مون مطالع سپرين
ھن ڪتاب ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو اڀياس مقالن ۽ مضمونن جي صورت ۾ لکيو ويو آھي، جيئن شاھ جي مجازي شاعري، شاھ جو رقيب، شاھ ۽ سنڌ جي سياست، شاھ جا پھاڪا، سارنگ جي سورمي، متو آھين مڇ، شاھ عبداللطيف ۽ ڪربلا جو قضيو ۽ ٻيا موضوع شامل آھن. ڪتاب ”مون مُطالع سُپرين“ شاھ لطيف جي گلستان جي چونڊ گلن جو مختصر گلدستو آھي جيڪو ليکڪ وڏي عقيدت سان شاھ جي حضور ۾ پيش ڪيو آھي.