سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جي اوسر

هي ڪتاب ” سنڌو سڀيتا جي اوسر “ Rise of Indus Civilization (اوائل کان 1500 ق م)، ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌي جو لکيل آهي.
هن ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ۾ سنڌوء جي اوائل کان 1500 قبل مسيح تائين جي تاريخ، اوسر، تباه ڪارين ۽ ترقيء بابت بيان ڪيل آهي۔ تاريخي ۽ ڄاڻ جي حوالي سان هي تمام اهم ۽ تاريخي ڪتاب آهي۔سنڌ ڌرتيءَ جي پيدائش کان وٺي موهن جي دڙي جي تهذيب يعني سنڌو سڀيتا جي زوال بابت جوڙيل مفروضي تائين واري دور جو احاطو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن ۾ سنڌو ماٿر جي ارضياتي جاگرافي، تهذيبي ۽ سياسي جاگرافي، سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انساني آباديون، سنڌو ماٿر ۾ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون، سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو بنياد شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 7644
  • 1306
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جي اوسر

مهاڳ

سنڌ جي تاريخ تي سنڌي ٻوليءِ ۾ اڃان سوڌو سائنسي بنيادن تي ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي. تاريخ جي جديد نقطي نظر موجب جنهن نموني سنڌ جي تاريخ لکڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. خاص ڪري دنيا اندر سنڌو ماٿري جي تهذيب تي جيڪا جديد تحقيق ٿي رهي آهي. ان کان هتان جي ماڻهن کي اڻ ڄاڻ رکيو ويو آهي. اڄ به کين سنڌو سڀيتا بابت برصغير تي برطانوي بيٺڪيت واري دور يعني 80 کان 90 سال اڳ جوڙيل يا طئه ڪيل ٿيوريون پڙهايون وڃن ٿيون. اڄ به اهو پڙهايو ٿو وڃي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي وارث درواڙ نسل جا ماڻهو هئا. اڄ به اهو چيو پيو وڃي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي زوال جا ڪارڻ سنڌ تي يورپ کان سينٽرل ايشيا رستي ڪهي آيل آرين جو حملو هو. جن يورپي نسل جي آرين سنڌ جي هن ڀرئي ڀاڳئي پرڳڻي جي شهري تهذيب کي رات وچ ۾ ناس ڪري ڇڏيو. سندن شهر اجاڙي ڇڏيا، کين سنڌو ماٿري مان نيڪالي ڏئي، ان جا والي وارث پاڻ ٿي ويٺا. آرين جي حملي سبب سنڌو ماٿر جهڙي ترقي يافته تهذيب جا وارث، جن کي ماهر هن کان اڳ دراوڙ قرار ڏين پيا، سي هتان ڀڃي وڃي، هندستان جي ڏاکڻين رياستن تامل ناڊو، ڪرناٽڪا ۽ تيلگو نڪتا. جڏهن ته هاڻي ان دعوى کي نئين تحقيق بعد ماهرن رد ڪري ڇڏيو آهي. يورپي آرين جو تصور پهريون ڀيرو فرانسيسي ماهر جوزف آرٿر (Joseph Arthur, Comte de Gobineau) پيش ڪيو. هن 1855ع ڌاري پنهنجي ڪتاب (An Essay on the Inequality of the Human Races) ۾ آريا نسل جي برتري جو تصور پيش ڪيو. سندس ان تصور کي 19 صدي جي وچ ڌاري برطانوي جرمن نسل جي هڪ ٻولي ماهر ۽ آرڪيالاجسٽ ميڪس مولر (Max Muller) هٿي ڏني. ميڪس مولر آريا نسل کي دنيا جو اعلى نسل قرار ڏيندي، ان نسل ۽ سندس ٻولي کي باقي دنيا ۽ خاص ڪري ڏکڻ ايشيا جي ٻولين جو بنياد قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انڊو آرين ٻولين جو بي بنياد مفروضو ۽ فارمولو قائم ڪيو. جنهن کي اڳتي هلي برطانوي محققن بنياد بنائي سنڌو ماٿري تي يورپي آرين جي حملي جي بي بنياد ٿيوري کي اڳتي وڌايو. جنهن جو حقيقتن سان ڪوبه واسطو نه هو. اصل ۾ ان ٿيوري جو بنياد جرمن نسل پرستي ۽ برطانوي بيٺيڪيت سوچ تي ٻڌل هو، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي قديم آثارن جي کوٽائي يورپي آرڪيالاجسٽن ڪئي ته هنن لاءِ اها حقيقت تسليم ڪرڻ انتهائي ڏکئي هئي ته جنهن ديس تي هو قابض آهن، ان جي ماضي ڪا ايتري شاندار ٿي سگهي ٿو. ان ڪري تعصب جي بنياد تي يورپي ماهرن هتان جي اصلوڪن رهاڪن کي نفسياتي طور غلام رکڻ ۽ پنهنجي برتري ۽ بيٺڪيت جو جواز پئدا ڪرڻ لاءِ سنڌو ماٿري تي يورپي نسل جي آرين جي حملي جو مفروضو گهڙيو. جنهن کي اڳتي هلي ماهرن سائنسي ثبوتن سان رد ڪري ڇڏيو. تازو سينٽر آف سيليولر اينڊ موليڪيولر بائيولاجي جي سائنسدانن (Scientists from the Centre for Cellular and Molecular Biology) گائنشوار چوبي ۽ ڊاڪٽر ڪماراسامي ٿنگاراج آمريڪا جي هڪ تحقيقي جنرل (American Journal of Human Genetics) ۾ آرين جي مفروضي کي مڪمل طرح رد ڪيو آهي. سنڌو سڀيتا تي تحقيق ڪندڙ انهن سائنسدانن جو تعلق اسٽونيا، ڀارت ۽ ٻين ملڪن سان آهن. جن ٽارٽو يونيورسٽي اسٽونيا جي تعاون سان سنڌو ماٿري جي قديم آثارن تي جينيٽڪ (Genetics) بنيادن تي تحقيق ڪئي آهي.
