ڀڳت سنگهه کي ڦاسي (سنگيت ناٽڪ), ليکڪ : شيخ اياز

ڀڳت سنگهه کي ڦاسي (سنگيت ناٽڪ)

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ڀڳت سنگهه کي ڦاسي (سنگيت ناٽڪ)
ليکڪ : شيخ اياز
ڪيٽيگري : مختلف موضوع
ڇپيندڙ : نيو فيلڊس
شايع ٿيڻ جو سال : 1986
شامل ڪيو ويو : 2017-05-18
ڏِٺو ويو : 5058 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 2815 ڀيرا
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀڳت سنگھ کي ڦاسي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڏاهي ڏات ڌڻي شيخ اياز جو آزادي جي ڪردارن خاص ڪري ڀڳت سنگهه تي لکيل سنگيت ناٽڪ آهي.
حميده ميربحر لکي ٿي:
”جڏهِن اسيِن شيخ اياز جي لِکِيل سنگِيت ناٽڪ ”ڀڳت سِنگھ کي ڦاسِي“ تي نظر وِجھُون ٿا ته اُن جا سڀُ ڪِردار ۽ خاصِ طور تي ناٽڪ جو مُکيه ڪِردار ڀڳت سنگھ ، ان جي زِندگِي ۽ سندس سياسِي ڪِردار ڏاڍو سگھارو نظرِ اچي ٿو. اياز تمام خُوبصُورِتيءَ سان تاريِخ جي هِن اڏول ڪِردار ڀڳت سنگھ ۽ ان جي ساٿيُن جِي آزادي ۽ وطن دوستِيءَ جي جذِبي ۽ سندن سامِراج سان جوٽِيل جنگِ کي پنهنِجي ڏاتِ ۽ ڏانءَ سان جنهِن انداز ۾ چِٽيو آهي اُهو پڙهندڙن تي گهِرو اثر ڇڏي ٿو.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري مختلف موضوع مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