سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جي اوسر

هي ڪتاب ” سنڌو سڀيتا جي اوسر “ Rise of Indus Civilization (اوائل کان 1500 ق م)، ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌي جو لکيل آهي.
هن ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ۾ سنڌوء جي اوائل کان 1500 قبل مسيح تائين جي تاريخ، اوسر، تباه ڪارين ۽ ترقيء بابت بيان ڪيل آهي۔ تاريخي ۽ ڄاڻ جي حوالي سان هي تمام اهم ۽ تاريخي ڪتاب آهي۔سنڌ ڌرتيءَ جي پيدائش کان وٺي موهن جي دڙي جي تهذيب يعني سنڌو سڀيتا جي زوال بابت جوڙيل مفروضي تائين واري دور جو احاطو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن ۾ سنڌو ماٿر جي ارضياتي جاگرافي، تهذيبي ۽ سياسي جاگرافي، سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انساني آباديون، سنڌو ماٿر ۾ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون، سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو بنياد شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 7644
  • 1306
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جي اوسر

سنڌو سڀتا جا قديم ماڳ

موجوده جاگرافيائي سرحدن موجب، سنڌو سڀيتا جا قديم ماڳ، پاڪستان جي مڙني صوبن سميت افغانستان ۽ هندستان جي مختلف صوبن ۽ رياستن ۾ مليا آهن. ڇو جو اڄ کان 7 يا 8 هزار سال (6000 ق م) اڳ انهن مٿين ملڪن جا ڪجهه حصا سنڌو سڀيتا جي وارثن جي حڪومت هيٺ ۽ سرحدن ۾ شامل هئا. اڄ تائين ٿيل تحقيق موجب سنڌو سڀيتا جا اٽڪل 2000 ماڳ ملي چڪا آهن. جن مان ڪجهه قديم آثارن ۽ ڀڙن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي ته ڪن جي صرف نشاندهي ڪئي وئي آهي.
هيءُ ماڳ مشهور سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت يا عروج جي دور جا آهن. جيڪي 6 هزار ق - م کان 1500 ق - م تائين آباد هيا. انهن شهرن ۾ تمام پراڻو ماڳ لاکين جو دڙو ۽ مهر ڳڙهه ساڍا 7 هزار ق - م جا ۽ ان بعد ڪلي گل محمد 4200 ق - م جو آهي. انهن ٽن پراڻن ماڳن کان سواءِ باقي شهر ۽ ڳوٺ سنڌو سڀيتا جي ٻن مشهور دورن سان واسطو رکن ٿا. جنهن ۾ اوائلي دور ”ڳوٺاڻي ثقافت“ جي نالي سان سڏجي ٿو، جيڪو 3500 ق - م کان 2300 ق - م جو آهي ۽ ٻيو دور سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور ”شهري تمدن“ جي نالي سان سڏجي ٿو. جيڪو 2500 ق - م کان 1500 ق - م جو آهي. ڳوٺاڻي ثقافت وارن ماڳن ۾ آمري ۽ ڪوٽڏجي اهم بستيون آهن ۽ شهري تمدن ۾ موهن جو دڙو، هڙاپا ۽ چانهون جو دڙو اهم بستيون آهن.
اسان هيٺ انهن مڙني قديم ماڳن مان ڪجهه اهم ماڳن جي فهرست ڏيڻ کان پوءِ، انهن ماڳن مان ڪن مکيه ۽ گهڻو اهم شهرن ۽ ڳوٺن بابت مختصر وچور پيش ڪريون ٿا.

[b]سنڌ جا قديم ماڳ
[/b]موهن جو دڙو، آمري، ڪوٽڏجي، چانهون جو دڙو، ڳاڙهو ڀڙو، نهٽو، ٿرڙي گجو، ڪوهٽراس بٺي، پانڌي واهي، علي مراد، ڊرٻ ڏيٿڙي، ٿيڙ، لکمير جي ماڙي، ڪائي بٺي، لنڊي بٺي، ليمون جوڻيجو، غازي شاهه، نارو وارو دڙو، ڏنڀ بٺي، ديهه ماڙي صابري، ڏيسوئي، الهڏنو، عاملاڻو، عارب جو ٿاڻو، شاهه جو ڪوٽڙو، ٻانڌڻي، چونرو، ڍال، ڏيجي جي ٽڪري، گورنڊي، حسن علي، جهڪڙ، جانگهارا، ڪرچاٽ، کجور، لکيو (پير لاکو)، لوهري، ليلان جي ماڙي، لوهم جو دڙو، اورنگي، عثمان جي بٺي، پئي جو ڪوٽڙو، پوکراڻ، ٽنڊو رحيم، تونگ بٺي، احمد شاهه، بچاڻي، ٻانڌڙي، بيبي جي ڀت، ڇٽي جو ڪنڌ، ڍلاڻي جو ڪوٽ، جيري جو ڪلات، جڏيرن جو دڙو، ڪڇو بٺي، کنڊر ڀٽ، ڪانڌي واهي، ڪرهيو پير ڀانڊاري، ڪرنڊ جي ڀٽ، کوسو دڙو، ڪونج سر، لنڊي ٺوڙهي، لال ڇتو، ممڙو، مرکان، مشتاق، ترگاڻي جو ڪنڌ، نڪا، ڦنگ، راڄو ديرو، روهيل جو ڪنڌ، سنياسي بٺي، ٺارو ٽڪري، ٺيڙهي بهادر شاهه، پير شاهه جڙيو، نيل بازار، جهانگري، مٺو ڌياڻو، ڌامراهو، ڪوٽيشر، وجهڙوٽ، لاکين جو دڙو ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]بلوچستان جا قديم ماڳ
[/b]مهر ڳڙهه، ڪڙي گل محمد، دمب سادات، ستڪاجن در، نال، راڻا گندئي، بالاڪوٽ، دشتو، ستڪا ڪوهه، تربت، شاهي تمپ، واهل، بيلا، ڪولي، نندرا، نوڪجا شاهه، نندوري، ڪناڙ، ميهي، سرخ ڏنڀ، خضدار، انجيرهه، پٺاڻي ڏمڀ، ڪوٽرا، سياهه ڏنڀ، قلات، گاند ڏمڀ، ڪرتا، ٽوگائو، بابر ڪوٽ، شوجنگل، ڪناڙي، ڪيچي بيگ، ڪوئيٽا مري، مغل گندائي، پيراڻو گندائي، دبر ڪوٽ ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]پختون خواهه جا قديم ماڳ
[/b]بنون، سري ڪولا، ڪرم شاهه، گوملا، رحمان ڳڙهي، هٽالا، جهنگ، شهباز ڳڙهي ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]پنجاب جا قديم ماڳ
[/b]هڙاپا، گنويري والا، ٽرڪي، سانڌ نارو، 24 ماڳ بهاولپور ۾ قديم هاڪڙي درياهه جي ڪنارن تي، لوري والا ٿر، بهوٽ، ڪدوالا، ونيوال، جلال پور، ليهه، چڪ پربان سيات، موسى خيل ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]افغانستان ۾ منڊيگڪ ۽ ٻيا شامل آهن.
[/b]
[b]اوڀر پنجاب، هريانه ۽ راجپوتانه ۾ قديم ماڳ
[/b]ڪالي بنگن، ڪوٽ پلان، ڪوجلا نيهنو، بارا، عالمگير پور، نگر، روپر، 14 ماڳ بيڪانير ۾، دوب، هريانه رياست ۾ راکي ڳڙهي ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]ڪڇ ۾ قديم ماڳ
[/b]مندرا، ناوينال، مانڊوي، توديو، ناليا، انجار، ڪوٽڊا، ڀڄ، ڪوٽڊا بادلي، نکتارانا، ڏيسالپور، نارپا، ويدا، لکپت، لوڻي، باڻي، ڪوٽرا، نيوني ڌر، ڪوٽاڊي، موريو، ڪيراسي، سرڪونڊا، سيلاري، راپر، پد مهت، لاکپر، ڪنٿ ڪوٽ، کاري ڪاڪندا، پير وڏا کيتر، ڍولاويرا ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]ڪاٺياواڙ ۾ قديم ماڳ
[/b]ڦالا، لاکا بهاول، آمرا، هالار، گوپ، ڪنار ڪيڊا، سومناٿ، ڪانجيٽر، ونيوادر، روجڊي، اڌ ڪوٽ، بهم پاتال، بابر ڪوٽ، رانگپور، ديوالا، چڪائو، گوئي، ڀنسووا، لوٿل، ڪوٿ، نوستاريا، جمناگر، ميهگام، تيلوڊ، ڀڳتارو ۽ ٻيا شامل آهن.

[b]1. موهن جو دڙو
[/b]
انڊيا جي قديم آثارن جي ماهر راکلداس بئنرجي 1918ع کان ڏکڻ پنجاب، بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ ۾ سڪندر اعظم جا اهي 11 ٺل ڳولڻ لاءِ مختلف هنڌن جي جاچ ۽ کوٽائي ڪرائي رهيو هو. جيڪي سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سو ورهيه اڳ پنهنجي ڪاهه دوران بياس نديءَ جي ڪناري ٺهرايا هئا ۽ مٿن يوناني ٻوليءَ ۽ هندي زبانن ۾ نوشتا اُڪرايا هئا. هن 1918ع کان 1922ع تائين وڏي جدوجهد بعد سنڌ ۾ کيرٿر کان سنڌونديءَ تائين جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 27 وڏن ۽ 53 ننڍن دڙن کي ڳولي، انهن جي کوٽائي ڪرائي، پر اتفاق سان اهي سڀ ٻڌ دور جا يادگار نڪتا. (1) ائين اتفاق سان هيءُ ماهر ووڙيندو ووڙيندو 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شهر کان 6 ميل پري هڪ ٻڌ اسٽوپا وٽ پهتو، جيڪو ٻڌ دور جو هڪ مندر هيو. اهو ٺل سنڌونديءَ جي سطح کان 46 فوٽ مٿي هڪ دڙي تي هيو. جنهن ٺل جو ۽ اتان مليل ٻڌ ڌرم جي ڀڪشن جي رهڻ جي جاين جو ان کان هيٺين تهن يا زماني سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هو. هي مٿيون سڀ تعميرات ٻڌ ڌرم جي راجا واسديو (پهريون) جي دور جون هيون. اهي ان کان هيٺ موجود شهر جي تباهي کان پوءِ هزار سال گذرڻ بعد ان مٿان وري اڏيون ويون هيون. ان خيال کان ته زمين جي سطح کان مٿانهين جڳهه تي مذهبي آستان جوڙڻ سان ان جو سال بسال سنڌو جي ٿيندڙ ٻوڏين کان بچاءُ ٿي پئي سگهيو.
جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجهه کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان پٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون جو اهڙو ٺيڪراٽ هٿ آيس، جن جو ٻڌ دور سان ڪو به واسطو نه هيو. پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشاندهي ڪن پيا. (2) جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي، جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪ جهڙائي ڏيکاري پئي. جيڪا سر الگزينڊر ڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي مان ملي هئي. (3) ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي. جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي. ڇو جو هتان ملندڙ ڪجهه اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا. جيڪو هنڌ ان وقت برصغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو هو. بس ايئن ئي سنڌ جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب مٿان زمانن جا پيل پردا ۽ لٽ لهڻ شروع ٿيا. قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ هن عظيم تهذيب بابت رپورٽون ۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد ئي سڄي دنيا ۾ هن عظيم تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ پئجي وئي. ان ئي کوٽائيءَ سنڌ ديس جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5 هزار سال اڳ جي سونهري دور جو اضافو ڪيو. برصغير سميت سڄي دنيا جي تاريخ جي شروعات هن خطي جي ذڪر سان شروع ٿيڻ لڳي.
موهن جي دڙي جي هن قديم ماڳ جي وڌيڪ کوٽائي ان وقت انڊيا جي قديم آثارن واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل جي نظرداريءَ هيٺ 1922ع جي سياري جي مند ۾ ٿي، جيڪا لاڳيتو 1927ع تائين هلي. ان کوٽائيءَ جو سمورو احوال سر جان مارشل ٽن ضخيم جلدن ۾ شايع ڪرايو. (4) وري ٻيو دفعو هن کنڊر جي کوٽائي ارنيسٽ مئڪي جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. جنهن پنهنجو ڪم 1927ع کان 1931ع تائين ڪري ختم ڪيو ۽ پنهنجي تحقيقات کي جدا ڪتاب ۾ شايع ڪيو. (5) ان بعد وري ڊاڪٽر سر آر ايم وهيلر 1950ع کان هن دڙي جي کوٽائي ڪرائي. وري 1965ع ۾ آمريڪي آرڪيالاجيڪل مشن جي سربراهه پروفيسر جارج ايف ڊيلز (يونيورسٽي آف پينسلونيا) طرفان وڌيڪ کوٽائي ڪرائي وئي. اهڙي طرح هن عظيم شهر جي کوٽائيءَ ۾ بئنرجي، سر جان مارشل، جارج ايف ڊيلز، هارگريوز، سروپ وتيس، ڪي اين ڊڪشٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ هيءُ 5 هزار سال پراڻي تهذيب ۽ تمدن جا نرالا رنگ ۽ ڍنگ ورهين گذرڻ بعد اسان جي سامهون آيا.
موهن جي دڙي جو تباهه ٿيل شهر اتر سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي-ڪوئيٽا ريلوي لائين تي ڏوڪريءَ جي اسٽيشن کان 6 ميل پري آهي. سنڌوندي هن ماڳ جي اوڀر ۾ وهي ٿي. موهن جي دڙي جو کنڊر 240 ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. (6) لئمبرڪ جي چئي مطابق هيءُ شهر گهيري ۾ ٽن ميلن کان به وڌيڪ ڦهليل آهي ۽ هي تمام گهاٽي آدمشماريءَ وارو شهر هيو. (7) هي کنڊر هن وقت ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ”مٿيون شهر“ جتان شهر پناهه جا آثار مليا آهن. جيڪا ٻين جڳهن کان ڪجهه مٿڀري سطح تي جڙيل آهي. ان مٿين سطح تي جوڙيل اڏاوتن ۾ ميونسپل هال ۽ شهري کاتن جي انتظاميه جون سرڪاري آفيسون ۽ بنگلا، پاڻيءَ جو تلاءُ، ٿنڀن وارو اسيمبلي هال ۽ هڪ وڏو ان جو ڀانڊو مليو آهي. جيڪي مٿين سطح تي ان خيال کان ٺاهيا ويا ته جيئن سنڌو درياهه جي ٻوڏن کان انهن جي حفاظت ٿي سگهي ۽ هيٺئين شهر جا ماڻهو به مٿئين شهر جي قلعي ۾ ٻوڏن وقت پناهه حاصل ڪري سگهن. (8) ٻيو وري هيٺيون شهر، جنهن ۾ رهڻ جون جايون، دڪان، بازاريون، ڪشادا رستا وغيره آهن. هيٺيون شهر به اعليٰ رٿا سان انجنيئري طريقي سان ٺهيل آهي. هن شهر جون وڏيون گهٽيون شهر کي مختلف وڏن بلاڪن ۾ ورهائن ٿيون. (9) شروعات ۾ دڙو هڪ ئي هئو، پر پوءِ شايد سنڌو ندي جي ڪنهن اوائلي ليٽ هن جي اسٽوپا ايراضي واري حصي کي هيٺين ايراضي کان جدا ڪري ڇڏيو. (10)
هاڻ اسان موهن جي دڙي ۾ مليل عمارتن، گهرن وغيره جو ذڪر ڪنداسين. جيئن ته شهر ۾ مليل عمارتن ۾ اسٽوپا به هڪ خاص ۽ ڌيان طلب عمارت يا هنڌ آهي. پر جيئن ته هن عمارت جو سنڌو سڀيتا جي هن پوئين دؤر سان ڪوبه واسطو نه آهي ۽ اسٽوپا پوءِ جي ٻڌ واري دؤر جي اڏاوت آهي. ان ڪري هت ان جو ذڪر نه ٿو ڪجي. باقي ٻئي جيڪي جڳهون سنڌو تهذيب جي دؤر سان واسطو رکندڙ آهن. انهن جو مختصر احوال ڏجي ٿو. پوءِ اچو ته پهريان مٿئين شهر ۾ مليل عمارتن جو ذڪر ڪيون.

[b] وڏو حوض:
[/b]اسٽوپا جي اتر اوڀر واري ڪنڊ ۾ هڪ حوض آهي. هيءُ حوض سنڌو سڀيتا جي وچ واري دؤر جي عمارت آهي. هي حوض مستطيل شڪل جو آهي ۽ 29 فوٽ ڊيگهه ۽ 23 فوٽ ويڪر اٿس. منجهس اندر لهڻ لاءِ ڏاڪا آهن. (11) هيءُ تلاءُ هڪ وڏي کليل عمارت اندر آهي. جنهن جو ديوارون 7 يا 8 فوٽ آهن. تلاءَ جو ترو مضبوط ۽ لسو آهي. تلاءُ اٺ فوٽ اونهو آهي. (12) هن تلاءَ جي ڀر ۾ هڪ کوهه مليو آهي. جتان تلاءَ کي پاڻي پهچايو ويندو هوندو. هن تلاءَ کي صفائي ڪرڻ لاءِ هيٺان هڪ ڪنڊ ۾ سوراخ به ٿيل آهي. جنهن مان نالي نڪتل آهي. جنهن رستي تلاءَ ۾ جمع ٿيل ڪنو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو هوندو. هيءَ نالي به نهايت عمدي جڙيل آهي. ۽ ايتري اونهي آهي جو ڀلي ته 6 فوٽ ڊگهو ماڻهو ان ۾ بيٺو هجي. سڄي نالي ڍڪيل آهي. وچ تي نالي ۾ هڪ کليل ٽڪر (Main-hole) آهي. نالي ۾ گندو ڪچرو گڏ ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ماڻهو ان سوراخ مان لنگهي وڃي، ناليءَ جي صفائي ڪندو هوندو. پاڻيءَ جي سيمي کي روڪڻ لاءِ ڏامر هنيل آهي. (13) تلاءَ جي اوساري سيمينٽ جهڙي مصالحي سان ٿيل آهي. سم جي روڪڻ لاءِ ڏامر ۽ ڪنڪريٽ استعمال ڪئي وئي آهي.
حوض جي چئني پاسن کان ورانڊو آهي. ورانڊي جي اتر، ڏکڻ ۽ اوڀر پاسي مختلف ڪمرا جڙيل آهن. حوض جي ٺاهڻ ۾ ڪافي محنت کان ڪم ورتو ويو آهي. سرون ڇلي، چڱي طرح مسالو لڳائي جوڙيون ويون آهن. حوض جي ڏاکڻي پاسي ساڍا 9 فوٽ ڊگها ۽ 11 فوٽ ويڪرا غسلخانا ٺهيل آهن. انهن غسلخانن ۾ پردي داريءَ جو خاص خيال رکيو ويو آهي. هر غسلخاني ۾ مٿي وڃڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ آهي. ان مان اندازو لڳايو ويو آهي ته جايون ٻه ماڙ هيون. (14) هنن غسلخانن ۽ مٿي ڄاڻايل حوض جو پاڻي وري وڃي هڪ وڏي نالي ۾ پوي ٿو. نه صرف غسلخانا حوض جي ڀر ۾ مليا آهن، پر موهن جي دڙي جي هر گهر ۾ غسلخانا لڌا ويا آهن. جنهن مان خبر پوي ٿي ته موهن جي دڙي وارا صفائي، سٺائي ۽ صحت جو خاص خيال رکندا هئا ۽ صبح جو روزانو تڙ ڦليل ڪرڻ سندن معمول هيو.

[b]پئنچاتي هال - درسگاهه:
[/b]تلاءَ ۽ اسٽوپا جي وچ ۾ هڪ تمام وڏي عمارت آهي. جنهن جي ڊيگهه 235 فوٽ ۽ ويڪر 78 فوٽ آهي. انهيءَ جو وڏو در اولهه پاسي هو. هن ۾ تمام گهڻا ڪمرا ٺهيل آهن. خاص بيٺڪ جون ٿلهيون ۽ مضبوط ڀتيون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. ماهرن موجب تي هيءَ عمارت ٻه ماڙ يا ٽه ماڙ هوندي. (15) هي ٿنڀن جو هال ان دور جي ماڻهن جي خاص ڪمن لاءِ گڏجاڻيون يا پئنچاتون ڪرڻ لاءِ هوندو. ڇو جو هن هال ۾ وهڻ لاءِ بئنچن وانگر مٽيءَ جا ڏاڪا ٺهيل آهن ۽ سامهون پليٽ فارم ٺهيل آهي. (16) وڏي در کان لنگهڻ کان پوءِ هڪ هال اچي ٿو. جيڪو 24 فوٽ ڊگهو ۽ 4 فوٽ ويڪرو آهي. انهيءَ جي کٻي پاسي هڪ ويڪري در کان پوءِ هڪ اڱڻ آهي. جنهن کي چئني طرفن کان ڀتيون آهن. انهن جي چئني پاسن کان ڪمرا آهن. جن ۾ وري پروهت يا استاد (پاڙهيندڙ) رهندا هوندا. هال جي سڄي پاسي کان 2 گهٽيون آهن. هڪ گهٽي ننڍي اڱڻ طرف وڃي ٿي، جنهن جي چئني پاسن کان وري ننڍا ٻه ماڙ ڪمرا آهن. ان پاسي ڪيترا ٻيا اڱڻ ۽ ڪمرا آهن. (17) جيڪي شايد شاگردن جي رهائش جي هاسٽل هوندي. پئنچاتي هال جو هيءُ حصو درسگاهه پيو معلوم ٿئي.

