”علمي ڪم“ تي ان کان بهتر تبصرو اڃا ته ڪو نه پڙهيو آهي. يقينن مستقبل ۾ پير صاحب جي سوانح نگارن لاءِ گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو. تاهم، مون حسين شاهه جي ٺاهيل بايوڊيٽا ۽ سيد صاحب جي علمي جائزي جي آڌار تي ، پير صاحب جي ڪتابن جي فهرست ۽ انهن بابت ٿورين گهڻين هلڪين سلڪين ڳالهين جو هت ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهيو، جيڪي ان زماني سان تعلق رکن ٿيون، جڏهن اهي ڪتاب اڃا ڪراچيءَ ۾ ڇپجي رهيا هئا. اسلام آباد ۾ هي مضمون لکڻ وقت ”مهراڻ“ رسالي جي ”پير حسان الدين راشدي نمبر“ ۽ سيد صباح الدين عبدالرحمان جي ڪتاب کانسواءِ ، خود پير صاحب جو ڪو به ڪتاب، حوالي لاءِ مون وٽ موجود ڪو نه آهي. ٻيو ته ٺهيو خود سندس سوانح حيات، ” هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ به ڪانهي.
فارسي ڪتاب
مثنوي چنيسر نامو(سن اشاعت 1956)
ادارڪي بيگلار
پير صاحب جي ايڊٽ ڪيل شروعاتي فارسي ڪتابن مان آهي، سنڌ جي مشهور عشقيه داستان ليلان چنيسر کي فارسي ويس پهرايو آهي.
ڪتاب جو مقدمو سنڌي زبان ۾ آهي.
مقالات الشعراءَ(سن اشاعت 1957ع)
علي شير قانع
هي ڪتاب احمد جيواجيءَ جي پيرس آگي قدم پرنٽريءَ ۾ ڇپيو هو. اها پريس ڊان اخبار جي پراڻي آفيس جي پاسي ۾ هوندي هئي. مان ان زماني ۾ نئين زندگي رسالي مان نوڪري ڇڏي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ نئون نئون نائب سيڪريٽري مقرر ٿيو هوس. احمد جيواجي جويي صاحب جو دوست ۽ نهايت پيارو انسان هو. مون کي هاڻي ساڻس ملئي ورهيه ٿيا،. ڪتاب جي سرورق تي ٺٽي جي لونگيءَ جو رنگين گرد پرش ڏٺو هئوسون.
پير صاحب ڪتاب تي ايڏي ته محنت ڪئي هئي، جو جويي صاحب هڪ دفعو چيو ته هن ڪتاب ۽ تڪملئه مقالات الشعراءَ ايڊٽ ڪرڻ تي، پير صاحب کي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ملڻ گهرجي.
ڳالهه سهڻي ۽ سورنهن آنا هئي. پر اسان سنڌ وارا هڪٻئي سان حسد ۽ مسهائپ لاءِ هر هنڌ مشهور آهيون. اسلام آباد ۾ هڪ پٺاڻ هڪ دفعي مون کي چيو ته ”يار ، توهان کي ڪو دشمن ڌارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اوهان سنڌي ته هڪٻئي جا ئي ڪافي دشمن آهيو.“
ڀريا ٽيهه ورهيه گذري ويا، پر الله جي ڪنهن به ٻانهي کي اهڙو خيال نه آيو ته پير صاحب کي ڊاڪٽوريٽ ڏيارڻ لاءِ ڪو هٿ پير هڻجي.
تازو، سنڌ يونيورسٽي جي (سابق) وائيس چانسلر محترم مظهر صديقيءَ کي خط لکي، اهڙي استدعا ڪيم. دلجاءِ ڏنائين. غالبن ستت ئي سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ کان اهڙو ٺهراءُ به منظور ڪرايائين. ڀيڻ مهتاب راشديءَ به خير جي ان ڪم ۾ هٿ ونڊايو. ممڪن آهي ته پير صاحب کي، مئي پڄاڻان، پنهنجن وٽان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ملي وڃي ۽ جويي صاحب جو خواب آخرڪار پورو ٿئي. ممڪن آهي ته ان وچ ۾ ڪو سنڌي سٻاجهڙو سندس نالو ڪاٽا ڪرائي ڇڏي !
سيد صباح الدين جي چوڻ موجب مقالات الشعرا سنڌ جي فارسي شاعرن جو پهريون پهريون تذڪرو آهي. جو سنڌ ۾ 1174ع هه ۾ لکيو ويو.
پير صاحب ڪتاب تي وڏي محنت ڪئي آهي. 137 ڪتابن مان استفادو ڪري، حاشين ۾ معلومات جا انبار لڳائي ڇڏيا اٿس.
ڪتاب ۾ ٽيٽيهه تصويرون ڏنل آهي، جن ۾ سرمد شهيد ۽ ميان مير به شامل آهن.
ميان مير دارا جو مرشد هو. سندس مقبرو لاهور ۾ آهي. پير صاحب مون کي پاڻ سان گڏ اتي دعا لاءِ وٺي ويو هو ۽ چيو هئائين ته ، ”رباني، هي اسان جو پنهنجو سنڌي بزرگ آهي.“
ميان مير جي حياتيءَ جو احوال پيڪيجز لميٽيڊ لاهور جي مالڪ سيد بابر عليءِ ڇپايو آهي. سيد بابر علي وڏي سرمائيدار هجن سان گڏ، علم ۽ ادب جوبه وڏو سرپرست آهي. ڪيئي ڪتاب ڇپايا اٿس ۽ غالبن انهن کان وڌيڪ سهڻا ڪتاب پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪو نه ڇپايا آهن. ٿورا ڏينهن اڳ، مون کي پنهنجا ٻه نوان ڪتاب تحفي طور موڪليائين. پويون ڪتاب حضرت بلال تي هو. اڳ ۾ سندس ڌيءَ حنا، پيءُ جي ڇپايل ڪتابن جو سڄو سيٽ موڪليو هو.
ميان مير جي مزار تي مون پويون دفعو ڊاڪٽر شمل سان گڏ حاضري ڏني هئي. ان کانپوءِ ٻئي ڄڻا پاسي ۾ دارا جي بيگم نادره جي مزار تي وياسين ۽ فاتح پڙهيسون.
سرمد شهيد جي مزار دهليءَ ۾ بادشاهي مسجد جي ڏاڪڻين جي اڳيان آهي. هو به دارا جو مرشد هو. اورنگزيب کيس شهيد ڪرايو هو.
خود دارا جي مزار همايون بادشاهه جي مقبري جي صحن ۾ آهي. مون هن سال سرمد ۽ دارا ٻنهي جي مزارن جي پڻ زيارت ڪئي هئي.
مقالات الشعراءَ ۾ پير صاحب حاشين ۾ جيڪي واڌارا ڪيا آهن، تن ۾ دارا شڪوهه ۽ مرزا ڪامران تي ايترو ته گهڻو لکيو اٿس، جو انهن کي جدا ڪري، ان موضوع تي هڪ جدا ڪتاب ٺاهي سگهجي ٿو. ڪيترن ئي جاين تي خود قانع جي ڪن بيانن جي به درستي ڪئي اٿس.
مقالات الشعراءَ پير صاحب جي علم ۽ تحقيق جو هڪ اعليٰ شاهڪار آهي.
تڪمله مقالات الشعراءَ (سن اشاعت 1958ع)
ابراهيم خليل ٺٽوي
هيءُ تذڪرو مقالات الشعراءَ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ڪتاب جو مسودو مرحوم احسن ڪربلائيءَ وٽ هو. کائنس لاهور جو مشهور مستشرق پروفيسر مولوي محمد شفيع خريد ڪري ويو هو. پير صاحب کي اهو مسودو پنجاب يونيورسٽي مان هٿ آيو هو.
پير صاحب پنهنجيءَ شاندار روايت موجب، ڪتاب جي ايڊيٽنگ ۾ڪمال ڪري ڇڏيو، مثلن مخدوم ابراهيم خليل، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ بابت ڪتاب ۾ فقط هيترو لکيو هو ته:
”تصانيف ڪثير دارند، جمله يڪ صد و چارده.“
ليڪن، پير صاحب، مخدوم صاحب جي 138 ڪتابن جو سراغ لڳايو ۽ ٻڌايو ته انهن مان ڪهڙا ڇپيل ۽ ڪهڙا اڻ ڇپيل آهن.
مخدوم محمد هاشم عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا. انهن جا موضوع تفسير، سيرت، حديث، ڪلام ۽ تصوف هئا.
سيد صباح الدين جو رايو آهي ته جنهن ڪثرت سان سنڌ ۾ مذهبي ڪتاب لکيا ويا، تن جي بنياد تي سنڌ کي ”صغير عرب“ ڪوٺيو وڃي ها ته بيجا نه هو.
تڪمله مقالات الشعراءَ ۾ سنڌ جي بزرگن مخدوم عبدالله ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبداللطيف خاڪي، مخدوم محمد ابراهيم مدني، مخدوم عبد الله، مخدوم غلام حيدر ڍٽوي، مخدوم ابو القاسم نقشبندي، مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي، مخدوم فضل الله، مخدوم فيض احمد ٺٽويءَ جا حالات به ڏنل آهن.
ايران جي شهره آفاق عالم، آغا سعيد نفيسيءَ هي ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ تي پير صاحب کي دل سان مبارڪباد ڏني هئي ۽ ڪتاب جي تقريظ ۾ لکيو هو ته ”جڏهن فارسي بر صغير ۾ زوال پذير هئي، تڏهن سنڌي ادبي بورڊ صميمانه ۽ صادقانه انداز ۾ فارسي زبان جي ترويج ڪري، دانشمندي جو ثبوت ڏنو.“
سيد صباح الدين جو چوڻ آهي ته 1976ع ۾ بين الاقوامي سيرت ڪانفرنس ۾ پاڻ ڪراچي آيو هو. ايران مان به ڪيترائي نمائندا آيا هئا. پير صاحب انهن کي ۽ سيد صاحب کي گهر دعوت تي سڏيو. ان موقعي تي سيد صاحب پير صاحب کي ”شمع“ ۽ ايراني عالمن کي ”پروانن“ وانگر ڏٺو.
مثنويات و قصائد قانع (سن اشاعت 1961ع)
مير علي شير قانع
هن ڪتاب ۾ قانع جون مئنويون ۽ قصيدا آهن. ڪتاب جي جلد پوش جي ڊزائين مون ٺهرائي هئي. ان جو بلاڪ اسڪيچ بلاڪ ميڪرس ٺاهيو هو.
هشت بهشت(سن اشاعت 1963ع)
عبدالڪريم عطا ٺٽوي
هي مثنويون عبدالحڪيم عطا ٻٽيهن ورهين جي عرصي اندر لکيون، وڏي ڄمار ماڻي هئائين.
سيد صباح الدين عبدالرحمان لکيو آهي ته ”انهن مثنوين ۾ ان دور جي مذهبي ۽ سماجي حالتن جي به عڪاسي ٿئي ٿي. مناجات، لغت ۽ مذهبي خيالن جو اظهار، جنهن گهرائيءَ سان ڪيو ويو آهي. ان مان ان زماني جي دينداريءَ ۽ خدا ترسيءَ جو به اندازو ٿيندو.“ حقيقت به غالبن ائين ئي هوندي. پر مون کي هڪ واقعو ياد اچي ٿو. عطا ۽ ٻين شاعرن ۽ عالمن جا جيڪي مخطوطا ٺٽي مان بورڊ کي هٿ آيا، سي ظاهر آهي ته وقت گذرڻ ڪري، ضعيف ٿي ويا هئا،. حيدرآباد دکن جي نواب جي ڪتبخاني جو جلد ساز، شيخ محبوب، ڪراچيءَ لڏي آيو هو ءٌ اتي پنهنجو دڪان کوليو هئائين. پنهنجي ڪم جو بادشاهه ڪاريگر هو. تقريبن انهن سمورن مخطوطن جي جلد بندي ڪري، انهن کي نئين زندگي عطا ڪيائين. تقريبن ساڍا چار سئو مخطوطا ۽ فرامين وغيره ان طرح بورڊ جي لئبرريءَ ۾ محفوظ ٿي ويا.
