چانڊوڪيون ۽ چيٽ, ليکڪ : عبدالواحد آريسر

چانڊوڪيون ۽ چيٽ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : چانڊوڪيون ۽ چيٽ
ليکڪ : عبدالواحد آريسر
ڪيٽيگري : تاريخ، فلسفو ۽ سياست
ڇپيندڙ : ٽوڙي پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 1987
شامل ڪيو ويو : 2016-05-06
ڏِٺو ويو : 8969 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 3464 ڀيرا
”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ محترم عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن تي مشتمل ڪتاب آهي۔ اهي نثري ٽڪرا سچ ته ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏين ٿا۔ ” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ ڪھاڻي آھي، پياسي ٿَر ۾ پيل خالي گھڙن ۽ ويران کوھن جي ۽ انھن ماڻھن جي به، جيڪي بُک وگھي، پنھنجا گھر ڇڏي، اُڃيا بُکيا ٿر مان وقتاً فوقتاً نامعلوم منزلن ڏانھن روانا ٿيندا آھن.
” چانڊوڪيون ۽ چيٽ “ پوري انسانذات جي تاريخ جي اُرھه مان گوھا ڪري وھي نڪتل تخليق جو وھڪرو آھي ۽ ھر تخليق تي تنقيد ضرور ٿيندي آھي ۽ تنقيد عام طور تي ان تخليق جي مڃتا برابر ھوندي آھي. اسان سنڌ جي ڏاھن مان پُراميد آھيون ته اھي سنڌ جي مسئلن ڏانھن تخليقي رويو اختيار ڪندا، ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب جو ليکڪ چوي ٿو ته ” سنڌ جي صورتحال ٽائيم بم تي ويٺل اُن معصوم ٻار وانگر آھي، جيڪو چاڪليٽ چوسڻ ۾ مگن آھي ۽ کيس اھا خبر ئي ناھي ته اوچتو بم ڦاٽندو ۽ ھو ڇيھون ڇيھون ٿي ويندو. “

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري تاريخ، فلسفو ۽ سياست مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