سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جي اوسر

هي ڪتاب ” سنڌو سڀيتا جي اوسر “ Rise of Indus Civilization (اوائل کان 1500 ق م)، ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌي جو لکيل آهي.
هن ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ۾ سنڌوء جي اوائل کان 1500 قبل مسيح تائين جي تاريخ، اوسر، تباه ڪارين ۽ ترقيء بابت بيان ڪيل آهي۔ تاريخي ۽ ڄاڻ جي حوالي سان هي تمام اهم ۽ تاريخي ڪتاب آهي۔سنڌ ڌرتيءَ جي پيدائش کان وٺي موهن جي دڙي جي تهذيب يعني سنڌو سڀيتا جي زوال بابت جوڙيل مفروضي تائين واري دور جو احاطو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن ۾ سنڌو ماٿر جي ارضياتي جاگرافي، تهذيبي ۽ سياسي جاگرافي، سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انساني آباديون، سنڌو ماٿر ۾ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون، سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو بنياد شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 7644
  • 1306
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جي اوسر

سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو بنياد

[b]رياست جي ابتدا:
[/b]رياست جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ قديم قبائلي تنظيم موجود هئي ۽ اها انساني تاريخ ۾ سڀ کان پهرين سماجي معاشي تنظيم هئي. جيڪا رت جي رشتن ڪري وجود ۾ آئي. قديم زماني ۾ رت جو رشتو ئي موثر اتحاد جو ذريعو هو. قديم قبائلي تنظيم جي اوسر جا ٻه دور هيا، هڪڙو ”ماءُ آدرشي سماج“ جنهن ۾ عورت قبيلي جي اڳواڻ هوندي هئي. ان دور ۾ قبيلا تمام گهٽ فردن ۽ خاندانن تي مشتمل هوندا هئا. جڏهن آدمشماري ۾ واڌ آئي ۽ قبيلا وڌي ويا ته انهن جون ذميواريون ۽ ڪم ڪاريون پڻ وڌيا. زراعت جي ترقيءَ ڪري ”ماءُ آدرشي سماج“ ٽٽي پيو ۽ ”پيءُ آدرشي سماج“ وجود ۾ آيو. جنهن ۾ پيءُ (مرد) قبيلي جو اڳواڻ ٿيو ۽ هن زراعت ۽ ٻين ڪمن ڪارين تي پنهنجو ڪنٽرول ڪيو. قديم قبائلي تنظيم ۾ هڪ قبيلي، خاندان يا برادري جي فردن تي هڪ ماڻهن جو متحد گروهه هيو. جنهن جا مفاد هڪجهڙا ۽ پاڻ ۾ خوني رشتا هيا. هنن پنهنجي قبيلي کي ٻين قبيلن جي ڀيٽ ۾ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۽ ان اندر امن امان قائم رکڻ ۽ گڏيل قانون ٺاهي ان تحت زندگي گذارڻ ۽ ٻاهرين قبيلن جي حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ قبيلائي تنظيم جو بنياد وڌو. ان تنظيم جو اڳواڻ قبيلي جو سردار هوندو هو. جنهن جي چونڊ قبيلي جا فرد ڪندا هئا. ڪي سردار ته مورثي هوندا هئا. هن تنظيم رياست کي خام مال تيار ڪري ڏنو ۽ رياست جي تصور پڻ قبيلائي تنظيم مان جنم ورتو. ائين کڻي چئجي ته رياست جي وجود ۾ اچڻ جو هي پهريون بنيادي مرحلو هيو. تاريخ انساني جي هڪ ماهر ولاديمير ايليئچ لينن ان ابتدائي برادري بابت لکيو آهي ته؛ ”قديم قبائلي تنظيم، ابتدائي برادري جو نظام يا تاريخي انساني ۾ پهريون سماجي معاشي نظام هيو. قبيلائي برادري انهن خوني رشتيدارن جي جماعت هئي، جيڪي خانداني ۽ سماجي تعلقاتن ۾ ٻڌل هئا. ان خانداني نظام جي ارتقا ۾ ٻه دور آيا. هڪ مدر شاهي (ماءُ آدرشي سماج) ٻيو پدر شاهي (پيءُ آدرشي سماج).“ (1)
ان قديم قبيلائي تنظيم کان پوءِ رياست جو وجود ٿيو ۽ قبيلائي تنظيم جو محدود تصور ختم ٿيو. مختلف قبيلن ۽ خاندانن پاڻ کي معاشي ۽ اقتصادي مفادن تحت منظم ڪيو. پنهنجي گڏيل طاقت ۽ هڪ ٻئي جي سهاري سان هڪ سوسائٽي کي جنم ڏنو. هنن بهترين زندگي گذارڻ لاءِ قانون، ريتون رسمون ۽ نظم ۽ ضبط ۽ ٻيا قاعدا تيار ڪيا. ۽ ان تحت گڏيل رضامندي ۽ اتحاد سان ارتقائي عمل تحت رياست جو وجود عمل ۾ آيو. هيگل رياست جي وجود بابت چوي ٿو ته؛ ”رياست ارتقا جي خاص منزل تي سماج جي پيداوار آهي.