جيڪي مخطوطا جلد بنديءَ کان زور هئا، يا منتشر اوراق هئا، سي ڪپڙي جي هڙن ۾ ٻڌا رکيا هوندا هئا. مولانا اعجاز الحق قدوسي، حبيب الله رشدي ۽ مولوي محمد صديق ماعر انهن مخطوطن جي نقل نويسيءَ جو ڪم ڪندا رهندا هئا. هڪ دفعي (مرحوم) مولوي اعجاز الحق قدوسيء *هڪ هڙ کولي، مون کي عبدالحڪيم عطا جو هڪ مسودو ڏيکاريو، جنهن ۾ فارسي زبان ۾ عطا جو هڪ نظم هو. ان نظم ۾ عطا ٺٽي جي هڪ پير مرد ۽ هڪ خوبرو ڇوڪر جي پاڻ ۾ گفتگو بيان ڪئي هئي. پير مرد ان خوبرو ڇوڪر تي فدا هو.
شيخ سعديءَ جي گلستان جو باب پنجم ”در عشن“ ته پڙهڻ وٽان آهي. هي نظم ماڳهين زور هو. ان جا ڪي بند مون کي اڃا ياد آهن. پر لکڻ جي لائق نه آهن. مرحوم مولوي صاحب ۽ مان اهو نظم پڙهي حيران ٿي وياسين، ته اسان جا هي بزرگ، اعليٰ علمي ڪتابن لکڻ سان گڏ هي شوق به فرمائيندا هئا. مون ان ڳالهه تي غور ڪري، هي نتيجو ڪڍيو ته انسان غالبن هر دور ۾ هڪجهڙو رهيو آهي.
انهن ئي ڏينهن ۾ ادبي بورڊ وٽ هڪ ٻيو مخطوطو وڪامڻ آيو. جنهن جي خريداريءَ ۾ اسان جي ڪا به دلچسپي ڪا نه هئي ۽ مالڪ قيمت به وڏي ٻڌي. غالبن مغلن جي زماني جو هوندو. مخطوطو فارسي زبان ۾ هو. ان ۾ جاءِ بجاءِ مردن ۽ عورتن جون رنگين تصويرون، ڪي ته ماڳهين جنسي فعل ۾ مشغول، ڏيکاريل هيون. سڀ ”مغل ميني ايچرس“ جي نموني جون پينٽنگس هيون. غالبن مخطوطو جنسيات جي موضوع تي هو. مون پندرنهن ويهه منٽ مس ڏٺو هوندو، ان ڪري چئي نه ٿو سگهان ته ڪنهن جو لکيل هو، ڪڏهن لکيل هو ۽ ڪنهن لاءِ ٺاهيل هو.
پر، ان هڪ اڌ جزوي مثالن کي ڇڏي، ٺٽي ۽ ٻين هنڌن تان جيڪي مخطوطا بورڊ کي مليا، سي مذهب، تصوف، تاريخ، تذڪري ۽ شعر شاعريءَ تي هئا. ڇا چئجي انهن جو علمي معيار ۽ ڇا چئجي سندن ڪتابت. سنڌ جي قديم علمي روايت جا روشن ثبوت هئا.
قرآن پاڪ جو هڪ اهڙو شاندار نسخو هٿ آيو، جو فن خطاطيءَ جو شاهڪار هو. ان جي هر صفحي جي وچ ۾ قرآن ڪريم جو عربي متن ۽ چئني ڪنڊن کان دنيا چار مشهور تفسير حسيني، بيضاوي وغيره ڏنل هئا.
چون ٿا ته قرآن ڪريم جي سڀ کان سهڻن قلمي نسخن جو وڏي ۾ وڏو ذخيرو ايران جي شهر مشهد مقدس ۾ آهي ۽ انهن مڙني قلمي نسخن ۾ سڀ کان سهڻو نسخو اهو آهي، جو سنڌ جي ميرن سوغات ڪري ڏنو آهي.
اورنگزيب عالمگير جي هٿ اکرن ۾ قرآن ڪريم جو هڪ پارو به بورڊ جي لائبريريءَ ۾ هوندو هو. غالبن ٺٽي مان مليو هو.
ان کانسواءِ شاهجهان، اورنگزيب، ٻين مغل بادشاهن ۽ سنڌ جي حاڪمن جا فرمان ۽ ماڻهن کي ڏنل جاگيرن جا پروانا ۽ سندون هيون. انهن تي شاهي مهرون لڳل هيون.
شعر شاعريءَ جا جيڪي فارسي بياض هٿ آيا، تن جي ڪتابت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اکر هئا يا موتيءَ جا داڻا
تاريخ مظهر شاهجهاني؛ (سن اشاعت 1964ع)
يوسف ميرڪ
پير صاحب کي هن ڪتاب جي ايڊٽ ڪرڻ تي وڏو ناز هو، ان ڪري به خوش هو، جو سر هينري ايلئٽ جهڙي مستشرق کي هن مخطوطي جي زيارت نصيب ڪا نه ٿي هئي.
سنڌي ادبي بورڊ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو آهي، پر هينئر غالبن سنڌي توڙي اصلي فارسي ايڊيشن ٻئي وڪامي ويا آهن . ٻيهر ڇپجڻ گهرجن.
منشور الوصيعت؛ (سن اشاعت 1964ع)
ميان نور محمد ڪلهوڙو
پير صاحب ڪتاب تي وڏي محنت ڪئي، ان کي ايڊٽ ڪرڻ ۾ پنجيتاليهن ڪتابن مان مدد ورتي هئائين.
هي ڪتاب ان ڪري به عربي جو فن خطاطيءَ جو شاهڪار هو. لکيل هو، ڪڏهن لکيل هو ۽ ڪنهن لاءِ ٺاهيل هو جو ثبوت ڏنو. جڏهن فاهم آهي جو ان م جهوڪ شريف واريءَ جنگ بابت مواد ڏنل آهي.
مون سنڌ جي تاريخ بابت ويهن پنجويهن ورهين جي صحبت ۾ پير صاحب کان جيڪو ٻڌو، ان مان اهو تاثر ورتم ته ٽي ماڻهو سنڌ جي تاريخ جا قومي سورما سڏجن جي لائق آهن: هڪ دولهه دريا خان، ٻيو مخدوم بلال ۽ ٽيون شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو.
پر، سنڌ ۾ جيڪي عام ڳالهيون ٻڌيون اٿم، تن موجب عوام جو هيرو دودو سومرو آهي. پر، شايد دودي بابت مستند تاريخي مواد گهٽ آهي ۽ ڏند ڪٿائون گهڻيون آهن.
ٻهراڙين ۾ دودي سومري جي ڳالهه کنئي ويندي آهي. جڏهن سازيندا نه هوندا آهن، تڏهن ڳالهه کڻڻ وارا ٽامي جو ٿالهه وڄائيندا آهن. دودي سومري جي ڳالهه سنڌ جو رزميه داستان آهي. ٻڌڻ وارن تي عجب ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي.
چون ٿا ته شڪارپور جي هڪ هندو سيٺ اها ڳالهه کڻائي، جڏهن فنڪار دودي جي شهادت کي ويجهو پهتو، ته سيٺ دانهن ڪئي ” ترس ميان، ڳالهه اتي بند ڪر، اسان دودي جهڙو مڙس نه مارائينداسون.“
پير صاحب مون کي ٻڌايو هو ته مغلن ۽ ڪلهوڙن جي لشڪر ٺاهه ڪرڻ جو بهانو ڪري، قرآن ڪريم وچ ۾ ڏيئي، شاهه عنايت شهيد کي دغا سان ماريو هو.
منشور الوصيعت ۾ پير صاحب، ٻئي ڪيتري ئي مفيد مواد سان گڏ جهوڪ شريف واريءَ جنگ جي سلسلي ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين جا خط ڏنا آهن.
ترخان نامو:(سن اشاعت 1965ع)
مير محمد ٺٽوي
ارغون ۽ ترخان خاندانن جي سنڌ جي تاريخ آهي. هن ڪتاب جي ايڊيٽنگ جو ڪم پير صاحب شروع ته گهڻو اڳي ڪيو هو، پر ان جي اشاعت ۾ گهڻي دير ان ڪري پيئي، جو سالن جا سال ان جي ڇپائي اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئائين. جڏهن ڪتاب چپجي پورو ٿيو ته مون کي ياد آهي ته بائينڊرن ڏاڍيون دانهون ٿي ڪيون ته ڪاب ۾ ايترا ته شجرا آهن، جو کين ويڙهي، ڪتاب جو جلد ٻڌڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي آهي.
جيڪي ماڻهو پير صاحب جي ديني نظرين متعلق غلط راءِ رکندا آهن، تن کي گهرجي ته هو پاڻ پڙهي ڏسن ، ته ترخان نامي ۾ پير صاحب بزرگان دين جا حالات قلمبند ڪرڻ ۾ ڪيڏيءَ محبت سان ڪم ڪيو آهي ۽ انهن لاءِ ڪيڏي نه عقيدت ڏيکاري آهي.
مڪلي نامو: (سن اشاعت 1965ع)
علي شير قانع
مڪلي ٽڪريءَ کي سنڌ جي تاريخ ۾ خاص اهميت حاصل آهي. مير علي شير قانع ڇهانوي صفحن جو هڪ ڪتابڙو ”مڪلي نامه“ جي نالي فارسي زبان ۾ لکيو هو. پير صاحب ان کي بنياد بڻائي، مڪليءَ تي تحقيق ڪئي. اٺن سون صفحن جو اضافو ڪيائين. مير علي شير قانع جي انهن چند صفحن کانسواءِ سڄو ڪتاب گويا سنڌي زبان ۾ پير صاحب جو ئي لکيل آهي. سيد صباح الدين عبدالرحمان جو چوڻ اهي ته ”هندستان جي ڪنهن به قبرستان تي اهڙو مفيد ۽ مرتب لٽريچر مشڪل ملي !“
پير صاحب جي وفات کانپوءِ سندس ياد ۾ ڊاڪٽر شمل، مڪلي ٽڪريءِ تي هڪ ليڪچر ڏنو هو، جنهن ۾ ڄڻ ته ڪوزي ۾ علم ۽ معلومات جو درياءُ سمايو هئائين. اهو ليڪچر بعد ۾، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ايشين اسٽڊيز ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇاپيو، جيڪي علم دوست ماڻهو سنڌ جي تاريخ ۽ خاص طرح مڪليءَ ۾ دلچسپي رکن ٿا، تن کي اهو ڪتابڙو پڙهڻ گهرجي.
حديقته الاوليا : (سن اشاعت 1967)
سيد عبدالقادر ٺٽوي
هي تذڪرو سن 1016هه ۾ لکيو ويو، ان ۾ ٻائيتاليهن بزرگن جو احوال شامل آهي. جن ۾ سنڌ جا هيٺيان ست مشهور اولياءَ پڻ شامل آهن.
(1) غوث بهاول الحق ملتاني، (2) قلندر لعل شهباز، (3) پير پٺو (4) مخدوم نوح بکري، (5) مخدوم بلال (6) مخدوم ساهڙ لنجار ۽ (7) مخدوم نوح هالائي
روضته السلاطين ۽(سن اشاعت 1967)
جواهر العجائب
فخري هروي
پير صاحب کي فارسي شاعرن جي تذڪرن سان گهري دلچسپي هئي. غالبن ان جو سبب اهو هو ته کيس ان ڳالهه تي فخر محسوس ٿيندو هو ته فارسي زبان ۾ تذڪره نويسيءَ جو بنياد سنڌ ۾ پيو. ان ڳالهه جي حمايت ۾ اهو دليل ڏيندو هو ته فارسي زبان ۾ پهريون تذڪرو ”تذڪره الشعرا“ ملتان ۾ سن ڇهه سئو هجري کان اڳ لکيو ويو. ان کانپوءِ عوفيءَ سن 625 هه ۾ سنڌ ۾ لب الباب لکيو. ان کانپوءِ دولت شاهه جو تذڪره الشعرا 892 هه ۾ مرتب ٿيو. 896 هه ۾ مير علي شير نوائيءَ مجالس النفائس لکيو. ان کانپوءِ فخري هروي سنڌ ۾ 953 کانپوءِ روضته السلاطين ۽ تقريبن 962 هه ۾ جواهر العجائب لکيو. اهي سڀ ڳالهيون پير صاحب روضته السلاطين جي مقدمي ۾ لکيون آهن ۽ ان ڳالهه تي فخر ڪيو آهي ته تذڪره نويسيءِ ۾ موضوع جي تخصيص جي شروعات به سنڌ ۾ ٿي.
سيد صباح الدين عبدالرحمان ٻڌايو آهي ته پير صاحب روضته السلاطين جا خطي نسخا پيرس، برلن، لينن گراڊ استنبول مان حاصل ڪيا هئا.
مون ٻئي هنڌ ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته هو پنهنجي ڪتاب جو بنيادي نسخو تيار ڪرڻ لاءِ سڄيءَ دنيا مان مائڪرو فلمون يا فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون گهرائيندو هو.
هينئر ياد ٿو اچيم ته هڪ دفعي مون کي چيائين ته ” بورڊ جا چونڊ ڪتاب بابا غفوروف لاءِ روسي سفارتخاني کي ڏيئي اچ“ اهي ڪتاب بابا غفوروف کي موڪليا هئائين، جو روس جي پريزيڊيم جو ميمبر هو ۽ مسلمان عالم هو. تن ڏينهن ۾ بورڊ جي آفيس ڪراچيءِ ۾ هوندي هئي. مون کي هاڻي شڪ ٿو جاڳي ته شايد بابا غفوروف تي لينن گراڊ مان روضته السلاطين جي خطي نسخي جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي وٺي ڏيڻ جو ڪم رکيو هئائين.
ٻي ڳالهه ياد ٿي اچيم ته روضته السلاطين جي ايڊيٽنگ جو ڪم پاڻ ورهين جي ورهيه ڇڏي ڏنو هئائين. ان جو سبب اهو ڪو نه هو ته ڪو کيس دنيا جي ٻين ملڪن مان مائڪرو فلمن جو انتظار هو. پر اصل ڳالهه ماڳهين ٻي هئي.
ڇا هو ته روضته السلاطين تي ڪم ڪندي، هڪ عالم ، (غالبن اختر جهونا ڳڙهي) کي دل جو دورو پيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي ان نسخي تي ڪم شروع ڪيو ته کيس به دل جو دورو پيو. 1958ع ۾ انهيءَ ئي عارضي سببان وفات ڪيائين.
ساڳئي سال پير صاحب کي به دل جو دورو پيو، جنهن جو پهريائين ڪراچيءَ ۽ پوءِ منيلا ۾ علاج ڪرايائين. ان ڳالهه تان کيس ڪو وهم ويهي ويو، ان ڪري پاڻ روضته السلاطين کي هٿ لائيندي به ڇرڪندو هو، جڏهن منيلا مان علاج ڪرائي موٽيو، تڏهن به روضته السلاطين کي سالن جا سال انهيءَ ڊپ ۾ هٿ ڪو نه لاتائين ته متان کيس وري دل جو دورو پوي.
بهرحال، ڪجهه ورهيه پوءِ، ڇرڪي ڇرڪي، ان مخطوطي جو ڪم هٿ ۾ کنيائين ۽ ان کي سهڻي نموني ۾ مڪمل ڪيائين.
تذڪره شعراءِ ڪشمير (سن اشاعت 1967ع)
پير صاحب هي تذڪرو چئن جلدن ۾ ايڊٽ ڪيو هو، پر اهي جلد بورڊ شايع ڪو نه ڪيا هئا، ان ڪري مون کي انهن بابت ڪا گهڻي خبر ڪانهي. البته، جمشيد روڊ تي، جڏهن پاڻ ”بيت الضيا“ نالي گهر ۾ انهن ڪتابن تي ڪم ڪندو هو ته انهن جا ڪاغذ سندس لئبرريءِ ۾ ميز تي اڪثر ڏسندو هوس، پاڻ ڪڏهن به انهن جي باري ۾ مون سان ڳالهه ڪا نه ڪيائين.
سيد صباح الدين عبدالرحمان انهن جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي ۽ لکيو اٿس ته ”جڏهن هي ڪتاب ڇپجي ماڻهن جي اڳيان آيا، تڏهن ڄڻ ته پنهنجيءَ زبان سان چئي رهيا هئا ته سندن ايڊيٽنگ جو خاڪو ملائڪن تيار ڪيو هوندو ۽ تڪميل جنن ڪئي هوندي.“
اڳتي هلي لکي ٿو ته، ”هن جهڙو علمي ڪارنامو موجوده صديءَ ۾ بر صغير ۾ ٻيو ڪو به اهل قلم سر انجام ڏئي نه سگهيو آهي.“
دود، چراغ، محفل:(سن 1969ع)
هن ڪتاب بابت به مون کي ڪا خاص خبر چار ڪانهي ته ڪاٿي ڇپيو، ڪيئن ڇپيو ۽ ڇو ڇپيو. البت سيد صباح الدين عبدالرحمان پير صاحب جي ڪتاب مان هيٺيون اقتباس ڏنو آهي، جنهن مان ان جي اشاعت جو پس منظر معلوم ٿئي ٿو:
”خدا ڄاڻي ته غالب صديءَ جو ڪٿان آواز اٿيو، ان جي گونج ڪراچيءَ به پهتي. پهريائين ته صدا بصحرا ثابت ٿي. بعد ۾ جڏهن ورسيءَ ۾ ٻه ٽي مهينا رهجي ويا، تڏهن هڪ ڏينهن صبح جو مرزا ظفر الحسن پان چٻاڙيندو، اهڙي انداز ۾ آيو، جيئن سودخور پٺاڻ ڪنهن شريف جي گهر، نسوار جي ٿڪ اڇلائيندو، ايندو آهي. هٿ ۾ ڏنڊو ته ڪو نه هئس. پر غالب پنسل هئس. صبح جو هميشه پنهنجي لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو آهيان... بعد ۾ معلوم ٿيو ته مرزا صاحب کي ڪراچيءَ جي شهر ۾ غالب تي لکڻ وارو ڪو نه ٿي مليو. جيڪي پاڻ کي اصل ۾ ”غالبيا“ ڪوٺائيندا هئا، سي وقت اچڻ تي کسڪي ويا هئا... مرزا اها حقيقت ته مون کي ڪا نه ٻڌائي، پر ”سنڌي ماڻهو“ سمجهي اهڙا داو هنيائين، جو مان واقعي سنڌي ماڻهو ٿي سندس چڪر ۾ ڦاسي ويس ۽ غالب جي پنهنجيءَ شخصيت تي ته نه، البت ان سلسلي جي ٻئي ڪنهن عنوان تي لکڻ جو ساڻس قول ڪيم.“
مون اهو ڪتاب اڄ ڏينهن تائين ڪو نه ڏٺو آهي. البته، پير صاحب وٽ، مرزا ظفر الحسن سان ملاقات ٿي. ان کان چڱو عرصو اڳ سندس ڪتاب ”ذڪر يار چلي“ پنهنجو پاڻ ڪتابن جي دڪان تان خريد ڪري پڙهيو هئم. ڪتاب حيدرآباد دکن سان وابسته سندس يادگيرين جو تذڪرو هو. ڏاڍو وڻيم ۽ مصنف سان پر پٽ محبت ٿي ويم. گهڻا گهڻا سال پوءِ پير صاحب جي الحمرا سوسائٽيءَ واري گهر ۾ مرزا سان ملاقات ٿيم. پاڻ ۾ حالي احوالي ٿياسون. مرزا منهنجي واتان پنهنجي ڪتاب جي تعريف ٻڏي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي پنهنجا سڀ ڪتاب تحفا موڪلي ڏنائين. پر انهن ۾ ” ذڪر يار چلي“ واري رنگيني نظر ڪا نه آهي. مرزا پنهنجي ڪتاب ۾ سبط حسن جي ڪتاب ”شهر نگاران“ جو ذڪر ڪيو هو. اهو ڪتاب وڏيءَ مشڪل سان هٿ آيو. پڙهيم. ”ذڪر يار چلي“ جي مقابلي ۾ ڪا شيءِ ڪا نه هو. سبط حسن جو نالو وڏو هو، باقي حيدرآباد دکن تي لکڻ جو حق ته مرزا ظفر الحسن ادا ڪري ويو هو. پاڻ فيض ۽ مخدوم محي الدين جو عاشق هو. فيض جو مداح ته مان به هئس پر مخدوم جو فقط نالو ٻڌو هئم. مرزا ظفر الحسن جي ڪتاب جو اٺون باب پڙهڻ کانپوءِ مان به مخدوم جو غائبانه گرويدو ٿي ويس. سندس هڪ سٽ ڪيترائي ڏينهن زبان تي رهي:
”گذر بهي جا ڪه تيرا انتظار ڪب سي هي“
مرزا ظفر الحسن کي پيريءَ ۾ گناهه بخشائڻ جو خيال آيو. حج تي ويو. اتان به مون کي محبت ڀريو خط لکيائين ته هت تو لاءِ دعائون گهريون اٿم. ويچارو جيئن ئي اتان موٽيو ته وفات ڪري ويو.
مون ڪجهه عرصو اڳ سندس رهائشگاهه تي حاضري ڏني ۽ سندس بيگم کي تعزيت ڏني.
مير معصوم بکري
مير معصوم بکري، جنهن جو منارو سکر شهر ۾ اڃا ڪر کنيو بيٺو آهي، اڪبر بادشاهه جو درٻاري امير هو، پير صاحب جو محبوب هو.
پير صاحب سندس حياتيءَ جو احوال وڏيءَ محنت سان لکيو آهي. ڪتاب لکڻ جو اصل پس منظر غالبن اهو آهي ته جڏهن پاڻ ۽ وڏو ڀاڻس سکر ۾ اخبار نويسي ڪندا هئا، تڏهن وڏي ڀاڻس، مير معصومجي مناري ۽ مقبري تان ڪتبا نقل ڪيا هئا، جنهن ڪري بيمار ٿي پيو هو. اها ڳالهه پير صاحب جي دل ۾ هن ڪتاب لکڻ لاءِ محرڪ جذبو ٿي جاڳي.
هي ڪتاب پير صاحب جي غالبن آخرين تصنيف آهي، جنهن کي پان پنهنجيءَ نگرانيءَ هيٺ ڇپايائين.
مثنوي مظهر الاثار؛ (سن اشاعت 1957ع)
شاهه جهانگير ڪرماني
سيد صباح الدين عبدالرحمان جو چوڻ آهي ته پير صاحب کي هن مثنوي ايڊٽ ڪرڻ جو خيال ان ڪري آيو جو سنڌ ۾ ويهي هڪ شاعر نظاميءَ جي رنگ ۾ مثنوي لکي هئي.
