نئون دور
ميڊ کي ڪافي ٺاھڻ لاءِ چيائين. الماري کولي وڳا ڏسڻ لڳي . سندس وارڊروب ۾ فيشن مطابق ڪليڪشن ھئي. ڪاري ۽ اڇي رنگ جي پرنٽ وارو سوٽ کنيائين، جنھن جو رئو ڪارو ھو.
اھو سادو وڳو پائيندينء تہ ماڻھو ڇا چوندا؟ اڄڪلھہ مرتين ۾ بہ عورتون فيشن مطابق ڪپڙا پائينديون آھن. ميڪ اپ سان گڏ زيور پڻ پاتل ھوندا اٿن.
پوءِ ھلڪي سرمئي رنگ جو برانڊيڊ قيمتي وڳو وڻيس، جنھن تي ھلڪو زريء جو ڪم ٿيل ھو. ان مناسبت سان جيولري، بيگ ۽ سينڊل پائڻ لاءِ الڳ ڪري رکيائين . چھري تي ھلڪو ميڪ اپ ڪندي، فقط لپ اسٽڪ لڳائڻ کان پاسو ڪيائين .
ڪافي پيئڻ بعد غم کي ٽيڪ مليس.
مامي جي گهر پھتي تہ اتي مٽ مائٽ گڏ ٿي چڪا ھئا . ڦڦيون پار ڪڍي روئي رھيون ھيون . مامو بيواھ ڌيءَ مھرين جي گهر ۾ رھندو ھو . ٻہ پٽ شھر ۾ رھندا ھيس.
مھرين ھن سان ڀاڪر پائي ڏاڍو رني . رعنا جا لڙڪ بہ لڙي آيا.
”ادي مان اڪيلي ٿي ويس. امڙ اڳي اڪيلو ڪري وئي . بابي امڙ جي ڪمي محسوس نہ ٿيڻ ڏني. ھاڻ پاڻ بہ ڇڏي ويو. “
”اسان سڀني کي ھي فاني دنيا ڇڏڻي آھي . ڪو اڳي ويندو ڪو پوءِ بس مامي جي مغفرت لاءِ دعا ڪر. “ رعنا کيس آٿت ڏيندي چيو .
”ادي ويچاري جي پٽن سار سنڀال نہ لڌي. " ماسي صفيہ ڳوڙھا اگهندي چيو.
اھڙي موقعي تي گذاري ويل مظلوم بڻجي ويندو آھي . مٽ مائٽ يا دوست مالڪي ڪرڻ لاءِ پھچندا اٿس.
”پٽ سکيا ستابا ھيس پر علاج نہ ڪرايائونس. “ ماسي افروز لڙڪ اگهيا.
”بس ادو طبيعت جو ٿڌو ھو اولاد تي ڪا سختي نہ ڪيائين انڪري اولاد بہ نہ پڇيس. “
ننڍي ڀاڄائي زبيدہ ٿڌو ساھ ڀريندي چيو.
”ادي کي سٺي پينشن ملندي ھئي، سکيو ستابو ھوکيس ڪنھن جي مدد جي ضرورت نہ ھئي. پر ماڻھوء کي پيسي جي نہ پر ساٿ جي ضرورت ٿئي ٿي . پوڙھائپ ۾ اڪيلائي ماريو وجهي . “ وڏي ڀيڻ شاھدہ لڙڪ اگهندي چيو.
رعنا سوچيو ھي ڪھڙيون ڳالھيون پيون ڪن . مھرين بار بار غش پئي ٿئي، ان کي ڪونہ پيون ڏسن.
شام جو مامي کي دفن ڪري مائٽ موٽيا تہ سڀ ڪجهہ نارمل ھو . اھا ڳالھہ گردش ۾ ھئي تہ غسل ڏيڻ واري مامي جي پنجاھ ھزار واري واچ ۽ سوني منڊيءَ تي قبضو ڪري ورتو . ھن گهر جي سيڌي جي ھڪ وڏي لسٽ الڳ سندس پٽن جي ھٿ ۾ ڏني. اھو ٻڌي رعنا کي ڏک ٿيو . غسل ڏيڻ وارن ۽ قرآن خواني پڙھندڙ ملن جون گهرجون وڌي ويون آھن. مھانگائي بہ چوٽ چڙھي وئي آھي ڇا ڪن!
گهر ۾ چانھن، ڪافي ۽ ڪولڊ ڊرنڪس پئي ھليون.
اڳي مرتيي واري گهر۾ کاڌو پيتو سٺو نہ سمجهيو ويندو ھو. غم ۾ ورتل پيا لڙڪ لاڙيندي ھئا.
مٽ مائٽ، دوست ۽ ڪوليگ تعزيت لاءِ پئي آيا . عورتون ڄڻ پارٽيءَ تي آيون ھجن. ماڻھن کي اھو احساس ڪونھي تہ موقعي جي مناسبت سان ڪھڙو لباس پائجي!
