سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جي اوسر

هي ڪتاب ” سنڌو سڀيتا جي اوسر “ Rise of Indus Civilization (اوائل کان 1500 ق م)، ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌي جو لکيل آهي.
هن ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ۾ سنڌوء جي اوائل کان 1500 قبل مسيح تائين جي تاريخ، اوسر، تباه ڪارين ۽ ترقيء بابت بيان ڪيل آهي۔ تاريخي ۽ ڄاڻ جي حوالي سان هي تمام اهم ۽ تاريخي ڪتاب آهي۔سنڌ ڌرتيءَ جي پيدائش کان وٺي موهن جي دڙي جي تهذيب يعني سنڌو سڀيتا جي زوال بابت جوڙيل مفروضي تائين واري دور جو احاطو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن ۾ سنڌو ماٿر جي ارضياتي جاگرافي، تهذيبي ۽ سياسي جاگرافي، سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انساني آباديون، سنڌو ماٿر ۾ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون، سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو بنياد شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 7644
  • 1306
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جي اوسر

سنڌو ماٿر ۾ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون

انساني تهذيب جي شروعات درياهن جي ڪنارن تي ٿي. قديم دور جي ماڻهن پنهنجا جهوپا ان ئي هنڌ جوڙيا، جتي کين پاڻي سهنجائي سان ملي ٿي سگهيو. ڇو جو اوائل ۾ اڃا اهڙا اوزار جڙي ڪين سگهيا هئا. جن جي مدد سان کوهه کوٽي يا درياهن مان واهه ڪڍي پاڻي جو پورائو ڪري سگهجي. ان ڪري رهائشي ڳوٺ يا شهر ٻڌڻ جا مناسب هنڌ درياهن ۽ ڍنڍن جا ڪنارا ئي هئا. درياهي ڪنارن ڀرسان رهڻ ڪري پاڻي ۽ خوراڪ جو مسئلو حل ٿي سگهيو ٿي. نه صرف اتي ٻنيون کيڙي، ريج ڪري، زراعت کي ترقي وٺائي سگهجي پئي، پر گڏوگڏ جانورن جو چارو ۽ ٻيا هنر ۽ ڪاريگريون پڻ اتي زور وٺي سگهن پيون. بقول انساني تاريخ جي ماهر رابرٽ بريفالٽ جي ته، ”جڏهن خانه بدوش انسان چراگاهن جي تلاش ۾ ايشيا جي وڏن وڏن درياهن جي ماٿرين ۾ پهتا ۽ کين معلوم ٿيو ته هتي ٿورڙي محنت سان جانورن ۽ انسانن لاءِ خوراڪ مهيا ٿي سگهي ٿي، ته هنن آواره زندگي گذارڻ ڇڏي، زراعتي زندگي اختيار ڪئي ۽ مستقل هنڌن تي آباد ٿيا. ۽ سنڌو، گنگا، يانگسي، فرات ۽ نيل ندي جي گپ چڪ مان ئي تهذيب جنم ورتو“ (1) يعني وائل ۾ تهذيب جو ٻوٽو درياهن جي ڪنارن تي ئي وڌي وڻ ٿيو. دنيا اندر ٽي وڏي ۾ وڏا درياهه سنڌو، دجله ۽ فرات آهن، جن جي ڪناري تي تمدني زندگي جي شروعات ٿي ۽ زراعت زور ورتو.
دنيا اندر سڀ کان پهريان کيتي ڪرڻ جو هنر اڄ کان 8 هزار سال اڳ سنڌو ماٿر جي رهواسين ڳولهي لڌو ۽ هتي ئي شروعات ۾ انساني تهذيب جو وڻ وڌڻ شروع ٿيو. ماهران راءِ جا آهن ته سنڌو ماٿر ان ڪري انساني تهذيب لاءِ وڌيڪ اسرڻ جي موزون جڳهه هئي، ڇو جو هتي جي آبهوا نه گهڻي گرم هئي ۽ نه سخت سرد هئي، يعني وچولي قسم جي هئي ۽ سنڌو ندي جي وهڪ ڪري هتي خوراڪ جو ڏڪر ڪونه هو. ان ڪري ئي هتان جا رهواسي ٻي دنيا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پهريان زرعي زندگي ۽ ڳوٺاڻي رهائش ڏانهن مائل ٿيا. اها هن ڌرتي ۽ هتان جي نديءَ جي سرسبزي ۽ خوشحالي چئبي، جو هتان جا رهواسي ٻين قومن کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا هئا. پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا پڻ ايئن چوندي ڪونه ٿو هٻڪي ته، ”سنڌ کي رونقدار ۽ ڀريو ڀاڳيو بنائڻ ۾ سنڌو درياهه جو وڏو هٿ آهي. سنڌو درياهه اسان جي سنڌ جي جنم کان اڳ ئي موجود هو. جيئن ٻار ڄمڻ کان اڳ ماءُ جي ٿڻن ۾ ٿڃ اچي ٿي، تيئن سنڌ کي تاتي نپائي وڏو ڪرڻ لاءِ سنڌو اڳئي هتي حاضر هئي. (2) اوائل ۾ هتان جي رهواسين جون زرعي ايراضيون ننڍن ننڍن درياهن جي وادين ۾ اڀريون. اڄ کان 8 هزار سال اڳ نئين پٿر دور (Neolithic Age) ۾ سنڌو ماٿر جي رهواسين ٻنيون کيڙي فصل اپائڻ جي شروعات ڪئي. اهڙا آثار تازو فرانسيسي آرڪيلاجيڪل مشن جي ڊائريڪٽر مسٽر ذان زيري بلوچستان جي بولان لڪ وٽ مهرڳڙهه جي قديم آثارن مان ڳولهي لڌا آهن. ۽ انهن آثارن جي عمر ساڍا 7 هزار ق - م مقرر ڪئي آهي. ماهرن مهرڳڙهه کي ايشيا جي پهرين زرعي وسندي ڪوٺيو آهي. اهڙي طرح هتي جي رهاڪن ئي سڀ کان پهريان هڪ زرعي سماج (Agrarian Society) جو بنياد وڌو. مسٽر ذان زيري هن قديم وسندي تي روشني وجهندي چوي ٿو ته هتان جا ماڻهو ساڍا 7 هزار ق - م کان اڳ نئين پٿر دور ۾ فني، جمالياتي ۽ تخليقي ذهنيت سان مالا مال هئا ۽ هو اڏاوتي مهارت رکندا هئا. هنن جي رهڻي ڪهڻي، آرٽ، ٿانون جي ڊيزائن، دفنائڻ جا طريقا ۽ زرعي سرشتو گهڻو ترقي ڪيل هو. (3) هن دؤر ۾ اڃا ماڻهن ڌات ڳولهي ڪانه لڌي هئي. ان ڪري اوزار طور پٿرا استعمال ڪندا هئا. هو زمين کيڙن لاءِ پٿر جا هر، فصل جي ڪٽائي لاءِ پٿر جا ڏاٽا، ان پينهڻ لاءِ پٿر جون چڪيون استعمال ڪندا هئا. هو اوزارن ٺاهڻ لاءِ چقمقي پهڻ جا ڌار وارا اوزار استعمال ڪندا هئا. (4)
مٿين آثارن ملڻ کان پوءِ خبر پئي ته کيتي ڪرڻ جي سرشتي ڪري سنڌي ماڻهو سڀ کان پهريان تمدني زندگي ڏانهن مائل ٿيا ۽ تيزي سان ترقي جا ڏاڪا طئه ڪرڻ لڳا. جڏهن ته اهو سڄو عمل باقي دنيا ۾ تمام دير سان شروع ٿيو. سڌريل پوک جو ڪم ۽ پڪي ڳوٺاڻي آبادي مشرق قريب ۾ تقريبن 5 هزار ق - م ۾ شروع ٿي. پوکي راهي انساني زندگي ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. هاڻ هو پنهنجي جياپي لاءِ فطرت تي ڀاڙڻ ڇڏي، پنهنجي غذا پاڻ پيدا ڪرڻ لڳو. زراعت جي فن انسان کي پنهنجي زندگي جون ضرورتون پاڻ پوريون ڪرڻ لاءِ همٿايو. جنهن ڳالهه اڳتي هلي انسان کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻايو.
پهريان ته سنڌ اندر عورتون پنهنجي هٿن سان زمين کيڙي اناج پوکينديون هيون، پر پوءِ ڪٽنب جي وڌڻ ۽ وڌيڪ تجربي ٿيڻ بعد پاليل جانورن جهڙوڪ: ڍڳن ۽ گهوڙن کان ٻنيون کيڙڻ جو ڪم ورتو ويو. ابتدا ۾ سنڌو ماٿر اندر هتي جي رهواسين جون، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جون پوکون ڪرڻ شروع ڪيون. ماهران راءِ جا آهن ته ڪڻڪ، جون ۽ ڪپهه جون پوکون ساڍا 7 هزار ق – م کان نئين پٿر دور ۾ ڍنڍن ۽ درياهي ڪنارن تي پوکيون وينديون هيون. جنهن جا آثار مهر ڳڙهه جي کوٽاين مان مليا آهن. هن دؤر ۾ مهرڳڙهه جا باشندا ڪپهه جو فصل تيل حاصل ڪرڻ ۽ ڌاڳا وٽڻ لاءِ پوکڻ لڳا. ماهر ان راءِ جا آهن ته سنڌ ۾ ڪپهه جو فصل پهريون مهرڳڙهه ۾ پوکيو ويو. (5) بعد ۾ ئي ڪپهه کي ڪپڙي ٺاهڻ طور استعمال ڪرڻ جو رواج پيو. (6)
زراعت جي ابتدا ٿيڻ ڪري ماڻهو رولو زندگي ختم ڪري هڪ هنڌ ويهي پنهنجي پوکيل فصلن جي حفاظت ڪرڻ لڳا. ماڻهو معاشي طور ته ٻن وڏن سماجي گروهن ۾ ورهائجي ويا. هڪڙا اهي هئا جن زرعي زندگي اختيار ڪئي ۽ ٻيا جانورن جا ولر پالڻ لڳا. جانورن جا ولر پاليندڙن جون ثابتيون اسان کي بنون ۽ ڪڙي گل محمد مان مليون آهن. هو نه صرف جانور گوشت ۽ کير حاصل ڪرڻ لاءِ ڌاريندا هئا پر انهن کان سواري جوڪم پڻ وٺندا هئا. هن دؤر جا باشندا رڍون، ٻڪريون، گڏهه، هرڻ ۽ رڇ وغيره ڌاريندا هئا. جن جون وڌيڪ ثابتون آمري، ڏنڀ بـٺي، پانڌي واهي ۽ عثمان بٺي مان مليون آهن. (7) جن ماڻهن زرعي زندگي اختيار ڪري جهڳا جوڙڻ شروع ڪيا، تن واندڪائي واري وقت ۾ پٿرن مان هر، ڏاٽا، ڪهاڙيون، اٽي پينهڻ لاءِ جنڊ ۽ ٻيا زرعي ڪم ڪار ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار ٺاهڻ شروع ڪيا. جڏهن ته مال چاريندڙ گروهه پوءِ به ڇڙواڳ زندگي گذارڻ لڳو. هنن جانورن جون کلون، رڍن جي اُن ۽ جانورن جو کير معاشي ضرورتن لاءِ استعمال ۾ آڻڻ شروع ڪيو.