تحفه الڪرام:(سن 1971ع)
مير علي شير قانع
سيد صباح الدين عبدالرحمان تذڪره شعراءِ ڪشمير کي پير صاحب جو بهترين فارسي ڪتاب قرار ڏنو آهي. ليڪن منهنجي خيال موجب تحفه الڪرام پير صاحب جو بهترين فارسي ڪتاب سڏجڻ جي لائق آهي.
هي ڪتاب پير صاحب ايراني شهنشاهيت جي پنجويهه سئو ساله جشن لاءِ ايڊٽ ڪيو هو. غالبن سندس ارادو هو، ته سنڌ جي هن تاريخ کي ٽن حصن ۾ شايع ڪندو. پر ڪتاب جي ڪم کي ايڏو ته وٺي پکيڙيائين جو جشن جي موقعي تائين فقط پهريون ڀاڱو تيار ڪري سگهيو. پوءِ به هڪ سبب سمجهيم ٿو. ممڪن آهي ته مان غلط هجان. ليڪن منهنجو اندازو آهي ته پير صاحب کي اميد هئي ته ايراني حڪومت هن ڪتاب جي اشاعت جو وڏو قدر ڪندي. اسان کي دلجاءِ ڏني هئائين ته خرچ ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، ايراني حڪومت ڪتاب جون هيتريون سو ڪاپيون خريد ڪندي. ڪتاب علي نواز وفائيءَ جي پريس ۾ ڇپيو هو ۽ پير صاحب ان تي بيحد محنت ڪئي هئي. غالبن اڳي ايڏي ڪنهن به ڪتاب تي محنت ڪا نه ڪئي هئائين. پر ايراني حڪومت ڪتاب جو ڪو به قدر ڪو نه ڪيو. ڪيئي سو ته ڇا، پنجاهه ڪاپيون جيڪي ڪتاب جي شايع ٿيڻ تي اسان کين پير صاحب جي چوڻ تي موڪليون، تن جو بل به ادا نه ڪيائون.
پير صاحب، حسب عادت، سڄو غم پي ويو، ليڪن انهيءَ پس منظر ۾ ڪتاب جا رهيل ٻه حصا ايڊٽ ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيائين.
پير صاحب سنڌ جي تاريخ جي ٽن بنيادي ماخذن يعني چچ نامي، تاريخ معصومي ۽ تحفته الڪرام ۾ سڀ کان وڌيڪ تحفته الڪرام کي اهميت ڏيندو هو. چچ نامي جو ذڪر ته ڇٽو پاٽو ڪندو هو. البت تاريخ معصوميءَ جو حوالو ڏيندو هو. پراون ڪتابن جو ڪو به قدر ڪو نه ڪيو، سا ڳالهه به ايڏي وڏي ڪا نه هئي، ان کان به اهم ڳالهه هئي ته پنهنجن به ان جو ڪو نوٽيس ڪو نه ورتو. ان جو سبب هي هو ته پير صاحب ڪتاب تي دل لائي جيڪا محنت ڪئي هئي، سا هڪ اهڙيءَ زبان (فارسي) ۾ هئي، جنهن سان هاڻي سنڌ جا ماڻهو آشنا نه رهيا آهن. جيڪڏهن هو اها محنت ڪتاب جي سنڌي ڇاپي کي ايڊٽ ڪرڻ تي ڪري ها ته سندس انهيءَ ڪم جو ڪو قدر ٿئي ها!
مان انهن ئي ڏينهن ۾ کيس مشورو ڏيندو هوس ته ڪتاب جي هڪ پاسي فارسي عبارت ۽ سامهون واري صفحي تي سنڌي ترجمو ڏيو، پر پاڻ اها ڳالهه ڪا نه مڃيائين. ائين ڪرڻ ڪري سندس ناماچار به وڌي ها ۽ تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي سنڌي ڇاپي وانگر سندس سڀني فارسي ڪتابن جو وڪرو به ٿئي ها. هاڻي سندس ۽ اسان جن ٻين عالمن جا ڪيترا ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتاب ورهين گذرڻ لانپوءِ به بورڊ وٽ ڍير ٿيا پيا آهن. انهن کي سنڀالڻ به هڪ مسئلو آهي.
در حقيقت، عوام جي تقدير بدلائڻ وارا محب وطن مصنف، تاريخ نويس ۽ شاعر بنيادي طرح پنهنجن ماڻهن جي ذهني تربيت جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن، ۽ اهو لفظ مادري زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف وسيلي ئي ٿي سگهي ٿو، ورنه شاهه ڀٽائيءَ جهڙو باشعور فنڪار Committed Artist ائين ڪو نه چوي ها ته:
جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام
اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو.
مون شاهه صاحب کي انگريزي اصطلاح موجب Committed Artistانڪري ڪوٺيو آهي، جو ٽي سو ورهيه اڳ، مارئيءَ جي واتان پنهنجي دل جي ڳالهه هنن لفظن ۾ ڪئي اٿس.
”جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير
تيئن مون من ماروئڙن سين“
تحفته الڪرام فارسي پير صاحب جي علم ۽ فضل، محنت ۽ اورچائيءَ جو شاهڪار آهي. بلڪه، منهنجيءَ ڄاڻ موجب، هن ڪتاب ۾ ئي پير صاحب جو فن پنهنجي عروج تي پهتو.
مرزا غازي بيگ ترخان
اور اس ڪي بزم ادب
هڪ ڏينهن مير علي احمد خان ٽالپر فون ڪئي ته ”رباني صاحب، هن نالي سان پير صاحب ڪو ڪتاب ڇپيو آهي، اهو ته ڀلائي ڪري هٿ ڪري ڏي.
مون کي ڪل ئي ڪا نه هئي، پڇا ڳاڇا ڪيم ته پتو پيو ته برابر اهڙو ڪتاب انجمن ترقي اردو ڇپيو آهي.
مير صاحب کي ڪتاب جي ڪاپي هٿ ڪري ڏنم. پاڻ کي پڙهڻ جو اڄ ڏينهن تائين موقعو ڪو نه مليو. سيد صباح الدين عبدالرحمان ڪتاب جي وڏي تعريف ڪئي آهي.
حالات فيضي(سن 1967ع)
مون هي ڪتاب نه پڙهيو آهي ۽ نه ڏٺو آهي. نه وري پير صاحب کان ڪڏهن ان جو ذڪر ٻڌم.
محمد صادق ميان (؟) (سن اشاعت 1967ع)
حسين شاهه جي ٺاهيل بايوڊيٽا موجب، هي ڪتاب يا ڪتابڙو سه ماهي پارس ۾ ڇپيو هو. اهو رسالو، ڀايان ٿو ته ڪراچيءَ ۾ فارسي ڪتابن جي دڪان جو مالڪ ڪڍندو هو. سندس نالو آغا فرزانه هوندو هو. هو حافظ نالي به هڪ رسالو ڪڍندو هو. ممڪن آهي ته مون کان ڀل ٿيندي هجي ۽ پارس جو ناشر ڪو ٻيو هجي.
ديوان بيرم خان (سن اشاعت 1968ع)
هن ڪتاب جي به مون کي ڪا خبر ڪانهي. نه وري ڪڏهن پير صاحب کان ئي ان جو ذڪر ٻڌم.
مثنوي مهرو ماهه؛
جمالي دهلوي(سن اشاعت 1974ع)
هي ڪتاب به مون نه ڪڏهن ڏٺو آهي ۽ نه وري ڪڏهن به ان جو پير صاحب کان تذڪرو ٻڌم.
سنڌي ڪتاب (سن اشاعت 1930ع)
اسلامي ڪتب خانا
حسين شاهه جي ٺاهيل بايوڊيٽا موجب، هي پير صاحب جو پهريون پهريون ڪتاب آهي. اصل ڪتاب اردوءَ ۾ آهي. پاڻ ان جو ترجمو ڪيو اٿس. ننڍڙو ڪتاب آهي. پاڪستان کان اڳ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو ڇپايل آهي. گهڻي زماني کان اڻلڀ آهي، ان ڪري مون مهراڻ جي ايڊيٽر نفيس احمد شيخ کي ڪاپي ڏني هئي ته مهراڻ رسالي ۾ دوباره شايع ڪري.
مهراڻ جون موجون(سن اشاعت 1955ع)
ماهنامي نئين زندگيءَ جو انتخاب آهي. ڪتاب تي، محنت جويي صاحب ڪئي هئي. مولوي صاحب عبدالواحد سنڌيءَ کي ڪتاب جي ”مرتب“ لاءِ پير صاحب جو نالو کپندو هو. مان تڏهن نئين زندگيءَ جي آفيس ۾ هئس.
ماڪ ڀنا رابيل:(سن اشاعت 1965ع)
ماهنامي نئين زندگيءَ جو انتخاب آهي. ڪتاب ۾ فقط پير صاحب جو پيش لفظ يا مقدمو آهي.
تذڪره امير خاني(سن اشاعت 1961ع)
ٺٽي جي امير خاني سادات جو دلچسپ تذڪرو آهي. خاص ڪري شاديءَ رات گهوٽ ڪنوار جا ساٺ سوڻ ۽ رسمون پڙهڻ وٽان آهن. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل آهي.
ميرزا عيسيٰ خان ترخان: (سن اشاعت 1967ع)
غالباً سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل آهي. مون ڏٺو آهي پر پڙهيو ڪو نه آهي.
سعدي علي رئيس (سن اشاعت 1972ع)
پير صاحب کي هڪ ڪتاب هٿ آيو، جنهن جو وڏي شوق سان ڊاڪٽر رياض السلام سان ذڪر ڪندو رهندو هو. ان جي آڌار تي غالباً ڪو ڪتابڙو ٺاهي مهراڻ رسالي ۾ ڇپائي ڇڏيائين.
ٺٽي جي تاريخي جاگرافي:(سن اشاعت 1973)
هي مضمون به مهراڻ ۾ ڇپيل آهي. دراصل مهراڻ ۾ ڇپيل پير صاحب جي تصنيفن کي ڪتاب ڪوٺڻ غلط آهي. اهي طويل مضمون يا مقالا آهن.
جڏهن پير صاحب هن عنوان تي ڪم ڪري رهيو هو ته مان ساڻس گڏ هئس. ان سلسلي ۾ مهراڻ رسالي جي پير حسام الدين راشدي نمبر ۾ پنهنجي مضمون ”سنڌ جي تاريخ جو محقق، پير حسام الدين راشدي“ مان هيٺيون اقتباس پيش ڪريان ٿو:
”هڪ ڏينهن پاڻ، سندس ڀائيٽو شمن راشدي ۽ مان ڪراچي کان ٺٽي آياسين. تن ڏينهن ۾ پير صاحب کي ٺٽي جي تاريخي جاگرافيءَ وارو تحقيقي مضمون لکڻو هو. انهيءَ مضمون لاءِ کيس ٺٽي ۾ تاريخي اهميت وارا ڪي هنڌ ڏسڻا هئا ۽ انهن جون تصويرون به ڪڍڻيون هيون. اسان صبح جو سوير جمشيد روڊ واريءَ سندس رهائشگاهه تي گڏ ٿياسين ۽ موٽر ۾ ٺٽي روانا ٿياسين. ڪلاڪ ڏيڍ سفر بعد، مڪليءَ تي آثار قديمه کاتي جي ريسٽ هائوس ۾ اچي لٿاسين. هٿ منهن ڌوئي، ٺٽي شهر ۾ گهڙياسين. هڪ سونهون ساڻ کنيوسون. ڪئميرائون، قلم ۽ ڪاغذ ساڻ کڻي، شهر جي اتر، اولهه، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ميلن جا ميل پنڌ ئي پنڌ هلندا رهياسين. پير صاحب ۽ شمن فوٽن ڪڍڻ تي ۽ مان انهن جي فهرست مرتب ڪرڻ تي. شهر ۾ مختلف قبيلن ۽ خانوادن جا پراڻا پاڙا ڳولي لهڻ ۽ انهن جون تصويرون ڪڍڻ جي ٿڪائيندڙ ڪم پوري ٿيڻ بعد، شهر کان پري پري، مغلن جي زماني جي باغن ۽ واهن جا هنڌ وڃي ڏٺاسين. پورچوگيزن جي باهه وارو هنڌ به ڏٺوسين. مسجد دابگير جون تصويرون به ڪڍيوسين، جنهن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي عرب ۽ عجم جي طالب العلمن کي درس ڏيندو هو. خود مخدوم صاحب جي رهائش گاهه واري هنڌ تي به حاضري ڏني سون، سندس پيڙهيءَ مان هڪ عمر رسيده خاتون جا انهيءَ زماني ۾ ستر پنجهتر ورهين جي عمر جي هئي ۽ مقامي ماڻهن جي روايت موجب، سمورو وقت ورد وظيفي ۾ گذاريندي هئي. اڪثر اوقات نماز جي مصلي تي هوندي هئي، تنهن کي پيغام موڪليوسون، جنهن بيبيءِ سڳوريءَ اسان جي حق ۾ دعا گهري.“
هڪ ٻي بجي منجهند تائين پنڌ ئي پنڌ، هلي هلي جڏهن پگهر ۾ شل ٿي وياسين، پيرن ۾ لڦون پئجي ويون ۽ ٺٽي جي ڊسڙ ۽ مٽي نڪ جي ناسن ۾ ساهه کي گهٽڻ لڳي. تڏهن وڃي مس مس پير صاحب ڪم بند ڪرڻ تي مجبور ٿيو.