“(2) يعني رياست قوت يا طاقت ذريعي نه پر باهمي ميل ميلاپ ۽ قبيلن جي گڏيل معاشي، معاشرتي، تهذيبي ۽ ڪلچرل مفادن جي ڪري وجود ۾ آئي. قديم قبائلي تنظيم جي ڀيٽ ۾ رياست جي وجود ڪري انسان اڳ کان وڌيڪ آسائش سان زندگي گذارڻ لڳو ۽ هو پاڻ کي وڌيڪ محفوظ سمجهڻ لڳو. رياست جي وجود ڪري قبيلائي جهڳڙا ۽ نفاق ختم ٿيڻ لڳا ۽ اڳي وانگر جيڪو ماڻهو جو ميڄالو قبيلائي جهڳڙن ۽ نفاقن کي ختم ڪرڻ تي خرچ ٿيندو هو، سو هاڻ ڪنهن تعميري ڪم تي خرچ ٿيڻ لڳو. رياست جا رهواسي پنهنجن حقن ۽ فرضن جي ڄاڻ رکندا هئا ۽ رياست جي نظام ۾ هنن کي پوري مداخلت جو حق هيو. ان رياست جو سماجي نظام مختلف ملڪن ۾ مختلف رهيو. اهڙي طرح مختلف ملڪن ۾ سياسي زندگيءَ جو آغاز به مختلف ٿيو. ڪن جو بادشاهت سان ته ڪن جو جمهوريت يا اشرافيه سان ٿيو. انساني تاريخ جي ماهر فريڊرڪ اينگلز رياست بابت لکي ٿو ته؛ ”رياست مجموعي طور تي سڄي سماج جي سرڪاري نمائنده هئي....۽ اها ان طبقي جي رياست هئي جيڪو پنهنجي دور لاءِ سڄي سماج جو واحد ترجمان هوندو هيو. جهڙي طرح قديم زماني ۾ غلامن جي شهري رياست هئي، وچين دور ۾ جاگيردارن جي ۽ هن زماني ۾ بورجوازين جي.“(3)

[b]سنڌ اندر شهري رياست جو بنياد
[/b]سنڌ اندر شهري رياست جو بنياد 5 هزار ق-م ڌاري پيو. هتان جا ماڻهو شهرن ۾ رهڻ لڳا. سندن گهر پڪسراوان، ٻه ماڙ بلڊنگن تي مشتمل هجڻ سان گڏ جديد طرز جي غسل خانن، بورچيخانن، تلائن، کوهن سان يعني اڄ ڪالهه جي شهرن وانگر مڙني سهوليتن سان آراستا هئا. سندن شهرن جا رستا ڪشادا، زمين ۾ ڍڪيل ناليون، وندر جون جايون، مسافر خانا ۽ بازارون سهڻي رٿا سان جڙيل هيون.
هنن مهذب انسانن قائدي ۽ قانون جو ضابطو پهريان هتي مرتب ڪيو ۽ هڪ انصاف تي ٻڌل حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو. هتان جو رياستي انتظام راجائن يا شهرن جي چڱن مڙسن جي حوالي هوندو هو. جن جي چونڊ به راڄوڻي صلاح مشوري سان ٿيندي هئي. جيڪڏهن ڪو چڱو مڙس پنهنجن اختيارن جو ناجائز فائدو وٺندو هو ته سڀ شهري متحد ٿي ان کي هٽائي سندس جاءِ تي ٻيو حڪمران يا چڱو مڙس مقرر ڪندا هئا. اهڙي طرح هتي بنا ڪنهن خون خرابي يا دنگي فساد جي ملڪي انتظام نهايت خيرخوبيءَ سان هلندو هو. اهڙي امن ۽ سڪون جي موجودگيءَ ۾ سنڌو ماٿر جا رهواسي ڏينهون ڏينهن ترقي ۽ تعمير جا ڏاڪا طئه ڪرڻ لڳا.
انساني علم جو ماهر ڪروسر چوي ٿو ته؛ ”جيڪڏهن ڪو اهڙو ملڪ هن ڌرتيءَ تي آهي، جنهن جي لاءِ دعوى ڪري سگهجي ته اهو انسانذات جو گهوارو آهي يا گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي تهذيب جو گهوارو آهي، جنهن جي تهذيب وڌندي وڌندي سڄي دنيا جي تهذيب بڻجي وئي ۽ ان جو علم سڄي دنيا جو علم بڻجي ويو ته اهو ملڪ پڪ سان هند سنڌ آهي.“
ايڇ جي ويلز جو چوڻ آهي ته، ”اوڀر جي ڪنهن ملڪ مان جيڪڏهن تهذيب جا ڪرڻا سميريا پهتا ته اهو ملڪ مهراڻ جي ماٿري ئي ٿي سگهي ٿو. ڇو ته سميريا جي اوڀر ۾ هئڻ سان گڏ اها ڳالهه به آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪنهن ٻي تهذيب جا آثار نه ٿا ملن. هيءُ اهو ئي ملڪ آهي، جنهن جو تمدن بابل، سمير، مصر، يونان ۽ پوءِ روم پهتو. ڄڻ ته هي تمدن جو پهريون مرڪز هو.“(4)
شهري رياست واري دور ۾ سنڌو ماٿر جا رهواسي پٿر ۽ ٽامون گڏ استعمال ڪندا هئا. هتان جا ماڻهو جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙيل هئا. تن اتان معدنيات هٿ ڪئي يا واپار ڪري اهي مڙئي شيون سنڌو ماٿر ۾ آنديون. اهڙي طرح گهڻي معدنيات ڪچي مال جي صورت ۾ ٻاهران هتي آندي وئي. سنڌو ماٿر جي ماڻهن پتل، جست، سون ۽ چانديءَ وغيره کي ڳاري مختلف اوزار، زيور، کاڌي جا ٿانون وغيره ٺاهيا. 1936ع ۾ آمريڪا ۽ انگلينڊ جي تحقيقي ٽيم سان برصغير آيل ماهر ڊاڪٽر ٽيريءَ جي راءِ آهي ته سنڌو ماٿر پٿر ۽ ٽامي دور جي سنگم جي جڳهه آهي. هن ئي زمين تي ڪانسي دور (Bronze Age) جا آثار به مليا آهن. يعني تهذيب جي مڙني دورن جا مرحليوار آثار هتي مليا آهن.