[b] هيٺيون شهر:
[/b]اسٽوپا ايراضيءَ کان هڪ رستو ڏکڻ اوڀر طرف وڃي ٿو. جيڪو ٿورو ئي پري وڃي اوڀر پاسي مڙي اوڀر واري وڏي رستي سان ملي ٿو. اوڀر واري سڙڪ کوٽيل علائقي کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. سڙڪ جي ڏکڻ پاسي ايڇ آر ايراضي (18) آهي. اتر طرف وي ايس ايراضي (19) آهي. اوڀر واري وڏي سڙڪ کي پهرين وڏي سڙڪ گوني ڪنڊ تي ڪاٽي ٿي ۽ وي ايس ۽ ايڇ آر ايراضين کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي، ڊي ڪي ايراضي (20) تي پهچي ٿي. انهن علائقن ۾ هزارين گهر، تمام گهڻيون گهٽيون ۽ بيشمار کوهه آهن.
گهر: موهن جي دڙي مان جيڪي گهرن جون عمارتون مليون آهن، سي سڀ ڪشاديون ۽ هوادار آهن. ڪن گهرن جي اڱڻ ۾ ڏاڪڻ آهي. جنهن مان سمجهجي ٿو ته جڳهون ٻه ماڙ به هيون. ڀتين تي پلستر ٽي انچ ٿلهو چڙهيل آهي. سرون گاري ۽ چيروليءَ سان ٿڦيل آهن. جڳهون گهڻو ڪري پڪين سرن جون ٺهيل آهن.
دڪان: موهن جي دڙي ۾ گهرن کان سواءِ دڪانن جون عمارتون به مليون آهن. هڪ دڪان اهڙو به مليو آهي، جيڪو شراب خاني جي طرز تي ٺهيل آهي. هڪ دڪان مان نيروٽي جي ڪن لڌي وئي ۽ اتي رنگ جا داغ به اڃا ظاهر آهن. جنهن ڪري اهو دڪان ڪنهن رنگساز جو معلوم پيو ٿئي.
کوهه: هتان کوهه به ڪافي لڌا ويا آهن. کوهن جي اڏاوت هڪ جهڙي آهي. کوهه پڪسرا ۽ گولائيءَ تي آهن. هڪ ٻه کوهه بيضوي شڪل جا به آهن. کوهن ڀرسان بئنچون به ٺهيل آهن، شايد اهي پاڻي ڀريندڙن لاءِ وهڻ جون جايون هيون.
ناليون: شهر جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي ترتيب به اعلى قسم جي پئي لڳي. هر هڪ رستي، گهٽي ۽ لنگهه کي پنهنجي پنهنجي ڍڪيل نالي آهي.
هڪ ٻئي مٿان اڏيل شهر: موهن جو دڙو ۾ هڪ ٻئي مٿان ست شهر لڌا ويا آهن. آبڪلاڻيءَ ۾ سنڌونديءَ جي ٻوڏ ۽ چوماسي ۾ جبلن تان پاڻيءَ جي ڇرن لهڻ سبب هيءُ شهر هڪ ڀيرو زبون ٿيو ٿي ته پاڻي جي لهڻ بعد ماڻهن ڪجهه عرصي بعد اتي نئون شهر ٻڌو ٿي. ائين شهرن مٿان شهر ٻڌائون، جن مان اڃا تائين ستن شهرن جو پتو پيو آهي. انهن ستن تهن هيٺان پاڻي نڪتو آهي. (21) قديم آثارن جي ماهرن موجب پاڻي هيٺان پڻ اڏاوتن جا آثار ملن ٿا. جيڪڏهن موهن جي دڙي ۾ مٿي چڙهي آيل سم جي پاڻيءَ جي ڪنهن طريقي سان سطح گهٽ ڪجي ته ڪجهه وڌيڪ تهه دريافت ٿي سگهن ٿا. موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ سر جان مارشل کوٽائي دوران لنڊن جي هڪ اخبار (22) ۾ لکيو ته، ”اسان هيل تائين کوٽائي ۾ هڪ ٻئي هيٺان نون شهرن جا کنڊر ساڳي مال ۽ مٽيءَ جي تهن هيٺان لڌا آهن. جنهن مان بئبيلونيا کان به اڳ جي تهذيب تي روشني پوندي. اسان اڃا اونهي کوٽائي ڪنداسين، سمجهون ٿا ته اڃا 3، 4 يا 5 شهر انهن تهن مان هٿ ڪنداسين. جن جي عمر 9 کان 11 هزار ورهيه پراڻي هوندي.“
سر جان مارشل دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ اعتراف ڪيو ته، ”قديم مصر خواهه اولهه ايشيا ۾ اهڙو ڪو به مثال ڪونهي. جنهن سان موهن جي دڙي جي رهواسين جي ٺهيل سهڻين سنان ڪوٺين ۽ ڪشادن گهرن سان ان جي ڀيٽ ڪري سگهجي. انهن ديشن ۾ ديوتائن جي مندرن، محلاتن ۽ راجائي سماڌين تي بيشمار ناڻو لٽيو ويندو هو. باقي عام ماڻهو بلڪل ايئن سادين مٽيءَ جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا. پر سنڌ ۾ تصوير جو بلڪل ٻيو روپ آهي. جتي سندر عمارتون فقط نگر واسين جي سک لاءِ ئي جڙنديون هيون.“ (23)
موهن جو دڙو، سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جو مرڪز هيو ۽ سنڌو رياست جي گاديءَ وارو شهر هيو. جتان هتان جا رهواسي رياست جي ٻين صوبن يا رياستن جي نظرداري ڪندا هئا. هي شهر 4300 ق - م کان لڳ ڀڳ 1500 ق - م تائين آباد رهيو. آمريڪا جو آرڪيالاجي ماهر اومائل، سر مورٽيمر ويلر جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته موهن جي دڙي جي موجودھ شهر هيٺيان ڇھ شهر ٻيا به موجود آهن ۽ ماهر رڳو مٿيئين حصي مان ڪيئن ٿا اها راءِ قائم ڪري سگهن ته هي تهذيب 5 هزار سال پراڻي هوندي. اومائل، اين مورا چوي ٿو ته موهن جي دڙي جي سڀيتا دنيا جي هر تهذيبي مرڪز کان آڳاٽي ۽ سڀني تهذيبن جي ماءِ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏھ هزار سال پراڻي آهي۔

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Chatterji, S.K, “Modern Review” December 1924
2. آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ص-82
3. Fleet, I.F, “Seals from Harappa” J.R.A.S, 1912, P-699
4. Marshall, Sir John, “Mohen jo Daro and Indus Civilization” Vol: 1-3, London 1931
5. Mackay, E.J.H, “Further Excavation at Mohen jo Daro” 2 Volumes, Delhi, 1938.
6. شيدائي، رحيم داد خان مولائي، ”تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 1959ع ص-12
7. لئمبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 118
8. Gauhar, Altaf, “Twenty years of Pakistan” 1947 to 1967, Karachi, 1969, P-623
9. Ibid, P-623
10. صديقي، محمد ادريس، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1979، ص-38
11. صديقي، ص- 40
12. شيدائي، تمدن سنڌ، ص- 25
13. آڏواڻي، ص- 91
14. صديقي، ص- 41
15. صديقي، ص- 42
16. شيدائي، تمدن سنڌ، ص- 25
17. صديقي، ص- 42
18. ايڇ آر ايراضيءَ جو نالو ان جي کوٽائي ڪندڙ ماهر هار گريوز جي نالي پويان رکيل آهي.
19. هي ايريا ان جي کوٽائي ڪندڙ ماهر ساڌو سروپ وتس جي نالي پويان سڏبي آهي.
20. ڊي ڪي ايريا ان جي کوٽائي ڪندڙ ماهر ڪي اين ڊڪشٽ جي نالي پويان آهي.
21. آڏواڻي، قديم سنڌ، ص-88
22. Modern Review, February, 1925
23. Marshall, Sir J. “Mohen jo Daro and Indus Civilization” Vol: 1, P-VI

[b]2. آمري
[/b]
قديم آثارن جي ماهر اين جي مجمدار 1927ع کان 1931ع تائين باقياتي کوجنائون ڪري، ٻين قديم سنڌو سڀيتا جي ماڳن سان گڏ آمري جا قديم آثار به ڳولهي لڌا. (1) آمري جو ماڳ دادو ضلعي جي مانجهند تعلقي ۾ لڪي جي جبلن کان 65 ميل ڏکڻ ۾ ۽ سن کان 9 ميل اتر طرف، موجوده آمري شهر کان 250 ميٽرن جي مفاصلي تي اتر اولهه طرف سنڌو درياهه جي اولهه واري ڪناري تي موجود آهي. هيءُ ماڳ موهن جي دڙي کان 85 ميل ڏکڻ ۾ ۽ چانهون جي دڙي کان 25 ميل اولهه ۾ آهي.
اين جي مجمدار، هن قديم ماڳ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي نه سگهيو. جنهن ڪري 1959ع ۾ فرانسيسي ماهر مونس ۽ جين ميري ڪاسل جي نگراني هيٺ پاڪستان جي آرڪيالاجي واري کاتي طرفان هت کوٽائي ڪرائي وئي، جيڪا 1962ع تائين هلي.
آمريءَ جو قديم ماڳ 4 مختلف دورن سان واسطو رکندڙ آهي. ان جو صفا هيٺيون تهه، سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ آهي، جڏهن ته ان کان پوءِ جو ٻيو تهه شهري تمدن جو آهي، ٽيون تهه، جهڪر واري دور سان واسطو رکي ٿو، جڏهن ته چوٿون تهه جيڪو شروعاتي تهه به سڏي سگهجي ٿو، اهو مسلمانن جي دور جو آهي. هتي اسان صرف هيٺين ٻن تهن، جن جو واسطو ڳوٺاڻي ثقافت ۽ شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي، ان کي بحث جو موضوع بنائينداسين.
آمريءَ ۾ زميني سطح تي جيڪو پهريون ڳوٺ ٻڌل آهي. اهو وچين پٿر دور جو آهي. جڏهن اڃان انسان سرن سان گهرن ٺاهڻ جي شروعات نه ڪئي هئي ۽ هو پنهنجا گهر ڪاٺين ۽ تيلن مان ٺاهيندا هئا. اتان چڪ بدران هٿ جا ٺـاهيل ٿانون مليا آهن. ڇاڪاڻ ته ان وقت چڪ جي ايجاد نه ٿي هئي. جنهن ڪري استعمال جون شيون ۽ ٿانون هٿ تي ٺاهيا ويندا هئا. (2) کوٽائي ڪندڙ فرانسيسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان تهه مان تعميراتي آثار ڪو نه مليا آهن. صرف مٽيءَ جون ڪنيون، دکيون ۽ ٻيا هٿ جا ٺهيل ٿانون وڏي تعداد ۾ مليا آهن. (3) هتان پٿر جا چهنبدار ڪات، پٿر جا گولا، پڪل مٽيءَ جا داڻا، سپن جون ٺهيل چوڙيون پڻ مليون آهن. جيڪي وچين پٿر دور جون شيون آهن.
زميني شروعاتي تهه کان پوءِ ٻيو تهه پڻ ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ آهي. هن تهه تان عمارتن ۾ ڪم آندل ڪچيون سرون مليون آهن ۽ ٻيا ڪيترائي رهائشي ڪمرا ۽ گهر مليا آهن. هڪ ڪمرو ته اهڙو به مليو آهي، جنهن جي اوساري ۾ پٿرائون گارو استعمال ٿيل آهي. ڪيترن جڳهن تي پوريل دکيون به مليون آهن. ان زماني جي ٿانون تي خاص قسم جا چٽ چٽيل آهن. ٿانون جي تري تي ٿلهن ڪارن پٽين تي لاڳيتا ٽڪنڊا مليا آهن. ٽڪنڊن جي پاسن ۾ ڳاڙهو رنگ ڀريل آهي. (4) اهي ٿانون تي چٽيل ٽڪنڊا چوئنرن جي شڪل پيا لڳن. ڄڻ انهن ٿانون تي ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ جو نظارو ڏنل آهي. هن تهه مان لڌل ٿانون جي نوعيت مختلف قسم جي آهي. هي نه هڙاپا سان ملندڙ آهي ۽ نه وري موهن جي دڙي مان لڀجندڙ ٿانون سان. جنهن ڪري قديم آثارن جي ماهرن هن ثقافت کي ”آمري ثقافت“ جو نالو ڏنو آهي.
آمري جا ڪنڀر ڏاڍا هوشيار پيا معلوم ٿين. اڄ به اٽڪل ساڳيو هنر ۽ نمونو سنڌ اندر ڏسندي اچرج پيو لڳي، ان وقت جي ماڻهن تي. ان وقت جا ڪنڀر ٿانون تي ڪمال جي نفيس ۽ نرم ليئي ڪم آڻيندا هئا. هو ٿانون کي زيبائتو بنائڻ لاءِ ڦڪي يا هلڪي ڳاڙهي رنگ تي سنهي پٽي گهڻو ڪري ٿانون جي منهن يا ڪلهن وٽ ڪنيءَ طور هڻندا هئا ۽ بعد ۾ ان مٿان ڪاري يا خاڪي رنگ جي چٽسالي ڪندا هئا. (5) ٿانون تي چٽ گهڻو ڪري جاميٽريءَ جي شڪلين جهڙا ڪنڊائتا هوندا هئا. مستطيل خانن جي اندر چورس خانا آمري جي ٿانون تي اڪثر چٽيل ملن ٿا. سندن ٿانون تي ٻيون به شڪليون ملن ٿيون.جيئن گولائي واريون شڪليون، جهڙوڪ گول ۽ اڌ گول. جڏهن ته ڪجهه ٿانون تي وڻن ۽ انهن جي پنن جون شڪليون نڪتل آهن.
آمريءَ وارن ماڻهن هن ئي دور ۾ پنهنجي ٿانون تي ساهوارن شين جا بوتا يا شڪليون ڪڍڻ شروع ڪيون. انهن شڪلين ۾ ڳئون ۽ ڍڳي جي شڪل گهڻي ملي آهي. اها شڪل هرڻن ۽ ڦاڙهن جي شڪل کان وڌيڪ بهتر قسم جي ٺهيل معلوم ٿئي ٿي. اهو ان ڪري جو ڍڳو يا ڳئون زرخيزي جي علامت سمجهي ويندي هئي ۽ ان جي عزت ڪئي ويندي هئي. (6) ٻيو آمري جي ٿانون تي مڇي جهلڻ جي رڇن ۽ ڄارين جا خاڪا پڻ نظر اچن ٿا ۽ رلي جي چٽن جو بهترين نمونو به هن دؤر ۾ ملي ٿو.
آمري جو مٿيون تهه، جيڪو شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي. اتان گهرن جي جوڙجڪ ۾ اوساري جا 4 نمونا ملن ٿا. هڪ نموني جا گهر مختلف ماپن جا مستطيل شڪل آهن. هر گهر کي دروازو ملي ٿو. پٽ يا پڌر کي مٽيءَ جو ليپو ڏنل آهي. پڌر گهٽين کان ٿورو مٿڀرو سطح تي آهن. گهر مختلف ننڍين ڪوٺين ۾ ورهايل آهن. هن دؤر ۾ چڪ جو استعمال گهڻو نظر اچي ٿو. ڪل ٿانون مان اٽڪل 55 سيڪڙو چڪ تي چڙهيل آهن. هن دؤر جي تهن مان ڌات پڻ لڌي آهي. آمريءَ جا وارث پٿر جي اوزارن سان گڏ ٽامي کي پگهاري مختلف شڪلين وارا ٿانون ۽ اوزار پڻ ٺاهيندا هئا. جيڪي موهن جي دڙو ۽ هڙاپا مان مليل ٿانون سان مشابهت رکندڙ آهن. هڪ پڪسري جاءِ مان اهڙيون سرون لڌيون ويون آهن، جيڪي هڙاپا دؤر جي اڏاوتن ۾ ڪم آندل سرن جهڙيون آهن.
آمريءَ جي چٽي تهبندي مان اهو نتيجو ظاهر آهي ته شهري تمدن وارن هي ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت جي وارثن طرفان ڇڏي وڃڻ کان گهڻو پوءِ والاريو. ان ڪري ڳوٺاڻي ثقافت جي خاتمي کان گهڻو پوءِ وري شهري تمدن وارن اهي دڙا وسائي، اتي پنهنجا شهر ٻڌا. (7)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
(1) Majumdar, N. G, “Exploration in Sind” M.A.S.I No: 48, Delhi, 1934.
(2) Wheeler, S.M, “Civilization of Indus Valley and Beyond” P-90
(3) Casal, J.M. “Fresh digging at Amri” Archaeological Dep’t: of Pakistan, 1964, Vol: 1
(4) Channa, Mahboob Ali, “Pre-Harappan Civilization in Indus Valley” Sind Quarterly, 1978-1, P-24-25
(5) لئمبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ص-102-103
(6) ميمڻ، سراج الحق، ”آمري“ قسط-1-2، ماهوار نئين زندگي، مارچ اپريل 1966ع
(7) Casal, J.M “Fresh digging at Amri”


[b]3. ڪوٽڏجي
[/b]
ڪوٽڏجيءَ جا قديم آثار خيرپور شهر کان 15 ميل ڏکڻ طرف موجوده ڪوٽڏجي واري قلعي جي سامهون نئشنل هاءِ وي جي اولهه طرف آهن. هيءُ ماڳ 600 فوٽ ڊگهو، 400 فوٽ ويڪرو ۽ زمين جي سطح کان 40 فوٽ اوچو آهي.
هيءُ ماڳ، جيڪو ڳوٺاڻي ثقافت سميت شهري تمدن سان به واسطو رکندڙ آهي. تنهن کي 1935ع ڌاري هڪ ماهر ڊاڪٽر گهريا ڳولي لڌو. بعد ۾ هن ماڳ جي کوٽائي ڊاڪٽر ايف اي خان 1955ع کان 1975ع تائين ڪرائي. (1)
ڪوٽڏجي مان قديم آثارن جي ماهرن کي هڪ اهڙي ثقافت جا اهڃاڻ مليا آهن، جيڪا سنڌو ماٿري جي شهري تمدن کان 7 سو سال آڳاٽي آهي. ان کي ماهرن ”ڪوٽڏجي واري ثقافت“ جو نالو ڏنو آهي. ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ ماهر ڊاڪٽر ايف اي خان ڪوٽڏجي بابت ٻڌايو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ اها پهرين زرعي وسندي هئي ۽ سنڌو ماٿر جي سڀيتا جو بنيادي پٿر رکڻ وارا اهي ڪوٽڏجي جا ماڻهو هئا. هن وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته ڪوٽڏجي جي زرعي وسندي، موهن جي دڙي کان 7 سو سال قديم آهي ۽ اها تاريخ ريڊيو ڪاربان وسيلي حاصل ٿي آهي. (2) جنهن ڪري اسين چئي سگهون ٿا ته ننڍو کنڊ ته ڇا پر سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ ”زرعي سماج“ (Agrarian Society) جو پايو وجهندڙ سنڌي ماڻهو هئا.
هيءُ قديم ماڳ 2 حصن تي مشتمل آهي. هڪ ڪوٽ ڏنل شهر، جيڪو شايد حڪمران طبقي جي رهائش گاهه هيو ۽ ٻيو ٻاهريون شهر، جنهن ۾ شايد ڪمي ڪاسبي رهندا هئا. ماهرن موجب ڪوٽڏجي برصغير ۾ سڀ کان پهرين پناهه واري بستي هئي. جنهن جي چوڌاري ڪوٽ اڏيل هو. هن قديم ماڳ جي سڀ کان متاثر ڪندڙ شيءَ اهو ڪوٽ آهي، جيڪو هڙاپا جي زماني کان اڳ جو آهي. جنهن جي اوچائي ۽ ٿولهه ڪافي آهي. هي ڪوٽ هڪ ٽڪر تي تعمير ٿيل آهي ۽ ٿوري ٿوري فاصلي تي مورچا ٺهيل آهن. (3) ڪوٽ وارو حصو، جيڪو 5 سو فوٽ ڊگهو ۽ ساڍا ٽي سو فوٽ ويڪرو ۽ 40 فوٽ بلند آهي، اتان ڪشادا ڪمرا مليا آهن. جن جا بنياد پٿر جا ۽ باقي اڏاوت مٽيءَ جي سرن جي آهي. ڪيترن ديوارن جي ٿولهه 5 فوٽن کان به وڌيڪ آهي. (4) ڇتيون گاري سان لنبيل آهن.
ڪوٽڏجي بابت ڊاڪٽر ايف اي خان ٻڌائي ٿو ته هن ماڳ جي رهاڪن کان هڙاپا ۽ موهن جي دڙي وارن ڪي فني ۽ ٻيون ڳالهيون سکيون. جن ۾ شهري رٿابندي ۽ قلعي بندي شامل آهن.
هن قديم ماڳ جي شروعاتي تهه تي آباد ٿيل ماڻهو ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ جي هنر ۾ ڪافي ترقي ڪري چڪا هئا. هتان سندن ڪوزي گريءَ جا تمام بهترين نمونا دريافت ٿيا آهن. هو مٽيءَ جي ٿانون تي عام پينٽنگ ڪندا هئا. شروعاتي دور جي ٿانون تي مور جون تصويرون ۽ مڇيءَ جا نمونا ملن ٿا.(5) هتان لڀندڙ ٿانون چڪ تي ٺهيل ۽ باهه ۾ پڪل آهن. جن تي گهري ڳاڙهي چمڪدار روشن فتيل چٽيل آهي. ان کان سواءِ انهن ٿانون تي مخصوص هڙاپا طرز جا نمونا ڪاري رنگ ۾ چٽيل آهن. نمونن ۾ پپر جو پن، مڇيءَ جا ڇلر ۽ سج وغيره عام جام نظر اچي ٿو. ڪوٽڏجي جي اوائلي دور وارا ٿانون ايترا ترقي ڪيل نه هئا. پر بعد ۾ آهستي آهستي انهن اوسر جا مختلف مرحلا طئه ڪيا. (6) ابتدائي ٿانون ڳچين کان سواءَ هئا.
ماڳ جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ تهه منجهان مهرون ۽ ٺڪر جون ٺهيل جانورن ۽ انسانن جون مورتون به مليون آهن. مورتن ۾ ٺڪر جون ٽي زنانيون ۽ 12 سنڱي ڍڳي جون مورتون شامل آهن. هتان مليل ڌات جي اوزارن ۾ ڪهاڙي، نيزا، ڇيڻيون ۽ چوڙيون لڌيون ويون آهن. ان کان سواءِ مارنگ (چلها) پڻ لڌا ويا آهن. جن تي اتان جا رهواسي رڌ پچاءُ ڪندا هئا.
ڪوٽڏجي مان مليل باقيات ۾ مٽيءَ جا ٿانون، ٻارن جا رانديڪا، گاڏيون، کينهون، سنگمرمر جا ٽڪرا، چوڙيون، مٽيءَ جي ٺهيل ديوين ۽ جانورن جون مورتون، تير ۽ پٿر جا اوزار وڏي تعداد ۾ مليا آهن. (7) عورتن جي پائڻ جون چوڙيون، مٽيءَ ۽ سپ جون جڙيل آهن. جڏهن ته ٻارن جي کيڏڻ لاءِ بال ۽ گاڏيون پڪل مٽيءَ جون ٺهيل آهن.
هي ثقافت سنڌ کان سواءِ رڻ ڪڇ جي ڏاکڻين حصي، پنجاب، بلوچستان جي اترين حصي، راجسٿان جي اترين حصي تائين ڦهليل هئي. (8) ڪوٽڏجي مان مليل باقيات. ان کان اڳ سري ڪولا ۽ پيراڻو گهنڊائي مان ملي چڪي آهي.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Khan, Dr. F.A, “Kotdigi- Preliminary Report on Kotdigi Excavations” 1956-58, Karachi.
2. هن اهڙو انڪشاف خيرپور ۾ ٿيل سچل نيشنل سيمينار 1983ع ۾ ڪيو.
3. سومرو، مولا بخش اي.،”ڪوٽڏجي-آثار قديمه جو هڪ نشان“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1962 پرچو نمبر 4
4. Gauhar, Altaf “Twenty years of Pakistan 1947 to 1964” Pakistan Publication, Karachi 1969, P-624-625
5. Khan, F.A, “Kotdigi-Preliminary Report…”
6. Wheeler, S.M, “Early India & Pakistan” P-1100-1107
7. Mughal, M.R, “Archaeology of Sindh” 1975, P-6
8. خان، ڊاڪٽر ايف اي ”ڪوٽڏجي ڪلچر“ ماهوار هلال پاڪستان ميگزين، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 1983ع

