ساميءَ مَٽَ اُپٽيا, مصنف : زبير سومرو

ساميءَ مَٽَ اُپٽيا

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ساميءَ مَٽَ اُپٽيا
مصنف : زبير سومرو
ڪيٽيگري : شاعري
ڇپيندڙ : گونج پبليڪيشن، حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2012
شامل ڪيو ويو : 2021-07-15
ڏِٺو ويو : 2 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 203 ڀيرا

ھي ڪتاب ساميءَ جي سلوڪن ۽ ساميءَ جي شان ۾ لکيل شعري ڀيٽا طور لکيل آھي. ھيرو ٺڪر لکي ٿو: ”زبير سومري ھن رچنا کي ”شرڌانجلي“ سڏيو آھي، پر غور سان اڀياس ڪر ڏسجي تہ ھي ڪتاب فقط شرڌانجلي نہ آھي، ڇو تہ شرڌانجلي جي معنيٰ ٿيندي آھي ڪنھن شخصيت ڏانھن صدق ۽ احترام رکندي ان جي واکاڻ ڪرڻ ان جي مداح ڳائڻ. پر زبير سومرو ڪوي ساميءَ ڏانھن شرڌا ظاھر ڪندي ڪندي ايترو تہ رنگ ۾ رچي ويو آھي، جو سندس رچناتمڪ شڪتيون (تخليقي قوتون) جاڳي اٿيون آحن ۽ ڪڏھن ھو زمان ۽ مڪان جا فاصلا پار ڪيو، ساميءَ واري زماني ۾ ساميءَ واري شڪارپور ۾ پھچيو وڃي تہ ڪڏھن وري ان کان بہ صديون اڳ جي ويدانتي دور ۾ پھچيو وڃي.“   

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شاعري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