زراعت جي رواج بعد قديم دور جي ماڻهن کي هاڻ کاڌي خوراڪ جي ڳولا ۾ جهنگلن ۾ وڃڻو ڪونه پوندو هو ۽ نه ئي شڪار لاءِ ڏڦا کڻي ڀڄڻو پوندو هو. پر هو هاڻ آرام ۽ سڪون سان زندگي گذارڻ لڳا. ان واندڪائي وري سوچ فڪر هنن کي اڃا به بهتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو. جيئن ته هنن کي پنهنجن فصلن کي جانورن کان بچائڻ لاءِ هڪ هنڌ وهڻو ٿي پيو، سو هنن ميداني علائقن ۾ گهر بنائڻ جو سوچيو. هاڻ هو ٻيلن ۾ وڃڻ ۽ جانورن جي پويان سڄو ڏينهن ڀڄڻ بجاءِ هڪ هنڌ ويهي گهر ٺاهڻ ۽ ڳوٺ ٻڌڻ لڳا ۽ قدرت جي ٻين شين تي ضابطو ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي حڪم هيٺ آڻڻ لاءِ نيون تدبيرون جوڙڻ لڳا. يعني گهر ٺاهڻ، ڳوٺ ٻڌڻ ۽ ايجادون ڪرڻ جي راهه ۾ وڏو عمل دخل زراعت جو هيو.
ماهرن تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته سنڌ اندر نئين پٿر دور ۾ انسانن غارن کي آخري سلام ڪري اچي پنهنجا گهرڙا ٺاهيا. اهڙن گهرڙن جا نشان اسان کي روهڙي، ڪراچي ۽ منڇر ڍنڍ جي پسگرادائي ۾ ملن ٿا. اهي گهرڙا اوائل ۾ سرن بدران ڪاٺين ۽ تيلين مان ٺاهيا ويا ۽ غارن مان نڪرڻ بعد اهي ئي انسان جا پهريان اجها بڻيا. اهڙن ڳوٺن جا آثار سنڌوندي ۽ هاڪڙي سان گڏوگڏ مختلف ڍنڍن جي ڪنارن تي پڻ مليا آهن. ڇو جو اتي پاڻيءَ سان گڏوگڏ مڇي ملڻ جو به سهنج هيو ۽ اتي ئي ننڍڙا ننڍڙا ٻني ٽڪرا کيڙي اَنُ اپائي پيو سگهجي. شروع ۾ ماڻهن ٻيلن مان ڪاٺيون ڪري ۽ تيليون آڻي درياهي ڪپن تي چوئنرا ٺاهڻ شروع ڪيا. اهي چوئنرا دراصل گهر ٺاهڻ جي شروعاتي ڪڙي ڪري سمجهڻ گهرجي. ان دؤر جي ماڻهن پنهنجا اهي چوئنرا ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ ڪن قدرتي مٿانهن هنڌن تي ٺاهڻ شروع ڪيا. هنن جا ڳوٺ چند ڇڙوڇڙ گهرن تي مشتمل هوندا هئا، جتان سرن جي اڏاوت جي ڪابه نشاني ڪانه ملي آهي. جيئن آمري، پانڌي واهي ۽ غازي شاهه جي شروعاتي تهن ۾ گهرن جي تعمير جا نشان ڪونه مليا آهن. اتان صرف استعمال جا ٿانون ئي مليا آهن. ان جو مطلب اهو وٺڻ سراسر غلط ٿيندو ته ڪو ان وقت جا ماڻهو بنا گهر گهاٽ جي کلئي آسمان هيٺان زندگي گذاريندا هئا. پر هي ڳوٺ ان وقت جا آهن، جنهن دؤر ۾ اڃان مٽي جون سرون وجهي گهرن ٺاهڻ تائين انساني ذهن ڪونه پهتو هو.
وري جڏهن انساني ذهن ترقي ڪئي ته هنن جي گهرن جي جڙاوت ۾ پڻ تبديلي آئي. گهر ترقي ڪري هٿ جي ٺهيل سرن ۽ پٿرن سان جڙي راس ٿيڻ لڳا. اهڙا گهر مستطيل نموني جا وڏن پڌرن سان ۽ هڪ هنڌ ڳاهٽ ٿيل ملن ٿا. اهي گهر پڻ اڳ وانگر ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ ڪن قدرتي مٿانهن پٽن تي آباد ڪيا ويندا هئا. هو گهرن جي ڀتين جي پيڙهه ۾ پٿرن جو استعمال ڪندا هئا، مٿي اوساري سرن جي هوندي هئي، ڇتون ڪکايون پرگاري سان لتل هونديون هيون. ڪڙي گل محمد (4200 ق م) ۽ پانڌي واهي مان هن قسم جي اڏاوتن جا نشان مليا آهن. ڪڙي گل محمد جا رهواسي ڪچي مٽيءَ جي گهرن ۾ رهندا هئا ۽ پانڌي واهي مان مليل گهر مستطيل قسم جا آهن ۽ انهن جي پيڙهه پٿر جي رکيل آهي. باقي اڏاوت چيرولي يا گاري سان ٿيل آهي. (8) اهڙي قسم جا رهائشي گهر آمري جي وچين تهن مان پڻ مليا آهن. هن دؤر جي ڳوٺن جي خاص خوبي اها آهي جو انهن جي چوڌاري حفاظتي قلعا ٺهيل آهن. آمري، ٿرڙي گجو، ڪوهتراس بٺي ۽ ڪوٽڏجي جي کوٽاين مان اهڙن حفاظتي قلعن جا آثار مليا آهن. (9)