لڳي پيو تہ ڪي آفيس مان آيون ھونديون، ھن سوچيو. اڄڪلھہ آفيسن ۾ بہ عورتون ڪيولاٽ، غرارا ۽ ٻيو پارٽي ويئر پيون پائين . ھتي بہ پاڙي جون عورتون فينسي ڪپڙا پائي آيون آھن. ماڻھن منجهان سمجهہ ۽ احساس ڄڻ تہ موڪلائي ويا آھن . ڪي عورتون موبائيل تي مصروف ھيون.
”باقي سيپارا پڙھڻا آھن، مرحوم جي روح جي ثواب پھچائڻ لاءِ ختمو پورو ڪيو. “ ڦڦي برجيس چيو.
عورتون پاڻ ۾ ڪچھريءَ ۾ مصروف ھيون .
ھن گهڻي ڪوشش ڪئي تہ مھرين کي ڪجهہ کارائڻ جي پر ھوء سخت صدمي واري حالت ۾ ھئي.
مھرين ھن جي گوڏي تي مٿو رکي ليٽي پئي. رعنا ڀت کي ٽيڪ لڳايو ويٺي ھئي .
”ھي سڀ ڪجهہ اجايو آھي. “رعنا ٿڌو گھرو ساھ کنيو.
مامي انور ڪيڏي جدوجھد ڪئي . ٻار پڙھايائين، ھي گهرڪيڏي محنت ۽ شوق سان ٺھرايائين، ھن گهر ۾ شفٽ ٿيا تہ مامي مصباح ڪيڏي نہ خوش ٿي ھئي. مامي بہ چار سال کن اڳي گذاري وئي، جنھن جو مامي انور کي گهڻو صدمو رسيو . دل واري زال جو ھيس . مامو رٽائر ٿيو تہ ڪجهہ سک جو ساھ کنيائين . ٻئي پٽ زالن سميت ٻاھرين ملڪ پيا ايندا ويندا ھئا انڪري ھو مھرين جي زور ڀرڻ تي ساڻس اچي رھيو. مھرين جو گهر وارو نوڪريءَ سانگي ٻاھر رھندو ھو، انڪري پيءَ جي گڏ رھڻ سان ھوء گهڻي مطمئن رھڻ لڳي.
آخر ۾ ماڻھو اڪيلو ۽ ويڳاڻو ٿيو پوي. رٽائر ٿئي ٿو تہ بيماريون اچي ٿيون ورائينس.
رعنا ٿڌو ساھ ڀريو.
ھوءَ مامي جي ڪمري ۾ وئي جتي ھر شيءَ پنھنجي جاء تي موجود ھئي سواء مامي جي !
ھڪ عجيب خاموشي ھوندي آھي، مرڻ واري جي ڪمري ۾، جتي ھر شيءَ اداس نظر ايندي آھي. ٽيبل تي ڊائري بي اھم ھئي . ھينگر ۾ ڪپڙا ٽنگيل ھئا، جيڪي اڄ پائڻا ھيس. وارڊ روب جي خاني ۾ قيمتي واچون پيون ھيون، جن ۾ سندس زندگيءَ جا قيمتي لمحا بيھي رھا ھئا. مامي کي مھانگيون واچون پسند ھيون.
ڪمري ۾ مامي جي ساھن جي پنھنجائپ ڀري خوشبو وکريل ھئي . رعنا کي ڪمري مان وحشت ٿيڻ لڳي. ائين محسوس ڪيائين تہ انسانن بدران، انھن ڪمرن جي ڀتين ۾ احساس باقي رھيو آھي، جن ۾ رھندڙ پويان پساھ کڻندا آھن . ڪالھہ تائين ڪنھن کي مامو ياد نہ ھو پر اڄ ھر ڪو سندس مرڻ تي سندس اڪيلائي جو ذڪر پيو ڪري. مامو ھڪ ٻہ ڀيرا اسپتال داخل ٿيو پر ڪو مٽ مائٽ ظاھر نہ ٿيو.
لفظن ۽ ڳالھين ۾ روح باقي نہ رھيو آھي.
ھوء ٻاھر آئي تہ ھر طرف رڙيون ۽ سڏڪا ھئا . مھرين جي وڏي ڀيڻ ھينئر پھتي ھئي، جنھن جي ڀاڪر ۾ مھرين روئي رھي ھئي.
” ادي مان ڪٿان ڳوليان بابا کي مون کي اڪيلو ڪري ويو ھاڻ ڪنھن کي بابا چونديس. “مھرين پار ڪڍيا.
خاندان جون عورتون اوڇنگارون ڏيڻ لڳيون. غم جو غبار ھو، جنھن کي لڙڪ ھلڪو ڪري رھيا ھئا . روئيندي مھرين غش ٿي وئي .