[b]4. لاکين جو دڙو
[/b]
ڳوٺاڻي ۽ شهري ثقافت سان واسطو رکندڙ 9 هزار سال آڳاٽو شهر لاکين جو دڙو سکر شهر جي سائيٽ واري علائقي مان تازو دريافت ٿيو آهي. (1) شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي ماهر غلام مصطفى شر جي نگرانيءَ ۾ تازو هن شهر جي کوٽائي ڪئي وئي. هيءُ شهر 12 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هن قديم ماڳ کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي 1988ع ۾ ڳولي لڌو ۽ ابتدائي طور تي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. جنهن بعد 1994ع، 1998ع، 2000ع ۽ 2006ع ۾ کوٽايون ڪيون ويون. تازو جنوري 2009ع ۾ ٿيل کوٽائي مان وڌيڪ ثابتيون مليون آهن. ماهرن موجب هيءُ قديم ماڳ بلوچستان مان مليل ڳوٺاڻي ثقافت جي قديم ماڳ مهرڳڙهه جي زماني جو آهي. دنيا اندر ملندڙ سڀ کان قديم 3 شهرن ۾ هيءُ شهر به شامل آهي. جڏهن ته هن کان اڳ هن دوري جو هڪ شهر بلوچستان ۾ مهرڳڙهه ۽ فلسطين ۾ جريڪو شهر آهي. اهي ٻئي شهر به لاکين جي دڙي جا هم عصر آهن. هيءُ ماڳ 9 هزار سال آڳاٽو يعني 7هزار سال ق م جي دور جو آهي. پکيڙ جي لحاظ کان هيءُ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قديم شهر آهي. هن وقت تائين دنيا اندر 12 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل هن عمر جو ڪوبه قديم ماڳ هٿ نه آيو آهي. هيءَ قديم ماڳ 9 تهن تي ٻڌل آهي. هڪ ٻئي هيٺان 9 شهر دفن ٿيل آهن. هيءَ آبادي اتان جي رهواسين تباهه ٿيڻ بعد 9 ڀيرا وري ٻيهر اڏي اتي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. هن ماڳ جي هر تهه جي اوچائي ڏيڍ کان ٻه ميٽر آهي. ماهرن موجب هيٺين تهه جي آبادي پٿر دور سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته وچيون تهه ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ يعني 9 هزار سال آڳاٽو آهي. مٿين تهه جا آثار مشهور شهري تمدن موهن جي دڙي جي دور جا آهن. لاکين جي دڙي جي قديم آثارن مان مور جي شڪلين وارا پينٽ ٿيل مٽڪا، ڊزائن ٿيل مٽيءَ جون سرون، مٽيءَ جون ٺهيل چوڙيون، ننڍا گول مٽڪا، رانديڪا ۽ ٻيون شيون مليون آهن. کوٽائي دوران ڪجهه هڏا به مليا آهن. جڏهن ته هتان جي اهم دريافت شيشي ٺاهڻ جي فيڪٽري آهي. هتان لکتن جا به نمونا مليا آهن. اهي لکتون تصويري رسم الخط ۾ آهن.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون:
[/b]1. Daily Dawn, Karachi, 13 January 2009.
2. روزاني ڪاوش، حيدرآباد، 14 جنوري 2009ع



[b]5. چانهون جو دڙو
[/b]
چانهون جو دڙو نواب شاهه ضلعي جي شهر سڪرنڊ جي ڳوٺ جمال ڪيرئي ڀرسان آهي. هيءُ شهر 1931ع ڌاري قديم آثارن جي ماهرن ڳولي لڌو. جنهن جي کوٽائي 36-1935ع ۾ هڪ آمريڪي ماهر ارنيسٽ مئڪي، ميوزم آف فائين آرٽس آمريڪا طرفان ڪرائي. جنهن بعد هن دڙي جي وڌيڪ ٻيو دفعو کوٽائي ڊاڪٽر اين جي مجمعدار ڪرائي. (1) فرانسيسي ماهرن تازو 2015 ۽ 2016ع ۾ چانهون جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪئي.
چانهون جو دڙو جا قديم آثار ٽن مختلف دڙن جي شڪل ۾ ورهايل آهن. جيڪي 50 فوٽ اوچا ۽ 29 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهن. (2) ماهرن هنن دڙن جون ٻن مختلف هنڌن تي کوٽايون ڪرايون. هڪ هنڌ 17 فوٽ ۽ ٻئي هنڌ 26 فوٽ اونهي کوٽائي ڪرائي وئي. جنهن بعد پاڻي نڪرڻ لڳو. جنهن ڪري وڌيڪ کوٽائي جو ڪم روڪيو ويو. جڏهن ته پاڻيءَ واري سطح کان هيٺ به آباديءَ جا آثار ملن ٿا. جيڪي پاڻي جي سطح اڀري اچڻ ڪري في الحال راز ۾ رهجي ويا. (3) کوٽائي ڪندڙ ماهرن کي هتي هڪ ٻئي هيٺان چئن آبادين جا آثار مليا آهن. جن مان هيٺين ٽن آبادين جو واسطو سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان آهي. جيڪا اڄ کان 5 هزار سال اڳ پنهنجي عروج تي هئي. جنهن جا هن کان اڳ نشان موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان ملي چڪا آهن. جڏهن ته مٿين آبادي گهڻي پوءِ جي آهي. جيئن ته چانهون جو دڙو سنڌو سڀيتا جي ٻين شهرن وانگر ان وقت سنڌو درياهه جي اڀرندي شاخ کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي هو. ان ڪري مختلف وقتن تي ٻوڏون اچڻ ڪري تباهه ۽ برباد ٿيندو رهيو. (4) پر پوءِ به ان جا رهواسي هن شهر کي وري وري اڏيندا ۽ آباد ڪندا رهيا. اهو سلسلو 3000 ق - م کان 1500 ق - م تائين جاري رهيو. بعد ۾ جڏهن تمام وڏين ٻوڏن هن شهر کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو ته ڪي صديون ته هي عظيم شهر ماڻهن جي نظرن مان لهي ويو. بعد ۾ 1350 ق - م ڌاري جهڪر ڪلچر سان واسطو رکندڙن وري ٻيهر هن شهر کي آباد ڪيو. (5) جن درياهي سطح کان مٿڀري جڳهه ڏسي اتي پنهنجا ديرا ڄمايا. اين جي مجمدار مٿئين تهه مان جهڪر ڪلچر جي ماڻهن جا هٿ جا ٺهيل باسڻ هٿ ڪيا آهن. جن جهڙا هن کان اڳ جهڪر جي قديم آثارن جي کوٽاين مان هٿ آيا آهن. جهڪر ڪلچر جي ماڻهن جون رهائشي جايون، سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ دور کان الڳ نوعيت جون آهن. سندن رهائشي گهر مستطيل قسم جا آهن، جن جا فرش ڪچا ۽ ڀتيون پڻ آڏيون ابتيون آهن. (6) ان ڪري مٿئين تهه جو هيٺين ٽن تهن سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه آهي.
چانهون جو دڙو جي هيءَ انساني آبادي ان وقت هتي اچي رهائش پذير ٿي، جنهن وقت اڄ کان 5 هزار سال اڳ سنڌو سڀيتا پنهنجي عروج تي هئي. جنهن جو اهم شهري مرڪز موهن جو دڙو هيو. چانهون جو شهر ان دور ۾ سنڌو ماٿر جي وسيع رياست جو هڪ اهم واپاري ۽ زرعي مرڪز هيو. هتان جي باشندن جا لڳ لاڳاپا سنڌو رياست جي مڙني اهم مرڪزن جهڙوڪ: لوٿل، ڪالي بنگن، هڙاپا ۽ ستڪاجن در وغيره سان هيا.
چانهون جو دڙو جي شهري رٿابندي جو ساڳيو نمونو هن کان اڳ اسان کي موهن جو دڙو ۽ هڙاپا مان ملي چڪو آهي. انهن ٽنهي شهرن جي رٿابندي ملندڙ جلندڙ آهي. گهٽين جا نمونا، نالين جو سسٽم، کوهن جو نمونو ۽ گهرن ٺاهڻ جو طريقو بلڪل ساڳيو ئي معلوم ٿئي ٿو. جهڙو هن کان اڳ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا مان مليو آهي. چانهون جي دڙي جون عمارتون 25 فوٽ ويڪري شاهراهه تي آهن. ان مرڪزي شاهراهه ۾ شهر جون ٻيون گهٽيون 30 ڊگريءَ جي سڌائي تي اچي پون ٿيون. گهٽين جي پاسن ۾ پڪسريون ناليون آهن، جيڪي نهايت صاف سٿريون ۽ سڌيون ٺهيل آهن. (7) شهر جي هيٺين تهن مان مليل اڏاوتون ڪچين سرن جون آهن. جڏهن ته مٿين تهن جي اڏاوتي ڪم ۾ پڪل سرن جو استعمال ٿيل ڏسجي ٿو. هتان جيڪي کوهه مليا آهن، اهي 5X6 ڊايا ميٽر جا ٺهيل آهن ۽ اڏاوت ۾ ڇيڻي نما سرن جو استعمال ٿيل آهي. (8)
چانهون جو دڙو اڄ کان 5 هزار سال اڳ سنڌو ماٿر جو اهم واپاري ۽ صنعتي مرڪز هيو. هتي جا زيور ملڪان ملڪ مشهور هيا. جنهن بابت هڪ ماهر ڪي ايم سين پنهنجي ڪتاب ”هندو ازم“ ۾ لکي ٿو ته، ”اڄ کان 5 هزار سال اڳ سنڌ جا ماڻهو پنهنجا زيور سون، چاندي ۽ ٽامي مان ٺاهيندا هئا ۽ زيورن ٺاهڻ جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو مرڪز چانهون جو دڙو هيو. جتي ڪيترائي آرٽسٽ ۽ سونارا رهندا هئا. ان وقت چانهون جو دڙو ”زيورن جو شهر“ سڏيو ويندو هيو.“ ڇو جو هتان کوٽائي ڪندڙ ماهرن کي سون، ٽامي، چانديءَ ۽ سپيءَ جون ٺهيل چوڙيون، هار، تائٿ، ٻهه رکيون، بازوبند، ڏند کوٽڻيون، ڪن کوٽڻيون، وارن جون ٽاچڻيون، سرمي وجهڻ جون سرايون ۽ ٻيون هار سينگار جون شيون هٿ آيون آهن.(9) کوٽائي ڪندڙ ماهرن کي چقمقي پهڻ مان ٺهيل اوزار پڻ مليا آهن. جن ۾ ڪهاڙيون، رنبا، ڇيڻيون ۽ ڀالا وغيره شامل آهن. (10)
قديم آثارن جي ماهرن کي چانهون جي دڙي مان مڻڪن ٺاهڻ جي صنعت جو به پتو لڳو آهي. هن کان اڳ اهڙي صنعت جا آثار صرف سنڌو سڀيتا جي شهر لوٿل مان مليا آهن. ماهرن چانهون مان مڻڪن ٺاهڻ جو هڪ ڪارخانو ڳولي لڌو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته هيءُ شهر مڻڪن ٺاهڻ جي صنعت جو سٺو مرڪز هيو. (11)
دڙي جي کوٽائي مان ڪٽ، ٽامي، سپي ۽ عاج مان ٺهيل سامان جون شيون به گهڻي تعداد ۾ مليون آهن. هتان ٽامي جا اوزار، غير مڪمل ڌاتو جا پگهاريل ٽڪرا پڻ لڌا ويا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتان جا ماڻهو ڌات جي استعمال کان ڀلي ڀت واقف هيا. (12) چانهون جي دڙي ۾ مٽيءَ جو ڪم به نهايت خوبصورت ٿيندو هئو. هتان جا ڪنڀار چڪ تي عاليشان قسم جي ٺڪر جا ٿانون ٺاهيندا هئا. جن تي مختلف قسمن جون رنگين چٽساليون ڪندا هئا. ماهرن کوٽائي ڪندي مٽيءَ جا اهڙا تائٿ هٿ ڪيا آهن، جن تي هرڻن جون تصويرون ۽ ڪنول جا گل اُڪريل آهن. مٽيءَ جي ٺهيل ٿانون ۾ خاص ڪري گلدان ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. جيڪي گهڻي تعداد ۾ مليا آهن، جن مٿان بهترين قسم جي چٽسالي ٿيل آهي. (13) ان کان سواءِ ٺڪر جا ٺهيل ڪنگڻ، پڪل مٽيءَ جا ٺهيل مجسما، ٻارن جا رانديڪا، جن ۾ بيل گاڏيون، هڪ سڱا ڍڳا، ڌرتي ماتا جا بت ۽ مختلف قسم جا پکي شامل آهن، سي ججهي تعداد ۾ مليا آهن.
چانهون مان ماهرن کي مختلف قسم جون مهرون مليون آهن. جن تي تصويري رسم الخط ۾ ڪجهه لکيل آهي. هڪ مهر تي ٻه ماڻهو ڏيکاريل آهن، جن جي هٿن ۾ ڍالون ۽ تير ڪمان آهن ۽ ڀرسان جابلو ٻڪر بيٺل نظر اچي ٿو. ماهرن هتان مليل ان مهر کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي، جنهن تي پپر جي وڻ جي تصوير اُڪريل آهي. ههڙي قسم جي مهر اڳ سنڌو ماٿر جي ٻئي ڪنهن به شهر جي کوٽائي مان نه ملي آهي، جنهن ڪري اها عجيب دريافت آهي. (14)
هتي جي ماڻهن جو خاص ڌنڌو واپار ۽ ان سان گڏ پوکي راهي پڻ هيو. پاڻيءَ جي سهنج ڪري هڪ ته پوکي راهي جام ٿئي پئي، ٻيو ته درياهه جي ويجهو هجڻ ڪري واپار کي سٺو اوج مليو ۽ هن شهر جو مال ٻيڙين رستي ٻين شهرن تائين پهچڻ لڳو. نه صرف واپاري طور هيءُ شهر سنڌو ماٿر جي ٻين شهرن سان ڳنڍيل هو، پر هتان ٻين ملڪن سان واپار پڻ هلندڙ هيو. هتان جا واپاري مال کڻي ايران ۽ ترڪستان طرف ويندا هئا ۽ اتان پنهنجي ضرورت جون شيون کڻي واپس موٽندا هئا. ماهرن چانهون جي شهر مان کوٽائي ڪندي، ايران جي وحشي لوڪن جون ٺهيل مخصوص قسم جون پتل جون سيخون لڌيون آهن. جيڪي ايران جي قديم دور جي شهر حصار ۽ سيالڪ مان مليون آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتان جا واپاري انهن شهرن ڏانهن پنهنجو مال کڻي ويندا هئا ۽ بعد ۾ اتان جي لوڪن جو مال آڻي هتي نيڪال ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح ترڪستان جي قديم شهر انائو سان پڻ چانهون جي شهرين جو واپار هلندڙ هو. انائو شهر جي کوٽائي مان ماهرن مٽيءَ جي ٺهيل اهڙي گاڏي جو نمونو ڳولي لڌو آهي، جيڪا ان کان اڳ صرف چانهون جي دڙي مان ملي آهي. ان کان سواءِ ٻيون به اهڙيون ثابتيون مليون آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتان جي ماڻهن جو ميسوپوٽيما (عراق)، ترڪستان ۽ ايران سان واپار هلندڙ هو. (15)
هن عظيم شهر جي تباهي تقريبن 1500 ق-م ڌاري ٿي. جڏهن سنڌو درياهه ۾ وڏيون ٻوڏون آيون. مسلسل ٻوڏن ڪري ماڻهو هن شهر کي ڇڏي وڃي ٻئي هنڌ پنهنجا جهوپا جوڙيا. اهڙيءَ طرح هيءُ عظيم شهر زماني جي گردش سبب مٽيءَ جي دڙن هيٺان دٻجي تاريخ جو هڪ حصو بڻجي ويو.
تازو فرانسيسي ماهرن 2015 ۽ 2016ع ۾ چانهون جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪئي. ماهرن جي ٽيم جي سربراهه اروري ڊائيڊر (Aurore Didier) ۽ قديم آثارن جي ماهر ڊال اورسو (Dall’Orso) تازي تحقيق بعد ٻڌايو آهي ته هي شهر ڪرافٽس جو مرڪز هو. هتان هٿ جي هنر جا شاندار نمونا مليا آهن. ٿانون تي رنگين چٽسالي ٿيل آهي. (16) هن شهر جي پهريون ڀيرو کوٽائي انڊين آرڪيالاجي جي ماهر اين جي مجمعدار 1930ع ڌاري ڪئي هئي. چانهون جي دڙي مان مليل قديم برتن ۽ ٻيا نوادرات ممبئي ۽ آمريڪا جي ميوزمن ۾ رکيل آهن. هن شهر جي هاڻي 80 سال گذرڻ بعد ٻيهر کوٽائي ڪئي وئي آهي. کوٽائي دوران تاريخي مڻڪا، ٿانوَ، رانديڪا ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن. فرانسيسي ماهر ڊاڪٽر ميڊم اروڙا. ڊاڪٽر پاسڪل ، ڊاڪٽر ڊيوڊ ، مسٽر زيون جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان نه رڳو آڳاٽي تهذيب جا گهر ، گهٽيون ۽ ناليون ظاهر ٿيو آهن. پر ڪچن ۽ پڪين سرن جي اوساري واريون ڀتيون ظاهر ٿيون آهن. چانهون جو دڙو موهن جي دڙي جو هم اثر آهي.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Sorly, H.T, “Sind Gazetteer” P-112
2. Pithawala, “Historical Geography of Sind” P-34
3. Pithawala, P-34
4. لئمبرڪ، ايڇ. ٽي، ”سنڌ مسلم فتح کان اڳ“ ص- 84
5. لئبرڪ، ساڳيو، ص- 88
6. صديقي، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ص- 53
7. صديقي، ص-52-53
8. Sorly, P-317
9. الانا، غلام علي، ”اٺا مينهن ملير“، ص- 92-101
10. Sorly, P-318
11. لئمبرڪ، ص-57
12. صديقي، ص-52-53
13. Sorly, P-317
14. Sorly, P-318
15. لئمبرڪ، ص-39-38
16. Daily Dawn, January 23rd, 2016

[b] 6. ڳاڙهو ڀڙو
[/b]
ڳاڙهو ڀڙو، سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جو هڪ اهم هنڌ آهي. اڄ کان ڪي 5 هزار سال اڳ ۾ هيءُ هڪ مشهور واپاري شهر هيو ۽ هتان مال نه صرف سنڌو سڀيتا جي ٻين شهرن ڏانهن ويندو هو، پر هتان سامونڊي ٻيڙا مال سان ڀرجي، ميسوپوٽيما (عراق) ۽ مصر لاءِ روانا ٿيندا هئا. هي شهر ان واپاري رستي تي هيو، جنهن تان هڙاپا، موهن ۽ منڊيگڪ جا واپاري پنهنجو مال کڻي لوٿل، رنگپور ۽ سومناٿ سميت ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي بين شهرن ڏانهن ويندا هئا. (1) هيءُ شهر نه صرف بحري پر بري لحاظ کان به واپار جي عروج تي هيو. بري لحاظ کان ان ڪري جو بلوچستان واري طرف کان ايندڙ وڻجارڪي واٽ، جيڪا منڇر ڍنڍ جي ڀرسان لنگهندي هئي، اها پڻ ڳاڙهي ڀڙي وٽان گذري لوٿل طرف ويندي هئي ۽ ٻيو بري رستو ڊرٻ ڏيٿڙي، ڪوٽڏجي ۽ چانهون جي دڙي کان ٿيندو هتي پهچندو هو. بحري لحاظ کان هاڪڙو درياهه ڳاڙهي ڀڙي کان ڪجهه پنڌ تي وهندو هو. (2) جنهن جي رستي ڪالي بنگن، عالمگير پور، هڙاپا ۽ رحمان ڳڙهيءَ جا واپاري ٻيڙين ۾ سفر ڪري هتي پهچندا هئا ۽ پوءِ سمنڊ رستي ٻاهر ويندا هئا.
ڳاڙهي ڀڙي جا آثار، ٿرپارڪر ضلعي جي مٺي تعلقي ۾ آهن. جنهن جي کوٽائي پاڪستان جي قديم آثارن واري ماهر محمد شريف 1972ع ۾ ڪرائي. هن قديم شهر جا آثار 5-6 ايڪڙن جي وسيع ايراضيءَ تي پکڙيل آهن ۽ دڙي جي سمنڊ جي سطح کان اوچائي 25 فوٽ کن مٿي آهي. هيءُ ڀڙو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصو ميدان ۾ اڳتي نڪتل پيٽ تي آهي ۽ ٻيو حصو انهيءَ ميدان ۾ فرلانگ کن ڪپر کان اندر بيٺل آهي. هن ڀڙي ۾ هڪ ڪوٽ جا آثار مليا آهن، جنهن بابت ماهر چون ٿا ته اهو پوءِ جي زماني سان واسطو رکي ٿو، پر ڪوٽ ۾ پکڙيل ٺيڪراٽ ان راءِ کي شڪ ۾ تبديل ڪري ٿو. ڇو جو ڪوٽ وٽان مليل ٿانون جا پرزا ۽ ٺڪريون سنڌو سڀيتا جي مليل باقيات سان تعلق رکن ٿيون. ڳاڙهي ڀڙي مان مليل ٺڪر جا ٿانون هوبهو انهن ٿانون سان مشابهت رکن ٿا، جيڪي اڳ اولهه سنڌ جي شهري تمدن جي بستين مان ملي چڪا آهن. ان ڪري مليل ڪوٽ سنڌو سڀيتا جي وارثن جي محنت ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي.
ڳاڙهي ڀڙي جو مٿاڇرو سڄو ٺڪرن جي ڀور ۽ پڪل مٽيءَ جي دز سان ڳاڙهو لڳو پيو آهي. جنهن مان هتان جي رهواسين جي ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ ۽ پڪين سرن سان گهرن جوڙڻ جي مهارت ۽ ڪاريگري جو پختو ۽ چٽو ثبوت ملي ٿو. هن قديم آثار مان باقياتي کوجنا ڪندڙ ماهرن کي ٽنگر ٿانون جي گهڻائي، ٺڪر جا ڪنگڻ، چقمقي پهڻ جا ڌار وارا اوزار، ٽامي جي ڪانٽن جا ٽوٽا توڙي ڳريل پر اڻ سوڌيل ڌاتو جا ننڍا ننڍا ڳنڊا پڻ هٿ آيا آهن. (3) ڳاڙهي ڀڙي جي آس پاس ۾ ڪو به اهڙو هنڌ نه مليو آهي، جتان چقمقي پهڻ هٿ ايندو هجي. ان ڪري چقمقي پهڻ ضرور روهڙيءَ مان ڪوٽڏجيءَ جا باشندا هتي آڻيندا هوندا. يا وري ڪالي بنگن، هڙاپا، سري ڪولا جا ايندڙ مسافر جيڪي روهڙي رستي هيڏانهن ايندا هوندا، انهن اهي چقمقي پهڻ يا اوزار هتي آندا هوندا. ڇو جو چقمقي پهڻ ملڻ جو ويجهي ۾ ويجهو هنڌ روهڙي وارا ئي ٽڪر آهن.
ڳاڙهي ڀڙي جا رهواسي، جيڪي نه صرف ٺڪر جا عمدا ٿانون ٺاهيندا هئا ۽ پٿر جي اوزارن کي استعمال ۾ آڻيندا هئا، پر ان سان گڏ ڌاتو ڳاري انهن مان پڻ ڌات جا اوزار ٺاهيندا هئا. هو پنهنجي ٿانون تي موهن جي دڙي جي رهواسين وانگر چٽسالي ڪندا هئا ۽ عجيب قسم جي چٽن ۽ گلن سان انهن کي خوبصورتي بخشيندا هئا. هو لطيف فن سان خاص ذوق رکندا هئا. هو ٿانون تي وڻ ٽڻ نقش ڪندا هئا ۽ انهن ۾ وڌيڪ دلچسپي پئدا ڪرڻ لاءِ ٿانون کي رنگين پڻ ڪندا هئا. (4) ان ڳالهه جي تصديق ڳاڙهي ڀڙي تان مليل اهي ڄٽساليءَ وارا ٿانون ۽ ٺڪريون آهن، جن تي شڪليون ٺهيل آهن. سندن ٿانون جو رنگ گهاٽو خاڪي آهي ۽ اُڪريل وڻن ۾ خاص وڻ کجيءَ جو آهي. مٿئين قسم جا ٿانون ڀر واري اُپٻيٽ تان به مليا آهن. هن ڀڙي مان مليل باقيات سنڌو ماٿر جي معاشرت ۽ تمدن تي خاصو مواد مهيا ڪري ڏئي ٿي.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Mughal, M.R, “Present state of Research on the Indus valley Civilization” Karachi, 1973, P-3
2. Lambrick, H.T, “Sindh before Muslim Conquest” 1973, P-64
3. لئمبرڪ، ايڇ. ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 149
4. ساڳيو، ص- 149