سرجان مارشل سنڌو ماٿر جي تهذيب بابت هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ”ياد رهي ته اهي (سنڌي ماڻهو) اڃا پٿر دور جي بدلجندڙ دور ۾ هيا. ڇو ته هو روزمره جي استعمال لاءِ پٿر جا ڪپ ۽ رنبا ڪم آڻيندا هئا. جيڪي سون جي تعداد ۾ گهرن مان لڌا آهن. پر باوجود ان جي هو ٽامي، سون، چاندي ۽ جست بابت چڱي ڄاڻ رکندا هئا ۽ هو انهن جو استعمال ڪندا هئا.“(5)
سنڌو ماٿر جا باشندا زندگيءَ جي معنى مقصد کان چڱي طرح واقف هيا. هنن وٽ ڪوبه غريب ۽ امير ڪونه هيو. سڀني جا هڪ جهڙا گهر، رهڻي ڪهڻي هڪجهڙي، منجهن غريب امير جو ڪوبه تفاوت موجود نه هو. هيءُ سماج اوائلي اشتراڪي سماج هيو، جنهن ۾ گڏيل ملڪيت جو رواج هو. ذاتي ملڪيت جو بنياد گهڻو پوءِ پيو. هر ڪو محنت ڪندو هو، هن اشتراڪي سماج جي تصوير جڳ مشهور مفڪر جوزف اسٽالن هن طرح چٽي آهي:
”اوائلي اشتراڪي سرشتي ۾ پيداوار جي لاڳاپن جو بنياد هيءُ هو ته پيداوار جا وسيلا سموري سماج جي گڏيل ملڪيت هوندا هئا. ۽ معاشي لڳ لاڳاپا پيداوار جي طاقتن سان برابريءَ وارا هئا. پٿر جا هٿيار ۽ ان کان پوءِ گز ڪمان، ان دور جي وسيلن جي فقط اها ئي پونجي هئي. جيڪڏهن هو پاڻ ۾ گڏجي انهن هٿيارن جي مدد سان فطرت جي مخالف طاقتن ۽ جهنگلي جانورن سان مقابلو نه ڪن ها ته سندن جيئرو رهڻ مشڪل هو. ٻيلن ۽ جهنگلن مان ڦل هٿ ڪرڻ، مڇي مارڻ ۽ پنهنجي اجهي ٺاهڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ سندن لاءِ تمام ضروري هيو. هو پاڻ ۾ گڏجي ملي رهڻ سان ئي جهنگلي جانورن ۽ ڀر پاسي وارين ڌارين قبيلن جي حملن کان پاڻ بچائي ٿي سگهيا. گڏجي ڪم ڪرڻ سبب پيداوار جي هٿيارن تي سڀني جو گڏيل حق هوندو هو ۽ انهيءَ ڪري محنت جو ڦل به سڀني جي گڏيل ملڪيت هئي. انهيءَ سماج ۾ پيداوار جي وسيلن تي ڪنهن فرد جي ملڪيت جو تصور به پيدا ڪين ٿيو هو. سواءِ انهيءَ جي ته ڪي پيداوار جا هٿيار جن جي مدد سان جهنگلي جانورن جو مقابلو ڪيو ويندو هو، ذاتي ملڪيت هوندا هئا. انهيءَ سماج ۾ نڪي ته ماڻهو هڪ ٻئي جي محنت جي ڦرلٽ ڪندا هئا ۽ نڪي اڃا هو طبقن ۾ ئي ورهايل هئا.“ (6)
