رھجي ويا ڳُڻ
ھن ڪتاب ۾ امان اللہ شيخ 14 ناميارين شخصيتن بابت پنھنجي راءِ لکي آھي، جن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد اللہ سنڌي، عالمي انقلاب جو متوالو ايم اين راءِ، سيڪيولر سنڌ جو روشن باب اللہ بخش سومرو، جي ايم سيد، مير غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ذوالفقار علي ڀٽو، رابندر ناٿ ٽئگور، ائڊورڊ سعيد، خان عبدالغفار خان، پير حسام الدين راشدي، خان محمد پنھور، ۽ سوڀو گيانچنداڻي شامل آھن. ھنن مضمونن ۾ انھن عظيم شخصيتن جي ڪيل جدوجھد، آدرشي ڪردار، ڄاڻ ۽ انسان ذات لاءِ ڪيل خدمتن جو ڳوڙھو مطالعو ڪيل آھي.