[b]7. نهٽو
[/b]
نهٽو، سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي دور سان واسطو رکندڙ شهر هيو. جنهن جا آثار ضلعي ٿرپارڪر جي عمر ڪوٽ تعلقي ۾ هاڪڙي درياهه جي اڀرندي ڪپ تي مليا آهن. (1) نهٽو ڏکڻ سنڌ جو سامونڊي ڇيڙي وارو شهر هيو. ڇو جو ان دور ۾ سمنڊ جو ڪنارو نهٽي وٽ هيو ۽ سمنڊ جو پاڻي نهٽي شهر جي ڪپرن کي ڇهندو هو. پوءِ ڪافي عرصو گذرڻ بعد سمنڊ هيٺ لهي ويو ۽ اڄ نهٽي کان ڪوهن تي آهي. نهٽو سامونڊي ڪناري وارو شهر ۽ درياهي پتڻ هجڻ ڪري سنڌو سڀيتا جي رياست لاءِ وڏي اهميت رکندڙ هيو. اتر سنڌ جا ٻيڙا ۽ جهاز سري ڪولا، هڙاپا، ڪالي بنگن ۽ ٻين شهرن مان هاڪڙي درياهه رستي هتي مال آڻيندا هئا، جيڪو وري سامونڊي بندرگاهه رستي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندو هو. نهٽو سمنڊ جي کاريءَ تي هجڻ ڪري جلدي ترقي ڪرڻ لڳو ۽ سنڌو ماٿريءَ جي اهم شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ايڇ ٽي لئمبرڪ هن شهر بابت چوي ٿو ته، ” هن وسنديءَ جا ماڻهو هاڪڙي درياهه مان پنهنجون ٻيڙيون ڪاهي مٿين سنڌ ڏي ايندا هئا ۽ پنهنجي شهر مان هيٺ سمنڊ رستي ٻين ملڪن سان به واپار ڪندا هئا. نهٽي جي بندرگاهه کان سنڌو ماٿر جا ماڻهو ٻاهرين ملڪن ڏانهن سفر ڪري ويا.“
نهٽي جو شهر سمنڊ جي مٿاڇري کان رڳو 15 فوٽ مٿي آهي. (2) نهٽي جا آثار ٻن دورن سان واسطو رکندڙ آهن ۽ اهي آثار ٻن دڙن تي ٻڌل آهن. هڪ اوڀارون دڙو ۽ ٻيو اولاهون. الهندي طرف وارو دڙو سنڌو سڀيتا جي دور جو آهي، جڏهن ته اڀرندو ويجهڙ جي تاريخي دور جو آهي. (3)
نهٽي مان ڳاڙهي رنگ جا ٿانون مليا آهن. جن ۾ ٺڪر جا ٿانون، ڪنگڻ، سڪا، رانديڪا، بيل گاڏيون، مٽيءَ جا ڦيٿا ۽ زيور شامل آهن. هتان هڪ مستطيل شڪل جي مهر لڌي آهي. جنهن تي تصويري رسم الخط جون ٽي نشانيون اُڪريل آهن. (4) اهڙن ئي حرفن واري مهر موهن جي دڙي مان پڻ لڌي آهي.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Baloch, N.A, “In Search of the Indus Culture Sites in Sind”, Bulletin of Institute of Sindhology, Jamshoro, Vol: III, July 1973, P-16
2. لئمبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 149
3. Baloch, N.A, P-16-17
4. Same P-18

[b]8. ٿرڙي گجو
[/b]
ٿرڙي گجو، ”ڳوٺاڻي ثقافت“ جي دور جو هڪ ڳوٺ آهي. جيڪو ٺٽي شهر کان ڏهاڪو کن ميل اولهه طرف آهي. آثار قديمه جي ماهر ايڇ ٽي ڪزنس کي هتان نئين پٿر واري دور جي آباديءَ جا دلچسپ آثار مليا آهن. (1) هيءُ ڳوٺ ان ٻه واٽي تي آهي، جيڪو ستڪاجن در، بالاڪوٽ، عالماڻو کان ٿيندو، ٿرڙي گجو وٽان لنگهي نهٽي ۽ ڪڇ جي ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو. هيءُ ٻه واٽو به مکيه واپاري رستو هو. جنهن رستي اولهه سنڌو ماٿر جي ملڪن سان ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جو خشڪيءَ رستي واپار هلندو هو. (2)
هيءُ ڳوٺ به ڪوٽڏجي، ڪوهٽراس بٺي ۽ ڳاڙهي ڀڙي وانگر هڪ ڪوٽ جي اندر آهي. هن قلعي جون ڀتيون ٻٽيون هئڻ ڪري ڪافي ٿلهيون آهن. قلعي جون ڪمانون بهتر قسم جون ٺهيل آهن ۽ قلعي جي چوڙائي 250 فوٽ آهي. (3)
هتان مليل اوزار ۽ ٿانون اهڙي ئي قسم جا آهن، جيڪي هن کان اڳ آمري ۽ ان جي هم اثر هنڌن تان مليا آهن.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Pithawala, M.B, “Historical Geography of Sindh” Institute of Sindhology, Jamshoro, P-32
2. لئمبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 144-145
3. Sorly, H.T, “Gazetteer of Sind” P-112


[b]9. ڪوهتراش بٺي
[/b]
ڪوهتراش بٺي جا قديم آثار ضلعي دادو ۾ کيرٿر جبل جي ڪڇ ۾ ڪرچات کان 10 ڪلوميٽر اتر اولهه طرف آهن. هن بستيءَ جي چوک چڪاس ۽ کوٽائي قديم آثارن جي ماهر اين جي مجمعدار ڪرائي. دڙي جي کوٽائي مان معلوم ٿيو آهي ته هيءُ قديم ماڳ سنڌو سڀيتا جي شروعاتي دور سان واسطو رکندڙ آهي ۽ هيءَ بستي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مليل ”ڳوٺاڻي ثقافت“ جي زماني جي آهي. (1)
ڪوهتراش بٺي، ان اهم ”وڻجارڪي واٽ“ تي آهي، جيڪا بلوچستان ۽ سنڌ کي ڳنڊي ٿي. قديم دؤر ۾ هن واٽ تان بلوچستان ۽ سنڌ جي شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ قافلا لنگهندا هئا ۽ انهن قافلن جي منزل هن ئي بستي ۾ ٿيندي هئي. (2) ڇو جو هڪ ته اها ان واپاري رستي جي اهم ۽ خاص جڳهه هئي، جتان واپاري پنهنجو سيڌو سامان وٺي، اڳتي جي سفر لاءِ پوري تياري ڪندا هئا. ٻيو ته هي هنڌ ان لاءِ به اهم هيو جو هتي سامان جي مٽا سٽا ٿيندي هئي ۽ واپاري پنهنجو مال ٻئي ملڪي حصي ڏانهن ويندڙن جي حوالي ڪندا هئا. هيءَ وسندي ان جڳهه تي ان لاءِ به اهم هئي ته علائقي مان لنگهندڙ قافلن جي حفاظت ٿي سگهي ۽ واٽ جي سلامتي لاءِ هتي اهو انتظام ٿيل هوندو. واپارين جي اچ وڃ ۽ رهڻ ڪري هن شهر چڱي ترقي ڪئي. خاص ڪري کير ٿر جي ڪڇ ۾ جيڪي ان دور جا ڳوٺ هئا، انهن لاءِ هي جڳهه مرڪز جو ڪم ڏيندي هئي ۽ هو پنهنجو سيڌو سامان هتان گهرائيندا هئا. هتي جي ماڻهن پنهنجي گذر سفر لاءِ مال ڌاريو ۽ ان کان سواءِ زراعت پڻ سندن خاص ڪرت ۾ شامل هئي. هتان جا رهواسي، ڪوهستان ۾ رهندڙ ماڻهن وانگر خانه بدوش نه هئا پر هو مالوند هئا، هاري هئا ۽ هنن بهترين گهر ٺاهي هڪ هنڌ رهائش اختيار ڪئي ۽ تمدني زندگي جو آغاز ڪيو. (3)
ڪوهتراش بٺي مان مجمدار کي بهترين قسم جون اڏاوتون مليون آهن. هڪ گهر مان مجمدار کي هڪ ڪنڊ ۾ بهتر قسم جو ٺهيل غسل خانو مليو آهي ۽ ان ئي گهر مان ٻن منزلن واري عمارت جا نِشان پڻ مليا آهن. اتان هڪ ڏاڪڻ جا آثار به مليا آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ٻه ماڙ جڳهون به ٺهنديون هونديون ۽ گهرن جا فرش پڪسراوان هوندا.( 4) يعني ڪوهتراش جا رهواسي موهن جي دڙي جي رهواسين جيترائي سڌريل ۽ متمدن هيا ۽ حفظان صحت جي اصولن تحت روزانو شنان پاڻي ڪندا هئا ۽ گهر به عمدي قسم جا ڪنهن رٿا سان جوڙيا هئائون.
ڪوهتراش ۾ هڪ عمدو ڪوٽ به مليو آهي. ان ڪوٽ جي ڀرسان چڱي ايراضي ۾ گهر ٺهيل آهن. (5) ان مکيه هنڌ کان ٿورو هيٺ کلئي ميدان ڏانهن جي نظر وجهجي ٿي ته ان پاسي به وڏي تعداد ۾ رهائش جا نشان ملن ٿا. ڪوهتراش مان مليل ڪوٽ بابت چئي نه ٿو سگهجي ته ڪو اهو خطري وقت بچاءَ لاءِ ٺهيل هو. باقي جي ايئن کڻي مڃجي ته ان ۾ واپارين ۽ وڏن ماڻهن جون جڳهون يا مال جا ڀانڊا هجن ته ٻي ڳالهه آهي.
ڪوهتراش جا باشندا مالدار ماڻهو هئا. هو رڍون، ٻڪريون، گڏهه، رڇ ۽ ٻيا جانور پاليندا هئا ۽ کاڌي ۾ انهن جو گوشت کائيندا هئا ۽ جانورن کان سواريءَ جو ڪم پڻ وٺندا هئا. هو ڌاتن جي استعمال مان پڻ واقف هئا ۽ هو ڪاپر مان پنهنجا اوزار ۽ ٿانون ٺاهيندا هئا.
ڳوٺاڻي ثقافت جي ٻين بستين وانگر هي ڳوٺ به ان جي بنياد وجهندڙن پاڻي جي سهوليت کي آڏو رکي ٺاهيو ۽ اتي وڃي رهائش اختيار ڪيائون، جتي پاڻي جالارو ملندو هو. هن بستيءَ جي ڀرسان چشمو مليو آهي، جتان نه صرف پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪيو ويندو هو، پر ان چشمي جي پاڻي تي ٻني ٻارو پڻ ڪيو ويندو هو. (6) ڇو جو گبر بندن جي وچ تي هن بستي جي ڀرسان اهڙي زمين موجود آهي، جتي کيتي باڙي ڪري سگهجي. ٻيو ته برسات جي مند ۾ پاڻي جيڪو جبلن تان لهندو هو. اهو گبر بندن رستي درياهن ۾ وڃڻ کان روڪي، ان تي هتان جا رهواسي فصل ڪندا هئا.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Mughal M.R, Dr. “The Dawn of Civilization of Sindh”, Sind Quarterly, 1980-1, PP-26-7
2. لئبرڪ، ايڇ.ٽي، ”سنڌ-هڪ عام جائزو“ ص-94-95
3. Mujmadar, N.G, “Exploration in Sind”, Indus Publication KARACHI, 1981, Ch: 7 and 89
4. Sorly, H.T “Sind Gazetteer” p-112
5. لئبرڪ-ساڳيو-ص ص-95-96
6. Mujmadar-Same.


[b]10- پانڌي واهي
[/b]
پانڌي واهي جا قديم آثار دادو ضلعي جي جوهي تعلقي ۾ نارا نئن ويجهو آهن. ڳوٺاڻي ثقافت جي وارثن جي هيءَ وسندي کير ٿر ڇپر جي هيٺان هڪ مٿانهين ماٿر تي آهي. هيءَ وسندي موهن جي دڙي جي شهر تمدن کان اڳ جو هڪ ننڍو ڳوٺ يا واهڻ آهي. کوٽائي دوران اتان ٻه تهه مليا آهن. هيٺيون تهه، جيڪو ڳوٺاڻي ثقافت واري دور جو آهي، اتان آمريءَ جي دؤر وارا ٿانون مليا آهن. (1) جڏهن ته مٿئين تهه مان هڙاپا دور جا مخصوص ٿانو ڳاڙهي تر تي ڪاري چٽسالي وارا مليا آهن. قديم آثارن جي ماهر فليم جي راءِ ۾ ته اهو ضرورري ناهي ته اهڙي چٽسالي واري ٿانو فقط هڙاپا دور سان واسطو رکندڙ هجن. جڏهن ته هتان ملندڙ ڪن ٿانون جو واسطو ڏاکڻي بلوچستان سان به آهي. (2) ٿانون کان سواءِ هتان افغانستان جي قديم آثار منڊيگڪ مان لڀندڙ قيمتي مڻيا، نيزا، چقمقي پهڻ وارا اوزار پڻ مليا آهن. چٽن ۾ پپر جو پن، مڇين جا ڇلر ۽ ڍڳن جا چٽ عام آهن. ڍڳي جو نمونو بلوچستان جي ڪلي-ميهي ڪلچر سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته مڇين جا ڇلر موهن جي دڙي سان واسطو رکندڙ آهن.(3)
هيءَ وسندي، انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي مال ڌاريندا هئا ۽ پوکي راهي تي گذران ڪندا هئا. هو ننڍا مستطيل گهر ٺاهي، انهن ۾ رهندا هئا. گهرن جي ڀتين جي پيڙهه پٿر جي رکندا هئا، باقي اڏاوت چيرولي يا گاري سان ڪندا هئا. ڪن هنڌن تي سَرن جي تيلين ۽ پيسن جي پترن جا به ڇپر ٺاهيندا هئا ۽ انهن مٿان ٿلهي گاري جو تهه چاڙهي ڇڏيندا هئا. اهڙي قسم جون اڏاوتون گهٽ ئي ٿينديون هيون، پر گهڻو ڪري پٿر ۽ چيرولي سان مضبوط ڪيل اوساري جو ڪم جام هلندو هو. ڇو جو پانڌي واهي کير ٿر جي پاڙ وٽ هئي. جتي پٿر جو ججهوانداز ۽ ان کي سولائي سان حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم هيا. هتان جا باشندا پنهنجا اوزار چقمقي پهڻ جا ٺاهيندا هئا. چقمقي پهڻ حاصل ٿيڻ جو هنڌ پانڌي واهي جي تمام ويجهو مليو آهي. ان هنڌ جي ڀرسان اوزار ٺاهيندڙ ڪارگيرن جي پٿرائن گهرن جا نشان ۽ سندن اوزارن جي ڀور ۽ ٽڪرا وڏي انداز ۾ مليا آهن. پانڌي واهي جي ماڻهن پنهنجي هت رهائش پاڻي جي سهولت کي مدنظر رکي اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وڃي پنهنجا جهوپا جوڙيا، جتي پاڻي آسانيءَ سان ملي سگهيو ٿي. پانڌي واهي ڳوٺ جي ڀرسان پاڻيءَ جو هڪ چشمو به مليو آهي. جتان اتان جا باشندا پاڻي حاصل ڪندا هوندا ۽ ان ئي چشمي جي پاڻي تي گذر سفر لاءِ ٻني ٻارو ڪندا هوندا. ان چشمي مان نڪتل هڪ ڪڙيي (واٽر) جا نشان مليا آهن. جيڪو ڪڙيو چشمي مان نڪري آبادي لائق زمين کي پوک ڪرڻ لاءِ پاڻي پهچائيندو هو. ڀون وگياني ماهر فيڊن گهڻو اڳ ان چشمي جو جائزو وٺي ٻڌايو هو ته چشمو اڳ جيترو جالارو هو، هاڻي ايترو نه رهيو آهي.
پانڌي واهي وسنديءَ ۾ اسان کي ٻن قسمن جا گهر ملن ٿا. هن وسندي جا مرڪزي گهر جيڪي ننڍڙي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن ۽ هڪ قدرتي مٿانهين دڙي تي آهن. انهن گهرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءُ گهر جيڪي مرڪز ۾ آهن، اهي ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ سندس عزيزن جا هوندا ۽ ان مرڪزي رهائشي ايراضيءَ جي چوڌاري پري پري تائين چوٿائي کن ميل ۾ اڪيلا گهر يا گهرن جا ميڙاڪا لڌا ويا آهن، جيڪي ٻئي قسم جي گهرن ۾ شامل آهن، جتان ڪافي انداز ۾ ڀڳل ٿانون، قيمتي چقمقي پهڻ جا اوزار مليا آهن. اهي گهر وسنديءَ جي هارين نارين ۽ مالوندن جا هوندا. پانڌي واهي وسنديءَ جا رهواسي هاري ۽ مالدار هئا. پنهنجو گهڻو وقت مال چارڻ ۽ زراعت ڪرڻ تي صرف ڪندا هئا. (4)
هن وسندي جي ملڻ سان سنڌو ماٿر جي قديم ڳوٺاڻي ثقافت تي وڌيڪ روشني پوي ٿي. ٻيو ته هيءُ هنڌ ان ڪري به اهم آهي جو هي ميسوپوٽيما (عراق) سان ٿيندڙ واپاري رستي تي هيو ۽ واپاري قافلا هي وسندي لتاڙي مولا لڪ ذريعي ميسوپوٽيما ويندا هئا.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Flame, Louis, “The Paleography & Prehistoric Settlement Pattern in Sind” (CA 4000-2000 B.C), A dissertation in South Asia Regional Studies, Pennsylvania, 1818, P-271
2. Majumdar, N.C, “Exploration in Sindh” P-94
3. See Majumdar & Flame
4. لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 98-99
5. Panhwar, M.H, “Chronological Dictionary of Sind”


[b]11. علي مراد
[/b]
علي مراد جا قديم آثار دادو شهر کان 20 ميلن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف مليا آهن. قديم آثارن جي ماهر مجمدار 1928ع کان 1931ع تائين چوک چڪاس ڪري، هن علائقي ۾ علي مراد سان گڏ لوهري ۽ غازي شاهه وٽ پڻ ڪُٽ واري زماني (Bronze Age) جي وسندين جا آثار ڳولي هٿ ڪيا. (1) هيءُ مڙئي وسنديون ان دور جي قديم ”وڻجارڪي واٽ“ تي آهن، جيڪا واٽ ڪوهستان منجهان ڏکڻ طرف هلندي منڇر ڍنڍ کان 70 کن ميل پرتي ان هنڌ تائين وڃي ٿي، جتي نئن باران ميدان ۾ داخل ٿئي ٿي. مجمدار کي ان واٽ سان 12 کان 15 ميلن جي وٿي تي قديم لوڪن جون منزل گاهون مليون آهن. اهي مڙئي منزل گاهون پاڻيءَ جي چشمن ۽ نئين جي وهڪرن جي ويجهو مليون آهن. (2)
علي مراد جا قديم آثار، هڪ وارياسي ميدان ۾ دڙي جي صورت ۾ هٿ آيا آهن. جتان مجمدار کي ان دور جي کوهه جا آثار پڻ مليا آهن. دڙي جي کوٽائي بعد هڪ ڪوٽ مليو آهي، جنهن جي ڊيگهه ۽ ويڪر 250 وال آهي. ڪوٽ جي اوساري ۾ 2 فوٽ ڊگها ۽ هڪ فوٽ ويڪرا ۽ 5 فوٽ ٿلها پٿر ڪم آندا ويا آهن. ڪوٽ جو دروازو ڏکڻ طرف آهي. ڪوٽ جي اندر هڪ کوهه ۽ ڪجهه گهرن جا نشان مليا آهن. (3)
علي مراد وٽ مليل ڪوٽ بابت ايڇ ٽي لئمبرڪ چوي ٿو ته علي مراد وارن اهو ڪوٽ پنهنجي بچاءَ لاءِ ٺاهيو هوندو. ڇو جو علي مراد جي منهن ۾ ڦوسي لڪ وٽ بلوچستان ۽ سنڌ جي وچ ۾ هڪ مکيه واٽ آهي. (4) ان ڪري اها ڳالهه يقيني آهي ته اهو ڪوٽ اتي جي باشندن پنهنجي بچاءَ لاءِ ٺاهيو هجي ته جيئن ڦوسي لڪ کان ايندڙ حملي آورن کان بچاءُ ڪري سگهجي.
هتان مليل ٺيڪراٽ جي ڳاڙهي سطح تي ڪارن چٽن سان چٽسالي ٿيل آهي. هن دڙي مان ملندڙ باقيات هوبهو هڙاپا مان ملندڙ باقيات جهڙي آهي. جيئن پپر جي پنن جي نشانن وارا مٽيءَ جا ٿانون، پڪل مٽيءَ جا ٺهيل ڏاندن جا پتلا، پٿر جا چاقو، ڪُٽ يا ٽامي جي پيٺل پاسن واري ڪهاڙي ۽ عقيق جا مڻيا. (5) اهي سڀ مليل شيون هن بستيءَ جو هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي رهواسين سان گهاٽو تهذيبي واسطو ڏيکارين ٿيون. (6) ماهرن هن بستيءَ کي سنڌو ماٿر جي شهري تمدن جي هڪ اهم بستي قرار ڏنو آهي، جيڪا ڪُٽ واري دور جي هڪ وڏي آبادي هئي. (7)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Majumdar, N.G, “Exploration in Sind”, P-90-91
2. لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 95
3. صديقي، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ص- 54-55
4. لئمبرڪ، ساڳيو، ص-143
5. صديقي، ساڳيو، ص-54-55
6. Flame, Louis, 1881, P-274
7. Sorly, “Sind Gazetteer”, P-112

[b]12. ڊرٻ ڏيٿڙي
[/b]
سنڌ ۾ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي دور جي هڪڙي وسندي ڊرٻ ڏيٿڙي ضلعي سکر ۾ آثار قديمه جي ماهرن کي ملي آهي. (1) هيءَ وسندي سکر شهر جي اتر اوڀر ڪنڊ تي گهاگهر-هاڪڙو درياهه جي ڦٽل وهڪري جي ساڄي پاسي ڪپ تي ڳوٺ يارو لنڊ ۽ صاحب خان لنڊ جي وچ ۾ آهي. (2)
هيءُ ڦٽل شهر زمين کان 100 فوٽ کن اتاهين جڳهه تي آهي ۽ ان جو مٿاڇرو اڌ چورس ميل کن ٿيندو. جيڪو سڄو ٺيڪراٽ سان ڍڪيل آهي. هيءُ وڏي ايراضي وارو شهر واريءَ هيٺان لڪي ويو آهي. هن وسندي جي ڏکڻ – اوڀر واري پٽ تان هڪ کوهه لڌو ويو آهي. جيڪو زمين جي مٿاڇري کان ڪي چار فوٽ هيٺتي زمين ۾ پوريل آهي. اهو کوهه گهيري ۾ پنج فوٽ کن آهي. پر پاسن جي هر قطار ۾ رڳو 9 سرون اٿس، جيڪي سڀ هڪ ئي ڪاڇي ۽ قالب جون نه آهن. اهي سرون آڏيون گولائي ۾ لڳل آهن ۽ پاسي کان ڏسڻ تي ونگ جو ڏيک ڏين ٿيون. اوساري جو هيءُ نمونو موهن جي دڙي جي انيڪ کوهن جي اوساريءَ کان بنهه نيارو آهي. (3) هن وسنديءَ جي اتر اوڀر ڪنڊ ۾ چئن ميلن جي فاصلي تي سنڌو سڀيتا جو هڪ ٻيو ماڳ ونجهڙوٽ مليو آهي.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-146
2. ساڳيو، ص- 170
3. ساڳيو، ص- 146-147