اوائلي اشتراڪي سماج جي مٿي پيش ڪيل تصوير اسان کي سنڌ جي قديم شهرن جي اڏاوت ۽ گهرو ريتن رسمن ۽ اوزارن مان ملي ٿي. آمريءَ جي هيٺئين زميني تهه تي بنياد پيل ڳوٺ مان اهڙا نشان مليا آهن. جتي سڄي ڳوٺ جي رڌپچاءَ جي هڪڙي جڳهه آهي ۽ هر هنڌ جدا جدا رڌ پچاءَ جون چلهيون يا ٻيا نشان نه مليا آهن. آمري جي کوٽائي مان گهرن جي جوڙجڪ ۽ چلهين جا نشان هر گهر ۾ نه ملڻ پر هڪ هنڌ سڄي ڳوٺ جو رڌپچاءُ ٿيڻ جا آثار ملڻ ۽ سڀني جي هڪجهڙي زندگي گذارڻ جا آثار ملڻ مان ظاهر آهي ته هي تهذيب ان دور جي آهي، جڏهن سڄو ڳوٺ هڪ ايڪو هو. جنهن جي پئدائش ۽ دولت سڀني جي گڏيل ملڪيت هئي ۽ ان جو کاپو به گڏيل جوابداري ۽ حق هو. ممڪن آهي ته رڌپچاءُ به اجتماعي هو. تهذيب جو اهو دور سنڌ ۾ اوائل کان شهري تمدن جي لڳ ڀڳ آخر يعني 2000 ق-م تائين هيو. ٻيو ته موهن جي دڙي جي وچين تهه ۾ اوائلي اشتراڪي سماج جي چٽي تصوير ملي ٿي. بقول سر جان مارشل جي ته؛ ”سنڌ اندر سندر عمارتون فقط نگر واسين جي سک لاءِ جڙنديون هيون، پر ٻين ڏيهن جهڙوڪ مصر ۽ اولهه ايشيا ۾ ڪو به اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي. ڇو جو انهن ديسن ۾ ديوتائن جي مندرن، محلاتن ۽ راجائي سماڌين تي بي شمار ناڻو لٽيو ويندو هو. باقي عام ماڻهو ائين بلڪل سادين مٽيءَ جي ٺهيل جهوپڙين ۾ رهندا هئا. پر سنڌ ۾ تصوير جو بلڪل ٻيو روپ آهي، جتي سندر عمارتون صرف نگر واسين جي سک لاءِ جڙنديون هيون.“ (7)

[b]جمهوري معاشرو
[/b]آرڪيالاجي جي ماهر گيوسان (Giosan) موجب هن کان اڳ قديم مصر ۽ عراق دنيا جا پهريان وڏا شهري تهذيب جا مرڪز سمجهيا ويندا هئا، پر بعد ۾ ٿيل تحقيق موجب انهن کان وڏي تهذيب سنڌو ماٿري جي شهري سڀيتا هئي. هي تهذيب دنيا جي 10 سيڪڙو آدمشماري تي مشتمل هئي. گيوسان موجب سنڌو تهذيب مصر ۽ عراق جي تهذيبن کان وڌيڪ جمهوري سوسائٽي هئي. هن تهذيب جي شهري مرڪزن ۾ مصر ۽ عراق وانگر اهم شخصيتن جهڙوڪ بادشاهن ۽ مذهبي پروهتن لاءِ وڏيون عمارتون ۽ محل نه جوڙيا ويندا هئا. (8)

[b]سياسي صورتحال
[/b]جيالاجي جو ماهر جان روچ نيشنل جاگرافڪ ميگزين ۾ لکي ٿو ته موهن جي دڙي ۾ ڪنهن عاليشان محل، مندر يا يادگار قسم جي منارن جي غير موجودگي ثابت ڪري ٿي ته هتي بادشاھ يا راڻي جو تخت تاج ڪونه هو. وسڪونسن ميڊيسن يونيورسٽي آمريڪا جي پروفيسر جوناٿن مارڪ ڪينوئر موجب موهن جي دڙي جي آثارن ۾ راڻي يا راجا جي غير موجودگي مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته موهن جي دڙي کي هڪ شهري رياست طور مختلف محلن مان چونڊيل ماڻهن وسيلي هلايو ويندو هوندو. جان روچ ۽ پروفيسر جوناٿن مارڪ جي اها تحقيق ٻڌائي ٿي ته چونڊيل جمهوري طرز حڪومت جي خالق به سنڌ ئي آهي۔ (9) چونڊيل جمهوري طرز واري حڪومت جا خالق به سنڌو سڀيتا جا وارث هئا.