ان ڏينهن مون پنهنجين اکين سان پير صاحب کي جڏهن عشق ۽ عقيدت سان ٺٽي جي مٽيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جا ذرڙا ڳوليندي ۽ گڏ ڪندي ڏٺو، تيئن وري ٻئي ڪنهن به عالم کي ڪو نه ڏٺم
تذڪره مشاهير سيوستان:
هي به هڪ مضمون آهي جو مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيل آهي. ان ۾ سيوهڻ جي مشاهيرن جو احوال آهي. خاص طرح قلندر شهباز جي روضي جي تعمير جو ذڪر توجهه لائق آهي.
مولوي دين محمد وفائي (1974ع)
هي ڪتاب اصل م مولوي دين محمد وفائيءَ جي تصنيف آهي. اهم ۽ سٺو ڪتاب آهي. پير صاحب ان جي ٽئي چارئي جلد ايڊٽ ڪرڻ لاءِ بورڊ مان کڻي ويو هو. اهي ورهين جا ورهيه وٽس رهيا، پر ڪم اتي جو اتي رهيو. مولوي وفائي صاحب جي فرزند علي نواز وفائيءَ گهڻو زور بار وڌس. تڏهن هڪ جلد ڏنائين. پر ان تي ڪا خاص محنت ٿيل ڪا نه هئي. باقي جلد اهي ئي وٽس رهيا. سندس وفات کانپوءِ برادرم حسين شاهه راشديءَ امانت واپس ڪئي.
سنڌي ادبي بورڊ هينئر غالباً ان سلسلي جو ٻيو جلد به شايع ڪيو آهي.
هو ڏوٿي هو ڏينهن:
هي ڪتاب پير صاحب جي پنهنجي آتم ڪهاڻي آهي، جا لاڙڪاڻي جي نواز علي نياز (مرحوم) نالي هڪ شاعر جي وفات کان متاثر ٿي لکيائين. شروع ۾ آتم ڪهاڻي لکڻ جو ارادو ڪو نه هوس. تن ڏينهن ۾ دل جي علاج لاءِ منيلا ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ رهندو هو.
ڪتاب سالن جا سال وٽس رکيو هو، جو ناشر ڪو نه ٿي سجهيس. فارسي ڪتاب ته بورڊ واريءَ فارسي ۽ عربي ڪتابن جي اسڪيمن هيٺ ڇپيا هئا. پر هي ڪتاب ڪيئن ڇپجي، ان ڳالهه منجهائي وڌس. مون کي مسودو پڙهڻ لاءِ ڏنائين. ڇهه ٻارنهن مهينا ته مون وٽ به رکيو هو، پر ان کي پورو پڙهي ڪو نه سگهيس. ان تان ڪجهه ناراض ٿيو ۽ ڪتاب موٽائي کڻي ويو. اڳتي هلي مان ئي وري مسودو وٽانئس واپس ڪراچيءِ مان کڻي آيس ۽ بورڊ کان اجازت وٺي، پريس ۾ ڇپڻ لاءِ ڏنم. ان ريت، هي ڪتاب آخرڪار ڇپجي ويو. جيڪڏهن مان هٿ نه وجهان ها ته شايد اڃا ڪي سال ڪتاب اڻ ڇپيل هجي ها ۽ تنهن وچ ۾ مسودي جو الائي ڪهڙو حال ٿئي ها. بهرحال جڏهن ڪتاب شايع ٿيو ته ڪنهن سنڌ دشمن ان جي خلاف پڪاريو ته منجهس اعتراض جوڳو مواد آهي.
مون ۽ حسين شاهه جواب تيار ڪيو. مولانا قاسمي صاحب مفيد مشورا ڏنا. جويي صاحب ان کي آخرين طرح درست ڪيو. سرڪار اسان جي جواب تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڪتاب ۾ اعتراض جوڳي ڳالهه به ڪا نه هئي.
ڪتاب جو نالو جويي صاحب جو تجويز ڪيل آهي ۽ اهو پير صاحب جي وڏي ڀاءُ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي مناسبت سان رکيل آهي. جويي صاحب ڪتاب جي ڇپائي تي نگراني به ڪئي هئي ۽ ان تي سٺي محنت به ڪئي هئي. ڇپائي ميان الهه بچائي يوسف زئيءَ شوق سان ڪئي هئي. پير صاحب خوش ٿي کيس هڪ عمدو قلم تحفي طور ڏنو هو.
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون : (1981ع)
پير صاحب جي مضمونن جو مجموعو آهي ۽ سندس زندگيءَ جو آخرين ڪتاب آهي. تن ڏينهن ۾ ڪئنسر جي منحوس بيماري کيس وڪوڙي ويئي هئي. پر همت ڪري، پنهنجا مضمون گڏ ڪرائي، انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي ڇڏيائين. مضمون گڏ ڪرڻ ۾ مهراڻ جي ايڊيٽر نفيس احمد شيخ ڪافي محنت ڪئي هئي. ڪتاب جي ڇپائيءَ جي نگراني جويي صاحب ڪئي هئي. تنهن ڪٿي به سندس ذڪر ڪو نه ڪيو. ان ڳالهه جو ناشاد کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پير صاحب ته بيماريءَ ڪري لاچار هو. سو ڪنهن به طرح مياردار ڪو نه هو.
ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ پئسا سنڌ سرڪار جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ مان جناب حميد آخوند ڏنا. ڪتاب جي اشاعت تي غالباً لک رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي. ليڪن تمام سٺو ڪم ٿي ويو. پير صاحب جا مضمون هڪ هنڌ گڏ ٿي ويا.
پاڪستان ايڪيڊمي آف ليٽرس هن ڪتاب تي شاهه عبداللطيف ايوارڊ ويهه هزار رپيا انعام ڏنو، جيڪو پير صاحب جي پوٽي علي رضا ورتو. پير صاحب تيسين هي جهان ڇڏي چڪو هو.
اردو ڪتاب
1 – مولانا محب علي سنڌي:
مون هي ڪتاب ڪو نه ڏٺو آهي. نه وري پير صاحب کان ئي ان جو ڪڏهن ذڪر ٻڌم.
2 – سنڌي ادب
ننڍڙو ڪتابڙو آهي. منهنجو پڙهيل آهي. پير صاحب جي ابتدائي تصنيف آهي. حڪومت پاڪستان جي محڪمه مطبوعات شايع ڪيو هو. سنڌي ادب جو هڪ مختصر تعارف آهي.
3 – هفت مقالات
هي ڪتاب مون ڪو نه ڏٺو آهي.
زير طبع ڪتاب
فارسي
1 – مثنوي مهروماه از عطا ٺٽوي
2 – گلدسته نورس بهار
3 – انشاي عطارد
4 – آثار فارسي برڪت بهاي گورستان مڪلي
5 – تذڪره رياض العارفين
6 – مثنوي زيبا نگار
7 – تاريخ رشيدي
منهنجيءَ معلومات موجب پير صاحب فقط پوئين ڪاب يعني تاريخ رشيديءَ تي توجهه مان محنت ڪري رهيو هو. ان جي اشاعت جو ڏاڍو شوق به هئس. پر، جڏهن ڏٺائين ته زندگيءَ جي ڪتاب کي ايڊٽ ڪرڻ جي مهلٿ ڪا نه ڏني. تڏهن ڪتاب جو اڻپورو ڪم ڊاڪٽر رياض الاسلام کي سونپيائين.
سنڌي
1 – ٽالپرن جي تاريخ
2 – رسالو پير علي گوهر
3 – راشدي ڪونڌر ۽ سندن علمي ۽ ادبي خدمتون
4 – پوراني سادات جو تذڪرو
منهنجيءَ معلومات موجب مٿين سمورن ڪتابن ۾ پير صاحب کي پوراني سادات تي ڪم ڪرڻ جو شوق ۽ ارادو هو. ان لاءِ مون کان بورڊ مان رسمي طرح ليٽر به ورتو هئائين. ليڪن زندگيءَ مهلت ڪا نه ڏنس. ان ڪتاب جو گهڻو ذڪر ڪندو هو. ليڪن ٻين ڪتابن تي ڪجهه مواد گڏ ڪيو هجيس ته به عجب ڪونهي.
پير صاح مون سان ڳالهه ڪندو هو ته سنڌ ۾ ڪتاب کي جديد نموني ۾ ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر گربخشاڻي واري شاهه جي رسالي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي واريءَ تاريخ معصوميءَ کان پوءِ پيو.
حقيقت به غالبًا نهن ۾ ائين ئي هئي. پر اڳتي هلي خود پير صاحب تاريخ جي ڪتابن کي جنهن محبت ۽ محنت سان ايڊٽ ڪيو، ان سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ جي فن کي نئين نهج تي آندو.
هڪ ته پير صاحب تاريخ جي تشريح ۾ سنڌ سان محبت جو انگ آندو. ٻيو ته اڳي اسان جا تاريخ نويس ٻڌل سڌل ڳالهين ۽ ڏند ڪٿائن کي بنا تصديق جي پنهنجن ڪتابن ۾ ٺوڪي ڇڏيندا هئا. هاڻي اسان جو نئون نسل اهي ڪتاب پڙهي، سو سوال ۽ اعتراض ڪري ٿو ۽ هڪ ليکي ائين ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي.
پر پير صاحب جا ايڊٽ ڪيل ڪتاب اهڙن نقصن ۽ عيبن کان گهڻو ڪري پاڪ صاف آهن.
تاريخي ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ جو سندس طريقو هي هوندو هو ته اول ڪنهن نه ڪنهن نسخي کي ”اساس“ يا ”بنياد“ بنائيندو هو. پوءِ ان جي نقل نويسيءَ جو ڪم ٿيندو هو،. ان کانپوءِ نقل جي اصل سان ڀيٽا ٿيندي هئي ته ڪا غلطي ته رهجي ڪا نه وئي آهي. اهو ڪم پاڻ ڪندو هو. ڀيٽا جي ڪم مڪمل ٿي کانپوءِ ان قلمي ڪتاب جا ٻيا نسخا هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ملڪ جي اندر به ۽ ملڪ کان ٻاهر به. ظاهر آهي ته سڀ نسخا ته کيس يا بورڊ کي ڪير به ڏيڻ لاءِ تيار ڪو نه هوندو هو. سو انهن جون مئڪرو فلمون ۽ فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون گهرائيندو هو. انهن جي بنيادي يا اساسي نسخي سان ڀيٽا ڪندو هو. ان طرح ڪتاب جو آخرين صحيح متن تيار ڪندو هو. ان کانپوءِ ماڻهن، هنڌن ۽ ماڳن جون فهرستون ٺاهيندو هو، حواشي ۽ اضافا مڪمل ڪندو هو. آخر ۾ ڪتاب جو مقدمو لکندو هو. پنهنجي پيغام جو بارود مقدمي ۾ ڀريندو هو يا وري حواشين ۽ اضافن ۾، جيئن مڪلي نامي ۾ ڪيائين.