خود سنڌو سڀيتا جي وارثن کي دراوڙ نسل جا قرار ڏيڻ به آرين جي حملي بابت جوڙيل ان مفروضي کي جواز بخشڻ هيو. جنهن موجب آرين جي حملي وقت جيڪي ديس ڌڻي هتان لڏي وڃي ڏکڻ هندستان ۾ آباد ٿيا، اهي موجوده دراوڙ نسل سان واسطو رکن ٿا. هتي سوال پئدا ٿئي ٿو ته جن ماڻهن موهن جي دڙي جهڙي شاندار شهري تهذيب کي جنم ڏنو، سي آخرڪار ان ساڳي تهذيب جو ڦهلاءُ ڏکڻ هندستان ۾ ڇو نه ڪري سگهيا؟ هنن تامل ناڊو، تيلگو، ڪرناٽڪا ۾ هڙاپا، موهن جي دڙي ۽ چانهون جي دڙي جهڙا سڌريل شهر ڇو نه اڏيا؟ هن وقت تائين قديم آثارن جي ماهرن کي ڏکڻ هندستان مان اهڙي ڪنهن به سڌريل تهذيب جا آثار نه مليا آهن، جن جو سنڌو سڀيتا جي تهذيب سان ڪو لاڳاپو ظاهر ٿي سگهي. ان ڪري يورپي ۽ خاص ڪري جرمن آرڪيالاجسٽن طرفان سنڌو سڀيتا جي وارثن کي درواڙ قرار ڏيڻ پويان پڻ آرين جي حملي واري مفروضي کي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش هئي. جنهن کي اڳتي هلي انساني علم ۽ قديم آثارن جي ماهرن ثبوتن سان رد ڪري ڇڏيو آهي. هن ڪتاب ۾ اها ڳالهه جديد ۽ تازي ٿيل تحقيق جي بنياد تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌو سڀيتا جا وارث دراوڙي نسل جا نه هئا، پر هو هن ئي ڌرتي جا آڳاٽي سنڌي نسل جا ماڻهو هئا. سنڌو سڀيتا دراوڙي تهذيب نه پر اصل سنڌو ماٿري جي تهذيب آهي، جنهن هن ئي ماٿري ۾ پنهنجي ارتقا جا ڏاڪا طئه ڪيا.
سنڌو ماٿري جي سڀيتا تي آرين جو حملي وارو تصور بي بنياد ۽ مفروضي تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ ان مفروضي کي رد ڪيو ويو آهي ته سنڌو سڀيتا جي زوال جو سبب سنڌ تي آرين جو حملو هو. مختلف ماهرن طرفان آرين جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ هتان جي اصلي باشندن کي غلام بڻائي انهن جو قتل عام ڪرڻ يا مڙني ماڻهن کي سنڌ مان نيڪالي ڏئي ڇڏڻ يا سندن سموري تهذيب ۽ ان جي شهرن ۽ وسندين کي مڪمل طور فنا ڪري ڇڏڻ وارو تصور هڪ مفروضو پيو لڳي. آريا نه ڪا قوم، نه وري قبيلو يا ماڻهن جو ڪو گروهه هيو. ان ڪري اهو تصور ڪرڻ ته سنڌو سڀيتا جو خاتمو نام نهاد آريا قبيلن آندو، عقلي ۽ سائنسي بنيادن تي بيٺل نه آهي.