دنيا جي پهرين سماجوادي رياست سنڌو ماٿر جا ماڻهو ترقيءَ جي بلندين تي هئا. هو ڪچي مال هٿ ڪرڻ لاءِ غورابن ۾ چڙهي دنيا جي مختلف کنڊن تي وڃي نڪرندا هئا. جن کان هو اڳئي واقف هيا. ٻاهرين دنيا لاءِ سنڌ هڪ مثالي ملڪ هيو. سمير جي ماڻهن لاءِ سنڌ جو ملڪ معتبر حيثيت رکندو هو. هو سنڌ سان پنهنجون روايتون ۽ قصا منسوب ڪندا هئا. بابلي تهذيب تي سنڌ جي سڌريل سڀيتا جو وڏو اثر هيو. سمير مان لڌل هڪ ڪتبي ۾ سنڌ جي ساراهه ڪجهه هن ريت ملي ٿي: ”اهو ملڪ، جو سمير جي اوڀر ڏي آهي؛ ۽ جتان ٻيڙين رستي گهڻو ڪجهه هت اچي ٿو. اهو اهڙو ملڪ آهي، جتان سج اڀري ٿو ۽ اهو بهشت آهي، جتي ڪوبه مريض ناهي، ڪي بيواهون ۽ يتيم ٻار نه آهن.“(10)

[b]تشدد نه پر امن تي ٻڌل تهذيب
[/b]دنيا جي قديم ترين سنڌو سڀيتا جي اهم خاصيت ان جي پرامن طرز زندگي هئي. ڇاڪاڻ جو هتان جي قديم آثارن مان هڪ به هٿيار ڪونه لڌو آهي. اهڙو انڪشاف 1976ع ۾ پاڪستان ۾ قديم آثارن تي تحقيق ڪندڙ هڪ آمريڪي آرڪيالاجسٽ جوناٿن مارڪ ڪينوئر آمريڪن سينٽر ۾ سنڌ جي تهذيب جي مختلف پهلوئن تي ليڪچر ڏيندي ڪيو آهي. ڊاڪٽر ڪينائر موجب ميسوپوٽيما، اومان، مصر، چين، آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جهڙين قديم تهذيبن جي ابتڙ سنڌو ماٿر جي تهذيب وڻج واپار ڪندڙ تهذيب هئي. مختلف سببن جي ڪري هتان جو وڻج واپار صدين تائين جاري رهيو. آمريڪي ماهر موجب آڳاٽي دور ۾ سنڌ جي تهذيب وارن ماڳن تي جنگي ٽيڪنالاجي چڱي موچاري موجود نه هئي. اتان جي علائقن کي وڏي پئماني تي قلعي بند شڪل ڪونه ڏني وئي هئي ۽ نه وري انهن هنڌن تان هٿيارن کي گڏ ڪرڻ جي ڪا ثابتي ملي آهي. سنڌ جي قديم آثارن مان مليل مهرن، مجسمن ۽ ٺڪرن جي ٿانون تي جنگين، فوجي ڪاهن ۽ جنگي قيدين جون تشبيهون به اڪريل ڪونه آهن. آمريڪي ماهر موجب مهرڳڙهه جي ڪجهه قبرن مان هٿ آيل لاشن کي بي رحمي سان مارڻ جا ثبوت پڻ نه ٿا ملن. انهن آڳاٽن ماڳن تي ايڪڙ ٻيڪڙ اڳرايون ۽ جهيڙا ته ٿيل ملن ٿا پر هٿياربند جنگ جهڙي ڪا وڏي سرگرمي ٿيڻ جا اهڃاڻ نه ٿا ملن. نه ئي وري سنڌو ماٿر کي جنگي ڏاڍ ۽ جبر وسيلي ڳنڍيو ويو هو. جوناٿن مارڪ موجب هتان جي رهواسين اهڙي ٽيڪنالاجي ڪتب آندي ۽ ان کي اوسر ڏني جيڪا شهري زندگي جي گهرج پٽاندڙ هئي.
ان وقت جي سنڌو ماٿر جو نقشو سنڌ جي هڪ محقق سراج الحق ميمڻ ڪجهه هن ريت چٽيو آهي: ”سنڌ اها جنت هئي، جتي ڪوبه بک نه مرندو هو. جتي انسان جي ذهن تان ڏک ۽ ڳڻتي ميسارڻ لاءِ ناچ، سنگيت، نقاشي، بت تراشي ۽ ماکيءَ جا ٺهيل مڌ موجود هئا. جنهن ۾ انسانن کي گندگيءَ سان چڙ هئي. جنهن ۾ هر انسان ٻئي انسان جو دوست ۽ ڀاءُ هو. جنهن ۾ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ سمورين شيون سڀني جون گڏيل ملڪيت هيون. جنهن ۾ مذهب جي نالي تي تنگدلي ۽ خونريزي وڏي ۾ وڏو گناهه هو. جنهن ۾ ٻين کي رنجائڻ غير انساني حرڪت سمجهيو ويندو هو. جنهن ۾ پنهنجي پاڙيسري ماڻهن يا ملڪن سان اڳرائي حرام هئي.“ (11)
ظاهر آهي ته سنڌي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ مان ڄاڻندا ئي ڪونه هئا. هو نهايت مهذب هيا. سنڌ جي ماڻهن وٽ تشدد يا دٻاءَ جو تصور ئي ڪونه هيو. هو امن امان جا قائل هيا. ان ڪري ته سندن شهرن مان هٿيار ڪونه مليا آهن. پر هٿيارن يا مذهبي ٺڪاڻن بدران انهن جي شهرن مان اکر (علم) مليا آهن. هو ان ئي پنهنجي طاقت يعني علم ۽ هنر سان دنيا جي هر ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ پکڙيا. هنن پنهنجن غورابن ۽ جهازن ۾ چڙهي سمنڊن جا سينا چيري وڃي اڻ وسايل پٽ آباد ڪيا. هنن جي هٿن ۾ ڀالن، ترارن ۽ نيزن جهڙن هٿيارن بدران قلم، ڏاٽو ۽ ونجهه هيا. اها ئي سندن ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي لڪل قوت هئي. اهو ئي سندن زندهه رهڻ جو مقصد ۽ متو هيو. سنڌ جي آڳاٽن رهاڪن جي سوسائٽي بابت ڊي ڊي ڪوسمبي اسان کي ٻڌائي ٿو ته: ”تشدد ۽ دٻاءُ نه پر مهذب پڻو سنڌو سوسائٽي جي نظرياتي طاقت هيو.“ (12)
مصر جا فراعنه جنگجو هئا، ڪلديا ۽ اشور جا ماڻهو وحشي ۽ خونخوار هئا. هو پنهنجن مخالفن جون زبانون وڍيندا هئا، فنيقي ڌاڙيل هئا، ٻانهين جو وڪرو ڪندا هئا، ايراني پڻ پنهنجي هيٺين رعيت کي آزاريندڙ هئا، پر سنڌو ماٿر جي شهرن مان ڪابه اهڙي شيءَ هٿ ڪانه آئي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ته ملڪ ۾ لڙائي به لڳندي هئي. آثار قديمه جو هڪ ماهر مسٽر بريلس فورڊ ان بابت چوي ٿو ته موهن جي دڙي جي شهر کي چوطرف ڪوبه قلعو نه آهي ۽ جنگي هٿيارن جي نه ملڻ ڪري چئي سگهجي ٿو ته شهر جا ماڻهو صلح سانت ۾ رهندا هئا.
