تضاد
ان اميرن جي رھائش جي چؤڌاري روڊ ھو، جنھن تي وڻن جي ريشمي جهالر وڻندڙ ڏيک ڏيندي ھئي. گهرن جي سامھون ٿورو پرڀرو ھڪ ننڍو باغ ھو، جيڪو عوامي ملڪيت ھو . اتي نم، گل مھر ۽ بيد مشڪ جا وڻ لڳل ھئا، جن ھيٺان بينچون رکيل ھيون ۽ ٻارن جا پينگها ھئا.
ڀرسان ڪاليج ۽ پرائيويٽ يونيورسٽي ھئا، انڪري اڪثر ھتي ڪي شاگرد بہ اچي ويھندا ھئا. اتي سفيد ڏاڙھي وارو مسڪين شخص بينچ تي ويٺو نظر ايندو ھو . سندس چھري تي نرمي ۽ روشني وکريل ھئي. شايد ڪو درويش ھو. ھڪ ٻن شاگردن، ان درويش سان گفتگو ڪئي ۽ سندس ڄاڻ مان متاثرٿيا. وقت گذرڻ سان گڏ شاگردن ۽ عام ماڻھن جو تعداد وڌڻ لڳو. درويش وٽ بنيادي ڄاڻ ھئي، جنھن کان عام ماڻھو اڻ واقف ھئا. ھتي ڄاڻ جو پھريون ۽ بنيادي ڏاڪو وساريو ويندو آھي. باقي ڪائنات ۽ فلسفا ياد ڪيا وينداآھن. ھر شيءَ بنياد کان شروع ٿئي ٿي. پر بنياد وساريو ويو آھي، انڪري شاگردن کي حيرت ٿئي ٿي تہ اھي ڳالھيون کين نہ گهر وارن ٻڌايون نہ ئي استادن کان خبر پين. اھا بنيادي معلومات جي سکيا ھاڻ ختم ٿي چڪي آھي.
ابراھيم شاھ، مردن جو درس ڪرايو. ھو حقوق العباد جي باري ۾ ٻڌائي رھيو ھو. درويش اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر گارڊ روڪيس.
”ھل ڙي فقير معاف ڪر. “ گارڊ ڌڪار سان چيو.
”مان درس ٻڌندس، انڪري اندر وڃڻ ڏيو. ڇو ٿا روڪيو مون کي، جنھن عظيم ھستيءَ جو ذڪر پيو ٿئي، ان انسانن منجهہ فرق کي ختم ڪرايو. “ فقير احتجاج ڪندي چيو.
”ھي درس فقيرن لاءِ نہ آھي. تون ٻاھر ويھي ٻڌ . مائيڪ تي آواز اچنئي پيو. “
گارڊ جي نفرت ڏسي درويش ھليو ويو.
ٻئي ڏينھن باغ ۾ ھڪ ڇوڪري سوال ڪيو:
”سائين! درويشي ڇا آھي؟“
”درويشي عاجزي ۽ دل جي سچائيءَ جو نالو آھي. درويشي زمين ۽ آسمان جي ڄاڻ جو علم آھي. “
”زمين ۽ آسمان جي ڄاڻ اھو وري ڪيئن سائين. “ ھڪ ٻئي ڇوڪري سوال ڪيو.
”درويش سڀ کان اول ڌرتيءَ جي ويجهڙائي حاصل ڪندو آھي. ھو پيرين اگهاڙين پنڌ ڪندو، زمين تي سمھندو. کيس قدرتي طور تي اھا ڄاڻ مشاھدي وسيلي حاصل ٿيندي. “ درويش وراڻيو.
”سائين پوءِ ھن دور ۾ اڪثر امير، درويشيءَ جو پاڻ تي ٺپو ھڻن ٿا. “
”اھي ماڻھو درويشيءَ جي نالي ۾ فائدا حاصل ڪن ٿا. اھي وڏا ھوشيار آھن. “فقير وراڻيو.
”توھان ڪيتري تعليم حاصل ڪئي آھي؟“ ھڪ نوجوان پڇيو.
”مون انٽر سائنس کان پوءِ پڙھائي ڇڏي ڏني. “ درويش جواب ڏنو.
ڇوڪرن کي ھو بزرگ عجيب ۽ پراسرا لڳو. ھو بار بار ڪجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ھن وٽ اچڻ لڳا.