گهرن ٺهڻ ڪري گهر ۾ استعمال ٿيندڙ شين ٺاهڻ جي پڻ ضرورت پيش آئي. نئين پٿر دور جا رهواسي شروع ۾ اوزارن طور پٿر کي وڌيڪ استعمال ڪندا هئا. هو پٿر جون ڪهاڙيون، ڏاٽا، کرپيون، ڇريون، جنڊ، ماني پچائڻ جو ٿوڦيون ٺاهيندا هئا، جيڪي گهڻو ڪري چقمقي پهڻ جون هونديون هيون. بعد ۾ هنن ڪاٺين ۽ تيلين مان ٽوڪريون، ماني رکڻ جو دٻڪيون، کارا، ان رکڻ جا ڀانڊا ٺاهڻ شروع ڪيا، جن کي ڏامر يا مٽيءَ سان چوڌاري لنبيو ويندو هو. ان ئي دؤر ۾ مٽي جي ٿانون ٺاهڻ طرف پڻ ترقي ٿي. گهرن ۾ رهندڙن مٽي مان اهڙيون شيون ٺاهڻ شروع ڪيون ، جيڪي کاڌي رکڻ لاءِ ٿانون طور استعمال ٿين. پهريان ته ڪچي مٽي جا اڻ پڪل برتن تيار ٿيندا هئا، جيڪي پاڻياٺين شين جي استعمال لاءِ ناقص هئا. ان ڪري سنڌو ماٿر جي رهواسين انهن ۾ تبديليون آڻڻ شروع ڪيون. اٽڪل 4000 ق - م ڌاري سنڌ ۾ ڪنڀارڪي چڪ جو بنياد پيو. مٽي جا ٿانون ڳوٺن جا محنتي ڪنڀر چڪ تي ٺاهي، انهن کي آوين ۾ پچائڻ لڳا. ڪنڀر جي چڪ ٿانون جي بناوت ۾ عجيب تبديلي آڻي ڇڏي ۽ مٽي جا نفيس برتن تيار ٿيڻ لڳا. (10) ان دور جي آبادين ڪلي گل محمد ۽ مڊيگڪ مان مليل ٿانون چڪ تي ٺهيل ملن ٿا. (11) جن تي اڳتي هلي نقش نگاريءَ جو ڪم پڻ ٿيڻ شروع ٿيو. هتان جا ڪنڀر ٿانون کي خوبصورت بنائڻ لاءِ انهن تي رنگين چٽسالي ڪرڻ لڳا. راڻا گندئي مان مليل ٿانون تي ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ جا تهه چڙهيل آهن ۽ انهن مٿان ڪاري رنگ جي مصالحي جي چٽسالي ٿيل آهي. آمري مان مليل ٿانون جي تري تي ٿلهن ڪارن پٽن تي لاڳيتا ٽڪنڊا مليا آهن. ٽڪنڊن جي پاسن ۾ ڳاڙهو رنگ ڀريل آهي. لئمبرڪ ان دؤر جي ماڻهن جي ٿانون بابت ٻڌائي ٿو ته، ”هو ٺڪر تي ڪاري يا ڳاڙهي رنگ سان چٽسالي ڪندا هئا ۽ انهن تي جاميٽري جي شڪلين جهڙا چٽ ڪڍندا هئا.“ (12) ڪوئيٽا جي قديم آثارن مان مليل ٿانون جو رنگ بادامي ملي ٿو ۽ انهن تي ڀوري رنگ سان نقش نگاري ٿيل آهي. اهي ٿانون 4 هزار ق - م جا آهن. وري اڳتي نال مان مليل ٿانون ۽ آمري مان مليل ٿانون تي اسان کي شينهن، مڇين، ڍڳي ۽ پکين کان سواءِ پپر جي پنن جا نقش اُڪريل ملن ٿا. (13) شروع شروع ۾ جيڪي ٿانون ٺهڻ لڳا، پهريان انهن تي سادي قسم جي چٽسالي ٿيندي هئي، جنهن ۾ اڪثر جانورن جو ن شڪليون چٽيل هونديون هيون. ان قسم جا ٿانون 6 هزار ق - م کان سنڌو ماٿر اندر رائج هئا. بعد ۾ انهن ٿانون ۾ ترقي ٿيڻ شروع ٿي. اٽڪل 3500 ق - م ڌاري ٿانون تي جانورن جون شڪليون چٽڻ جو ڪم بند ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ جاميٽري جي ڏکين ۽ رنگ برنگي نمونن ورتي. (14)
سنڌو ماٿر جي رهواسين 4000 ق - م ڌاري ڌات پڻ ڳولهي لڌي. (15) هو شروعات ۾ ٽامي مان پنهنجي هار سينگار جون شيون ٺاهڻ لڳا. (16) بعد ۾ ٽامي مان ڪهاڙيون، آرا، ڀالا ۽ چوڙيون وغيره ٺهڻ لڳيون. جنهن جا آثار ماهرن نال، آمري، ڪوٽڏجي ۽ ڪلي گل محمد جي آثارن مان ڳولهي لڌا آهن. (17) ڪلي جي قديم آثارن مان ان سلسلي ۾ اڳتي ٿيل اوسر جو پتو پوي ٿو. هتان جا ماڻهو نه صرف ٽامي جي استعمال کان واقف هئا، پر هو ٽامي ۽ ٽن کي پگهاري ڪنجهي جون شيون ٺاهڻ پڻ ڄاڻندا هئا. ڌات جي وڌيڪ استعمال جا ثبوت ماهرن ڪوهٽراس بٺي مان پڻ هٿ ڪيا آهن. آثار قديمه جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌو ماٿر ۾ نئون پٿر دور 6 هزار ق - م کان 4 هزار ق - م تائين هليو. بعد ۾ 4 هزار ق - م ۾ هتان جي ماڻهن ڌات ڳولهي لڌي ۽ هو ٽامي ۽ ٽن کي پگهاري (رجائي) استعمال ڪرڻ لڳا.
