سنڌي واپاري
ھن ڪتاب ۾ سنڌي واپارين جو بخارا کان پاناما تائين 1750ع کان 1947ع تائين جي ڪيل واپار بابت تفصيل شامل آھن. ڪتاب جو اصلي نالو ھيو ”ھندستاني واپارين جو عالمي دنيا 1750ع کان 1947ع تائين واپار. ڪتاب ۾ ڪل 9 باب شامل آھن. ڪتاب ۾ ڏکڻ ايشيائي واپاري سرشتن، سنڌ جي معيشت، خراسان لاءِ واپار، شڪارپور جي واپاري اھميت، پناما کان ڪوبي : حيدرآباد جي سنڌي واپارين، حيدرآباد جي واپاري اھميت ۽ واپاري سرشتن بابت تفصيلي لکيو ويو آھي.