سنڌ جي انتظامي تاريخ, سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو

سنڌ جي انتظامي تاريخ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سنڌ جي انتظامي تاريخ
سنڌيڪار : عطا محمد ڀنڀرو
مصنف : وليم نيپئر
ڪيٽيگري : سنڌ شناسي
ڇپيندڙ : روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
شايع ٿيڻ جو سال : 2008
شامل ڪيو ويو : 2023-07-05
ڏِٺو ويو : 569 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 194 ڀيرا

سر چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جو پھريون انگريز گورنر مقرر ٿيو ۽ چار سال ھن عھدي تي رھڻ بعد 1847ع ۾ سنڌ کي ڇڏي ولايت روانو ٿيو، جتي سندس ڀاءُ وليم نيپئر سنڌ جي حوالي سان ڪتاب لکيا.  ھي ڪتاب History of General Sir Charles Napier’s Administration of Seinde and Campaign in the Cutchee Hill   جي نالي سان 1851ع ۾ لنڊن مان ڇپيو. سنڌ ۾ نيپئر جي انتظامي تاريخ نالي ھي ڪتاب 13 بابن، ھڪ اضافي ۽ 20 ضميمن تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب رڳو سنڌ جي انتظامي تاريخ نہ آھي، پر ان سان گڏ گهڻن حوالن سان سنڌ جي باري ۾ اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو. نيپئر سنڌ ۾ پراڻي نظام جي جاءِ تي نئين انتظامي سرشتي جا بنياد رکيا. ڪتاب ۾ زمين جي ورڇ، ڍل، زراعت، آبپاشي جي نظامن، سنڌ جي معدنيات ۽ ھنرن جي سنڀال، جنگ جي انتظامن، انتظامي جوڙجڪ سميت مختلف عنوان شامل آھن. 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري سنڌ شناسي مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