سنڌو ماٿر جي شهري رياست جا رهواسي سياسي طور آزاد هئا، هو ڪنهن به ڌاري قوم يا قبيلي جا ماتحت ڪونه هيا، اهو ئي سبب هيو جو هو پنهنجن صلاحيتن کي آزادانه نموني اجاگر ڪري سگهيا. آزاديءَ سان گڏ ترقي ڪرڻ جي خواهش ڪري هو غور فڪر ڪرڻ ۽ نيون ايجادون ڪرڻ لڳا. هنن هڪ ٻئي سان تعاون پيدا ڪيو، هڪ تنظيم ٺاهي. پنهنجي لاءِ قانون مقرر ڪين، حڪومت جو بنياد وڌن. جنهن ۾ هر رهواسيءَ جي حفاظت حڪومت جي ذميواري هئي. حڪومت مختلف طبقن جي نمائندن تي مشتمل هوندي هئي، پر ان ۾ خاص ڪردار واپاري طبقي جو هوندو هو. انهن نمائندن مان حاڪم چونڊيو ويندو هو. جيڪو پنهنجي جمهور اڳيان جوابدار هيو.

[b]شهري نظام
[/b]سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ هڪ معقول بلدياتي نظام رائج هيو ۽ ان سلسلي ۾ شهر کي صاف رکڻ، چوڪيداري نظام، عام فلاح ۽ بهبود لاءِ اناج جا گدام، عوامي کوهه، تورڻ ۽ ماپڻ جا مختلف پئمانا هڪ منظم سماجي زندگيءَ جي نشاندهي آهي.
موهن جي دڙي ۾ ڪن هنڌن تي ٿنڀن جا وڏا هال آهن. جتي انهيءَ زماني ۾ ماڻهو خاص ڪمن لاءِ پئنچاتون ڪندا هئا. انهن مان هڪ هال ته 80 چورس فوٽ ڪشادو آهي. جنهن ۾ ويهڻ لاءِ درجه بدرجه بئنچن وانگر مٽيءَ جا ڏاڪا ٺهيل آهن. جڏهن ته اڳواڻن جي ويهڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم ڪجهه مٿڀرو ٺهيل آهن.(13) انهن هالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ ماڻهو شهر جو انتظام هلائڻ لاءِ انهن هالن ۾ گڏجاڻيون ڪري صلاح مشورا ڪندا هئا، جنهن جي موجوده دور ۾ جديد شڪل اسيمبلي آهي.

[b]شهري اڏاوت جي رٿابندي
[/b]موهن جي دڙي جي بيهڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت جا ماڻهو سليقيدار ۽ شاهوڪار هئا. سندن گهر ننڍن ننڍن محلن ۾ ورهايل هئا. جن جون گهٽيون سڌيون ۽ آمهون سامهون هيون، گهرن جون ڪي سرون اهڙيون آهن، جن تي هزارن سالن گذرڻ بعد به ڪوبه اثر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. قديم آثارن جي ماهرن کان سواءِ ٻيو ڪو ڏسندو ته ائين ئي چوندو ته ڇتين کان سواءِ گهر ڄڻ ته تازي زماني جا ٺهيل آهن. جاين ۾ رهڻ لاءِ ڪوٺيون، غسلخانه ۽ کوهيون به آهن. ديوارن تي اندران ٽي انچ ليپو چڙهيل آهي. محلن جي اندر گهرن ۾ گهڙڻ لاءِ هڪ وڏو دروازو ٻاهرين گهٽي مان آهي. ڪن گهرن ۾ گهڙڻ لاءِ ٽي دروازا به آهن. ڪن هنڌن تي ٿنڀن جا وڏا هال آهن، جتي شايد انهيءَ زماني جا ماڻهو خاص ڪمن لاءِ پئنچاتون ڪندا هئا. انهن مان هڪ هال 80 چورس فوٽ ڪشادو آهي. جنهن ۾ ويهڻ لاءِ بئنچن وانگر مٽيءَ جا ڏاڪا ٺهيل آهن. شهر جا ڪي گهر دڪانن وانگر نظر پيا اچن. هڪ دڪان شراب خانو پيو لڳي. هڪ دڪان ۾ نيرولي جي ڪن هئي. انهيءَ تي رنگ جا داڳ اڃا موجود آهن. هڪ وڏي کليل عمارت اندر، جنهن جون ديوارون 7 يا 8 فوٽ آهن، هڪ وڏو تلاءُ آهي. جنهن ۾ لهڻ لاءِ ڏاڪا آهن. تلاءَ جو ترو مضبوط، لسو ۽ صاف آهي. تلاءُ 39 فوٽ ڊگهو، 23 فوٽ ويڪرو ۽ 8 فوٽ اونهو آهي. تلاءَ لڳ کوهه آهي، جتان تلاءَ کي ڀريو ويندو هو. تلاءَ جي تري ۾ هڪ ڪنڊ وٽ سوراخ هو، جتان گندو پاڻي نيڪال ڪري تلاءَ کي صاف ڪيو ويندو هو. تلاءِ جي اوساري سيمينٽ جهڙي مصالحي سان ٿيل آهي. سم جي