آريا اصل ۾ ڪا قوم، قبيلو يا نسل نه هو، پر سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ ماڻهن جو هڪ طبقو هو. آريا اهي ماڻهو سڏبا هئا، جيڪي هارپو ڪندا هئا. هارين کي موهن جي دڙي جي دور کان وٺي هندو ڌرم جي عروج واري دور ۽ ان کان پوءِ به آريا چيو ويندو هو. جڏهن ته هارپو نه ڪندڙن کي اڻ سڌريل يعني اڻ آريا چيو ويندو هو. هندن جو ديوتا ’هري‘ اصل ۾ ’هر‘ مان نڪتل آهي ۽ آباديءَ جو ديوتا تصور ڪيو ويندو آهي. ان ڪري سنڌو ماٿر ۾ آباديءَ ۽ خوشحالي جي علامت طور هارين کي آريا ڪوٺيو ويندو هو. سنسڪرت زبان ۾ به آرين جي معنى اوچي ذات، شريف ۽ آزاد آهي. سنسڪرت زبان ۾ آريا لفظ ڪنهن نسل، قبيلي يا قوم جي نالي طور ڪتب نه آيو آهي. جيئن يورپي محققن هڪ مفروضو قائم ڪري تاريخ ۾ آرين جو افسانو گهڙي شامل ڪيو.
مان پنهنجي هن ڪتاب ” سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي پيدائش کان وٺي موهن جي دڙي جي تهذيب يعني سنڌو سڀيتا جي زوال بابت جوڙيل مفروضي تائين واري دور جو احاطو ڪيو آهي. جيالاجي ماهرن موجب سنڌ ڌرتي جو وجود اڄ کان اٽڪل 100 ڪروڙ سال اڳ ٽيٿس سمنڊ جي اندران ميداني علائقي ۽ پهاڙي سلسلي اڀرڻ جي ڪري ٿيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ ڌرتي جي وجود بابت تفصيل سان لکيو ويو آهي. جيئن پڙهندڙ جي ذهن ۾ هن ڌرتي جي پئدائش، هتي انساني ارتقا ۽ تهذيبي ارتقا بابت هڪ خاڪو جڙي سگهي. ارضياتي ماهرن طرفان ٿيل تحقيق موجب سنڌ ۾ 6 ڪروڙ ورهيه اڳ زندگي جي شروعات ٿي. اڄ کان 6 ڪروڙ ورهيه اڳ هتي ڪيترائي جيتن جا قسم، ڪرنگهي دار مڇيون، پکين جا مختلف قسم پيدا ٿي چڪا هئا، جڏهن ته کير پياريندڙ جانورن جو وجود هتي اڄ کان ساڍا چار ڪروڙ ورهيه اڳ تائين ملي ٿو.
علم انسانيات جا ماهر (Anthropologists) ان راءِ جا آهن ته انسان جا پراڻي ۾ پراڻا آثار يعني دنيا ۾ سندس هئڻ جي وڌ کان وڌ اڳوڻي ثابتي سنڌو ماٿر ۾ ملي آهي. انساني ارتقا جو عمل باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پهريان هند سنڌ (ڏکڻ ايشيا) ۾ ٿيو. سنڌو ماٿر ۾ انسان 2 ڪروڙ سال اڳ ڌرتي جي ٽئين زماني (Tertiary) ۾ حيواني نسل کان عليحده ٿيو. هندستان جي سيوالڪ (Siwalik Hills) جبلن ۾ کوٽائي ڪندي هڪ انسان جو ٻه ڄاڙيون هيـٺيون ۽ مٿيون ڳولهي لڌيون آهن، جيڪي پٿرائجي چڪيون آهن. جن کي ماهرن راماپٿيڪس (Ramapithecus) يعني ”ماڻهو جهڙو پوتر“ جو نالو ڏنو آهي. راما پٿيڪس انسان اڄ کان هڪ ڪروڙ 50 لک سال اڳ جي زماني جو انسان آهي. هن انسان جي لڌل پٿرايل بوتي جو وري 1961ع ۾ ٻيهر اڀياس ڪيو ويو ۽ ماهرن هن پٿرايل بوتي کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قديم انسان قرار ڏنو. ان بعد وري پاڪستان جي پوٺار جي علائقي مان پڻ پٿرايل انسان جو ڍانچو مليو، جيڪو 70 لک سال پراڻو آهي. جنهن کي ماهرن سواپٿيڪس (Sawapithecus) يعني ”هر دم زندهه“ جو نالو ڏنو آهي. آڳاٽي سنڌو ماٿر ۾ هن قسم جي ماڻهو ملڻ کانپوءِ ماهرن کي پنهنجا رايا بدلائڻا پيا ۽ هنن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته دنيا ۾ سڀ کان اول آدم جي پئدائش سنڌو ماٿر ۾ ٿي ۽ سنڌو ماٿر ئي انساني ارتقا جو پهريون مسڪن بڻي. هن کان اڳ دنيا ۾ جيڪي ٻين هنڌن تي قديم انسان جا آثار مليا آهن، سي سڀ سنڌو ماٿر ۾ مليل انسان کان پوءِ جا آهن. جنهن ڪري اسان هاڻ سائنسي تحقيقاتي بنيادن تي اها ڳالهه چئي سگهون ٿا ته سنڌو ماٿر اوائلي انساني ارتقا جو بنياد هئي ۽ شروع ۾ هتان ئي انسان پنهنجو پهريون سفر شروع ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي دنيا اندر وڌيڪ تحقيق ۽ کوجنا دوران اهڙا ڪي ثبوت ملن، جن سان موجوده راءِ ۽ نتيجا تبديل ٿي وڃن.