زراعت جي اوج ۽ ڳوٺن جي بنياد سنڌو ماٿر اندر ڪيترائي واڍا، رازا، ڪنڀر پيدا ڪري ورتا ۽ هتان جا واپاري ڪچي مال کي هٿ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري پيا. سنڌو ماٿر جون ٻيڙيون سمنڊن جا سينا چيرينديون وڃي آفريڪا ۽ اڀرندي ايشيا ۾ پهتيون. هي دنيا جو اڪيلو ئي خطو هيو، جتان اوائل ۾ تهذيب يافته انسان ٻاهرين دنيا ۾ پکڙجڻ لڳا ۽ پنهنجي لاتعداد صلاحيتن سان هن ڌرتي کي رنگيني بخشي، برپٽن ۾ بازاريون لڳائي ڇڏيون. هڪ ماهر پوڪاڪ ان دؤ‍ر جي سنڌين بابت لکي ٿو ته ”قديمه دور ۾ سنڌو ندي جي مهاڏي تي سامونڊي سفر ڪندڙ ڦڙت، هنرمند ۽ همت وارا ماڻهو رهندا هئا، .... جن جي نتيجي طور سڀيتا کي اوج ملي.“ (18) وري هڪ ٻئي ماهر فرگوسن کي به ٻڌندا هلو، جيڪو سنڌو ماٿر کي مڪمل دنيا سمجهي ٿو، ”سنڌ مان سنڌو ندي رستي ذاتين پٺيان ذاتيون ۽ بيشمار ماڻهو ٻاهر ويا آهن، جن تهذيب جو ڦهلاءُ ڪيو آهي .... ۽ سنڌ هند هڪ مڪمل دنيا آهي.“ (19) سبط حسن چوي ٿو ته، ”هتان جون ٻيڙيون مال سان لڏجي مڪران جي ڪناري سان بحر عرب ۽ خليج فارس ٽپي سوميري بندرگاهن ڏانهن وينديون هيون.“ (20)
هن دؤر ۾ سنڌو ماٿر جا باشندا ٻاهر وڃڻ شروع ٿيا هئا ۽ دنيا جي مختلف ڪنڊن ۾ پهچي پنهنجو علم ۽ هنر ڦهلائي رهيا هئا. هنن جون ٻيڙيون سمنڊ جا سينا چيرينديون آفريقا ۽ عرب ملڪن ڏانهن اُسهي رهيون هيون. جتي اڃا انساني ارتقا پنهنجي ٻالڪپڻ جي دؤر ۾ هئي. آثار قديمه جو هڪ وڏو ماهر ڊاڪٽر ايم آر مغل ان دؤر جي سنڌو ماٿر جي رهواسين جي بين الاقوامي واپار بابت هن طرح رقمطراز آهي ته، ”ڳوٺاڻي ثقافت جي ماڻهن جو واپاري رابطو نه صرف پنهنجن شهرن تائين محدود هيو، پر هنن جو واپار ٻاهرين ملڪن سان پڻ هلندڙ هو. هو ايران، گلف جي رياستن، عرب رياستن ۽ ميسوپوٽيما سان پڻ واپار ڪندا هئا. (21) ان واپار جا ثبوت ماهرن کي آمري مان پڻ مليا آهن. ڪاپر جو سامان جيڪو غازي شاهه، ڪوهٽراس بٺي، لوهري، آمري ۽ ڪوٽڏجي مان مليو آهي، سو واپار رستي ٻاهران گهرايو ويندو هو. (22)
سنڌو ماٿر ۾ هن دؤر جي ماڻهن جي سماجي زندگي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت ماڻهو خاندانن ۽ برادرين کان اڳتي وڌي قبيلن جي صورت ۾ منظم ٿي چڪا هئا ۽ ان وقت معاشري جو بنياد قبيلائي هيو. (23) اهي قبيلا خوني رشتيداري تي ٻڌل هوندا هئا. جن جي زندگي جي تعمير جمهوري اصولن تي ٿيندي هئي. انهن قبيلن جي سربراهي بزرگ مردن يا عورتن جي هٿن ۾ هوندي هئي. قبيلي جو سربراهه سڀ فرد گڏجي چونڊيندا هئا. قبيلن ۾ منظم ٿيڻ ڪري ماڻهو پاڻ کي اڳ کان وڌيڪ محفوط تصور ڪرڻ لڳا. هن دؤر ۾ پڻ اڳ جيان ڪنهن به حڪومت، رياست يا قانون جو تصور موجود ڪو نه هيو. قبيلي جا مڙئي فرد قبيلي جي گڏيل روايتن جو احترام ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو به قبيلي جو فرد مقرر ٿيل اصولن جي انحرافي ڪندو هئو ته قبيلي جا سڀ فرد ان عمل کان نه صرف روڪيندا هئا پر زبردستي انهن اصولن تي هلڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا. جنهن ڪري قبيلائي ريتون رسمون ۽ روايتون مضبوط کان مضبوط تر ٿيڻ لڳيون. هن د‍ؤر ۾ اڃان علائقائي حدبنديون قبيلن جي بنياد تي ٻڌل هيون. هرهڪ قبيلو، جيڪو هزارين، لکين ماڻهن تي مشتمل هوندو هو، سو ڪنهن زرخيز علائقي تي قابض ٿي اتي پاڻ کي منظم ۽ مضبوط ڪندو هو. اهائي دنيا ۽ اهو خطو ان قبيلي جي سڄي ڪائنات هوندو هو. جيڪڏهن ڪو ٻيو قبيلو ان جي حدن اندر دخل اندازي ڪندو هو ته قبيلي جا مڙئي فرد منظم ٿي، ان سان جڌ جوٽيندا هئا. مختلف قبيلا جيڪي مختلف خطن اندر منظم ٿي رهيا هئا، انهن پنهنجي پنهنجي ٻولي کي اختيار ڪري، ان کي وڌائڻ ويجهائڻ شروع ڪيو. ٻولي اڃا ابتدائي شڪل ۾ هئي ۽ نه صرف لکي ڪا نه ويندي هئي پر ا‎ڃان خيالن جي اظهار جي لحاظ کان اڻپوري هئي. قبيلن اندر اڃا آزاد جنسي تعلقاتن جو رواج هيو، جيڪو جيئن پوءِ تيئن ڪمزور ٿي رهيو هو. پوءِ به ٻار جي نسب جو سلسلو ماءُ کان شروع ٿيندو هو.
هن دؤر جي سماج تي نظر وجهڻ سان ٻي جيڪا ڳالهه معلوم ٿئي ٿي سا اها آهي ته اڃا تائين هتي سماج غير طبقاتي هيو. ڪو به ظالم ۽ مظلوم ڪو نه هيو، ڪو به آقا ۽ محڪوم ڪو نه هيو. سڀ گڏجي محنت ڪندا هئا ۽ ان جو ڦل به گڏجي پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا. محنت هر ماڻهو لاءِ لازم هوندي هئي، قبيلن جا سربراهه پڻ ان ۾ برابر جو حصو وٺندا هئا. هن دؤر جي سماجي نظام کي ماهرن ”قديم راڄوڻي نظام“ (ابتدائي ڪميونزم) جو نالو ڏنو آهي.