روڪڻ لاءِ ڏانبر ۽ ڪنڪريٽ استعمال ٿيل آهي. دڙي جي گهرن اندر جيڪي غسلخانه مليا آهن، سي سوڙها پر سندن فرش تمام مضبوط ٻڌل آهن. چن ۽ پڪين سرن جي ڀور مان گڏيل مصالحي جي فرشبندي ٿيل آهي. غسلخانن جي فرش جي ليول لهواري آهي. ته جيئن پاڻي آساني سان ٻاهر هليو وڃي. ڪيترن گهرن ۾ ننڍيون کوهيون ۽ وڏا کوهه به مليا آهن. جن جي اوساري گول سرن سان ٿيل آهي. هرهڪ رستي ۽ گهٽي سان کوهه کوٽيل آهن. ڪن کوهن تي ويهڻ لاءِ سرن جون بئنچون جڙيل آهن. جنهن تي پاڻي ڀرڻ وارا اچي ويهندا هوندا.
شهر مان گندي پاڻي جي نيڪال جو سسٽم تمام سهڻي نموني رکيل آهي. هرهڪ گهٽي ۽ رستي سان پڪين سرن سان ٻڌل ناليون آهن. جيڪي سموريون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. معلوم ٿئي ٿو ته شهر ۾ هڪ سٺي ميونسپالٽي هئي. ۽ ماڻهن کي شهر جي آبادي جي صحت جي حفاظت جو گهڻو اونو هيو. گهر هڪ ٻئي کان ايترو پري آهن، جو هرهڪ گهر ۾ روشني ۽ صاف هوا اچي سگهي.
سر جان مارشل لکي ٿو ته؛ ”پراڻي ايجپٽ ۽ مصر خواهه اولهه ايشيا ۾ اهڙو ڪوبه مثال ڪونهي جنهن سان موهن جي دڙي جي ٺهيل سنان ڪوٺين ۽ ڪشادن گهرن سان ڀيٽ ڪري سگهجي.“ (14)
اوج جي پهتل سنڌو سڀيتا 2000 ق م کان پوءِ موسمي تبديلين سبب آهستي آهستي ڍرڪڻ لڳي. شهر پنهنجو اوج برقرار رکي نه سگهيا. برستان گهٽ پوکڻ سبب درياهي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ لڳي. زراعت گهٽجڻ سبب هن ماٿري جي ماڻهن جي زندگي جيئن پوءِ تيئن مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻ لڳي. جنهن سبب ماڻهو جياپي لاءِ لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا ۽ شهر پنهنجو اوج برقرار رکي نه سگهيا. ووڊس هول اوشينگرافڪ انسٽيٽيوشن (Woods Hole Oceanographic Institution) جي آرڪيالاجي جي ماهر ليوو گيوسان (Liviu Giosan ) موجب 4 هزار سال اڳ موسمي تبديليون سنڌو سڀيتا جي زوال جو اهم سبب بنيون. 10 لک اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ڦهليل سنڌو سڀيتا عربي سمنڊ کان گنگا ندي جي ڪنارن تائين ڦهليل هئي. جيڪا قديم زماني جي مصر ۽ عراق جي تهذيبن کان به هڪ وڌيڪ وڏي شهري تمندن طور سامهون آئي. (15) يونيورسٽي ڪاليج لنڊن جي آرڪيالاجسٽ ڊورين فيولر به ليوو گيوسان سان گڏ ان تحقيق ۾ حصو ورتو ۽ هن به ان ڳالهه جي تائيد ڪئي ته برساتن جي گهٽجي وڃڻ سبب هي عظيم تهذيب زوال طرف وڌڻ لڳي. انهن نظرئي جي يونيورسٽي آف ايبرڊين جي اسڪول آف جيو سائنس جي آرڪيالاجي ماهر پيٽر ڊي ڪلفٽ (Peter D. Clift) به ڪئي آهي. (16) ماهرن سنڌو سڀيتا جي درياهي ماٿرين مان کوٽائي بعد اهڙا ثبوت هٿ ڪيا، جن مان ظاهر ٿيو ته مون سون جي برساتن جي گهٽجي وڃڻ سبب هن خطي ۾ پوکي راهي گهٽجي وئي. وڏا شهر پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهيا. هماليه جي جبلن مان وهڪرن ۾ لاٿ سبب درياهن ۾ به پاڻي گهٽجڻ لڳو، جنهن ڪري درياهن مان نڪرندڙ وهڪرا سوڪهڙي جو شڪار ٿي اڳتي هلي بند ٿي ويا. (17) جنهن سبب هن عروج تي پهتل تهذيب جا خالق فطرت اڳيان شڪست کائڻ تي مجبور ٿيا. هنن مجبور ٿي اوڀر طرف گنگا ندي جي ماٿري ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي.