ام حبيبہ درس ڪرايو جنھن لاء ھوءَ پارلر مان تيار ٿي. قيمتي لباس پائي درس ۾ سھڻن قولن کي ورجائڻ لڳي. ھن چيو تہ ”اسان جي نبين اسان کي سادگي، سچائي ۽ صداقت جو درس ڏنو، اسان کي سندس ٻڌايل رستي تي ھلڻ گهرجي. ڏٺو وڃي تہ کين ٻنھي دنيائن تي دسترس حاصل ھئي پر پاڻ غريبي کنيائون، جيئن پنھنجي غريب امت جي ترجماني ڪري سگهن. خوشين ۽ راحتن ۾ دل مردہ ٿيو وڃي، انڪري آسائشون ترڪ ڪري سادگيءَ جو رستو اختيار ڪيو. انسانيت جي خدمت ڪيو . حقوق الله سان گڏ حقوق العباد کي نہ وساريو انھيءَ ۾ دين دنيا جي ڀلائي آھي. “
روح پرور ڳالھين جا سلسلا ھليا ۽ عورتون روئينديون رھيون . سڀني کي ڪوتاھيون ۽ گناھ ياد آيا. ھنن غيبت ڪرڻ کان توبھ ڪئي ۽ سڌي رستي تي ھلڻ جو عھد ڪيائون.
ماني بچي پئي تہ نوڪر چيو تہ سانئڻ پويان جهڳين ۾ ڏئي اچان تہ سانئڻ منع ڪيس .
”صاحب جا ڪي دوست رھجي ويا آھن انھن ڏانھن موڪلڻي آھي. “
ھوڏانھن درويش جا معتقد وڌندا رھيا . سندس ڳالھيون سچيون، بناوٽ ۽ ڪوڙ کان پاڪ ھيون. ھو بنيادي اصول بيان ڪندو ھو. ھو وڻن، ساوڪ، ميون، دريائن، سمنڊن ۽ آسمان جا حوالا ڏيندو ھو. انھن شين جي باري ۾ شاگردن توڙي اتي موجود ماڻھن، ان کان اڳي نہ ويچاريو ھو تہ انھن ڳالھين جي ڪا ايڏي وڏي اھميت ٿي سگهي ٿي ۽ اھي روحاني محرڪ رکن ٿيون ۽ ڪھڙيءَ ريت انساني ذھن، سوچ ۽ عمل سان لاڳاپيل آھن.
اھا معلومات حيران ڪندڙ ھئي. ھو ڪورس جي ڪتاب جي مونجهارن ۾ منجهيايا ويا ھئا ۽ گريڊن جي ڊوڙ پڄائي رھيا ھئا. نہ کين ماحول جي چرپر جي ڄاڻ ھئي نہ رشتن جي اھميت جو اندازو!
درويش کين سمجهايو ھو تہ استاد يا راھنما ڪير ٿيندا آھن ۽ ھو ڪيئن انسانن کي خطرن ۽ مونجهارن مان ٻاھر ڪڍڻ جا طريقا سيکارين ٿا. جيڪي مسئلا اڳي کين مشڪل لڳندا ھئا سي ھاڻ حل ڪرڻ آسان ٿي پيا ھئا.
زندگي آسان آھي پر انسان جو ذھن ان کي منجهائي ٿو.
انسان کي مونجهارو پسند آھي.
ھو پنھنجي چوڌاري پاڻ مشڪلاتن جو ڄار اڻي، ان کان ٻاھر نڪرڻ جو حيلو ڪري ٿو. اھا راند کيس ازل کان پسند آھي، جنھن ۾ وقت گذري وڃي ٿو.
درويش کين اھا ڳالھہ سمجهائي ھئي تہ ماڻھو جيئن نظر اچن ٿا، ھو ان ظاھري ڏيکاء کان مختلف آھن. ھو متضاد مڪالمو جوڙين ٿا. جنھن سان انسانيت کي نقصان پھچي ٿو. اھو ماڻھن لاءِ وڏو امتحان آھي تہ سچ کي پرکڻ جو ڏانء سکن ۽ ڪوڙ کي سمجهي سگهن.
شآگردن ۽ عام ماڻھن کي درويش جون ڳالھيون ٻڌي لڳو تہ ھو وڏي خساري ۾ آھن.
ھڪ ڏينھن جديد دور جي درويشياڻي ام حبيبہ سندس مڙس اتان لنگهيا ۽ باغ ۾ ميڙ ڏسي حيران ٿيا . گهر پھتا تہ ام حبيبہ نوڪر نواز کان باغ ۾ ميڙ جو سبب پڇيو.
”سانئڻ ڪو درويش آھي، جيڪو باغ ۾ رھي ٿو، جنھن جو درس ٻڌڻ پري کان ماڻھو اچن پيا. “
”ھون. “ام حبيبہ جي چھري تي ڪاوڙ جون ريکائون ھيون.