سنڌو ماٿر جي هن دؤر جي ماڻهن جي عقيدن ۽ ريتن رسمن بابت جيڪي ڪجهه معلوم ٿيو آهي، اهو هيءُ آهي ته ان دؤر جا ماڻهو اڄ کان 8 هزار سال اڳ مئلن کي ستل توڙي ويٺل ٻنهي طريقن سان دفن ڪندا هئا. اهڙيون ثابتيون ماهرن کي مهرڳڙهه جي قديم آثارن مان مليون آهن. (24) اڳتي هلي هتان جي رهواسين ميتن سان گڏ ٿانو ٿپا ۽ هار سينگار جو سامان به گڏ دفن ڪرڻ شروع ڪيا. ان قسم جا آثار ڏنڀ بٺي ۽ نال مان مليل قبرن مان مليا آهن. (25) آمريءَ جي قديم آثارن مان معلوم ٿيو آهي ته هو مڙدن کي ڪرونڊڙو ڪري پوريندا هئا ۽ اهي به مڙدن سان گڏ ضرورت جو سامان پوريندا هئا. انهن آثارن مان سنڌو ماٿر جي انهن رهواسين جي عقيدن بابت معلوم ٿئي ٿو ته هو ان عقيدي جا هئا ته مرڻ کان پوءِ به ماڻهو کي قبر ۾ انهن شين جي ضرورت پوي ٿي ۽ هو انسان جي ٻئي جنم يعني مري وري زندهه ٿيڻ واري عقيدي جا قائل هيا.
ڳوٺاڻين زرعي ثقافت جي وسندين مان ڪنهن به قسم جو بت يا پوڄا پاٺ لاءِ مندر وغيره ڪو نه مليو آهي. جو چئي سگهجي ته هو ڪنهن اعلي هستيءَ جي پوڄا ڪندا هئا. مهر ڳڙهه (7500 ق م) جي کوٽاين مان ماهرن ننڍڙا ننڍڙا انساني بوتا هٿ ڪيا آهن، جن اڳتي هلي زنانن بوتن جي شڪل اختيار ڪئي. (26) اهڙي قسم جا زنانا بوتا 4 هزار ق - م جي ٻين آبادين مان به وڏي تعداد ۾ مليا آهن. ڪلي، ميهي، آمري ۽ ڪوٽڏجي جي کوٽاين مان ان قسم جا ڪيترائي زنانا بوتا مليا آهن، جن کي ماهرن ”ڌرتي-ماتا“ جا بت سڏيو آهي. اهي زنانا بوتا ضرور ان وقت کان تخليق ٿيڻ شروع ٿيا هوندا، جڏهن سنڌو ماٿر اندر ”ماءُ آدرشي سماج“ پنهنجي پوري جوڀن تي هوندو.
هاڻ سوال ٿو اٿي ته ان دؤر جا ماڻهو ڪنهن مافوق الفطرت هستي جي بدران ”ڌرتي-ماتا“ جا بت ڇو ٺاهيندا هئا ۽ هو انهن جي عبادت ڇو ڪندا هئا؟ ان بابت سماجي ماهرن جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي، سا هيءَ آهي ته جڏهن سنڌو ماٿر جي رهواسين کيتي ڪرڻ جي هنر جي شروعات ڪئي ته ان وقت انساني سماجي ۾ اخلاقي قدر پيدا ٿيا ۽ زرعي زندگي ڏانهن مائل ٿيڻ بعد کيتڪارن تي ٻن قدرتي شين جو تمام گهڻو اثر پيو ۽ انهن شين کان هو متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي ڪين سگهيا. انهن ۾ پهريون زمين ۽ ٻيو پاڻي هو.

[b](1) زمين
[/b]اوائلي انسانن زمين جي پيٽ مان سرسبز سلا اڀرندي ڏٺا ۽ مختلف اناج، ٻوٽا ۽ ميووا زمين جي پئدائش هئڻ ڪري، هنن ڌرتيءَ کي انسان جي بهتر زندگي جو ضامن ڄاڻندي، ان جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ ان کي ماءُ ڪوٺڻ لڳا. ڇو جو عورت (ماءُ) ۽ ڌرتي ٻئي تخليق ڪندڙ شيون هيون. جڏهن عورت ننڍڙا گلاب جهڙا چهرا پئدا پئي ڪري سگهي ته ٻئي طرف ڌرتي جي سيني مان مختلف سون ورنا سنگ ۽ ڳاڙها ساوا ٻوٽا اڀرن پيا ۽ اتان فصل جنم وٺن پيا. ان ڪري انسان جي من ۾ انهن ٻنهي شين سان محبت ڪرڻ اڻ ٽر ڳالهه هئي. ان ڪري ئي هنن جو عقيدو هو ته، آسمان کي ۽ ستارن ڏي ڇو ڏسون، اُن ڌرتي جي ڌوڙ ڇو نه چمون، جيڪا اسان جي بهترين زندگي جي ضامن آهي. ان ڪري قديم ماڻهن ”ڌرتي-ماتا“ جي پوڄا شروع ڪئي، ان جا بت ٺاهيا، جيڪي عورت جي ئي شڪل جا هيا. سنڌو ماٿر جي قديم آثارن مان ”ماتا-ديوي“ جا مجسما نڪرڻ جو اصل سبب اهو ئي هو.

[b](2) پاڻي
[/b]پاڻي نه صرف انساني جياپي لاءِ اهم حيثيت رکندڙ آهي. پر جيڪڏهن ائين چئجي ته زندگيءَ جو مرڪز پاڻي ئي آهي ۽ ان بنا هن ڌرتي تي ڪنهن به ساهواري جي زنده رهڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه ٿيندو.