[b]سنڌو سڀيتا جا شهر آباد ڪندڙ ڪي ٻاهريان ماڻهو نه پر مقامي هئا
[/b]
آمريڪا ۽ انڊيا جي سائنسدانن جي هڪ ٽيم موجب سنڌو ماٿري جي هي تهذيب رڳو شهري مرڪزن تي مشتمل نه هئي پر سنڌو ماٿري جي قديم رهواسين ڳوٺن کان نڪري شهر آباد ڪيا ۽ بعد ۾ به ڳوٺن کان شهرن طرف لڏپلاڻ ٿيندي رهي. (18) يونيورسٽي آف فلوريڊا (University of Florida) جي سائنسدان بينجمن ويلنٽائن، جان ڪريگبوم، جارج ڪيمانوف، دکن ڪاليج پوني جي ٻن سائنسدانن وسنت شاندي ۽ وينا مشرف ٽرپاٿي ۽ آمريڪا جي ٻن ٻين سائنسدانن سان گڏ سنڌوماٿري جي شهري مرڪزن ۽ ڳوٺن تي جامع تحقيق ڪئي. (19) انهن اڳ قائم ڪيل ان تصور کي رد ڪيو ته سنڌو ماٿري جي شهري تمدن جو بنياد رکندڙ اتان جا مقامي ماڻهو نه پر ڪي ٻاهران آيل ماڻهو هئا. ماهرن جي هن ٽيم هڙاپا ۽ هريانا جي قديم ماڳ فرمانا مان مليل 4 هزار سال پراڻن انساني ڍانچن جي ڏندن تي ڪيميائي تحقيق ڪئي. هنن تحقيق ذريعي ثابت ڪيو ته سنڌو ماٿري جي تهذيب مرحلي وار ارتقا جا ڏاڪا طئه ڪيا. ان جا خالق ڪي ٻاهريان آيل ماڻهو نه پر مقامي رهواسي هئا.


سنڌو سڀيتا جي دور ۾ دنيا جون ٻيون قديم تهذيبون
نالو دور علائقو ڌنڌو ڌاڙي لکت جو نظام
سنڌو سڀيتا 3500 کان 1500 ق م موجوده پاڪستان ۽ ڀارت شهري رٿابندي، زراعت، واپار، ڌات، جانورن جي پالنا تصويري لکت
سميري تهذيب
(ميسوپوٽيما) 3000 کان 750 ق م عراق جانورن جي پالنا، ڌات، ٽيڪسٽائيل ڪيونيفارم
مصر جي تهذيب 3000 کان 800 ق م مصر ۾ نيل ندي ڪناري احرام مصر، مميون، سولر ڪلينڊر هيروگليفڪ
چيني تهذيب 1600 ق م کان پهرين صدي عيسوي چين عظيم ديوار، ڪپڙو، ڪاغذ، ڌات چيني
يوناني تهذيب 2700 کان 1100 ق م يونان زراعت، شراب، فن يوناني


[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون:
[/b]
1. لينن، ”رياست اور انقلاب“ ماسڪو، ص-146
2. اينگلز، فريڊرڪ؛ ”خاندان، ذاتي ملڪيت اور رياست ڪا آغاز“ ماسڪو
3. اينگلز، فريڊرڪ؛ ”خاندان، ذاتي ملڪيت اور رياست ڪا آغاز“ ماسڪو
4. دوني، قمر الدين، ”تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز اولهه پاڪستان“، ماهوار نئين زندگي، جولاءِ 1965ع
5. Archaeological Survey Report 1924-25, P-61-62
6. اسٽالن، جوزف، مارڪسي فلسفو، ص- 76-77
7. Marshall, “Mohenjo Daro and Indus Civilization” Vol: 1, P-VI
8. Charles Choi, Huge Ancient Civilization's Collapse Explained, Live Science, May 28, 2012, http://www.livescience.com/20614-collapse-mythical-river-civilization.html
See also: http://www.huffingtonpost.com/2012/05/29/indus-valley-civilization-climate-change_n_1553088.html
9. By John Roach, "Faceless" Indus Valley City Puzzles Archaeologists, http://science.nationalgeographic.com/science/archaeology/mohenjo-daro/
10. Crammer, Dr. Noah, Report in Daily Dawn Karachi, December 1960
11. الحق، سراج، سنڌي ٻولي، ص: 86-87
12. Kosambi, D.D. The culture and civilization of Ancient India in Historical Lines
13. تمدن سنڌ، ص-25
14. Marshall, Sir John, “Mohen jo Daro and Indus Civilization” Vol: 1, P-VI
15. http://www.whoi.edu/
16. Peter D. Clift/School of Geosciences/University of Aberdeen
17. http://www.pnas.org/content/109/26/E1688.abstract
18. http://timesofindia.indiatimes.com/…/articlesh…/47111875.cms
19. The researchers were led by University of Florida scientists Benjamin Valentine (who is now at Dartmouth College), John Krigbaum and George Kamenov with two Deccan College, Pune scientists Vasant Shinde and Veena Mushrif-Tripathy, and two more US scientists making up the other members. Their research paper is published in in the online journal PLoS ONE.