ان کانپوءِ ڪتاب جي ڇپائي شروع ٿيندي. پروف پاڻ ڏسندو هو ۽ وڏي احتياط سان. بعض پروفن ۾ اضافا ڪندو ويندو هو. ڪمپازيٽر ويچارا ڪريڪشن ڪري، ڪري ٿڪجي پوندا هئا. ڪنهن کي اعتبار ۾ ڳالهه ايندي ته بعضي تيرهن تيرنهن پروف به ڏٺائين. عام طرح ٽي پروف ڪافي هوندا آهن. پر ان طرح ڪتاب لکڻ ۽ ڇپڻ ڪري ڄڻ ته ان موضوع تي چڱي ڀلي انسائيڪلو پيڊيا تيار ٿي ويندي هئي. اهوئي سبب آهي جو هاڻي سندس ڪتاب ڏيهي توڙي پرڏيهي علمي مرڪزن ۾ وڏي حيثيت رکن ٿا.
چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي پاڻيءَ ۽ پهاڙن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪو نه هو.، نه وڻ ٽڻ هو، نه ڪو جانور هو ۽ نه وري ڪو بني بشر. پر ڌرتيءَ تي مسلسل تبديليون ٿي رهيون هيون. مثلن ڪڪرن ۾ گجگوڙ ٿيندي هئي، کنوڻ تجلا ڏيندي هئي، ٻرندڙ جبل ڦاٽي پوندا هئا، مينهن وسندا هئا، زبردست طوفان ۽ سيلاب ايندا هئا، انهن اثرن ڪري، وڏا وڏا پهاڙ آهستي آهستي ڳري فنا ٿي ويا. انهن پهاڙن ۾ ڪيتريون ئي ڪيميائي شيون هيون جي به ڳري، رجي سمنڊ ۾ هليون ويون. اتي انهن سان ٻيون جيڪي ڪيميائي شيون مليون تن مان ملي هڪ خاص ڪيميائي شيءِ جڙي پيئي، جنهن کي ڪاربان ڪوٺين ٿا. ڪاربان مان ٻيا ڪيترائي ڪيميائي مرڪب ٺهيا. اهي ٽٽي به پوندا هئا، پر ڪي ڪي ڪجهه عرصو ائين جو ائين رهندا هئا. اهي ننڍن ننڍن گولن جي شڪل وٺندا هئا. اهي گولا جڏهن ٽٽندا هئا ته ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهائجي ويندا هئا. پوءِ هر هڪ حصو ڪيميائي مواد ڪٺو ڪندو هو ۽ پاڻ وري ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. اهڙيءَ ريت، اهي ڪاربان جا گولا پاڻ جهڙا گولا ٺاهڻ ۾ مشغول هوندا هئا.
ڪاربان جا گولا ٻين گولن سان ملي ويندا هئا، ان ڪري نوان نوان مرڪب وجود ۾ ايندا هئا. انهن ۾ هڪ مرڪب جو رنگ سبز هو. اهو مرڪب سج جي اس وسيلي کنڊ ۽ نشاستو ٺاهيندو هو. انهيءَ سبز رنگ واري مرڪب مان اڳتي هلي ٻوٽا پئدا ٿيا.
گرم ۽ جهڳ واري سمنڊ ۾ ٻوٽن سان گڏ ننڍيون ننڍيون شيون به پيدا ٿيون. اهي ننڍن ننڍن ڪچن ٻوٽن کي کائڻ لڳيون.
اهڙيءَ ريت دنيا ۾ پاڻيءَ جا جاندار پئدا ٿيا. پر اهي پتڪڙا ڪمزور هئا. پوءِ انهن جاندارن مان به رفتي رفتي وڏا جانور پئدا ٿيا.
جانون جي پئدا ٿيڻ کان لکين سال پوءِ دنيا ۾ ماڻهو پيدا ٿيو. پر اهو به شروع ۾ ائين ڪو نه هو، جيئن هاڻي آهي، اهو به ارتقا جي عمل مان گذريو ۽ کيس انسان بنجڻ ۾ هزارين ورهيه لڳي ويا.
* * *
بظاهر ته هيءُ سڄوئي ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ جو دلچسپ داستان لڳي ٿو. سائنسدان اهو اعتراف ڪن ٿا ته ڪائنات هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ تبديل ٿيندي. ، نوان نوان روپ وٺندي رهي ٿي. ساديءَ مان پيچيده صورت ۾ بدلجي، جيئن پوءِ تيئن سنوربي، سڌرندي، ڦهلجندي رهي ٿي. * گويا، هن ڪائنات کي بدلائيندڙ قوت انڌي نه آهي، پر اها وڏي فهم ۽ ادراڪ واري آهي ۽ هڪ خاص سٽاءَ ۽ ترتيب سان، ڪائنات جي نظام کي تبديل ڪندي، هڪ خاص رخ ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي. پر اها قوت ڪهڙي آهي، ان جو محرڪ ڪير آهي؟ ان بابت سائنسدان خاموش آهن. هيءَ ڪائنات ”سبب“ ۽ ”نتيجي“ جو جهان آهي، پر خود سبب جو سرجڻهار ڪير آهي؟ ان بابت به هو خاموش آهن.
هو اهو ته چون ٿا ته ارتقا جو عمل اڃا تائين جاري آهي، پر جيڪڏهن کانئن سوال ڪجي ته جيئن انسان اڄ کان هزارين لکين سال اڳ جو سفر پورو ڪري، هاڻي موجوده جامو ڍڪي بيٺو آهي، تيئن اڄ کان هزارين لکين سال پوءِ، موجوده جامو مٽائي، وري ڪو نئون رنگ روپ اختيار ڪندو، ته ان ڳالهه جي به کين ڪا سڌ ڪانهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته انساني زندگيءَ جي منزل، مقصد ۽ منتهيٰ جي اڃا ته کين ڪا به خبر ڪانهي.
ويهين صديءَ جو سڀ کان ڏاهو سنڌي انسان، علامه آءِ آءَ قاضي به انهيءَ سوال بابت پنهنجي هڪ عقيدتمند کي رڳو حافظ جو هڪ شعر ٻڌائي سگهيو:
ڪس نمي داند ڪه منزل مقصود ڪجاست
ابن قدر هست ڪه بانگ جرس مي آيد
سوال آهي ته اها بانگ جرس به گهڻن کي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي؟ شايد حافظ يا روميءَ جو ٻيو به هڪ اهڙو شعر آهي ته
تا نگردي آشنا زين پرده رمزي نشنوي
گوش نامحرم نه باشد جاي پيغام سروش
ويچارو انسان زندگيءَ جي مهاڄار ۾ اهڙو ته چو کنڀو ٻڌو پيو آهي، جو ”بانگ جرس“ ۽ ”پيغام سروش“ ٻڌڻ جي سرت منجهس ڪٿان آئي؟ سنڌ جي ماحول ۾ ته اهي ڄڻ ڪتابن ۾ لکڻ جون ڳالهيون آهن. هت ته رت ڪٽورو ڏئي ڀت ڪٽورو وٺڻو پوي ٿو. سر جيئدان ئي وڏي ڳالهه آهي. ارتقا جي نظريي موجب، ”ڏاڍو سو گابو“ وڏيءَ مڇيءَ جو ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائي وڃڻ فطرت جو اصول آهي. گهڻيون گلاب جون مکڙيون اهڙيون آهن، جن کي ٽڙي، گل ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو؟ مون ڪيئي اهڙا ساوا سلا ڏٺا آهن، جي نسرڻ کان اڳ ئي ڪومائجي ويا.
هڪ سنڌي درويش شايد اهڙو ئي ڪو منظر ڏسي چيو هو:
”نا اميديءَ جي نجهري ، پيهي پس الله“
هن دنيا جي طلسم ۾، انسان غريب لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو چارو آهي ته اونداهيءَ رات ۾ گهاٽي جهنگل اندر ڦاٿل مسافر وانگر، پنهنجي جان به بچائي ۽ زندگي جي پر اسرار سفر کي به جاري رکي. جيئن ته منزل نامعلوم آهي، ان ڪري ان پراسرار سفر جو ڪو نه ڪو مقصد به پان ئي مقرر ڪري.
* **
پير حسام الدين راشديءَ پنهنجي ستر ساله زندگيءَ ۾ ائين ئي ڪيو. پر سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ اها ڪا آسان ڳالهه نه هئي.
مان پاڻ ڳوٺن جو رهاڪو آهيان. اسان جي ڳوٺن ۾ نڪي روزگار جا ذريعا، نه ترقيءَ جا رستا، نه علاج جي آساني، نه تعليم جي سهوليت، نه سفر جي آساني ۽ نه وندر ورونهن. جيڪڏهن الله ۽ رسول جو خوف نه هجي، ته ماڻهو ، ماڻهوءَ کي ڪچو کائي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ عام مسڪين ماڻهوءَ ۽ ڍور جي زندگيءُ ۾ ڪو ٿورڙو فرق آهي. ٻئي ڀٽارا آهن. اسان جا ڳوٺ گويا ڀٽائيءَ جي بيت جي تصوير آهن:
”مون کي ماروئڙن، سڃ ڳڻائي سيج ۾.“
پير صاحب هڪ ڳوٺڙي ۾ ڄائو. ڀانئجي ٿو ته ڦوهه جوانيءَ ۾ بک ۽ ڏک جا ڏينهن ڏٺائين. هڪ دفعي مون سان پاڻ ڳالهه ڪيائين ته ”جواني ۾ جڏهن ڳوٺ رهندو هوس، تڏهن مٿي سان پٽڪو ٻڌندو هوس ۽ پيرن ۾ موچڪي جتي پائيندو هوس، هيڪر ست ميل پيرين پيادو پنڌ ڪري، ٻئي ڳوٺ مان ڪنهن دوست کان ڏهه رپيا اڌارا وٺڻ ويس. پر اهو دوست اڳيئي ڪيڏانهن نڪري ويو هو، سو لاچار وري ست ميل پنڌ ڪري، هٿين خالي پنهنجي ڳوٺ موٽي آيس.“
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، پنهنجي مضمون ”سورن لڌو سجهه، پاڻ پيهي آيا“ ۾ لکيو آهي ته ”هندستان ۾ تعليم جي تڪميل کانپوءِ جڏهن آءُ واپس وطن وريس ته پهريون بزرگ دوست ۽ مهربان، جيڪو مون سان مڻ ۽ مبارڪ ڏيڻ آيو، سو پير حسام الدين راشدي هو. ان وقت پير صاحب ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو ملازم هو ۽ سوسائٽيءَ پاران زميندارن کي مليل قرضن جي وصولي ڪندو هو.“
پير صاحب ان ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهي، بک ۽ ڏک جا ڏنگ سهي سهي، آخر ڪڪ ٿيو، يا اڃا به ڪن ٻين حالتن تنگ ڪري وڌس؛ سو بخت آزمائڻ لاءِ وڏي ڀاءُ سان گڏ، سکر هليو ويو. اتي به اڻ هوند جي حالت اها هئي جو ٻنهي ڀائرن جي چوڻ موجب ”ڪڏهن ڪڏهن ساڌ ٻيلي مان خيراتي ڇولا پرساد وٺي، ويلا ٽارڻا پوندا هئا.“
سنڌ جي عظيم تاريخ نويس جي زندگيءَ جو آغاز اجهو ائين ٿيو. پر عقلمند ماڻهوءَ وانگر وک وک سنڀالي کنيائين. جڏهن زندگيءَ جي سفر جا پنجاهه ورهيه پورا ڪيائين، تڏهن ديس پرديس سندس عظمت جو اعتراف ٿيو. حڪومت پاڪستان سندس علمي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ”ستاره امتياز“ عطا ڪيو، ته پاڙيسري ملڪ ايران پنهنجو وڏي ۾ وڏو علمي اعزاز ” نشانِ سپاس درجه اول“ ڏنو.