[b]13. ٿيڙ
[/b]
ٿيڙ، اتر سنڌ ۾ تعلقي روهڙي، ضلعي سکر جي ڀرسان هڪ سنڌو سڀيتا جو ماڳ آهي. هيءَ بستي ممڙي کان ڪي 3 ميل اوڀر ۾ هڪ واهيءَ وٽ آهي، جيڪا ريڻي نديءَ ڏي وڃي ٿي. ٿيڙ، سنڌو تهذيب جو تمام ننڍڙي پکيڙ، اٽڪل هڪ ايڪڙ کن ايراضيءَ وارو ماڳ آهي. هن دڙي جو مٿاڇرو ٺيڪراٽ سان ڀريل آهي. جن ۾ چقمقي پهڻ جي ڌار وارا اوزار ۽ ٺڪر جا ٽنگر ٿانون به اچي وڃن ٿا. کوٽائي ۾ هڪڙي جاءِ جي ڀت به نڪتي آهي، جيڪا پڪين سرن جي ٺهيل آهي. (لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-147)


[b]14. لکمير جي ماڙي
[/b]
لکمير، نئنگ جي ڀرسان تعلقي سيوهڻ ضلعي دادو ۾ آهي. جتان سنڌو سڀيتا جي دور جا قديم آثار مليا آهن. لکمير جي ماڙي جا قديم آثار پٽ کان اٽڪل 60 فوٽ اتانهان آهن. مٿاڇري تي وڏين گٺل کاڌل اوسارين جا نشان مليا آهن. جن جي چوڌاري پٿرن جا ڍڳ سٿيا پيا آهن. (1) جڏهن ته ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ هڪ ٻئي جي پاسي ۾ پهريدارن، خادمن جي ڪوٺين ۽ جاين جا آثار نظر اچن ٿا. هي ماڳ هڙاپا دور جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ نظر اچي ٿو. هتان لڀندڙ ٿانون ۾ ڳاڙهي تي ڪاري چٽساليءَ وارا ٿانو، چقمقي پهڻن وارا اوزار هٿ آيا آهن. (2)
هي وسندي به پاڻي جي سهولت جي لحاظ کان هڪ جالاري چشمي ڀرسان آهي. ان چشمي ۾ پاڻي جي حفاظت لاءِ چوڌاري ٻنا ڏنل آهن. (3)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
(1) لئمبرڪ، ايڇ. ٽي، ”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ص-100-101
(2) Mujumdar, 1984, P-88
(3) لئمبرڪ- ساڳيو ص-100-10


[b]15. ڪائي بٺي
[/b]
ڪائي بٺي جا قديم آثار دادو ضلعي جي تعلقي سيوهڻ ۾ ڪائي ڳوٺ ويجهو، ڪائي ماٿري جي ڏکڻ اولهه حصي ۾ آهن. هيءُ سنڌو سڀيتا جي دور جو هڪ وڏو ڳوٺ آهي. ڪائي جي ڀرسان پڻ هڪ وڏو پاڻي جو چشمو مليو آهي. جتان ڪائي وارا نه صرف پيئڻ جو پاڻي پر ٻني ٻاري لاءِ پڻ پاڻي حاصل ڪندا هئا. ڇو جو ڪائي ڀرسان جيڪو چشمو مليو آهي، ان تي هڪ چڱي ڀلي ڳوٺ جي پورائي لاءِ فصل ڪري سگهجي ٿو.(1)
ڪائي بٺي جي وسنديءَ کان ڪجهه وال پرتي اڀيءَ لاهيءَ وارن پاسن سان هڪڙي چپٿري مٿاڙ واري ٽڪري آهي. جنهن تي هڪ ڪوٽ اڏيل آهي. لئمبرڪ جي چوڻ موجب ته ان زماني ۾ ڪائي جا رهاڪو مصيبت وقت ڪوٽ ۾ وڃي پناهه وٺندا هئا. ڪائي بٺي قد ۾ گهڻي ننڍي آهي، پر پکيڙ ۾ ميري ۽ لکمير جيتري آهي.
هتي ڀنگار واري دور جي ٺڪراٽ به عام جام نظر اچي ٿي. فليم ان بابت چيو آهي ته ڪائي بٺي جو ڪنڀارڪو هنر آمري دور سان واسطو رکندڙ آهي. (2)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b](1) ليمبرڪ، ”سنڌ- هڪ عام جائزو ‎“ ص-100
(2) Flame, Louis “The Paleography & Prehistoric Settlement Pattern in Sind” 1881, P-292


[b]16. لنڊي بٺي
[/b]
لنڊي بٺي، دادو ضلعي جي تعلقي سيوهڻ ۾ نئنگ نئن جي ساڄي ڪپ تي (اوڀر طرف) بڊو رينج ويجهو، نئنگ ڳوٺ کان ڏکڻ اوڀر طرف 2 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن تاريخ کان اڳ جي ماڳ جي اصلي بناوت گهڻي وڌيڪ چٽي آهي. اهو مخروطي دڙو، هڪ ٻئي مٿان ٽن پٿرائن ڀتين يا ٿلهن سان وڪوڙيل آهي ۽ چوٽي تي ماڙي جا نشان اٿس. ان مان لڳي ٿو ته ان تي ڪو ڪوٽ نه پر ميسوپوٽيما جي اهرام جي صورت جهڙي ڪا عبادت گاهه هئي. هتي ساڄي پاسي جيڪو ٽڪر جو ويڪرو چپٿرو ٽڪر آهي، سو مکيه رهائشي ايراضي لڳي ٿو. ڇو ته اهو پهڻ، ٺڪراٺن، ڀڳل ٿانون ۽ چقمقي پهڻ جي ڌڪيل ٽڪرن سان اصل ڪارو لڳو پيو آهي. سو ان هنڌ جي عام بيهڪ ۽ بناوت ڏنڀ بٺيءَ سان مشابهت رکي ٿي. مڪاني عقيدو آهي ته لنڊي بٺي جون ڀتيون بچاءَ لاءِ کنيون ويون هيون. (لئمبرڪ- ص- 101)

[b]17. ليمون جوڻيجو
[/b]
ليمون جوڻيجي جا قديم آثار اتر سنڌ ۾ شڪارپور کان 40 ميل الهندي طرف آهن. (1) هي تاريخ کان اڳ جي دور جي رهواسين جو ڦٽل شهر سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي. هن دڙي جي نشاندهي ۽ تصديق آثار قديمه جي ماهر اين جي مجمدار ڪئي آهي. (2) هن بستي مان موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان ملندڙ ٿانون ۽ اوزارن جهڙيون شيون مليون آهن.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
(1) ڀيرومل، مهر چند آڏواڻي، ”قديم سنڌ“ ص-76
يا مولائي شيدائي، ”تمدن سنڌ“ ص-11-12
(2) Majumdar, N. G “Exploration in Sind”, Archaeological Survey of India No: 48

[b]18. غازي شاهه
[/b]
غازي شاهه جا قديم آثار ضلعي دادو ۾ ٽنڊو رحيم خان کان ڏکڻ اوڀر 6 ڪلو ميٽرن تي ڀٽ رينج جي پيرانديءَ کان اتر اوڀر پير غازي شاهه کان 2 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهن.
قديم آثارن جي ماهر مجمدار 1928ع کان 1931ع تائين جاچ پڙتال ڪري، جيڪي سنڌو سڀيتا جي ڪُٽ واري دور جا شهر ۽ ڳوٺ ڳولهي هٿ ڪيا، انهن مان غازي شاهه پڻ هڪ آهي. (1) هي سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت ۽ شهري تمدن جو گڏيل هنڌ آهي. جتان اسان کي رهائش جا 2 تهه مليا آهن. (2) هڪ شروعاتي تهه، جيڪو ڳوٺاڻي ثقافت وارن جو هيو ۽ ان بعد ٻيو مٿيون تهه شهري تمدن جي دور سان واسطو رکندڙ آهي.
هن آثار جي شروعاتي تهه مان اسان کي اوائلي انساني ڌنڌن، سندن ڪرت ۽ مشغولي جا نشان مليا آهن. هيٺين تهه مان اسان کي ڪي به تعميراتي جايون يا گهر نه مليا آهن. پر صرف اتي رهندڙن جي استعمال جا اوزار ۽ ٿانون مليا آهن. (3) جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي جا پهريان آبادڪار سرن سان اڏاوتون ڪو نه ڪندا هئا، پر ڪکن ۽ ڪانن جي لانڍين ۽ ڇپرن ۾ رهندا هئا.
جڏهن ته آخري مٿئين تهه جا رهندڙ ڪاپر استعمال ڪندا هئا ۽ اڳين کان وڌيڪ متمدن زندگي گذاريندا هئا. دڙي جي کوٽائي مان ڏاند جا مجسما، جابلو ٻڪرن جون تصويرون، ڦڻين جا مختلف نمونا ۽ ٻئي هار سينگار جو سامان مليو آهي. هتان جا ماڻهو رڍون، ٻڪريون، رڇ ۽ گڏهه ڌاريندا هئا.
مجمدار کي هتان جيڪي ٿانون مليا آهن، تن تي ڳاڙهي مٿان ڪاري چٽسالي ٿيل آهي. ڪن ٿانون تي ڍڳي جي مورت آهي. اهڙيون ساڳيون ڍڳي جون مورتون نال منجهان به مليون آهن. ان کان سواءِ مور جو استعمال به گهڻي ڀاڱي ٿيل آهي. پپر جي پن جو به جام تصويرون مليون آهن. (4)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
(1) Majumdar, N.G, “Exploration in Sind” P-85
(2) لئمبرڪ، ايڇ. ٽي، ”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ص-142
(3) Sorely, H.T, “Gazetter of Sind” P-112
(4) Flame, Louis, “The Paleography & Prehistoric Settlement Pattern in Sind”, P-281


[b]19. نارو وارو دڙو
[/b]
سنڌو سڀيتا جي وارثن جي هي بستي ضلعي خيرپور جي ٽنڊي مستي خان اسٽيشن جي اوڀر ۾ ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي. هن بستيءَ کي 1935ع ۾ قديم آثارن جي هڪ ماهر پنڊت ماڌو سروپ ڳولهي لڌو. (1) جتي کيس ڪيترائي واري جا دڙا مليا. جن مان ڏکڻ اوڀر ڇيڙي وارو دڙو ”نارو وارو دڙو“ آهي. (2) جيڪو سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت وارن رهواسين ۽ ان کان پوءِ شهري تمدن جي وارثن جو گڏيل هنڌ آهي. (3) هتان جي رهواسين جا ڪوٽڏجي جي باشندن سان گهرا لاڳاپا هيا، ڪوٽڏجي وارا قديم آثار هن بستي کان 7 ميل اتر اولهه ۾ آهن.
نارو جي دڙي مان مليل برتن تمام سڌريل قسم جا نظر اچن ٿا. جن جي جوڙجڪ اعليٰ قسم جي ۽ انهن تي ٿيل چٽسالي، سندن فن جي پختگيءَ جو اعليٰ ثبوت آهي. (4) هن دڙي جي کوٽائي مان مليل شيون، ڪوٽڏجي ۽ موهن جي دڙي مان مليل شين سان ڪافي مشابهت رکن ٿيون. هتان ملندڙ زيورن ۾ هٿن جون منڊيون وغيره موهن جي دڙي مان مليل زيورن سان مشابهت رکن ٿيون. دڙي جي کوٽائي مان قديم آثارن جي ماهرن کي ٻارن جا رانديڪا، ڍڳي گاڏيون، چوڙيون ۽ ٻئي هار سينگار جي سامان سان گڏ بهترين قسم جي ٺڪر جا ٿانون مليا آهن. (5) ماهرن هن دڙي مان هڪ انساني هڏائون پڃرو به لڌو آهي.
نارو وارو دڙو، سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت ۽ شهري تمدن جي مليل جليل دورن جو هڪ بهترين سنگم آهي.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
(1) Pithawalla, “Historical Geography of Sind”, P-166
(2) Exploration at Naru Waro Daro, Archaeological Deptt: of Pakistan, 1964- vol: 1
(3) Flame, Louis, “The Paleography & Prehistoric Settlement Pattern in Sind” – P – 941
(4) Pithawala, P-166
(5) Pithawala, P-167

[b]20. ڏنڀ بٺي
[/b]
ڏنڀ بٺي جا قديم آثار دادو ضلعي ۾ جهانگارا ڳوٺ کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهن. هتان قديم آثارن جي ماهر فليم ۽ مجمدار کي ٽماڙ جڳهه جا نشان هٿ آيا آهن. جنهن جي لاهيءَ کان ڀتين جا نشان موجود آهن. جڏهن ته ڏاکڻين طرف هڪ ڏاڪڻ جا نشان مليا آهن. هن جي هيٺيان ڏکڻ، اوڀر ۽ اتر کان پيڙهه جي ڀتين جا نشان مليا آهن. جنهن مان گهرن جي ڪمرن جي نشاندهي ٿئي ٿي. مجمدار بٺي جي کوٽائي دوران هڪ انساني ڍانچو ڳولي هٿ ڪيو. هتان ملندڙ ٿانون آمري ۽ هڙاپا جي دورن سان واسطو رکن ٿا. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت سميت شهري تمدن واري دور سان به واسطو رکي ٿو.

[b]21. ديهه ماڙي صابري
[/b]
ديهه ماڙي صابري جا قديم آثار ضلعي نواب شاهه ۾ ڳوٺ نواز ڏاهري ڀرسان آهن. هي ماڳ هڙاپا دور سان واسطو رکي ٿو. هتان ملندڙ شين ۾ ڪاري تي ڳاڙهي چٽ وارا ٿانو، ٺڪر جو ڍڳو، ٽنگر سامان جا ٽڪر شامل آهن.

[b]22. ڏيسوئي
[/b]
هيءُ ماڳ دادو ضلعي ۾ ٿاڻي بولا خان کان اٺ ڪلو ميٽر اتر اوڀر تي ڏيسوئي نئن ويجهو آهي. هي ماڳ تراکڙو آهي. پٿر جي ڪپچي ۽ وٿون جا بجا پکڙيل آهن. هتان ملندڙ سامان ۾ ٽنگر ٿانو، ٺڪر ۽ ٽامي جا چوڙا، ڪٺ جو وٽ، ننڍڙا ٺڪر جي گاڏڙن جا ٽڪر، ٻه سو گول ۽ ٻه چهنبارا ٺڪر جا ڳوڙها به لڌا ويا آهن. اهڙا ڳوڙها ٿاڻي بولا خان جي ٻين ماڳن تان به لڌا ويا آهن. مجمدار ۽ فليم جي راءِ موجب هي ماڳ هڙاپا دور سان واسطو رکي ٿو.

[b]23. الهه ڏنو
[/b]
قديم آثارن وارو هيءُ هنڌ ڪراچي کان 32 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف آهي. هن ماڳ تان ٽن دورن جا آثار مليا آهن. هي ماڳ سنڌو سڀيتا جي دور سان واسطو رکندڙ آهي.
ماهرن هن وستيءَ ۾ چٽسالي سان گڏ سادا ٿانون به لڌا آهن. الهڏني جي ڀتين ۾ پٿرن سان گڏ ڪچيون سرون به استعمال ٿيل آهن. کوٽائي مان سون ۽ چاندي به هٿ ڪئي وئي آهي.

[b]24. عاملاڻو
[/b]
عاملاڻي جا قديم آثار ڪراچيءَ کان اٽڪل 34 ڪلوميٽر اتر اولهه طرف مول ۽ ملير نئن جي سنگم تي آهن. هي بستي 91 ميٽرن اندر ڦهليل آهي.اهڃاڻ تراکڙا آهن، ماڳ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]25. عارب جو ٿاڻو
[/b]
عارب جي ٿاڻي جا قديم آثار ضلعي دادو ۾ شاهه جو ڪوٺڙيو کان اٽڪل 5 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ناريئڙو جبلن جي پيرانڌيءَ ۾ آهن.
لئمبرڪ کي هن بستي مان ٽامي جون ڇيڻيون هٿ آيون آهن. اين جي مجمدار، هن بستيءَ کي سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي رهواسين جو وٿاڻ ٻڌائي ٿو.


[b]26. شاهه جو ڪوٽڙو
[/b]
هيءُ ماڳ دادو ضلعي ۾ کجور کان 7 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف باران نئن جي اوڀر کاٻي پاسي واقع آهي. هوٿياڻو جبل کان هڪ نڪرندڙ چشمو ماڳ جي ڀرمان لنگهي ٿو. هن قديم آثار جي مٿاڇري تي ڀت جا آثار نظر اچن ٿا. هتان لڀندڙ ٿانون جو نمونو ڏکڻ بلوچستان جي قديم ماڳن ڪلي ۽ ميهي مان به لڌو ويو آهي. هتان مليل ٿانون تي کجي جو وڻ ۽ ٻڪرن جا چٽ به ٿانون تي چٽيل آهن. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتان جا ماڻهو ٻڪريون ڌاريندا هئا ۽ ان دور ۾ سنڌ ۾ کجي پوکي ويندي هئي.


[b]27.ٻانڌڻي
[/b]
ٻانڌڻي جو قديم ماڳ دادو ضلعي ۾ ٻانڌڙي نئن ويجهو ٻانڌڻي ڳوٺ ڀرسان آهي. دڙو اتر کان اتانهون ۽ ڏکڻ کان تراکڙو آهي. مجمدار هن قديم ماڳ جي کوٽائي ڪرائي، جتان پٿر جون ڀتيون مليون آهن. قديم آثار مان ملندڙ ٿانون، هن ماڳ جو آمري ثقافت (ڳوٺاڻي ثقافت) سان ڳانڍاپو ڏيکارين ٿا.
هن ماڳ تان ملندڙ باقيات ۾ ٻه رنگا سنهڙي چادر وارا ٿانون ۽ چقمقي پٿر جا اوزار شامل آهن. ٿانون تي ڳاڙهي ۽ ناسي رنگن جا چٽ چٽيل آهن، جڏهن ته انهن جو تهه پيلو آهي.


[b]28. چؤنرو
[/b]
چؤنرو جا قديم آثار دادو ضلعي ۾ ٻاندڙي نئن جي ڏکڻ طرف آهن. هي ماڳ مخروطي دڙي ۽ هڪ هيٺاهين وسندي تي ٻڌل آهي. هتان مجمدار کي کوٽائي دوران ڀتيون مليون آهن. هي ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت واري دور سان واسطو رکندڙ آهي. هتان ڳاڙهي ۽ ڦڪي رنگ جا ٿانون لڌا ويا آهن. جيڪي هن کان اڳ آمري مان ملي چڪا آهن. جن تي چاڪليٽي ڦڪي رنگ سان چٽسالي ٿيل آهي. ٿانون چڪ تي ٺاهي پچايا ويا آهن. هن آثار مان ليمبرڪ کي هڪ چقمقي پهڻ جو ڪپ هٿ آيو آهي، جيڪو 5 انچن کان وڌيڪ ڊگهو آهي.

[b]29. ڍال
[/b]
ڍال بٺي جا قديم آثار لڪي جبلن جي اولهه طرف ضلعي دادو ۾ آهن. هن قديم بستيءَ جو نشان هڪ ٽڪنڊي جي صورت ۾ موجود آهي. ٽڪنڊي جو ننڍي ۾ ننڍو حصو اتر واري پڇڙي آهي ۽ اتر واري پڇڙي تي ميدان هڪ مخروطي دڙي جي صورت اختيار ڪري ٿو. هن قديم آثار جو واسطو سنڌو ماٿر جي ڳوٺاڻي ثقافت سان گڏ شهري تمدن واري دور سان به آهي. هتان مجمدار کي جتي آمري دور جا سنها ٿانون مليا آهن، اتي ٽڪر جي چوٽيءَ تي ڪٺ جي دور جي عمارتن جا آثار نه نظر آيا آهن. هتان ملندڙ شين ۾ چٽسالي ٿيل ٿانون، ٺڪر جا چوڙا، اسٽينڊ تي ڊش ۽ ٽنگر ٿانون شامل آهن.
قديم آثارن جي ماهر مجمدار کي اوڀر واري اڌ مان ڀتين جي پيڙهه وارا پٿر نظر آيا. جڏهن ته فليم کي بٺيءَ جي اولهه واري پاسي کان هڪ گولائين پٿرائين اڏاوت جا آثار مليا آهن.

[b]30. ڏيجيءَ جي ٽڪري
[/b]
هيءُ قديم آثارن وارو ماڳ خيرپور ضلعي جي ديهه چونئرو ۾ آهي. 1938ع ۾ هڪ ماهر وئٽس هيءُ ماڳ ڳولي هٿ ڪيو. جيڪو چن واري پٿر جي ٽڪريءَ تي آهي ۽ آس پاس واري ميداني علائقي کان اٽڪل 12 ميٽر مٿي آهي ۽ شڪل ۾ چوڪنڊو آهي.
وئٽس جي راءِ موجب هن وسنديءَ جا 4 کان 5 تهه آهن. مٿيون تهه سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته هيٺين تهن جو واسطو ڳوٺاڻي ثقافت واري دور سان آهي. هتان ڪجهه اهڙيون باقيات مليون آهن، جن جهڙيون هن کان اڳ ڪوٽڏيجي سميت راجسٿان واري قديم ماڳ ڪالي بنگن مان هٿ آيون آهن.

[b]31. گورنڊي
[/b]
گورنڊي وارو قديم ماڳ دادو ضلعي ۾ نئنگ کان 13 ڪلوميٽر اتر طرف آهي. هيءُ ننڍڙو دڙو اٽڪل اڍائي ميٽر اوچو آهي. قديم آثارن جي ماهر اين جي مجمدار هن ماڳ جي چوک چڪاس ڪندي ٻڌايو آهي ته سمورو علائقو پٿر جي ڪپچين ۽ ٿانون سان ڀريل آهي. سندس ڀرسان هڪ پاڻيءَ جو چشمو آهي. جتان هتان جا رهواسي پيئڻ ۽ زراعت ڪرڻ لاءِ پاڻي استعمال ڪندا هئا. هتان ٺڪر جو ڍڳو، چوڙا، سپين جا چوڙا، عقيق جو مڻڪو ۽ ڪوپر جي منڊي وغيره مليا آهن. قديم آثارن جي ماهرن موجب هيءُ ماڳ شهري تمدن ۽ ڳوٺاڻي ثقافت وارن دورن سان واسطو رکندڙ آهي.


[b]32. حسن علي
[/b]
حسن عليءَ جا قديم آثار ڪراچي کان ساڍا پنجٽيهه ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف، سپر هاءِ وي تي آهن. هيءُ ماڳ ميداني علائقي کان 3 ميٽر مٿانهين جڳهه تي آهي. هتان ڀتين جي پيڙهه جا نشان مليا آهن. قديم آثارن جي ماهر فليم موجب هڪ بستي هڙاپا دور يعني شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي.


[b]33. جهڪڙ
[/b]
هيءُ ماڳ مٺو ديرو لڳ لاڙڪاڻي کان 9 ڪلوميٽر اولهه طرف آهي. لاڙڪاڻي کان وارهه ويندي روڊ جي اترين طرف نظر اچي ٿو. تاريخ کان اڳ واري دور ۾ هيءَ وسندي سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي هئي. جهوڪر (جهڪر) جا قديم آثار ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. دڙو ’اي‘ 17 فوٽ اوچو آهي ۽ دڙو ’بي‘ 63 فوٽ اوچو آهي. دڙو بي سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن واري دور کان پوءِ واري زماني سان واسطو رکي ٿو. جڏهن ته دڙي ’اي‘ جا هيٺيان تهه، موهن جي دڙي جي دور سان واسطو رکن ٿا. دڙي اي جا 3 تهه آهن. مٿيون تهه انڊو-ساساني دور سان واسطو رکي ٿو. جڏهن ته ان جا هيٺيان ٻه تهه سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکن ٿا. جڏهن ته ڊاڪٽر رفيق مغل چوي ٿو ته دڙي جي هيٺين تهن جو به سنڌو تهذيب سان واسطو آهي.