ٻئي ڏينھن پوليس جي وين آئي ۽ درويش کي پڪڙي وئي. درويش جي معتقد ڪاليج ۾ پڙھندڙ نوجوان منصور، پنھنجي چاچي انسپيڪٽر جمال کي درويش کي گرفتار ڪندي ڏٺو. شام جو پڇا ڪرڻ تي خبر پيس تہ مسڪين پوڙھي کي درويشياڻي مشڪوڪ ماڻھو ڄاڻائي گرفتار ڪرايو آھي. ٻئي ڏينھن اھا خبر سمورن شاگردن کي پئي تہ ھنن ام حبيبہ جي در تي بيھي نعري بازي ڪئي.
ڪن ڇوڪرن پٿر ھڻي، سندن عاليشان گهر جا شيشاڀڃي ڇڏيا. ٻيھر پوليس آئي ۽ شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺين جو وسڪارو ڪرڻ لڳي. ڪن شاگردن کي گرفتار ڪري وئي.
ام حبيبہ ۽ ابراھيم شاھ کي اھو واقعو پنھنجي عزت تي داغ جيان لڳو. سندن شھر ۾ وڏي عزت ھئي. اخباري دنيا ۽ ميڊيا جي سوالن کان بچڻ لاء ترت تياري ڪندي ٻارن سان ملڻ پرڏيھ روانا ٿيا.
منصور وڏي اثر رسوخ وارو ھو، جنھن ان مسڪين شخص کي آزاد ڪرائي پنھنجي گهر ۾ پناھ ڏني.
درويش کي ان واقعي اندران جهوري وڌو. ڪجهہ ڏينھن کان پوء درويش سندس ٿورا مڃيندي اجازت گهري.
”ٻہ ٽي ڏينھن اڃان ترسو ھا فقير سائين. “ منصور ڏکاري لھجي ۾ چيو.
”پوءِ بہ وڃڻو پوي ھا ھڪ ڏينھن، ڇو تہ ڪنھن بہ شيءَ کي بقا نہ آھي. شيون تبديل ٿينديون رھن ٿيون . جيڪو تبديلي کي نہ ٿو مڃي اھو دکي رھي ٿو. “
”اسان توھان کان گهڻو ڪجهہ پرايو آھي. اسان اڃان وڌيڪ سکڻ چاھيون ٿا. “ منصور چيو.
”مون اڳي بہ چيو ھو تہ وقت، ماحول، ڌرتي ۽ فطرت کان سکو. سکيا جو ھڪ ذريعو نہ ھوندو آھي. وسيلا تبديل ٿيندا رھندا آھن. “
”توھان منھنجي گهر ۾ رھي سگهو ٿا، ھي اوطاق جو ڪمرو اوھان جي حوالي آھي“. منصور چيو.
”منھنجو ڪو ھڪ آستان ڪونھي بابلا. ھونئن بہ بيھڻ ۽ يڪسانيت نواڻ جو دڳ روڪين ٿا. مستقل نئين سفر ڏانھن وک وڌائيندا رھو. اڳتي وڌندا رھو. جيڪڏھن سفر نہ ٿا ڪري سگهو تہ ذھني سفر ڪريو. تصور توھان کي اڻڏٺل جھانن جو سفر ڪرائيندو. توھان جي اندر تازگي ھوندي. جيڪا توھان سان گڏ ٻين کي بہ زندگي ڏيندي. “
”مان پوري ڪوشش ڪندس تہ سدائين نواڻ جي ڳولا ڪندو رھندس. “
”شاباس نوجوان مون کي تو مان اھا اميد ھئي“. دروايش جي چھري تي تعلق جي روشني وکري وئي.
رات جو درويش پڪو پھ ڪيو تہ ھو ٻيھر ڪنھن شھر جو رخ نہ ڪندو ۽ ساڳي نموني جهنگ جهر، واھڻ، ٻيلا ۽ پھاڙ سندس منزل ھوندا. شھرن ۾ ھن ھر چھري ۾ ھڪ راڪاس ڏٺو. چھرا روشن پر اندر اونداھا ھئا. ھر ماڻھو ٻئي تي شڪ ڪري ٿو. شڪ وڏي ذھني بي سڪوني آھي.
ٻئي ڏينھن منصور اوطاق ۾ آيو تہ درويش وڃي چڪو ھو. ھو سخت مايوس ٿيو. درويش وڃي چڪو آھي پر باغ جي اھا ڪنڊ سندس معتقدن کي سدائين روشن لڳي ٿي.