پاڪستان جو ڪو به علمي ادارو مشڪل سان ملندو، جنهن جي بورڊ آف گورنرس تي مرڪزي يا صوبائي سرڪار کيس ميمبر مقرر نه ڪيو هجي. خود پاڻ پنهنجي صوبي ۾ ڪن علمي ادارن جا بنياد وڌائين.
بيشمار قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي به ڪيائين ۽ انهن جي ڪن اجلاسن جي صدارت به ڪيائين.
مشرقي ۽ اسلامي ملڪن سان، مغربي ملڪن جي محققن ۽ عالمن سان لڳ لاڳاپا پئدا ڪيائين. پروفيسر رياض الاسلام پير صاحب تي پنهنجو مضمون ”بيت الضيا سي الحمرا تڪ“ ۾ جن غير ملڪي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي تن مان ڪي هي آهن: پنڊت برج موهن دتاتريه ڪيفي (هندستان)، پروفيسر زڪي وليدي طوغان (ترڪي)، پروفيسر گنڪو وسڪي (روس)، مولانا صباح الدين عبدالرحمان (هندستان)، پروفيسر انيمري شمل (مغربي جرمني)، پروفيسر بائيل (برطانيه)، پروفيسر عبدالغني مرزا يوف (روس)، پروفيسر بابا حميان غفوروف (روس)، قاضي عبدالودود (هندستان“ آقاي باقر زاده (ايران)، پروفيسر عبدالقادر (ترڪي)، پروفيسر لطفي صورت گر (ايران).
انهن کان علاوه مون کي اهو معلوم آهي ته برطانيه جي عالم سائمن ڊگبي ۽ اٽليءَ جي عالم بوسانيءَ سان به سندس سٺا تعلقات هئا. ايران ته گويا سندس ٻيو گهر هو. استاد فروزان فر، عبدالحسين زرين ڪوب، آغا هنرفر، ڊاڪٽر جعفر محبوب، علي اڪبر جعفري ۽ آغا خدا بندلو کيس تمام ويجها هئا.
سندس ڏک ڏولائي جا ڏينهن آخر پورا ٿيا. سڪر سڻائي، عزت ۽ آبرو ڏٺائين. ڪراچيءَ جهڙي گجندڙ شهر ۾ قسمت کيس محلاتن مثل بنگلا ڏنا ۽ سواريءَ لاءِ موٽرون مهيا ڪيون. سندس هوائي سفر شروع ٿيو. مغرب ۽ مشرق جا گهڻائي ملڪ گهميائين ۽ انهن ۾ پنهنجا پرستار پئدا ڪيائين.
مختلف ملڪن جي بادشاهن، صدرن ۽ وزيرن سندس گلي ۾ اعزازي تمغا پاتا. ايران جي بادشاهه، چين جي وزير اعظم، روس جي مرڪزي وزير، عراق جي صدر سان ڪچهريون ڪيائين.
بهمڻ نالي ڪچي ڳوٺڙي ۾ پئدا ٿيل ٻارڙي، جنهن کي اسڪولي تعليم به ڪا نه ملي هئي، واقعي وڏو ڪمال ڪري ڏيکاريو !
جڏهن بيمار ٿيو ته دنيا جي هڪ سپر پاور انتهائي ادب ۽ احترام سان کيس پاڻ وٽ علاج لاءِ سڏيو. پر قرآن ڪريم جو فرمودو آهي ته هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. سو، جڏهن محسوس ڪيائين ته جهانن جي مالڪ ياد فرمايو آهي، تڏهن سنڌ جي سوا لک پيرن واري قبرستان مڪليءَ ۾ پنهنجي ابدي آرامگاهه منتخب ڪيائين. جڏهن سندس ساهه جي پکيئڙي پنهنجا پرڙا کنيا، تڏهن هميشه لاءِ پنهنجون اکڙيون ٻوٽي ڇڏيائين.
صورتي از بي صورتي آمد برون
باز شد انا اليه راجعون
***
گذريل سال ڀاءُ حسين شاهه ۽ مان، پروفيسر شمل سان گڏ سندس مزار تي حاضري ڏيڻ وياسين. جڏهن سندس تربت تي وڃي بيٺس ته سندس ڳالهيون، قول، قرار، نقل، نظير، چرچا، گهٻا، ٽهڪ، گفتا، ڪچهريون، هدايتون، نصيحتون، محبتون ۽ صحبتون ياد آيون.
پاڻ کان پڇيم ته اهو سڀ ڪجهه خواب هو يا جيڪي ڪجهه هاڻي ڏسي پسي رهيو آهيان، سو خواب آهي؟ زندگي ڇا هي؟ موت ڇاهي؟ پير صاحب جهڙا گلاب جا گل، خاڪ مان ڇو نڪتا ۽ وري خاڪ ۾ ڇو هليا ويا؟
جڏهن آسپاس نهاريم ته مڪليءَ جي قبرستان ۾ سمنڊ جي ڇولين وانگر، هڪٻئي پٺيان، قبرن جون قطارون ڏٺم. ڪي ڊهي ڍير ٿي ويون هيون، ڪي اڃا قائم هيون، ڪنهن ۾ پير حسام الدين راشدي، ڪنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، ڪنهن ۾ مخدوم محمد هاشم، ڪنهن ۾ مخدوم معين، ڪنهن ۾ دولهه دريا خان ته ڪنهن ۾ ڄام نظام الدين جا هڏڙا نظر آيا.
ڪنن ۾ ايراني خانم جهڙيون نازڪ بدن محبوبائون مٽيءَ جي مڻن هيٺان دٻيل ڏٺم. ڪنهن زماني ۾ سندن هڪڙيءَ مٺي مرڪ لاءِ ماڻهو مرندا هئا. اڄ وسائل ڏيئن وانگر، سندن ڏرا ڏيئي ويل اکين جي جوت خم ٿي ويئي هئي. منهن جو ماس ڇڻي ويو هو ۽ وات خاڪ سان ڀريل هو.
اوچتو مون کي ابتدائي آفرينش جي ڏينهن وارا، ڪاربان جا اهي گولا ياد آيا، جيڪي پنهنجو پاڻ ٻن هڪجيترن حصن ۾ ٽٽي پوندا هئا ۽ پوءِ هر هڪ حصو ڪيميائي مواد گڏ ڪري، وري پاڻ ٻن هڪجيترن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو.
منهنجي ذهن ۾ طوفان جي تيزيءَ وانگر هڪ سوال اٿيو ته ” هي سڀ ڪجهه ڇاهي؟“
ڳوڙهن ڀريل اکين سان آسمان ڏانهن جواب لاءِ نهاريم، پر منهنجون سوالي نگاهون مون وٽ خالي موٽي آيون.
مٺو رب ته ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي. اهو سوچي پنهنجي اندر ۾ جهاتي پاتم ته فقط پنهنجيءَ دل جو ڌڙڪو ٻڌم.
مايوس، غم ۾ ٻڏل، ڀريل گلي، آلين اکين ۽ ڳورن پيرن سان جڏهن قبرستان مان ٻاهر نڪتس ته عمر خيام جي هڪ رباعي ياد آيم:
” مٽيءَ جي رانديڪن جي ڪهڙي مجال آهي،
جو ڪاريگر کان پڇن،
ته ڇا لاءِ ٿو ٺاهين ۽ ڇا لاءِ ٿو ڊاهين؟“
چون ٿا ته عمر خيام جي دل ۾ جيڪا چڻنگ لڳي، سا ابن سينا جي ٻاريل مچ مان اڏامي آئي هئي. ابن سينا دنيا جو هاڪارو حڪيم، مفڪر، مدبر ۽ فيلسوف ۽ سائنسدان هو. کيس ”حجته الحق“ ۽ ”شيخ الرئيس“ جا خطاب مليا. اهڙا اعليٰ انسان اسلامي دنيا ورلي ڪي پئدا ڪيا.
ڏهن ورهين جي عمر ۾ سڄو قرآن ڪريم حفظ ڪري ڇڏيائين. ارڙهن ورهين جو ٿيو ته پنهنجي زماني جي سمورن علمن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. جڏهن وڏو ٿيو ته ڪڏهن حاڪمن ۽ بادشاهن جو وزير هوندو هو، ته ڪڏهن حاسدن جي حسد جو نشانو ٿي، سڪل کوهه جي تري ۾ قيد هوندو هو، پر علم سان سندس اها محبت، جو اتي به ڪتاب لکندو رهندو هو. رڳو حافظي جي زور تي هزارين صفحا لکي ويندو هو. عجيب انسان هوندو هو. جڏهن اقتدار ۾ هوندو هو ته گهوڙي تي سوار ٿي، بادشاهن سان گڏ، ميدان جنگ ڏانهن ويندي به ڪاتب کي ڪتاب لکائيندو ويندو هو.
زماني جي اٿل پٿل ڪري، سندس ڪيترائي ڪتاب ضايع ٿي ويا، پر ڪي بچي به ويا. انهن ۾ ”القانون“ ۽ ”الشفا“ جا يورپ جي زبانن ۾ ترجما ٿيا ۽ سوين سال يورپي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي نصاب ۾ پڙهايا ويا. سندس عظمت جي ايڏي ته ڌاڪ هئي جو يورپ جي ڪليسائن ۾ سندس تصوير سونهن ڪاڻ ديوارن تي ٽنگي ويندي هئي ۽ ڊانٽي جهڙو فيلسوف ان کي بقراط ۽ جالينوس جي وچ ۾ رکندو هو.
ابن سينا کي سندس هڪ شاگرد چيو ته ” توهان نبوت جي دعويٰ ڇو نه ٿا ڪريو؟ “ سندس خيال هو ته ”ابن سينا کان مٿي ڪير ٿي سگهي ٿو؟ “ ابن سينا مشڪيو پر ڪو به جواب ڪو نه ڏنائينس.