[b]34. جهانگارا
[/b]
هيءُ ماڳ دادو ضلعي ۾ جوهي کان سيوهڻ واري رستي تي جهانگارا ڳوٺ کان اٽڪل 2 ميل پري ڏکڻ طرف موجود آهي. دڙا اٽڪل 17 فوٽ اوچا آهن. چوک چڪاس دوران دڙن تي چن جي پٿر واريون ڪپچيون، چقمقي پرد، خاڪي ٿانون جا پرزا ٽڙيل پکڙيل مليا آهن. ٺڪر سادا ۽ بنا چٽساليءَ جي آهن. هتان مليل ٿانون جا ڪجهه نمونا موهن جي دڙي واري اسٽوپا ڀرسان به مليا آهن. هتان ٽامي جي هڪ ڇيڻي ۽ هڪ آر به لڌي آهي. ان کان سواءِ انساني مٿي جو هڏو ۽ جانورن ۾ ٻڪرين جا هڏا وڌيڪ مليا آهن. هيءَ وسندي هڙاپا دور (شهري تمدن) جي آخري دور جي آهي.

[b]35. ڪرچاٽ
[/b]
ڪرچاٽ جو قديم ماڳ دادو ضلعي ۾ کيرٿر ۽ ڪيلرو جبلن جي وچ ۾ ڪرچاٽ ڳوٺ ويجهو آهي. هن دڙي جي آسپاس ۾ ٽي چشما وهن ٿا. هتي ٺهيل عمارتن جي بنياد ۾ هڪ پيلي رنگ جو وارياسو پٿر به استعمال ٿيل آهي. هتان ملندڙ باقيات ۾ ڪاري رنگ تي ڳاڙهي چٽسالي وارا ٿانون، ٺڪر جي ڪيڪن جا ٽڪرا، چقمقي اوزار شامل آهن. هتان مختلف قسمن جا مڻڪا به لڌا ويا آهن. جيڪي لاجورد، اسٽيٽائيٽ ۽ ٺڪر جا آهن. هتي جي ٿانون تي ٿيل چٽسالي ۽ رنگ نهايت سهڻا آهن. چٽن ۾ کجيءَ جا وڻ، جابلو ٻڪر، اکين جهڙا نمونا، پکين جا مٿا شامل آهن. مجمدار موجب هيءَ وسندي سنڌو تهذيب جي شهري تمدن، جڏهن ته فليم موجب ڳوٺاڻي ۽ شهري تمدن جي گڏيل آبادي آهي.

[b]36. کجور
[/b]
کجور جا قديم آثار به دادو ضلعي ۾ ڪرچات کان 9 ڪلوميٽر پري ڏکڻ اوڀر طرف آهن. هتان قديم آثارن جي ماهرن کي ڀتين جا نشان مليا آهن. جن جو بنياد ڪاري پٿر ۽ ڪڪرين تي ٻڌل آهي. هتان ملندڙ ٿانون ۾ سڌي ڳچي وارن باسڻن جا ٽڪر عام جام آهن. چٽسالي ٻه رنگي آهي. ٿانون تي ڳاڙهسرو ناسي رنگ ۽ هلڪو ڦڪو ۽ ڪارو رنگ ٿيل آهي. هتان مجمدار کي ٺڪر جو هڪ ٻن ڪنڊن وارو مڻڪو، جيڪو اُڪر سان آهي، مليو آهي. هتان ملندڙ باقيات جو ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو آهي.


[b]37. لکيو (پير لاکو)
[/b]
دادو ضلعي جي ڳوٺ شاهه حسن کان 9 ڪلوميٽر اتر ڏکڻ ۾ لکيو جا قديم آثار مليا آهن. قديم آثارن واري ماهر مجمدار هن ماڳ جي کوٽائي ڪرائي. هن ٻه کڏون ٻن ڪلوميٽرن تائين کوٽرايون. هن بستي مان ڳاڙهي تر تي ڪاري چٽسالي ٿيل ٺڪر جا ٿانو، ٺڪر جون ٺهيل ماتا ديويون، ڍڳي جون مورتيون، ٺڪر جا ڪنگڻ، موتي، رانديڪا، چقمقي پرد، اسٽيٽائيٽ موتي مليا آهن. مجمدار کي هن ماڳ تان اهڙا به ٿانون مليا آهن، جيڪي بنا چٽسالي ٿيل سادا آهن. هتان مليل ماتا ديوي جهڙيون مورتيون، هن کان اڳ ڪلي ۽ ميهي مان به مليون آهن.

[b]38. لوهري
[/b]
هي ماڳ دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ ڀرسان آهن. هي دڙو آس پاس واري ميداني علائقي کان اٽڪل هڪ ميٽر مٿانهون آهي. مجمدار ٻه ميٽر مٿاڇري کان هيٺ کوٽائي ڪرائي، پر پاڻي نڪرڻ سبب اها اڌ ۾ رهجي وئي. هتان ملندڙ ٿانون مان ٽن دورن جي نشاندهي ٿئي ٿي. هڪڙا ٿانون، آمري واري دور سان واسطو رکن ٿا، ٻيا گڏيل آمري- هڙاپا دور جا آهن ۽ ٽيان آخري هڙاپا دور سان واسطو رکن ٿا. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت کان شهري تمدن جي آخري دور تائين آباد رهيو. مجمدار کي هتان مستطيل ۽ چورس ڪمرن جا نشان مليا آهن. ڪيترن اڏاوتن جي پيڙهه ۾ وڏا وڏا پٿر استعمال ٿيل آهن. هڪڙي تهه مان هڪ گهر چڱي حالت ۾ نظر آيو آهي، جيڪو چئن ڪمرن، ٻن ڪوٺين ۽ هڪ ورانڊي تي ٻڌل آهي.
هتان مليل باقيات ۾ پنج ٺڪر جا مٽڪا اُڪر ٿيل، ٻن جانورن جون مورتيون، ٽامي جا زيور شامل آهن. هتان مليل ٿانون جو رنگ ڦڪو يا هلڪو ڳاڙهو آهي. ٺڪر جي ٿانون جو تر سنهڙو آهي. مٿن چٽسالي لاءِ ڳاڙهو، ناسي ۽ چاڪليٽي رنگ استعمال ٿيل آهي.

[b]39. ليلان جي ماڙي
[/b]
ليلان جي ماڙي جا قديم آثار ڳوٺاڻي ثقافت سميت شهري تمدن واري دور سان واسطو رکندڙ آهن. هي آثار مولا ۽ ڦوسي لڪن جي وچ ۾ کينجي نئن تي کير ٿر جي ٻاهرين قطار تي واقع آهن. هتان جي رهواسين هي بستيءَ هڪ چشمي جي ويجهو آباد ڪئي هئي.

[b]40. لوهم جو دڙو
[/b]
لوهم جو دڙو پيارو ڳوٺ اسٽيشن کان 35 ميٽر اتر طرف دادو ضلعي ۾ آهي. هي دڙو هڪ پراڻي درياهي وهڪري تي آهي. مجمدار کوٽائيءَ دوران هتان موهن جي دڙي يعني شهري تمدن ۽ ان کان پوءِ واري دور جيڪو جهڪڙ دور ڪوٺجي ٿو، ان جا آثار ڳولي لڌا آهن. هتان ملندڙ ٿانون تي هلڪو ڳاڙهو رنگ ٿيل آهن، جنهن مٿان ڪاري چٽسالي ٿيل آهي. چٽسالي وارن نمونن ۾ جاميٽري جا نمونا، اڏندڙ پکي، ٻوٽا، پپر جا وڻ، ڦڻي جهڙيون شاخون شامل آهن. هي ٿانون دڙي جي هيٺين تهه مان لڌا ويا آهن. جڏهن ته مٿئين تهه مان مليل ٿانون جهڪڙ دور سان واسطو رکندڙ آهن. ٻنهي تهن مان ڍڳي جون مورتيون، ٺڪر جا چوڙا ۽ رانديڪا پڻ مليا آهن. مجمدار کي هتان مليل باقيات ۾ عقيق، اسٽيٽائيٽ جا مڻڪا ۽ موتي، تور جا وٽ، ٽامي جو چاقو، نيزو، پهڻن جي ڌار وارا اوزار ۽ موهن جي دڙي جون مهرون مليون آهن.

[b]41. اورنگي
[/b]
هي قديم ماڳ ڪراچي ۾ منگهو پير جي ستين ميل جي پٿر کان ڏيڊ ڪلوميٽر اولهه طرف آهي. مجمدار کي چوک چڪاس دوران هتان جابجا ٺڪريون مليون آهن ۽ چقمقي پهڻ جي ڌار وارا اوزار به مليا آهن. هي ماڳ تاريخ کان اڳ جي دور سان واسطو رکي ٿو. جتي کوٽائي نه ٿي سگهي آهي.

[b]42. عثمان جي بٺي
[/b]
هي قديم ماڳ عارب جو ڳوٺ کان 1 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف باران نئن جي اوڀر واري ڪپ تي واهي ڳوٺ ڀرسان آهي. ماڳ جي کوٽائي دوران هتان 2 فوٽ هيٺ ڪمرن جا آثار نظر آيا آهن. سٺ کان وڌيڪ وٿون هتان لڌيون ويون. هتان مليل ٿانون تي ٻن رنگن سان چٽ چٽيل آهي، جن جون ڳچيون گهڻي ڀاڱي سڌيون آهن. مجمدار کي چوک چڪاس دوران پهڻن جا تيز اوزار مليا آهن. جڏهن ته کوٽائي دوران سامونڊي گجي پڻ هٿ آئي آهي.

[b]43. پئي جو ڪوٽڙيو
[/b]
پئي جو ڪوٽڙيو، راڄو ديرو کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. هتان قديم آثارن جي ماهرن کي جيڪي ٿانون مليا آهن، تن جو واسطو آمري ۽ هڙاپا دور سان آهي. جنهن مان معلوم ٿيو آهي ته هيءُ ماڳ ٻنهي دورن يعني ڳوٺاڻي ثقافت ۽ شهري تمدن ۾ آباد هيو.

[b]44. پوکراڻ
[/b]
هن قديم ماڳ مان ملندڙ باقيات جو واسطو آمري جي وائلي تهن مان نڪرندڙ ٿانون سان آهي. هيءُ ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ بستي پوکراڻ ٽڪرين جي چوٽيءَ تي پوکراڻ ٻرگهل جي ڏکڻ ۾ آهي. هتان قديم آثارن جي ماهرن کي ڀتين جا آثار مليا آهن. جڏهن ته هتان جو ڪنڀارڪو فن پڻ خاص قسم جو آهي.

[b]45. ٽنڊو رحيم
[/b]
هيءُ قديم ماڳ دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ ۾ غازي شاهه کان چار ميل اتر طرف آهي. هتان جا ٿانون ڦڪي مادي سان ٺهيل آهن. جن جي تري تي هلڪو ڳاڙهو يا ڦڪو رنگ آهي. جڏهن ته چٽ ڪاري يا چاڪليٽي رنگ ۾ آهن.

[b]46. تئونگ جي بٺي
[/b]
هيءُ آثار دنبر جبل جي اتر اوڀر واري ڪنڊ تي گاج جبلن جي پيرانديءَ کان تئونگ ڳوٺ ويجهو آهن. لئمبرڪ کي هتان کوٽائي دوران آمري دور (ڳوٺاڻي ثقافت) ۽ هڙاپا دور (شهري تمدن) واري دور سان واسطو رکندڙ ٿانون مليا آهن.


[b]47. احمد شاهه
[/b]
هيءُ قديم ماڳ دادو ضلعي ۾ باران ماٿر جي اڀرندي پاسي آريجو ڳوٺ کان ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هيءُ قديم ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت واري دور جو آهي. قديم آثارن جي ماهرن هتان چقمقي پرد، ڪور ۽ ٺڪر جا ٿانون هٿ ڪيا آهن. اين جي مجمدار کي هتان ڪٺ جي دور جا نشان پڻ مليا آهن.

[b]48. بچاڻي
[/b]
هيءُ ماڳ دادو ضلعي ۾ باران نئن جي اولهه طرف بچاڻي ڳوٺ کان اتر اوڀر طرف آهي. هتان مليل ٿانون شهري تمدن واري دور سان واسطو رکندڙ آهن. هيءُ ماڳ پٿرن ۽ ٺيڪراٽ سان ڀريل آهي. هتي جون اڏاوتون پٿر ۽ گاري سان ٺهيل هونديون هيون.

[b]49. ٻاندڙي
[/b]
دادو ضلعي ۾ مليل هيءُ ماڳ موجوده ٻاندڙي ڳوٺ کان ٽي ڪلوميٽر اتر طرف آهي. جيڪو شهري تمدن واري دور سان تعلق رکندڙ آهي. جنهن جي ڀرسان هڪ چشمو وهي ٿو. هتي جون اڏاوتون پڻ پٿر جون آهن. مجمدار کي هتان هڪ عمارت جا آثار مليا آهن.

[b]50. بيبيءَ جي ڀٽ
[/b]
هيءُ ماڳ آمري ۽ هڙاپا دور سان واسطو رکندڙ آهي. هتان مليل باقيات ۾ ٺڪر جا ٿانون اهم آهن. هيءُ ماڳ باران نئن چئنل ڀرسان آهي.

[b]51. ڇٽيءَ جو ڪنڌ
[/b]
هيءُ قديم ماڳ نئن باران جي چور لڪ وٽ آهي. هتان ملندڙ باقيات مان معلوم ٿيو آهي ته ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت واري دور سان واسطو رکندڙ آهي. هتان جيڪي ٺڪر جا ٿانون مليا آهن، سي آمريءَ جي اوائلي تهن مان مليل ٿانون سان مشابهت رکندڙ آهن.

[b]52. ڍلاڻي جو ڪوٽ
[/b]
دادو ضلعي ۾ باران نئن جي ڪپ تي جهانگاريءَ کان اٽڪل 6 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف ڍلاڻي جو ڪوٽ واقع آهي. قديم آثارن جي ماهر اين جي مجمدار هن قديم ماڳ جي چوک چڪاس ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايو آهي ته هيءُ ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت واري دور سان واسطو رکندڙ آهي. هتان مليل ٺڪر جا ٿانون ڳچيءَ کان سواءِ آهن. جيڪي آمري جي شروعاتي تهن سان واسطو رکندڙ آهن.

[b]53. جيري جو ڪلات
[/b]
هيءُ قديم ماڳ ضلعي دادو ۾ نئن گاج جي کاٻي ڪناري تي واقع آهي. هيءُ آثار هڪ پهاڙي اوچائي تي آهن. اها پهاڙي نئن گاج ڪئنال کان اٽڪل 10 ميٽر اوچي آهي. هتان ڪافي اڏاوتن جا آثار مليا آهن. هن ماڳ مان مليل ٿانون آمريءَ سان واسطو رکندڙ آهن.

[b]54. جڏيرن جو دڙو
[/b]
قديم آثارن جو هيءُ ماڳ هن وقت سنڌ بلوچستان سرحد تي بلوچستان جي حدن اندر واقعي جهٽ پٽ ۽ ٽيمپل ديري ريلوي اسٽيشن تي آهي. جيڪب آباد کان سبي ويندڙ روڊ کان هيءُ ماڳ ڏيڍ ڪلوميٽر اولهه طرف ڊنگارا نئن ڀرسان آهي. هيءُ ماڳ سنڌو سڀيتا جي مشهور شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي. جڏيرن جو دڙو، چئن دڙن تي ٻڌل آهي. ماڳ تان ڪيترا تيز پڪل ساوا ٿانون، سانچا، ٽڪنڊا ڪيڪ مليا آهن. ان کان سواءِ ٺڪر جون چوڙيون، جانورن جون مورتيون، سپون، ننڍڙا رانديڪا پڻ مليا آهن. هتان ٻن منهن وارا چقمقي بليڊ پڻ مليا آهن.

[b]55. ڪڇهو بٺي
[/b]
پکراڻ کان اڍائي ڪلوميٽر ڏکڻ طرف داڦڙو نئن ويجهو ڪڇهو بٺيءَ جا قديم آثار مليا آهن. هتان اڏاوتن جا نشان مليا آهن. جن جي چوڌاري ٺڪر جا ٽڪرا پکڙيل آهن. هن ماڳ جي اڃا صحيح نموني ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي آهي.

[b]56. کنڊر ڀٽ
[/b]
هيءُ ماڳ سکر ضلعي جي ميرپور ماٿيلو تعلقي ۾ کهي کنڀجي ۽ بازار لنڊ وچ ۾ هڪ ڀٽ تي واقع آهي. هيءُ آثار قديم هاڪڙو درياهه جي هڪ ننڍي وهڪري ڀرسان پاڻيءَ جي سهنج ۾ مليا آهن. هتان مليل باقيات ۾ چقمقي پرد، ڪاپر جا ٽڪر، پٿر جا مڻيا شامل آهن. کنڊر ڀٽ جا قديم آثار شهري تمدن واري دؤر سان واسطو رکندڙ آهن.

[b]57. ڪانڌي واهي بٺي
[/b]
ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ هي ماڳ دادو ضلعي ۾ نئنگ ماٿري ۾ آهي. هي وسندي قدرتي طور اتانهين دڙي تي آهي. سڄي ايراضي پڪل مٽيءَ جي ڌڌڙ ۽ ٺڪرين جي ڀور سان ڳاڙهي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ماڳ جا رهائشي آثار چوٿائي ميل ۾ پکڙيل آهن.

[b]58. ڪرهيو ٻير ڀانڊاري
[/b]
هي ماڳ بدين ضلعي ۾ بدين شهر کان ڏکڻ اولهه ۾ 12 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هي ماڳ سنڌو سڀيتا جي مشهور شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي.


[b]59. ڪرنڊ جي ڀٽ
[/b]
هيءُ قديم ماڳ نواب شاهه ضلعي ۾ نواب شاهه جي ديهه نمبر 3 جمڙائو ريگستان جي ڪناري تي آهي. ماڳ شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]60. کوسو دڙو
[/b]
هي ماڳ سکر ضلعي جي ميرپور ماٿيلي تعلقي ۾ پير پاکڙو کان اڍائي ڪلوميٽر اولهه طرف کهي کينجيءَ جي ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هي ماڳ موهن جي دڙي جو هم عصر آهي.

[b]61. ڪونج سر
[/b]
ماڳ ضلعي بدين ۾ شهر بدين کان اٽڪل 4 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي. هي قديم آثار موهن جي دڙي واري شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهن.

[b]62. لنڊي ٺوڙهي
[/b]
ضلعي سکر جي ميرپور ماٿيلي تعلقي ۾ بازار لنڊ ۽ کهي کينجيءَ جي وچ ۾ لنڊي ٺوڙهي جا قديم آثار مليا آهن. هي آثار شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهن.

[b]63. لال ڇتو
[/b]
هي ماڳ ضلعي دادو ۾ منڇر ڍنڍ جي پسگردائي ۾ ترهڻي کان هڪ ميل جي مفاصلي تي پير لال ڇتي جي نالي سان منسوب آهي. هيءُ ماڳ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي آخري دؤر سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]64. ممڙو
[/b]
ممڙو جا قديم آثار سکر ضلعي ۾ روهڙي کان ٽي ميل اوڀر ۾ آهن. جتان گهرن جي اڏاوت، چقمقي پهڻ، ٺڪر جا ٽنگر ٿانون مليا آهن. هتان مليل گهرن جي پيڙهه پڪين سرن جي آهي. رهائشي آبادي مان هڪ کوهه به مليو آهي. گهرن مان ٺڪر جا ٿانون، ٻارن جا ٺڪر جا رانديڪا، تور ڪرڻ جا پٿر جا وٽ مليا آهن. هي ماڳ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]65. مرکان
[/b]
هي ماڳ بدين شهر کان 15 کن ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف آهي. هتان مليل باقيات مان معلوم ٿئي ٿو ته هي قديم ماڳ شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]66. مشاق
[/b]
هي قديم ماڳ دادو ضلعي ۾ شاهه حسن کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ منڇر ڍنڍ جي اولهه واري ڪناري تي آهي. مجمدار کي هتان ٽنگر ٿانون، ٺڪر جا چوڙا، چقمقي پهڻ جا ڌار وارا اوزار، عقيق جا مڻڪا مليا آهن. هيءُ ماڳ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن واري دؤر سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]67. نزگاڻي جو ڪنڌ
[/b]
هي ماڳ دادو ضلعي ۾ نئن گاج جي کاٻي پاسي، روهيل جي ڪنڌ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر اولهه طرف آهي. هتان مليل باقيات آمري دؤر يا ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]68. نڪا
[/b]
نڪا جو قديم ماڳ دادو ضلعي ۾ گمرڪ ٽڪر ويجهو آهي. هي ماڳ ڊاڪٽر لوئس فليم 1976ع ۾ ڳولي لڌو. هتي جي اڏاوتن ۾ پٿر استعمال ٿيل آهي. هتان ملندڙ ٺڪر جا ٿانون موهن جي دڙي مان ملندڙ ٿانون جهڙا آهن.

[b]69. ڦنگ
[/b]
هي قديم ماڳ دادو ضلعي ۾ ڪوهتراش کان ٽي سو ميٽر اتر اولهه طرف واقع آهي. هي ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت واري دؤر سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]70. راڄو ديرو
[/b]
هيءُ قديم ماڳ دادو ضلعي ۾ موجوده راڄو ديرو ڳوٺ جي ڏاکڻين طرف نئن گاج جي چورلڪ کان اٽڪل 14 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف آهي. هي ماڳ ٻن دڙن ۾ ورهايل آهي. اوچي ۽ وڏي دڙي مان ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ باقيات ملي آهي. جڏهن ته ننڍي دڙي مان هڙاپا دور (شهري تمدن) سان واسطو رکندڙ وٿون مليون آهن.

[b]71. روهيل جو ڪنڌ
[/b]
هي ماڳ دادو ضلعي ۾ نئن گاج جي اندر ساڍا 8 ڪلوميٽر واقع آهي ۽ سنڌو سيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ آهي. هتان قديم آثارن جي ماهرن کي جيڪي ٿانون ۽ ٻيون شيون مليون آهن، سي هن کان اڳ نال ۽ آمري مان ملي چڪيون آهن.


[b]72. سنياسي بٺي
[/b]
هيءُ ماڳ دادو ضلعي ۾ ڪائي ماٿري جي الهندي لنگهه ويجهو آهي. ماڳ جي ڀرسان پاڻي جو چشمو آهي. لئمبرڪ موجب ماڳ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي، جيڪو هڪ اوچي ٽڪريءَ تي اڏيل آهي.

[b]73. ٺارو ٽڪري
[/b]
هيءُ قديم ماڳ ڪراچي- ٺٽي روڊ تي گجو جي ڳوٺ کان 2 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۽ شيخ ترابي جي قبر کان ڏکڻ اوڀر طرف ٺٽي ضلعي ۾ آهي. هي ماڳ ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]74. ٺيڙهي بهادر شاهه
[/b]
هي قديم آثار جهٽ پٽ ريلوي اسٽيشن کان ڏيڍ ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. ماڳ جي مٿاڇري تان ڪچين سرن جي اڏاوت جا نشان مليا آهن. ماڳ سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهي.