”ائي مايون ايئن روئينديون رڙنديون تہ مرحيات کي تڪليف ٿيندي. قل پڙھي بخشيوس روئڻ مان ڪجهہ ڪين ورندو. “ پاڙي ۾ رھندڙ مسز مورياڻيءَ کين سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي .
رعنا پاڻيءَ جا ڇنڊا مھرين جي اکين تي ھنيا تہ ھن اکيون ڇنڀيون. ٿوري دير ۾ ھوء سامت ۾ آئي . اکيون کوليندي ئي روئڻ لڳي تہ رعنا سندس ھٿ جهليو.
احساس جي ڇھاء ۾ ننڊ ورائي ويس.
شام رات ۾ جذب ٿيندي ئي مايوسيءَ جو رنگ کڻي آئي. رات جي ماني تيار ٿي تہ ھر ڪو اڳ ۾ ماني کائڻ ۽ کڻڻ جي چڪر ۾ ڊوڙيو. ڪي مائٽاڻين مانيءَ جا ڊونگا ڀرائي رکيا گهرکڻي وڃڻ لاء . پاڙيسرين يا ڄاڻ سڃاڻ وارن جي ڳالھہ تہ سمجهہ ۾ اچي ٿي پر ويجهن عزيزن کي بہ شابس ھجي جو پليٽون ڀري پيا کائين . رعنا کان تہ ھڪ گرھ بہ نڙيءَ مان ھيٺ نہ لٿو.
مائٽاڻين، چانھن تہ ڪڏھن ڪولڊ ڊرنڪ جا حڪم پئي ڏنا. نوڪرياڻي ڊوڙي ڊوڙي سندن انگل پئي پورا ڪيا . ڪڏھن چانھن ٺاھي کڻي ٿي آئي. ڪڏھن ٻارن کي بسڪٽ ٿي ڏنائين .
عورتون پاڻ ۾ گهر ۽ خاندان جا مسئلا ونڊي رھيون ھيون. اھو وسري وين تہ مرتئي واري گهر ۾ آيون آھن . ماني کائي گهر لاءِ پيڪ ڪرائين پيون . ٽي چار شاپر ڀرينديون پيون وڃن.
تسبيحون اڻ ڇھيل پيون ھيون . ڦڦي برجيس سڀني جي سر تي مستقل سوار رھندي ڏھ ختما پورا ڪرايا.
”ادو نصيبن وارو ھو، ڏھ ختما بخشي پورا ڪيا اٿئون. “ ڦڦي برجيس جي چھري تي آسماني روشني ليئا پائڻ لڳي .
اڳي دور سانتيڪا ھئا. خوشيءَ ۾ مزو ۽ غم ۾ احساس ھو. ماڻھو ھڪٻئي جي خوشين ۽ غمن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ھوندا ھئا .
ھاڻ ھر احساس بي معني بڻجي پيو آھي، نہ خوشي ٿي محسوس ٿئي نہ غم ٿو من ۾ گهاء وجهي. فقط دنياداري وڃي بچي آھي. موت جي تڏي تي موت جو خوف ۽ فنا جو احساس فقط چند ڏينھن باقي ٿو رھي. تڏو ويڙھيندي ئي غم ۽ پڇتاء پکي بڻجي اڏامي وڃي ٿو.
اڳي موت جو ڪيڏو ڏھڪاء ھوندو ھو!
چاليھ ڏينھن ماتم پيو ھلندو ھو . پوءِ ٻار ھي تي وڃي دل تي صبر جا ڪي ڇنڊا پوندا ھئا.
”ھاء ڙي دنيا !“ رعنا ٿڌو ساھ ڀريو.
رعنا کي در تي بدحال فقيرياڻي نظر آئي، جنھن سان ٽي ٻار بہ گڏ ھئا. بک ۾ پاھ ٿي لڳي . ماءُ ۽ ٻارڙن جا چپ بٺ زمين جيان سڪا پيا ھئا . ھو اميد منجهان اندر نھاري رھيا ھئا . ھن تڙ تڪڙ ۾ برياني جا ٻہ شاپر ڀريا ۽ در ڏانھن وڌي پر ان کن اڳي پڦي برجيس اچي ان شاپر ۾ ھٿ وڌا .
” ائي امڙ ھيڏانھن تہ ڪر ماني. “
”پڦي خيرات لاءِ ھي ماني فقيرياڻي کي ٿي ڏيان. “
” ماني ختم ٿي وئي امڙ! گهر ۾ عرفان جا دوست آيا آھن. ڪير وڃي ماني ڪندو . “
پڦيءَ جهٽ ھڻي شاپر پنھنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ ڪمري ڏانھن رواني ٿي.
رعنا در ڏانھن نھاريو جتي فقيرياڻيءَ جي اکين ۾ مايوسي سڏڪي پئي.