صبح جو جڏهن بانگ آئي ۽ شاگرد وضو ڪرڻ لاءِ ٻاهر تلاءَ ڏي وڃڻ لڳو ته ابن سينا چيس ته ”ٻاهر نه وڃ، ٿڌ لڳي ويندءِ، بيمار ٿي پوندين.“ پر هو نه مڙيو. تلاءِ مان وضو ڪري، فجر جي نماز پڙهيائين. * ابن سينا سڏي چيس ته ” مان نبوت جي دعويٰ ان ڪري نٿو ڪريان، جو تنهنجو استاد آهيان، هن زماني جو مڃيل طبيب آهيان، منهنجو قول طب ۾ سند جي حيثيت رکي ٿو، زنده آهيان. مون توکي ٿڌي پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ کان منع ڪئي، پر تو منهنجيءَ نصيحت کي ڪو نه ليکيو. انهيءَ جي هدايت تي عمل ڪيو، جو ڪو زمانو ٿيو ته عرب ۾ رهندو هو، امي هو ۽ جنهن سان تنهنجي ڪڏهن به ملاقات ڪا نه ٿي هئي. پيغمبر ۽ مفڪر ۾ اهوئي فرق آهي.“
ابن سينا جو دعا ۾ وڏو اعتقاد هو. جڏهن سائنس يا فلسفي جي ڪنهن مسئلي ۾ منجهي پوندو هو ته مسجد جو منهن ڪندو هو. سندس ذهن ۾ فڪر ۽ فلسفي جا آفتاب ۽ ماهتاب هر وقت طلوع ۽ غروب ٿيندا رهندا هئا. هن پاڻ ٻڌايو آهي ته منهنجا ڪيترائي فلسفيانه مونجهارا خوابن ۾ حل ٿي ويندا هئا. سندس سوچ ڌرتيءَ تي زلزلا آڻيندي هئي. پر پاڻ فقط خشڪ مزاج فيلسوف ڪو نه هو، وڏو اهل دل انسان هو. مئي نوشيءَ سان دل وندرائيندو هو. جڏهن نسواني حسن جو ڪو غير معمولي شاهڪار ڏسندو هو ته سندس دل جا سڀ گلاب ۽ رابيل ٽڙي پوندا هئا. موج ۽ مستيءَ ۾ ايندو هو ته ڳائڻ لڳندو هو. وڏو موسيقار هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو، هڪ شعر ۾ تارن ڀرئي آسمان کي خطاب ڪندي چيو اٿس:
” چمڪندڙ تارن سان جڙيل. نيرا گنبذ، اي آسمان
مون کي ٻڌاءِ ته سهي،
ته تون پنهنجيءَ مرضيءَ سان متحرڪ آهين
يا ڪنهن حڪم هيٺ دائمي گردش ۾ آهين؟ “
ابن سينا جو اهو سوال هر دور ۾ انساني ذهن ۾ سوين سوال اٿاريندو رهيو آهي.
اسان جي هن جهان ۾ هر روز هزارين انسان ڄمن ۽ مرن ٿا. پر ماڻهو ڄمي ۽ مري ڇو ٿو؟ اهو سوال به روز ازل کان اڄ ڏينهن تائين انساني ذهن ۾ سوين سوال اٿاريندو رهيو آهي.
هڪ ڳالهه بهرحال پڌري آهي، ته جيئن نيري آسمان ۾ هڪڙا تارا پنهنجيءَ جوت ۽ جمال سببان ٻين کان وڌيڪ روشن آهن، تيئن هن جهان ۾ به هڪڙا انسان، پنهنجي قول ۽ فعل جي سونهن سببان ، ٻين کان وڌيڪ مٿانهان ۽ ممتاز آهن.
سنڌ جو مورخ، منهنجو مربي ۽ محسن، پير حسام الدين راشدي عيسوي ويهين صديءَ ۾ سنڌ جي آسمان جو هڪ روشن تارو هو. سنڌ جي نسل جو مٿس سلام رهندو.
________________________________________
* هڪ دفعي پير صاحب مون کان پڇيو ته ”ٻڌاءِ ته مان ڪاٿي ڄائو هئس؟“ مون جواب ۾ همڻ جو نالو ورتو. پير صاحب مشڪي انڪار ڪيو.
وڏي ڀاڻس سندس وفات کانپوءِ مٿس جيڪو مضمون لکيو، ان ۾ چيو اٿس ته مان ڏاڏي سان گڏ ڪوٽ جي ٻاهران ويٺو هئس جو ٻارڙي جي ڄمڻ جو اطلاع آيو.
حسين شاهه جو چوڻ آهي ته چاچا پنهنجي جيڪا ”بايوڊيٽا“ ٺهرائي هئي، ان ۾ ڄم جو هنڌ بهمڻ لکايو هئائين ۽ ڄم جي تاريخ ويهين سيپٽمبر 1911ع
* ڊاڪٽر شمل جو چوڻ آهي ته هن 1958ع ۾ ئي سنڌي ٻولي سکڻ جو فيصلو ڪيو. ڏسو مڪلي ٽڪريءَ تي سندس ڇپيل انگريزي ليڪچر. ناشر انستيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز، ڪراچي 1983ع.
* پير صاحب لئبرريءَ مان ڪي خاص ڪتاب پاسيرا ڪري رکيا. اهي ۽ ٻيا ڪتاب، جي پوءِ وٽس گڏ ٿيا، سي سندس وصيعت موجب سنڌالاجيءَ کي مليا.
* جڏهن مان چين گهمي آيس ته آغا يوسف مون کان خاص طرح شانگهائيءَ جو احوال ورتو. پوءِ پاڻ ٻڌايائين ته انقلاب کان اڳ شانگهائيءَ جي اها حالت هئي ته هوٽلن جي هيٺان تهخانا هوندا هئا. انهن ۾ ڪروڙ پتي امير ڪيمخواب جي بسترن تي ليٽيل هوندا هئا. سندن پاسن کان نوجوان حسين زالون هونديون هيون، جي آفيم جون گوليون تماڪ ۾ ويڙهي، کين ڦل ٺاهي، پائيپ ۾ ڇڪڻ لاءِ ڏينديون رهنديون هيون. اهي امير سڄو وقت ان طرح آفيم جي نشي ۾ ٻڏا پيا هوندا هئا.
* اهو ڪتاب ابو سلمان شاهجهانپوريءَ لکيو هو. ڪتاب جو نالو غالباً غازي عبدالرحمان شهيد هو.
* موڪلائڻ مهل زماني جي دستور موجب هڪ لفافو منهنيج کيسي ۾ وڌائين. مون کانئس ان ڳالهه جي مافي وٺڻ لاءِ کيس ٻانهون ٻڌيون ته جواب ۾ پاڻ ٻه ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو ۽ چيائين ”بابو ٿيءُ. منهنجو چوڻ مڃ. مون کان ننڍو آهين.“ لفافي ۾ پنج هزار رپيا وڌا هئائين.
* 1963ع ۾، سندري اتم چنداڻي سنڌ گهمڻ آئي. جڏهن سنڌ ۾ اديبن ۽ شاعرن سان ملي ته پنهنجي راءِ قائم ڪيائين. روهڙي ريلوائي اسٽيشن تي موڪلائڻ مهل، پنهنجو تاثر بيان ڪرڻ لاءِ رازادارانه انداز ۾ مون کي چيائين، ”رباني، ڪي ماڻهو وڏا فنڪار هوندا آهن، پر ننڍڙا انسان. ڪي ننڍڙا فنڪار هوندا آهن پر وڏا انسان.“
* ڏسو برهانپور ڪي سنڌي اولياء صفحو 404
* حڪيم محمد سعيد ”پير حسام الدين راشدي اور ان ڪي علمي ڪارنامي“ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي، ”ويهينءَ صديءَ ۾ سنڌ ۾ هڪ اهڙي شخصيت اڀري رهي هئي. جنهن جون دوررس نگاهون پنهنجي قديم علمي سرمايي ۾ منهمڪ هيون. اها شخصيت پير حسام الدين راشديءَ جي هئي، جو اسلامي عهد جي سنڌ جي ادبي، علمي ۽ تاريخي تحقيق جي اقليم جي تاجدار جي حيثيت ۾ اڌ صدي حڪمراني ڪندو رهيو. موصوف علامه شبلي ۽ سيد سليمان ندويءَ جي مڪتبہ فڪر سان منسلڪ هو.“ ”ڏسو برهانپور ڪي سنڌي اولياء“ صفحو 404
* چون ٿا ته جڏهن حفيظ جالنڌريءَ ”شاهنامہ اسلام“ لکيو ته جوش مليح آباديءَ مٿس هڪ شعر چيو:
اسلام کا شاهنامہ لکهني والي
اسلام کا شاهي سي تعلق کيا هي؟
* ڏسو تاريخ مظهر شاهجهاني، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ.
* ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪريءَ مون کي ٻڌايو ته ”گولڪنڊي جي تاجدار ابوالحسن شاهه تانا، اورنگزيب جي پٽ کي چيو ته اوهان اسان تي ڇو ڪاهيو آهي؟ هن چيس ته ان ڪري جو اوهان مرهٽن کي اسان سان وڙهڻ لاءِ ڀڙڪايو ٿا. ابوالحسن شاهه تانا چيس ته مرهٽن جي اسان کي اڳيان ڪهڙي حيثيت آهي؟ هو ته اسان جا نوڪر آهن.
ڊاڪٽر مهڪريءَ جو چوڻ آهي ته اورنگزيب جي ڪاهه جو اصل سبب اهو هو ته گولڪنڊي وارا سني ڪو نه هئا.
* ڏسو سہ ماهي ”ادبيات“ اسلام آباد صفحو 174
* Minou Reeves: Behind the Peacock ThronE, p.p. 49.
* ان جو مطلب اهو ڪونهي ته پير صاحب خميني حڪومت جي فائدي ۾ هو. هڪ ته انهن ڏينهن ۾ حافظ، سعدي ۽ خيام جهڙن ”آفاقي شاعرن“ کي ”طاغوتي شاعر“ ڪوٺيو ويو، ٻيو ته ايران عراق جي جنگ لڳي. انهن ڳالهين پير صاحب کي ڏاڍو ڏکويو. خميني حڪومت جنگ شروع ڪانه ڪئي هئي. پر ان کي سالن جا سال جنگبندي منظور به ڪا نه هئي. انهيءَ پاليسيءَ جي نتيجي طور ايران ويران ٿي ويو. 10 لک ماڻهو موت جو شڪار ٿيا.
* جڏهن (مرحوم) ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ته پير صاحب جي وڏي ڀاءُ سان سندس خاندان جا اختلاف هئا، جنهن جون اخبارن ۾ به عام جام خبرون آيون هيون. پير صاحب چيو ته مان قلندر شهباز تي دعا گهرڻ ويس. اڃا مزار تي موجود هوس، جو هڪ ڳورو ڀريل بدن وارو ماڻهو آيو ۽ مون کي اچي پيرن تي هٿ رکيائين. مان کيس ڪو نه سڃاڻندو هوس. سمجهيم ته غيبي اشارو آهي ته طاقت تنهنجي قدمن ۾ آهي. مان سيوهڻ مان ڪراچيءَ موٽي آيس. ٻن چئن ڏينهن ۾ ڀٽي صاحب جي پنڊيءَ مان کيس خودبخود فون آئي ته ”چاچا، هاڻي ته سڀڪجهه پنهنجي هٿ ۾ آهي. ڪا سهڻي صلاح ڏيو.“
* سيد حسن نصر؛ ٽي مسلمان فيلسوف، مترجم؛محمد منور
* سبيءَ ۽ مهر ڳڙهه جي دريافت ٿيل قديم تمدن کي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ڪڙي سمجهڻ گهرجي، ڇو ته سبيءءَ تائين صاف سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي.
* سيد صاحب تازو هندستان ۾ روڊ جي حادثي ۾ وفات ڪئي
* مرحوم مولانا اعجاز الحق قدوسيءَ پنهنجي زندگيءَ جو احوال منهنجي عمر جا 75 سال عنوان سان لکيو هو. مون کي ان جي ڇپائيءَ لاءِ چيو هئائين. سندس زندگيءَ ۾ ته اها فرمائش پوري ڪري ڪو نه سگهيس. پر سندس وفات بعد اهو خير جو ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس.
* تن ڏينهن ۾ مان عام طرح ”ولس“ سگريٽ ڇڪيندو هوس، پر ڪڏهن ڪڏهن مزي وٺڻ لاءِ پليئرس نمبر3 يا ٿري ڪئسلس جا ٻه ٽي سگريٽ وٺي ايندو هوس.
* مخدوم نوح جي حياتيءَ جو احوال، ڪتابي صورت ۾ لکيل، مون مخدوم محمد زمان طالب المولى صاحب وٽ ڏٺو.
: ابو الڪلام آزاد : غبار خاطر
* سيد حسين نصر: ٽي مسلمان فيلسوف – اردو ترجمو : محمد منور