[b]75. مهرڳڙهه (بلوچستان)
[/b]
مهرڳڙهه جا قديم آثار بلوچستان جي بولان لڪ وٽ مليا آهن. فرانسيسي آرڪيالاجيڪل مشن جي ڊائريڪٽر ذان زيري تازو انهن قديم آثارن کي ڳولهي لڌو آهي، جيڪي نئين پٿر دؤر سان واسطو رکن ٿا. انهن آثارن جي عمر 6 هزار ق – م مقرر ڪئي وئي آهي. ماهرن مهرڳڙهه کي ايشيا جي پهرين زرعي وسندي ڪوٺيو آهي. هتي جي رهاڪن سڀ کان پهريان هڪ زرعي سماج جو بنياد وڌو ۽ ٻنيون کيڙي فصل اپائڻ جي شروعات ڪئي.
قديم آثارن جو ماهر ذان زيري هن قديم وسندي تي روشني وجهندي چوي ٿو ته هتان جا ماڻهو 6 هزار ق – م کان اڳ نئين پٿر دور ۾ فني، جمالياتي ۽ تخليقي ذهنيت سان مالامال هئا ۽ هو اڏاوتي مهارت رکندا هئا. هنن جي رهڻي ڪهڻي، آرٽ، ٿانون جي ڊيزائن، دفنائڻ جا طريقا ۽ زرعي سرشتو گهڻو ترقي ڪيل هو. (1) هن دؤر ۾ اڃان ماڻهن ڌات ڳولهي ڪانه لڌي هئي. ان ڪري اوزار طور پٿر استعمال ڪندا هئا. هو زمين کيڙڻ لاءِ پٿر جا هر، فصل جي ڪٽائي لاءِ پٿر جا ڏاٽا، ان پينهڻ لاءِ پٿر جون چڪيون استعمال ڪندا هئا. هو اوزارن ٺاهڻ لاءِ چقمقي پهڻ جي ڌار وارا اوزار استعمال ڪندا هئا. (2)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. ذان زيري جي رپورٽ، روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي، 5 ڊسمبر 1983ع
2. پنهور، ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ، حيدرآباد، 1984، شمارو 2، ص- 163-169

[b]76. ڪڙي گل محمد
[/b]
ڪڙي گل محمد جا قديم آثار ڪوئيٽا شهر کان 3 ميلن جي فاصلي تي آهن. نيچرل هسٽري ميوزم آف آمريڪا جي هڪ ماهر والٽر سروس 51-1950ع ۾ صوبي بلوچستان جي ڪوئيٽا ماٿر ۾ قديم آثارن جي چوک چڪاس ڪندي، هيءُ هنڌ ڳولي لڌو. (1) هن کي اتي پوئين پٿر واري زماني جي شروعاتي دور جا تهه مليا آهن. انهيءَ دور جي ماڻهن کي مٽيءَ جا ٿانون ٺاهڻ به ڪونه ايندا هئا. (2) هتان ڪٽ جي دور کان اڳ ٺهيل پٿر جا اوزار لڌا آهن. هتان جا رهاڪو ڪچيءَ مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندا هئا. رڍون پاليندا هئا ۽ کيتيءَ کان پڻ واقف هئا. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو انهن جو گوشت پڻ کائيندا هئا. هيءَ بستي مشهور ”شهري تمدن“ کان تمام گهڻي اڳ جي ”ڳوٺاڻي ثقافت“ جي دور جي ڳوٺاڻي آبادي هئي. جنهن جي عمر ماهرن 4200 ق-م مقرر ڪئي آهي. (3)
ڪڙي گل محمد جي قديم آثارن مان ماهرن کي هڪ دڙي جي 40 فوٽ گهرائيءَ کان پوءِ اهڙن قديم ماڻهن جا آثار مليا آهن، جيڪي برتنن جي استعمال کان پڻ اڻ واقف هئا. انهن جا اوزار صرف پٿر جا چاقو، هڏن جون سيون ۽ نيزا ئي آهن. هو پنهنجا گهر اُس ۾ سڪايل ڪچين سرن جا ٺاهيندا هئا، هو مالوند هجڻ سان گڏ فن ڪاشتڪاريءَ کان به واقف هئا. (4) هتان جا برتن تمام ٿلها ۽ بدشڪل آهن. اهي سندن برتن ٺاهڻ جون شروعاتي ڪوششون پيون نظر اچن. آهستي آهستي هنن ان فن ۾ ترقي ڪئي ۽ اهڙي طرح ٻن قسمن جا ٿانون رائج ٿي ويا. دڙي جي مٿانهين تهه مان اهڙا ٿانون مليا آهن، جن جي بناوت ۽ رنگين نقش نگاري اڄ جي ٿانون سان مقابلو ڪندڙ آهي. انهن ۾ پهريون قسم اهڙن برتنن جو آهي، جيڪي ذوب جا برتن ڪوٺجن ٿا. ڇو جو ذوب ۽ لورالائي جي وادين ۾ زيادهه استعمال هيٺ هئا. انهن ٿانون جو تهه گهاٽي ڳاڙهي رنگ جو آهي، جنهن تي ڪاري رنگ جي چٽسالي ٿيل آهي.
مٿئين تهه مان مليل ٿانون تي خاص ڪري هرڻ ۽ ڪونهٽ نما پٺين وارن ڍڳن جون تصويرون ٺهيل آهن. ٻئي قسم جا اهي برتن آهن، جيڪي سڀ کان پهريان ڪوئيٽا جي علائقي ۾ لڌا ويا. ڪوئيٽا جي برتنن جو تهه ڳاڙهي بجاءِ هلڪو ڀورو آهي ۽ انهن تي جانورن جون تصويرون تمام گهٽ آهن.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. بخاري، محمود شاهه، ”تاريخ بلوچستان“ ڪوئيٽا 1983ع، ص-23
2. Servis, Fair “Preliminary report on the Pre Historic Archeology of Afghanistan, Baluchi Areas” American Museum of National History 1952
3. Panhwar, M.H, “Chronological Dictionary of Sind” Jamshoro.
4. ڪاڪ، لزلي ايل ”قديم ترين بلوچستان“ ماهه نو ڪراچي، آڪٽوبر 1951ع، ص-43-4

[b]77. دمب سادات
[/b]
ڪوئيٽا کان 10 ميل پري قلات ڏانهن ويندڙ رستي تي سنڌو سڀيتا جي وارثن جي هڪ اهم بستي دمب سادات ملي آهي. جنهن جي 1942ع ۾ آثار قديمه جي هڪ ماهر سٽوارٽ پگٽ کوٽائي ڪرائي. دمب سادات ۾ زمين جي اصل سطح تائين کوٽائي ڪرائي وئي. جتان آباديءَ جا 3 تهه مليا آهن. آخري تهه مان اعلى قسم جي مٽيءَ جا برتن مليا آهن. مٿئين تهه مان هڪ چبوترو مليو آهي. جنهن جي بنياد جي ڪنڊ ۾ پٿرن سان تعمير ٿيل هڪ تهه خانو مليو آهي. جتان هڪ ديوي جي مورتي ملي آهي. مورتي هڪ ننڍي پليٽ فارم تي نصب ٿيل آهي. جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته اها ذهوب ديوي جي مورتي آهي. (1)
هن دڙي جي کوٽائي مان معلوم ٿئي ٿو ته هتي جا ماڻهو گهر ٺاهي رهندا هئا. سندن گهر ننڍن ننڍن ڪمرن تي مشتمل هوندا هئا. جن جي اندروني ڊگهائي ۽ ويڪرائي عام طرح 10 ۽ 7 فوٽن جي ويجهو هوندي هئي. سندن گهرن جي پيڙهه ۾ پٿر استعمال ٿيل هوندو هو ۽ مٿي اوساري مٽيءَ جي سرن جي ٿيل هوندي هئي. ڪٿي ڪٿي پٿر به استعمال ٿيل هوندو هو. (2) سندن گهرن جي ڪوٺين ۾ عام طرح پٿرن جو فرش لڳل هوندو هو ۽ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ چلهه پڻ ٺهيل هوندي هئي. شهر جي رٿابندي، سنڌو سڀيتا جي ٻين بستين وانگر اعلى قسم جي نه هئي، شهر جون گهٽيون سوڙهيون ۽ ڏنگيون ڦڏيون هونديون هيون. (3) گهرن ۾ اناج ڪٺي ڪرڻ لاءِ مٽيءَ جا برتن مليا آهن. ان کان سواءِ گهرن مان شراب ٺاهڻ جا برتن، پيالا ۽ گلاس مليا پڻ آهن. جيڪي ڏاڍي سٺي مٽيءَ جا ۽ اعلى نموني جي ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهن. انهن برتنن کي سهڻن رنگن ۽ چٽن سان سينگاريو ويو آهي. اتان هڪ کير ماپڻ جو ٿانون پڻ مليو آهي. (4)
دمب سادات مان مليل مٽيءَ جا اهي برتن خاص ڌيان لهڻن، جن تي اکرن جون نشانيون مليون آهن. اهڙائي نشان ڪوئيٽا مان مليل ٿانون تي پڻ مليا آهن. هي نشان رومي، حرف هجا جي ”وي“ (V) ، ”ڊبليو“ (W) ، ”اي“ (A) ، ”ٽي“ (T) ۽ ٻين حرفن جهڙا آهن. اهي اکر ڪچن ٿانون تي ڪاٺي يا ڪنهن ٻي نوڪدار شيءَ سان لکيل آهن. جيڪي انهن ٿانون جي مالڪن جون خاص نشانيون معلوم ٿين ٿيون. (5)
دڙي جي کوٽائيءَ مان ٽامي ۽ ڪُٽ جا اوزار مليا آهن ۽ سندن ٻيا اوزار گهڻو ڪري هڏن، پٿرن، چقمقي پهڻن ۽ سليٽ جهڙي نرم پٿرن مان ٺهيل آهن. اتان سپن ۽ پٿرن جا سادا مڻيا مليا آهن. سادات جا ماڻهو اناج، اڄ ڪالهه جي ماڻهن وانگر پيهندا ڪو نه هئا، پر ان کي پٿر جي اُکرين ۾ ڪٽي استعمال ڪندا هئا. سندن گهرن مان رڍن ۽ ٻڪرين جون به ڪافي هڏيون مليون آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو انهن جانورن جو گوشت کاڌي طور استعمال ڪندا هئا. سندن مکيه ڌنڌو هارپو هيو، ان کان سواءِ واپار ڪرڻ ۽ مال چارڻ به سندن ڪرت ۾ شامل هيو. (6)
دڙي جي کوٽائي مان مٽيءَ جا ٺهيل بت ۽ مورتيون ڪافي انداز ۾ مليون آهن، جيڪي ماتا ديويءَ جون مورتيون معلوم ٿين ٿيون. جن جي ڳچين ۾ مڻين جا هار پيل آهن ۽ انهن جا وار چيلهه تائين لڙڪندڙ آهن. ماتا ديوي جي مورتين کان سواءِ ڪونهه نما ڍڳن ۽ گهوڙن جا مجسما پڻ مليا آهن. ماهرن جي چئي مطابق هي گهوڙن جي قديم شڪل آهي، جيڪا ننڍي کنڊ ۾ اڄ تائين ڪانه ملي آهي. ان ڪري معلوم ٿئي ٿو ته دنيا ۾ پهريون دفعو گهوڙا دمب سادات وارن پاليا. (7)
شهر جي چوڌاري هڪ ڪوٽ جا آثار مليا آهن. جيڪو شايد اتان جي رهواسين شهر جي حفاظت لاءِ اڏيو هجي. (8) هتان ملندڙ باقيات، موهن جي دڙي جي رهواسين جي ملندڙ باقيات سان ڪافي حد تائين مشابهت رکي ٿي. اهڙيءَ طرح هيءَ بستي سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي وارثن جي هڪ اهم بستي آهي، جيڪا بلوچستان جي ڪوئيٽا ماٿر ۾ ملي آهي.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. بخاري، سيد محمود شاهه، ”تاريخ بلوچستان“ ڪوئيٽا 1983ع، ص-22-23
2. ڪاڪ، لزلي ايل ”قديم ترين بلوچستان“ ماهه نو ڪراچي، آڪٽوبر، 1951ع، ص- 44-46
3. رشيد ڀٽي، ”پاڪستان جا پراڻا شهر“، ص-44-45
4. ڪاڪ، لزلي ايل ، ص-44-46
5. ساڳيو
6. ڀٽي، رشيد ص-44-45
7. ڪاڪ، لزلي ايل ، ساڳيو
8. ڀٽي، رشيد، ساڳيو

[b]78. ستڪاجن در
[/b]
ستڪاجن در جا قديم آثار مڪران جي سامونڊي علائقي ۾ درياهه دشت جي ڪناري تي مليا آهن. جيڪي ڪراچيءَ کان 300 ميل پري اولهه طرف ۽ سمنڊ جي ڪناري کان 25 ميل اتر طرف آهن.
شروعات ۾ هي دڙو آريول اسٽائن 28-1926ع جي وچ ۾ ڳولهي هٿ ڪيو ۽ ان جي قديم هئڻ جي نشاندهي ڪئي. (1) بعد ۾ هن بستي جي وڌيڪ چوک چڪاس 1960ع ۾ پنسليوانيا يونيورسٽي آف آمريڪا جي ميوزم طرفان ڊاڪٽر جارج ايف ڊيلز ڪئي. (2)
اسٽائن شروعات ۾ هتي ڪجهه خندقون کوٽايون. جن ۾ 8-9 فوٽ هيٺ زمين مان ٺڪريون لڌيون. کيس کوٽاين مان هڪ قلعي جا آثار به مليا. جيڪو هڪ ٽڪري تي تعمير ٿيل هو. اهو قلعو مستطيل شڪل جو آهي ۽ اتر اولهه پاسي 17 وال ڊگهو ۽ اوڀر طرف 125 وال ويڪرو آهي. ان قلعي جي اوساري پٿر جي چورس سرن سان ٿيل آهي. جيڪي وري گاري سان لنبيل آهن. (3) ان قلعي جي اولاهين حصي ۾ هڪ دروازي جا آثار مليا آهن. جيڪو تقريبن 8 فوٽ ويڪرو آهي. انهي دروازي جي ٻنهي پاسن تي مستطيل شڪل جا برج تعمير ٿيل آهن. (4) قلعي جي اندر تعميراتي آثار مليا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو قلعو شهر وارن پنهنجي حفاظت لاءِ جوڙايو هجي ۽ دروازي تي ٺهيل برج حفاظتي مورچن جو ڪم ڏيندا هجن. جيئن ته هي شهر مڪران جي سامونڊي ڪناري تي هو. ان ڪري اڄ کان 5 هزار سال اڳ سنڌو سڀيتا جا وارث هن شهر مان بندرگاهه جو پڻ ڪم وٺندا هجن. جنهن جو ڪافي شهادتون پڻ مليون آهن. ماهرن کوٽائي مان اهو ثابت ڪيو آهي ته ان دور ۾ عراق ۽ سنڌ ۾ جيڪا جهاز راني هلندڙ هئي. انهي جهاز راني جو مرڪز هيءُ شهر به هيو ۽ هتي پڻ سامونڊي ٻيڙا اچي لنگر هڻندا هئا.(5)
کوٽائي دوران ماهرن کي ڪيترن هنڌن تان خاڪدان پڻ مليا آهن. جن ۾ خاڪ ۽ انساني هڏيون پيل آهن. جنهن مان ماهرن اندازو لڳايو آهي ته هتان جا رهواسي انساني لاشن کي ساڙيندا هئا ۽ بعد ۾ سندن خاڪ ۽ هڏا برتن ۾ وجهي پوري ڇڏيندا هئا. هن ڀڙي مان ٻي جيڪا باقيات ملي آهي. تنهن ۾ پٿر جا چاقو، پٿر جا تير، ٽامي جون ٺهيل ڪهاڙيون، مٽي جون ٺهيل ڪنگڻيون ۽ ڪجهه چٽسالي ٿيل ٿانون شامل آهن.(6)
هن بستي جي باشندن جو اهم پيشو واپار هيو. جيڪو هو سمنڊ رستي عراق وغيره سان ڪندا هئا. هي ماڻهو سمنڊ کي ويجهو هئڻ ڪري ۽ ان سان لاڳاپيل رهڻ ڪري ماهي گيري، ڪشتي باني جي فن ۾ پڻ ماهر هيا.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Steinn, Sir, A, “An Archaeological Tour in Waziristan & Baluchistan”, M.A.S.I. No: 37, Delhi 1929
2. بخاري، سيد محمود شاهه، ”تاريخ بلوچستان“ ص-25
3. Sorly, H.T, “Gazetteer of Sindh” P-112
4. صديقي، محمد حنيف، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ص-54
5. Stien, Sir, A, “An Archaeological Tour in Gedorosia” M.A.S.I No: 43 Delhi 1931, P-71
6. صديقي، ص-54

[b]79. نال
[/b]
بلوچستان جي جهالاواڻ علائقي ۾ نال جي قديم آثارن مان شهري تمدن ۽ ڳوٺاڻي ثقافت جي ٻنهي دورن جا آثار مليا آهن. سر وهيلر نال بابت چوي ٿو ته اتي جيڪا تمدن اڀري، سا موهن جي دڙي کان اڳ جي آهي. (1) نال شهر جي کوٽائي 1925ع ۾ مسٽر هارگريوز ڪرائي. هي شهر به مختلف وقتن تي آباد رهيو آهي. هن شهر بابت هارگريوز جو پڻ اهو ئي رايو آهي ته هن شهر جي اوائلي تهه تي هڪ ڳوٺاڻي بستي وسيل معلوم ٿئي ٿي. جتان پٿر جا اوزار لڌا ويا آهن. (2)
هي ماڳ هڪ قدرتي چشمي تي واقع آهي، جيڪو ٽڪرن مان نڪري ٿو. هي ڦٽل شهر خضدار کان 3 ميل ڏکڻ اوڀر طرف آهي. هن بستي جي کوٽائي دوران هڪ قبرستان مليو آهي. جنهن ۾ لاش پوريل آهن. هڪ ئي قبر ۾ هڪ کان وڌيڪ لاش به پوريل آهن. ڪيتريون قبرون اهڙيون مليون آهن، جتي وڏن سان گڏ ننڍن ٻارن ۽ عورتن جا به لاش دفن ٿيل آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هتان جا ماڻهو، ڪٽنب جا مئل ماڻهو هڪ ئي هنڌ دفنائيندا هئا. لاش اوڀر اولهه طرف پوريو ويندو ۽ ان سان گڏ ٿانون به گڏ پوريا ويندا هئا. ڪيترن ٿانون ۾ جانورن جا هڏا، زيور ۽ مڻيا موتي هٿ ڪيا ويا آهن.
هتان مليل ٺڪر جا ٿانون ۽ زيور هوبهو موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان مليل سامان جهڙا آهن. ٿانون تي سٺا چٽ ۽ سهڻيون شڪليون چٽيل آهن. کوٽائي دوران ٽامي ۽ ڪٽ جا ٿانو ۽ هٿيار به مليا آهن. سندن گهرن جي پيڙهه پٿر جي هوندي هئي. انهن گهرن مان مهرون، پٿر جا زيور، ۽ مڻيا لڌا ويا آهن. جڏهن ته سندن گذر سفر پوکي راهي ۽ مال چارڻ تي هوندو هو.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Wheeler, S.M “The Archaeology of Pakistan”, “The Cultural Heritage of Pakistan” P-21
2. Hazgreaves, H, “Excavations in Baluchistan” M.A.S.I No:35 Delhi – 1927.


[b]80. راڻا گندئي
[/b]
بلوچستان ۾ راڻا گندئي ۾ آبادي جا پنج تهه دريافت ٿيا آهن. جن مان ٻن صفا شروعاتي تهن ۾ ڳوٺاڻي ثقافت جا آثار مليا آهن. هي آثار، جن جي اي جي راس 1951 ۾ چوڪ چڪاس ڪئي، تن جا مٿيان تهه شهري تمدن جي دور سان واسطو رکن ٿا. هيٺين تهن تي رهندڙ ماڻهو پهريان ته هٿ جا ٺهيل سادا ٿانون ۽ پٿر جا اوزار استعمال ڪندا هئا، جانور پاليندا هئا ۽ جهوپڙين ۾ رهندا هئا. ان کان مٿئن تهه جا رهاڪو انهن کان ٿورو سڌريل معلوم ٿين ٿا. ڇو جو هو چڪ تي ٿانون ٺاهيندا هئا ۽ انهن کي خوبصورت بنائڻ لاءِ مٿن چٽسالي ڪندا هئا. سندن ٿانون تي پهريان ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جا تهه ڏنل آهن. انهن جي مٿان ڪاري رنگ جي مصالحي سان چٽسالي ٿيل آهي. (1) قديم آثارن جي ماهر اي جي راس کي هتان ماتا ديوي جا بت به هٿ آيا آهن. (2)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. صديقي، محمد ادريس، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ ص-25-26
2. ”تاريخ بلوچستان“ ص-23

[b]81. بالاڪوٽ
[/b]
بالاڪوٽ جا قديم آثار بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ سونمياڻي بندر ويجهو حب ندي جي ڪناري تي واقع آهن. هن ماڳ جي کوٽائي جي رٿا هڪ ماهر جارج ايف ڊيلز، ڪيلي فورنيا يونيورسٽي جي هٿ هيٺ تيار ڪئي. 1996ع ۾ هن ماڳ تي چوک چڪاس جو ڪم شروع ٿيو.
کوٽائيءَ دوران هتان ڀتين ۽ ڪمرن جي فرشن جا آثار مليا آهن. هن ماڳ مان ڪيترائي اهڙا ڪمرا مليا آهن، جن ۾ سرن ۽ پٿرن جو ناليون ۽ صحيح سالم حالت ۾ مرتبان مليا آهن. ماڳ جي الهندي حصي تي ڪيتريون ئي اوچيون ديوارون مليون آهن، جن کي پبلڪ ائڊمنسٽريشن جون عمارتون سڏي سگهجي ٿو. هتان وڏي تعداد ۾ مٽيءَ جا برتن مليا آهن. مٽي جون مهرون تيار ڪرڻ جي هڪ بٺي به ملي آهي. جيڪا اڃا چڱي نموني صحيح سالم آهي. ان وڏي بٺي جي ڀرسان ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون بٺيون به مليون آهن، جن مان ڏاندن جا مجسما مليا آهن. قديم آثارن جي ماهرن کي هتان ڪوڏن، سپين، گونگهن جا ٺهيل آرائشي زيور ۽ ٻيو سامان مليو آهي. بالاڪوٽ جي وڏي صنعت سپ ۽ ڪوڏن جون ٺهيل چوڙيون آهن. جيڪي عورتن لاءِ زيور طور استعمال ٿينديون هيون.
هتان جي رهواسين جو واپار اهم ڌنڌو هيو ۽ ماهگيريءَ جي فن کان پڻ واقف هئا. ان ڪري ٻيڙيون ٺاهڻ جي هنر ۾ ماهر هئا. هو پنهنجن ٻيڙين کي هڪالي نه صرف سمنڊ رستي ايراني نار ۾ پهچندا هئا، پر ان کان اڳتي مصر تائين سفر ڪندا هئا.