قديم سنڌي، سنڌو نديءَ جي ميرانجهڙي پاڻي مان پنهنجي زندگي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳا. هنن سنڌوءَ جي ئي پاڻي تي فصل پوکيا ۽ گڏوگڏ هنن جي صنعت ۽ حرفت جو دارو مدار ئي سنڌؤَ جي پاڻيءَ تي هيو. ان ڪري هو سنڌو ندي جي اهميت ڄاڻندي، ان کي عزت جي نگاه سان ڏسڻ لڳا ۽ هن جي پاڻيءَ کي پاڪ ۽ پوتر ڄاڻندي ان کي پوڄڻ لڳا. ۽ جڏهن سنڌؤَ جي پاڻي تي ڀرسان پوکيل فصل پچي راس ٿيندا هئا ۽ اَنُ سنگن مان ٻاهر نڪري ڇڻڻ شروع ڪندو هو ته قديم باشندا خوشي وچان جشن ڪندا هئا ۽ اَنُ لڻڻ کان اڳ چوڏهين جي چنڊ رات جٿن جي صورت ۾ سنڌؤَ جي ڪناري تي ويندا هئا ۽ اتي چنڊ جي جرڪيدار چانڊوڪيءَ ۾ گڏجي ناچ ڪندا هئا ۽ سنڌو نديءَ ۽ ’ڌرتي ماتا‘ جي ساراهه جا گيت ڳائيندا هئا. هو پنهنجا ڀڄن ۽ گيت سنڌؤَ کي ارپڻ ڪندا هئا.
قبيلن جي جٿن جي جلوس جي سرواڻي قبيلي جي مک عورت ڪندي هئي ۽ سڄو قبيلو ان جو احترام ڪندو هو. عورت کي ان وقت سماج ۾ تمام سٺيءَ نظر سان ڏٺو ويندو هو. ۽ هن کي ’ڌرتي-ماتا‘جو درجو مليل هو. ۽ ان ”ڌرتي ماتا“ جون مورتون سنگتراش تراشڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. هيءُ سماج ”ماءُ آدرشي“ سماج هيو. ڇو جو عورت ئي کيتي جو رواج وڌو ۽ فصلن کي اپائڻ ۾ هن جو ئي هٿ سمجهيو ويندو هو. سر جيمس جارج فريزر پنهنجي مشهور ڪتاب ”گولڊن بو“ (Golden Bough) ۾ ان بابت چوي ٿو ته، ”هندستانين (سنڌين) جو اعتقاد هو ته عورت کي ماءُ جي حيثيت ۾ جنم ڏيڻ ۽ گهڻي اناج کي پيدا ڪرڻ جي قوت هئي.“ (27) ان ڪري ئي عورت کي سنڌي معاشري ۾ اهم مقام حاصل هيو ۽ ان جي عزت ڪئي ويندي هئي. جڏهن فصلن جي ڪٽائي ٿيندي هئي ته عورت ئي فصل لڻڻ جي شروعات ڪندي هئي ۽ اناج جي ڪٽائي جي جلوس يا محفلن جي سرواڻي پڻ عورت ڪندي هئي. سنڌوءَ جي ڪناري 14 تاريخ جي چانڊوڪيءَ ۾ جيڪو ناچ ٿيندو هو، ان ۾ اهم ڪردار عورت ئي ادا ڪندي هئي.
سراج الحق ميمڻ، سنڌ اندر ”ماءُ آدرشي“ سماج متعلق ڪجهه هن ريت لکيو آهي، ”علم الانسان جي لحاظ کان اول اول سنڌ اندر ”ماءُ آدرشي“ سماج هيو. جنهن ۾ عورت سردار هئي. ڇو جو هن اناج پوکڻ ايجاد ڪيو. هتي جي انسانن ڏٺو ته عورت هڪ دلچسپ چيز هجڻ سان گڏوگڏ سموري تخليق جي ماءُ آهي. نه رڳو هوءَ خوبصورت ٻارڙا پيدا ڪري ٿي، پر فصل به هوءَ پيدا ڪري ٿي. ان ڪري عورت جي ان تخليقي قوت کي پوڄا لائق سمجهيو ويو. هن کي ديويءَ جو درجو ڏنو. گهڻو ڪري قديم ماڻهن جا بت ديوين جا آهن ۽ هو انهيءَ جي ئي پوڄا ڪندا هئا. عورت جي شرم گاهه ۽ ٿڻن کي تخليقي قوت جو مظهر ۽ منبع سمجهيو ٿي ويو. ان ڪري انهن ٻنهي جسماني عضوون، پيڪ ۽ ٿڻن کي سڀ کان وڌيڪ پوڄا لائق ٿي سمجهيو ويو.“ (28)
سنڌ اندر ٻني ٻاري ڪرڻ جي شروعات کان وٺي ”ماءُ آدرشي“ سماج شروع ٿيو. يعني شروع کان ”ماءُ آدرشي“ سماج جو هتي بنياد پيو ۽ اهو تيستائين جاري رهيو، جيستائين زرعي ترقي انتهائي عروج حاصل نه ڪيو. ان عورتاڻي آدرشي سماج جا ڪافي آثار سنڌو ماٿر ۾ مليا آهن. مسٽر ڪارٽر ڪراچيءَ جي مول واديءَ مان ڪجهه پٿر لڌا آهن، جن تي عورتاڻي آدرش جي هڪ صورت ۾ ڪنول جا چٽ کوٽيل آهن. قديم زماني ۾ عورت جي شرم گاهه (پيڪ) کي تخليقي مرڪز سمجهندي ان کي ڪنول جي گل سان تشبيهه ڏني ويندي هئي. مصور ان تخليقي مرڪز کي مختلف اهڃاڻن سان ظاهر ڪندا هئا. ڪي عورت جي شرم گاهه مان گل ۽ ٻوٽا ڦٽندي ڏيکاريندا هئا ته ڪي وري ان کي ڪنول جي گل جي مختلف شڪلين رستي ظاهر ڪندا هئا.