هن ڪتاب ۾ تحقيق ذريعي اها ڳالهه ثابت ڪئي وئي آهي ته پراڻي (پروٽو) سنڌي ٻولي ئي سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ٻولي هئي. سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون موهن جي دڙي واري سڀيتا ۾ کتل آهن. پروٽو سنڌي ٻوليءَ جون خاصيتون هندستان جي ٻين ٻولين ۾ هجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انهن ٻولين جو اصل بڻ بڻياد پروٽو سنڌي هئي. بابل ۽ ميسوپوٽيميا ۾ سنڌي ٻوليءَ جون نشانيون ملڻ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌو ماٿر جي ترقي يافته تهذيب جي وارثن واپار سانگي اتي پهچڻ بعد پنهنجي ٻوليءَ جو انهن ديسن ۾ ڦهلاءُ ڪيو. جنهن ڪري بابل ۽ ميسوپوٽيميا جي قديم آثارن مان ٻولي بابت مليل باقيات جو موهن جي دڙي جي ٻولي سان هڪجهڙائي ان جو ثبوت آهي. ماهرن اهو ثابت ڪيو آهي ته مکيه دراوڙي ٻوليون تامل، تيلگو ۽ ڪناڙي اصل پروٽو سنڌي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتيون آهن. جڏهن ته سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ گهڻي پراڻي آهي.
دراوڙي ٻولين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ملڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته هنن هڪ سڌريل تهذيب ”سنڌي ٻوليءَ“ جو اثر قبول ڪيو. جيڪڏهن ڪو ائين سمجهي ٿو ته سنڌي تهذيب دراوڙ نسل جي ماڻهن جي تخليق آهي ته اهو گاڏيءَ کي گهوڙي جي اڳيان جوٽڻ ٿيندو. ڇاڪاڻ ته دراوڙن جي اصل ديسن ۾ ڪنهن به اهڙي شاندار تهذيب جا ثبوت نه مليا آهن، جهڙيون شاهديون سنڌو ماٿر ۾ مليون آهن. ماهرن ثابت ڪيو آهي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو دراوڙ نسل جا نه پر آڳاٽا سنڌي هئا.
هن ڪتاب ۾ جن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن ۾ سنڌو ماٿر جي ارضياتي جاگرافي، تهذيبي ۽ سياسي جاگرافي، سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انساني آباديون، سنڌو ماٿر ۾ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون، سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو بنياد شامل آهن. سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جي معاشرتي حالت، ان دور جو معاشي تجزيو، ان دور جي ٻولي ۽ لپي بابت هيل تائين ٿيل تحقيق کي بنياد بنايو ويو آهي. اڄ کان هزارين سال اڳ سنڌو سڀيتا جي وارثن جي مذهب ۽ نظرين کي به بحث جو موضوع بڻايو ويو آهي. سنڌو سڀيتا جي ماڻهن جا ان دور ۾ باقي دنيا سان ڪهڙا رابطا ۽ لاڳاپا هيا، انهن تي به تفيصلي بحث ڪيو ويو آهي. سنڌو ماٿر جي عوام جو نسلي جائزو پيش ڪيو ويو آهي ۽ آخر ۾ سنڌو سڀيتا جي تباهيءَ بابت قائم ڪيل مفروضي کي دليلن سان رد ڪيو ويو آهي. هن سڄي تحقيق دوران مذهبي، نسلي ۽ قومي تعصب کان هٽي ڪري آرڪيالاجي، جيالاجي، اينٿراپلاجي ۽ جينيٽڪ سائنس جي ماهرن طرفان سائنسي بنيادن تي اخذ ڪيل نتيجن کي بنياد بنايو ويو آهي. حقيقتن کي ڪنهن به وڌاءَ کان سواءَ جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ماضيءَ جي خيالي ۽ فرضي تصورن کي فقط ئي فقط جديد کوجنا جي بنياد تي رد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.


رڪ سنڌي
حيدرآباد سنڌ
4 مارچ 2016ع