[b]82. دبر ڪوٽ
[/b]
دبر ڪوٽ جا قديم آثار موجوده بلوچستان صوبي ۾ لورالائي جي ڏکڻ ۾ مليا آهن. هي دڙو 113 فوٽ اوچو آهي ۽ ان جو قطر 1255 فوٽ آهي. دبر ڪوٽ قنڌار ڏانهن ويندڙ پراڻي پراڻي رستي تي واقع آهي. هن دڙي جي مٿانهين تهه ۾ سنڌو ماٿري جي دور جون باقيات مليون آهن. جيڪڏهن وڌيڪ کوٽائي ڪرائي وڃي ته هيٺين تهن مان ان کان اڳ جي رهاڪن جي باقيات ملڻ جي اميد رکي سگهجي ٿي. (صديقي، ص-55)


[b]83. هڙاپا (پنجاب)
[/b]
سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جو هي اهم مرڪز ۽ صوبائي گادي وارو هنڌ موجوده صوبي پنجاب جي ضلعي ساهيوال ۾ اڄ واري هڙاپا ڳوٺ جي ڀرسان راوي ندي جي ڪپ تي آهي. هي ڦٽل شهر موهن جي دڙي کان به اٽڪل 2 سال اڳ قديم آثارن جي ماهرن ڳولي هٿ ڪيو ۽ ان جي کوٽائي ڪرائي. (1) هن دڙي جي 12 ڀيرا کوٽائي ٿي، پر نتيجو گهڻو حوصلي افزا نه نڪتو. هي شهر سڄو پڪسرو ٻڌل هو ۽ کيس چوڌاري ڪوٽ ٻڌل هو. هڙاپا جي کوٽائي مان اناج رکڻ جو گدام، مزدورن جا ڪوارٽر ۽ ٻه قبرستان لڌا آهن. مزدورن جا ڪوارٽر رٿا سان ۽ قطار ۾ ٺهيل آهن. ڪوارٽرن جي قطارن جي وچ ۾ رستا ۽ گهرن جي وچ ۾ گهٽيون آهن. مزدورن جي بستي جي اولهه ۾ ڪارخانن جا نشان مليا آهن. جتي مزدورن جي ڪم لاءِ ٿلها ٺهيل آهن، ٿلهن جي وچ تي اُکري يا چلهه جا نشان آهن. اتي شايد ان ڇڙهيو يا ڪٽيو ويندو هو. ڇو جو اتان سڙيل ڪڻڪ ۽ جون جا داڻا هٿ آيا آهن. مزدورن جي گهرن جي ويڪر 56 فوٽ آهي، هر هڪ گهر ۾ ٻه ڪمرا يا هڪ ڪمرو ۽ اڱڻ آهي. گهرن جا فرش پڪسرا آهن. گهر ٻن قطارن ۾ ٺهيل آهن. اتر واري قطار ۾ ستن ۽ ڏکڻ واري قطار ۾ اٺن گهرن جا ڦٽل نشان مليا آهن. (2)
اناج جا گدام: هڙاپا مان مليل جاين مان اناج جا گدام پڻ اهميت لائق آهن. اهي گدام وڏا ۽ گهڻن مقصدن وارا آهن. هر گدام 30 فوٽ ڊگهو ۽ 2 فوٽ ويڪرو آهي. گدامن جي وچ ۾ وڏا رستا آهن. گدامن جون جايون 4 فوٽ اوچي ٿلهي تي ٺهيل آهن. جيئن برسات جو پاڻي گدامن اندر داخل ٿي، گڏ ٿيل اناج کي نقصان پهچائي نه سگهي.(3)
بٺا: مٿي ذڪر ڪيل مزدورن جي ڪوارٽرن ڀرسان 16 بٺا مليا آهن. اهي بٺا 3 کان 6 فوٽن تائين ڊگها آهن. بٺن مان مليل شهادتن جي بنياد ماهرن اندازو لڳايو آهي، هنن بٺن ۾ ٽامو يا ٻيا ڌاتو پگهاري انهن مان اوزار ٺاهيا ويندا هئا. بٺن ۾ ڪوئلا ۽ ڇيڻا ٻاريا ويندا هئا ۽ انهن ۾ لوهه جي نليءَ سان هوا ڦوڪي باهه ٻاري ويندي هئا.(4)
هڙاپا جي شهري رٿابندي، موهن جي دڙي سان مشابهت رکندڙ آهي. گهر ويڪرا ۽ صاف سٿرا آهن، جن جي وچ ۾ پڌر ۽ چوڌاري ڪمرا ٺهيل آهن. هر گهر ۾ سنان جون جايون، رڌ پچاءَ جي ڪوٺي ۽ سامان رکڻ لاءِ الڳ اسٽور روم ٺهيل آهن. گهرن جي وچ ۾ گهٽيون آهن. جن ۾ پاڻي جي نيڪال جون ناليون ٺهيل آهن. گهرن ۽ رستن ۾ پڪين سرن جو فرش ٻڌل آهي.(5) هتان مليل باقيات ۾ ٺڪر جا ٿانون ۽ موهن جي دڙي جهڙيون مهرون لڌيون آهن. ڌاتو جا ٿانون، هٿيار، اوزار ۽ زيور پڻ ساڳيا موهن جي دڙي مان مليل باقيات جهڙا آهن. هڙاپا مان پٿر ۽ پڪل مٽيءَ جا بت ۽ شڪليون مليون آهن.
هڙاپا جي رهواسين جي گذر سفر جو وسيلو پوکي راهي ڪرڻ ۽ مال چارڻ هيو. هو چوپائي مال جو کير، مکڻ ۽ گوشت غذا طور استعمال ڪندا هئا ۽ مال مان سواري جو پڻ ڪم وٺندا هئا. (6) هتان ڪڻڪ، جو، کجور ۽ ڪپهه جا آثار مليا آهن، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو اهي فصل ڪندا هئا.
هن دڙي جي کوٽائي مان قبرستان پڻ لڌو آهي. هڙاپا جا رهواسي جنازي کي ساڙڻ بدران پوريندا هئا. هو جنازي سان گڏ عام استعمال جا ٿانون پڻ دفن ڪندا هئا. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندن عقيدي موجب مئل ماڻهو کي قبر ۾ انهن شين جي ضرورت پوندي هئا. جنازي کي قبر ۾ اماڻڻ کان اڳ سنواريو ۽ سينگاريو ويندو هو. ان کي سپ، عاج ۽ ٽامي جا زيور پارائي پوءِ دفن ڪيو ويندو هو.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Vats M.S. “Excavations at Harappa” 2 vol's, Delhi 1949.
يا صديقي، محمد ادريس، ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ حيدرآباد 1979، ص-48
OR Wheller- Indus Civilization, P-22-24
2. صديقي، ص-49-50
3. صديقي، ص-49
4. Vats, M.S “Excavations at Harappa” 2 vols:
5. Vats, Same.

[b]84. گنويري والا
[/b]
گنويري والا جو قديم ماڳ پنجاب جي بهاولپور ضلعي ۾ واقع آهي. هن ماڳ جي کوٽائي تازو قديم آثارن جي ماهر ڊاڪٽر محمد رفيق مغل ڪرائي. هيءُ موهن جي دڙي جو هم عصر تهذيبي شهر آهي. ڊاڪٽر مغل انڪشاف ڪيو آهي ته گنويري والا سنڌو ماٿر جو مرڪز ۽ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي وچ تي واقع آهي. هي ماڳ ڪو ننڍو ڳوٺ نه هيو پر گهٽ ۾ گهٽ 200 ايڪڙن تي ڦهليل شهر آهي. ان شهر جي وسعت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هي هڙاپا کان گهٽ ۾ گهٽ 4 ايڪڙ وڏو ۽ موهن جي دڙي کان 5 ايڪڙ ننڍو آهي.
گنويري والا، موهن جي دڙي وانگر مڙني خاصيتن جو حامل آهي. هن شهر جو نقشو به سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي ٻين شهرن جهڙو آهي. يعني هن شهر جو هڪ حصو قلعه نما بلندي تي آهي ته ٻيو حصو هيٺانهين هنڌ تي آهي. گنويري والا جي مليل آثارن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هڙاپا، موهن جي دڙي ۽ گنويري والا جي باقيات ۾ هڪ تسلسل موجود آهي.
هتان مليل برتن، آرائشي سامان، مصوري جا نمونا، مٽي جون ٺهيل بيل گاڏيون، ڦيٿن جا نمونا هوبهو موهن جي دڙي مان مليل باقيات جهڙا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو ماٿر تي هڪ زبردست حڪومت هئي، جنهن جي دؤر ۾ هي شهر اڀريا ۽ اسريا ۽ انهن شهرن وچ ۾ تمدني سلسلو ڳنڊيل هو.

[b]85. بنون (خيبر پختون خواهه)
[/b]
تازو بنون کان 13 ميل ڏکڻ ۾، توچي ماٿر ۾ ڪجهه قديم آثار مليا آهن. بنون جا 2 دڙا ڪوٽڏجي جي ڪلچر سان واسطو رکندڙ آهن، اهي توچي ندي جي کاٻي ڪناري تي آهن. هنن قديم آثارن جو پتو پشاور يونيورسٽي جي آرڪيالاجي واري شعبي جي ماهرن لڳايو آهي.
هن ماڳ تان مليل باقيات مان پتو پوي ٿو ته هي سنڌو ماٿر جي ڳوٺاڻي ثقافت جي وارثن جي اهم بستي هئي. ٻنهي دڙن جي کوٽائي مان ڪوٽڏجي جي ٽائيپ جا چوڙا، پٿر جا ڪات ۽ ٻيو سامان مليو آهي.
خيبر پختون خواهه صوبي جي گومل ماٿر جي قديم آثارن مان ملندڙ سامان ۽ بنون مان مليل باقيات ۾ ڪافي مشابهت آهي. هي ماڳ هڪ زرعي آبادي پيو معلوم ٿئي ۽ هتان جا ماڻهو مالوند پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. (1) هن ماڳ جي ملڻ ڪري شهري تمدن کان اڳ جي ڳوٺاڻي ثقافت تي ججهو مواد ملي سگهي ٿو ۽ اسان جي تاريخ کان اڳ جي زماني بابت معلومات ۾ به اضافو ٿي سگهي ٿو.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Channa, Mehboob Ali, “Pre-Harappa Civilization in Indus Valley” An Article in “Sind Quarterly, 1978-1, p-18-19”

[b]86. سري ڪولا
[/b]
سري ڪولا جا قديم آثار موجوده خيبر پختون خواهه صوبي ۾ پشاور ۽ راولپنڊي کي ڳنڍيندڙ روڊ تي مليا آهن. هن قديم آثار کي ماهرن 1967ع جي آخر ڌاري ڳولهي لڌو. (1) جڏهن ته کوٽائي مئي 1968ع ۾ ڪرائي وئي.
هن قديم بستي جا هڪ ٻئي هيٺان 4 تهه مليا آهن، جيڪي 4 مختلف دورن سان واسطو رکندڙ آهن. (2) سري ڪولا جو آخري تهه يعني زمين تي پهرين آبادي جو واسطو آخري پٿر واري دؤر سان آهي. هن تهه مان پٿر جا اوزار مليا آهن. ان کان مٿان واري ٻئي تهه مان ڳوٺاڻي ثقافت جي دور جا آثار مليا آهن. هن تهه مان ملندڙ باقيات هوبهو ڪوٽڏجي جي قديم آثارن مان ملندڙ باقيات جهڙي آهي. (3) جڏهن ته ٽيون تهه ان کان پوءِ جي دور جو آهي. جتان هڪ قديم قبرستان جا آثار مليا آهن. چوٿين تهه مان وڌيڪ سڌريل آبادي جا آثار مليا آهن. هن تهه تي جوڙيل جاين ۾ پٿر جو استعمال ٿيل آهي. هتان ملندڙ پڪل مٽيءَ جا بت ۽ ٺڪر جا ٿانون خاص ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. (4)
سري ڪولا جا قديم آثار سنڌو سڀيتا جي ڳوٺاڻي ثقافت جي دور سان واسطو رکندڙ آهن. هن بستي جي ٽئين تهه مان ملندڙ قبرستان خاص اهميت رکندڙ آهي. جيڪو برصغير ۾ ان نوعيت جو پهريون قبرستان آهي. جتي قبرون سڌين قطارن ۾ اوڀر کان اولهه طرف ٺهيل آهن. مڙدن جا مٿا اوڀر طرف ۽ پير اولهه طرف آهن ۽ اهي سڌا سمهاريل آهن. عورتن ۽ مرد الڳ الڳ قطارن ۾ پوريل آهن. (5) قبرن مان عام استعمال جون شيون نه مليون آهن. جيڪي ان دور جي ٻين قبرستان مان عام طور تي مليون آهن. سري ڪولا جي قبرستان مان عورتن، ٻارن ۽ مردن جي مليل لاشن مان هتان جي نسلي تاريخ تي بهتر روشني پئجي سگهي ٿي.(6)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Khan, F.A, “A Pre-historic settlement discovered near Taxila” The Pakistan Times, 14 June 1968.
2. Halim, M.A, “Preliminary report on Sarai Khola Excavation” 1968
3. Beruhard, Wolfram, “Preliminary report on the Human Skeletal Remains from the Pre-Historic Cemetery of Sarai Khola” Pakistan Archaeology, No: 6, 1969, Karachi, P-101-114
4. Beruhard, P-101
5. Halim, 1968
6. Beruhard, P-101-114

[b]87. منڊيگڪ (افغانستان)
[/b]
سنڌو سڀيتا جا قديم آثار، سنڌو ماٿر کان ٻاهر افغانستان تائين مليا آهن. منڊيگڪ جي هڪ ماڳ تان جيڪو افغانستان جي قنڌار پرڳڻي ۾ آهي، اتان جي کوٽائي موسيوزان ميري ڪاسل ڪرائي هئي. کوٽائي دوران قديم آثارن وارن ماهرن کي ڏهين والار واري دڙي وٽ اوچتوئي اوچتو اهڙا ڳوٺ ملڻ بند ٿي ويا، جتان جو ٺيڪراٺ ڪوئيٽا واري ٺيڪراٽ سان مشاهبت رکندڙ هو. اتان هڪڙو ڪوٽ آيل شهر هٿ آيو. ان ڪوٽ جون ڀتيون هيٺان اڍنگائي سان ٽڪيل چورس پٿرن جون ۽ مٿان ڪچين سرن جو ٺهيل آهن. اوساري گاري جي ٿيل آهي. ڪوٽ جي چورس برج به آهن. ڪوٽ جو هي نمونو اوائلي ڪوٽڏجي (قديم آثار) واري ڪوٽ سان گهڻو ملي اچي ٿو.
منڊيگڪ جا قديم آثار ڳوٺاڻي ثقافت سان گڏ شهري تمدن سان پڻ واسطو رکندڙ آهن. شهر جي مٿئين تهه، جنهن جو واسطو شهري تمدن سان آهي، ان مان موهن جي دڙي مان لڌل ”پروهت راجا“ جهڙو هڪ پهڻ جو مٿو لڌو آهي. (1) هتان ٿانون تي چٽسالي جا نمونا، هن کان اڳ سنڌو ماٿر جي ٻين قديم ماڳن مان ملي چڪا آهن.

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. لئمبرڪ، ايڇ.ٽي، ”سنڌ-هڪ عام جائزو“ ص-167-168


[b]88. ڪالي بنگن (راجستان)
[/b]
سنڌو سڀيتا جو هيءُ قديم ماڳ هندستان جي صوبي راجستان جي ضلعي گنگانگر ۾ مليو آهي. هي ماڳ پراڻي هاڪڙي (سرسوتي) ندي جي کاٻي ڪناري تي 12 ميٽر اوچي دڙي جي شڪل ۾ موجود آهي. ڪالي بنگن ۾ آثار قديمه جي ماهرن کي ڳوٺاڻي ثقافت سان گڏوگڏ شهري تمدن جا آثار پڻ مليا آهن. (1) هن بستي جي صفا هيٺين شروعاتي تمدن مان ڪوٽڏجي مان مليل ٿانون جهڙا ٿانون مليا آهن. جڏهن ته مٿيان تهه جيڪي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ آهن، اتان هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان مليل باقيات جهڙي باقيات ملي آهي. (2) هندستان جي قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن شهر جي اڏاوت جو نمونو سنڌو سڀيتا جي شهرن جهڙو آهي. رٿا به ساڳي آهي ۽ ساڳئي قسم جون شيون مليون آهن. (3)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Mughal, M.R, “The Present State of Research on the Indus Valley Civilization” P-3
2. سمراٽ، گنگارام، ”سنڌو وسوؤير“ ص-137
3. Indian Archaeology [A Review] 1960-61 P-23 to 31

[b]89. لوٿل
[/b]
کنڀات جي نار جي ڪناري تي سنڌو سڀيتا جي وارثن جو خوبصورت شهر لوٿل هيو. هن شهر جي کوٽائي مان سامونڊي جهازن جي هڪ وڏي گودي ملي آهي. جيڪا سڄي پڪين سرن جي ٺهيل آهي. (1) ان گودي جي ڊيگهه 71 فوٽ ۽ ويڪر 12 فوٽ هئي. گودي جي ڀرسان گودامن جا نشان مليا آهن. جن ۾ سمنڊ رستي ٻاهر ويندڙ يا ٻاهران ايندڙ سامان رکيو ويندو هوندو. لوٿل ۾ مليل سامونڊي گودي تان سنڌو سڀيتا جي وارثن جو سميريا سميت ٻين ملڪن سان واپار هلندڙ هو. قديم آثارن جا ماهر لوٿل کي سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي وارثن جو سامونڊي بندرگاهه وارو شهر سڏين ٿا.
لوٿل جي کوٽائي مان اتان جي رهواسين جي سامونڊي سرگرمين بابت وڌيڪ ثابتيون مليون آهن. اتان مليل ٻيڙين جون تصويرون ۽ سامونڊي جانور ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. خاص ڪري مٽي مان ٺهيل لنگرن ۽ بادباني ٻيڙن جا نمونا ماهرن جي مٿين راءِ کي وڌيڪ وزن ڏين ٿا ته لوٿل سنڌوءَ جي رهواسين جو سامونڊي بندرگاهه هيو. ڪجهه ماهرن موجب بندر جي گودي شهر جي زندگي جي ٻئي دؤر ۾ تعمير ڪئي وئي هئي ۽ اها چوٿين دور تائين استعمال ۾ ايندي رهي. اهو سڄي دور اٽڪل 210 ق-م کان 180 ق-م تائين جو آهي. (2) هن خطي کي سميريا وارا سمنڊ وارو ملڪ سڏيندا هئا ۽ اتان جا واپاري سمنڊ رستي پنهنجو سامان کڻي ايڏانهن ويندا هئا.
لوٿل ۾ ٿيل عمارت سازي، موهن جي دڙي ۽ هڙاپا سان مشابهت رکندڙ آهي. گهٽين جي رٿابندي، معياري پڪل سرن سان جاين جي اڏاوت ٿيل، پاڻي جي نيڪال لاءِ نالين جو وڇايل ڄار، هوبهو موهن جي دڙي جهڙو آهي. هتان مليل مهرن تي موهن جي دڙي مان مليل مهرن وانگر جانورن جون شڪليون ۽ تحريرون اُڪريل آهن، مخصوص شڪل شبيهه ۽ چٽن وارا ٺڪر جا ٿانون ۽ اناج جي ذخيري ڪرڻ لاءِ گدام به لوٿل مان مليا آهن. (3)
شهر جي نقشي ۾ ڪوٽ جي رٿا ۽ نشان پڻ مليا آهن. لوٿل مان قديم آثارن جي ماهرن کي مڻڪن ٺاهڻ جي صنعت جو پتو لڳو آهي. هن کان اڳ اهڙي صنعت جا آثار سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ شهر چانهون جو دڙو (نوابشاهه-سنڌ) مان مليا آهن. هي شهر، جنهن کي ججهي تعداد ۾ پنهنجون صنعتون هيون، سو ذري گهٽ يقين جي حد تائين ضلعي يا صوبي جو مرڪزي شهر هيو. (4)

[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. Wheeler, S.M, “Indus Civilization” 1960, P-5-52
2. لئبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ-مسلمانن جي فتح کان اڳ“، ص-53-54
3. لئبرڪ، ساڳيو، ص-56-58
4. لئبرڪ، ساڳيو، ص-56-58


[b]90. راکي ڳڙهي
[/b]
ڀارت جي رياست هريانه مان راکي ڳڙهي جي قديم ماڳ تان سنڌو سڀيتا جا قديم آثار مليا آهن. ماهرن موجب راکي ڳڙهي جو قديم ماڳ موهن جي دڙي جي قديم آثارن کان به وڌيڪ ايراضي تي ڦهليل آهي. هي ماڳ 568 ايڪڙن تي ڦهليل آهي. هن ماڳ تان ٽامي جا برتن، هار سينگار جو سامان، مڇين ڦاسائڻ جا هڪ، هڏين جون ٺهيل وارن ۾ وجهڻ جون پنون، ٻارن جا رانديڪا، تور ڪرڻ جا وٽ ۽ وڏي انگ ۾ مهرون مليون آهن. مهرن تي چيتي جي شڪل چٽيل آهي. هتان انساني جسم جو 4 ڍانچا مليا آهن. جن ۾ 2 مردن، هڪ عورت ۽ هڪ بار جو ڍانچو شامل آهي. هي انساني ڍانچا اڄ کان 5 هزار سال آڳاٽا آهن. راکي ڳڙهي قديم سنڌ سڀيتا جي شهري تمدن جي دور سان واسطو رکندڙ ماڳ آهي. جتان سليقي سان رهڻ جا پڪسراوان گهر، ويڪريون ۽ ڊگهيون گهٽيون مليون آهن. گهرن اندر غلسخانه به ٺهيل آهن. هتان ملندڙ رانديڪن ۾ ڪتي جي شڪل جي مورتين جو وڏو انگ شامل آهي. (1)

1. http://www.haryana-online.com/rakhigarhi.htm
http://indiatoday.intoday.in/story/rakhigarhi-all-set-to-be-developed-as-a-heritage-site-as-plans-road-to-fame-through-harappa/1/260032.html
http://www.ancient-origins.net/news-history-archaeology/5000-year-old-skeletons-harappan-civilization-excavated-india-002920#ixzz3oIN5BUQ2

[b]91. ڍولا ويرا
[/b]
ڍولاويرا سنڌو سڀيتا جي شهري تمدن سان واسطو رکندڙ قديم ماڳ آهي. جيڪو ڀارتي رياست گجرات جي ڪڇ ضلعي ۾ واقع آهي. هي قديم ماڳ 250 ايڪڙن تي ڦهليل آهي. هي ماڳ انڊين آرڪيالاجي جي ماهر جي پي جوشي 1967ع ڌاري ڳولي لڌو، جنهن جي کوٽائي آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا طرفان 1990ع ۽ بعد ۾ 2005ع ڌاري ڪرائي وئي. هي ماڳ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا وانگر سنڌو سڀيتا جي 8 وڏن ماڳن ۾ شامل آهي. هن ماڳ تان سون، ٽامي ۽ چاندي جا زيور، مهرون، رانديڪا ۽ ٻيون شيون مليون آهن. جڏهن ته هي شهر به موهن جي دڙي وانگر شهري رٿابندي جو اعلى مٿال آهي. هي ماڳ سنڌو سڀيتا جي دور جي رهواسين جو واپاري مرڪز هيو، جتان پرڏيهه سان واپار ڪيو ويندو هو. (1) هن ماڳ تان مليل هڪ پاڻي جو حوض يا تلاءُ خاص اهميت لائق آهي. جنهن کي ڀارت جا قديم آثارن جا ماهر موهن جو دڙو مان مليل حوض کان وڏو قرار ڏين ٿا. جڏهن ته اهو تلاءُ موهن جي دڙي مان مليل پاڻي جي حوض سان مشابهت رکندڙ آهي. تلاءِ يا حوض ۾ هيٺ لهڻ لاءِ ڏاڪا ٺهيل آهن. هن تلاءَ جي ويڪر 96 فوٽ آهي. جڏهن ته ڊيگهه 73 فوٽ ۽ اونهائي 32 فوٽ کان وڌيڪ آهي. (2) ماهرن موجب ان تلاءَ ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو هو.

1. Possehl, Gregory. (2004). The Indus Civilization: A contemporary perspective, New Delhi: Vistaar Publications, ISBN 81-7829-291-2, p.67
2. http://asi.nic.in/asi_exca_2007_dholavira.asp