آمري، ڪوٽڏجي، موهن جي دڙي جي صفا شروعاتي آباديءَ وارن تهن مان اسان کي ان ”ماءُ آدرشي“ سماج جا آثار مليا آهن. جڏهن زرعي ترقي ٿي ۽ زراعت به مردن جو ڪم بڻيو ته ”ماءُ آدرشي“ سماج ٽٽي پيو ۽ ”پيءُ آدرشي“ سماج شروع ٿيو. موهن جي دڙي جي وچين دور کان ”پيءُ آدرشي“ سماج ملي ٿو. ان کان اڳ هيٺين تهه مان مليل مورتون ”ماءُ آدرشي“ سماج جي ساک ڀرين ٿيون. موهن جي دڙي جي هڪ مهر تي هڪ عورت جي تخليق گاهه (پيڪ) مان سلو اڀرندي ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو عورت کي تخليق جو مظهر سمجهڻ جو وڏو ثبوت آهي. ان کان سواءِ ضلع دادو ۾ آمريءَ جي اتر اوڀر واريءَ حد ۾ هڪڙو موهن جي دڙي جو هم عمر ماڳ ”لاکيو“ مليو آهي. جتان اسان کي ”ماتا ديوي“ جون مورتون مليون آهن. (29) ساڳي نموني جون مورتون يعني ”ماءُ آدرشي“ سماج جا ثبوت اسان کي آمريءَ جي هم عمر ماڳ ڪلي ۽ ميهي مان پڻ مليا آهن.
هن دور جي انسانن جي ايجادن تي جيڪڏهن نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هن دور ۾ ماڻهن گهر ٺاهڻ ۽ ڳوٺ ٻڌڻ شروع ڪيا هئا. هنن مختلف قسم جون پوکون ڪرڻ شروع ڪيون، ڪپهه مان ڪپڙو تيار ڪرڻ لڳا، ڌات ڳولي لڌي ۽ ان مان مختلف شيون تيار ڪرڻ لڳا. ٺڪر جي ٿانون ۾ وڏي پيماني تي ترقي ٿي. ان کان سواءِ ٻيڙيون ٺاهي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ لڳا. هن ئي دور جي آخر ۾ سنڌو ماٿر جو سماج ڳوٺاڻين زرعي ثقافتن مان ترقي ڪري شهري تمدن ۾ داخل ٿيو ۽ هتي هلندڙ راڄوڻي نظام (ابتدائي ڪميونزم) طبقاتي نظام يعني آقا ۽ غلام ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيو.
هيءُ مٿي ذڪر ڪيل ديهي ثقافت نه صرف سنڌ جي موجوده حدن ۾ محدود هئي پر ان جي ايراضي وسيع تر هئي. اها ثقافت اوڀر ۾ راجسٿان جي ڪالي بنگن تائين، اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين، ڏکڻ ۾ سمنڊ تائين، ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ ۾ مڪران تائين، اولهه ۾ افغانستان جي منڊيگڪ تائين، اتر ۾ گومل ماٿر، پنجاب تائين ڦهليل هئي. (30) ان ايراضيءَ ۾ اڄ تائين هٿ آيل ديهي ثقافت جي بستين مان ڪجهه مشهور بستين جا نالا هتي ڏجن ٿا: مهرڳڙهه، آمري، ڪوٽڏجي، ڪڙي گل محمد، پانڌي واهي، ڪالي بنگن، راڻا گندئي، نال، بنون، منڊيگڪ، علي مراد، گوملا، رحمان ڳڙهي، ڏنڀ بٺي، گورانڊي، ڪوهتراس بٺي، غازي شاهه، پيراڻو گهنڊائي، بهوٽ، جلال پور ۽ سري ڪولا وغيره. (31)


[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. بريفالٽ، رابرٽ، ”تشڪيل انسانيت“ لاهور 1966ع ص-151
2. Pithawala, M.B “Marvels of Earth” P-56-57
3. رپورٽ، روزانه هلال پاڪستان، ڪراچي 5 ڊسمبر 1983ع
4. پنهور، ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1984-2، ص-163-169
5. http://archaeology.about.com/od/Domesticated-Plants/fl/The-Domestication-of-Sesame-Seed-Ancient-Gift-from-Harappa.htm
6. پنهور، ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1984-2، ص- 164
7. Mughal, M.R “The Dawn of Indus Civilization” Sindh Quarterly Karachi 1980-4, P-26-27
8. لئمبرڪ، ايڇ. ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-98 ، وڌيڪ ڏسو گنڪوفسڪي، ”پاڪستان ڪي قوميتين“ ص-33-34
9. Mughal, M.R “The Dawn of Indus Civilization” Sindh Quarterly Karachi 1980-4, P-24 to 27
10. پنهور، ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1984-2، ص-164
11. Panhwar, M.H, The Chronological Dictionary of Sindh” P-18
12. لئمبرڪ، ايڇ. ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-102-103
13. حسن، سبط، ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“ ص-62-63
14. پنهور، ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ.... تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ حيدرآباد، 1984-2، ص-164
15. Panhwar, M.H, The Chronological Dictionary of Sindh” P-22-23
16. لئمبرڪ، ايڇ. ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-102-103
17. حسن، سبط، ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“ ص-62-63 يا
گنڪو فسڪي، ”پاڪستان ڪي قوميتين“ ص-35 يا
Panhwar, M.H, The Chronological Dictionary of Sindh” P-22-23
18. Pecocke, E. “India in Greece” London, P-42
19. Frgossen, “History of Indian & Eastern Architecture” vol: 1, Introduction P-4
20. سبط حسن، ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“ ص-63-64
21. Mughal, M.R, “The origins of Indus Civilization” Sindhological Studies, Sindhology Summer, 1980, P-12-13
22. Mughal, M.R, “The Dawn of Indus Civilization” P-26-27
23. گنڪوفسڪي، ”پاڪستان ڪي قوميتين“ ص-35
24. پنهور، ”سنڌ جي تاريخ .... تحقيق ۽ اشاعت“ ص-163
25. لئمبرڪ، ايڇ. ٽي ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-103-104
26. پنهور، ”سنڌ جي تاريخ .... تحقيق ۽ اشاعت“ ص-168-169
27. فريزر، سر جيمس جارج، ”جادو ۽ سائنس“ حصو: 2، ص-981
28. الحق، سراج، ”سنڌي ٻولي“ ص-90
29. لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-104
30. خان، ايف. اي، ”ڪوٽڏجي ڪلچر“ مقالو، ماهوار هلال مئگزين، مئي 1983، ص-31
31. Mughal, M.R, “The origins of Indus Civilization” Sindhological Studies, Sindhology Summer, 1980, P-10