سنڌ شناسي

سنڌو سڀيتا جي اوسر

هي ڪتاب ” سنڌو سڀيتا جي اوسر “ Rise of Indus Civilization (اوائل کان 1500 ق م)، ليکڪ ۽ صحافي رُڪ سنڌي جو لکيل آهي.
هن ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ۾ سنڌوء جي اوائل کان 1500 قبل مسيح تائين جي تاريخ، اوسر، تباه ڪارين ۽ ترقيء بابت بيان ڪيل آهي۔ تاريخي ۽ ڄاڻ جي حوالي سان هي تمام اهم ۽ تاريخي ڪتاب آهي۔سنڌ ڌرتيءَ جي پيدائش کان وٺي موهن جي دڙي جي تهذيب يعني سنڌو سڀيتا جي زوال بابت جوڙيل مفروضي تائين واري دور جو احاطو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ جن موضوعن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. انهن ۾ سنڌو ماٿر جي ارضياتي جاگرافي، تهذيبي ۽ سياسي جاگرافي، سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انساني آباديون، سنڌو ماٿر ۾ ڳوٺاڻيون زرعي ثقافتون، سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو بنياد شامل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 7644
  • 1306
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌو سڀيتا جي اوسر

سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انساني آباديون

اڄ کان ڪروڙين سال اڳ زندگيءَ جي شروعات سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ٿي. ماهرن جي چوڻ موجب جڏهن ڌرتيءَ ٺرڻ شروع ڪيو ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي جبل ۽ ٽڪر ظاهر ٿيڻ لڳا. انهن جي ارتقائي سلسلن وارن ڏينهن ۾ اڄ کان 4 ارب ورهيه اڳ دنيا جي گرم سمنڊن ۾ ”زندهه شيءَ“ تخليق ٿي، جنهن کي ماهر اميبا (Ameba) ڪوٺن ٿا. ان اميبا مان ئي مختلف قسمن جا حيوانات سمنڊن جي تهن ۾ جنم وٺڻ لڳا. ماهرن جي چوڻ موجب انهن نباتات ۽ حيوانات جي اوائلي قسمن مان اڄ کان ڪروڙين ورهيه اڳ سمنڊن جي تهن اندر بنا ڪرنگهي وارا جانور (مڇيون، سپون ۽ ٻيا جيت) وجود وٺڻ لڳا. انهن مان اڳتي هلي 35 ڪروڙ ورهيه اڳ ڪرنگهي وارا جانور (مڇي ۽ ڏيڏر) تخليق ٿيا. اهو سڄو ارتقائي سلسلو اڃان سمنڊ جي پاڻي اندر موجود هيو. جانورن ۽ نباتات ۾ اها مرحليوار ارتقا جاري هئي. اڄ کان 14 ڪروڙ ورهيه اڳ سامونڊي جانورن جا ڪي خاص قسم ارتقا ڪري، انهيءَ لائق بڻيا جو هو سڪيءَ توڙي پاڻيءَ ۾ زندگي گذاري سگهن. جڏهن ان قسم جا جانور سمنڊ اندر وجود وٺڻ لڳا ته هو پنهنجي کاڌي خوراڪ جي حاصلات لاءِ سمنڊ ڇڏي آهستي آهستي خشڪيءَ ڏانهن وڌڻ لڳا. خشڪيءَ تي شروعات ۾ زندگي انهن جاين تي شروع ٿي، جتي ڌٻڻ موجود هئي. انهن خشڪيءَ تي آيل جانورن مان اڳتي هلي رڙهندڙ جانورن جي قسمن (نانگ، ڪمي) وجود ورتو. ڪافي عرصي کان پوءِ پکي پئدا ٿيا. ننڍن توڙي وڏن جانورن جي مختلف قسمن مان کير پياڪ (مماليه) قسم جي جانورن جهڙوڪ: گهوڙي، هاٿي، اُٺ، شينهن، هرڻ ۽ باندر پنهنجو وجود ورتو. اهي ٿڃ پياريندڙ جانور 8 ڪروڙ ورهيه اڳ تائين وجود وٺي چڪا هئا ۽ پنهنجي مرڪزي گروپن مان شاخن جي صورت ۾ ارتقا ڪري رهيا هئا. ان وقت تائين انسان جهڙي ڪنهن به قسم جي ساهواري جو هن ڌرتيءَ تي ڪو به وجود ڪو نه هيو. ان بعد 5 ڪروڙ سال اڳ ڀولڙن سان ملندڙ جلندڙ نسل جي جانورن مان هڪ مخصوص قسم جي جنس پنهنجو وجود وٺي رهي هئي ۽ ان ۾ انساني خاصيتون اڀري رهيون هيون. (1) اهي انسان نما جانور يا بن مانس (Anthropoid Apes) ان دور ۾ خشڪ علائقن ۾ پئدا ٿيا. انهن انسان نما باندرن مان 2 ڪروڙ سال اڳ انسان پنهنجي موجوده شڪل ۽ صورت اختيار ڪئي. ماهرن جي چئي مطابق انسان نما جانور کي مڪمل انسان بڻجڻ ۾ هڪ ڪروڙ سال لڳي ويا. (2) هيل تائين انهن انسان نما جانورن جي وجود جي شهادت ماهرن کي آفريڪا ۽ اتر هندستان جي مرڪزي ۽ گرم خطي تي پنهنجو وجود وٺندي ملي آهي. (3) ڪافي ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسان سان ملندڙ جلندڙ بن مانس جو ڪو نهايت اعلى ترقي يافته نسل ڪنهن گرم آبهوا جي علائقن ۾ آباد هيو. اهو نسل ضرور ڪنهن وڏي براعظم تي موجود رهيو هوندو، جيڪو بعد ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو. (4) اهو انساني نسل اڄ ڪالهه جي چمپنزي ۽ گوريلن کان گهڻو مختلف نه هوندو، جيڪو آفريڪا ۽ هند سنڌ جي علائقن ۾ موجود هيو. هي سڄو عمل يعني ”حيواني نسل“ مان ”انساني نسل“ جي ارتقا ٽئين ارضياتي دور (Tertiary Age) ۾ ٿيڻ لڳي. (5)
هاڻي اسان سنڌو ماٿر ڏانهن اچون ٿا ۽ ڏسنداسين ته هتي انساني ارتقا جون ڪڙيون ڪهڙي طرح دستياب آهن. سنڌ اندر اسان کي اهو ارتقا جو سلسلو تهي جبلن توڙي زمين جي تهن مان ترتيبوار ملي ٿو. ڌرتيءَ جي تمام هيٺانهن تهن مان اسان کي بنا ڪرنگهي وارا جانور ملن ٿا، جيڪي سمنڊ اندر موجود هيا. ان وقت سنڌو ماٿر جي ڌرتي سمنڊ هيٺ هئي. جنهن ڪري سمنڊ ۾ وجود وٺندڙ جانور جبلن جي مختلف تهن ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويل ملن ٿا. جنهن ارتقا جي سلسلي وار ڪڙين کي اسان جي آڏو فلم جي ريل جيان ظاهر ڪري بيهاريو آهي. هيٺين تهن کان مٿين تهن ڏانهن ايندي ترتيبوار مڇين جا قسم، ريڙهيون پائيندڙ جانور، ان بعد ٿڻائتا جانور، وري پکي ۽ انهن جي مٿان آدم نما جانورن جا پنڊ پهڻ (Fossils) ٿي ويل جسم ملن ٿا. جن جون ماهرن عمريون مقرر ڪيون آهن. سنڌ جي تهي جبلن جهڙوڪ کڏڙو ۽ پٻ مان ماهرن سامونڊي جانورن جا پنڊ پهڻ ٿي ويل جسم هٿ ڪيا آهن. کيرٿر مان پڻ اهڙائي سامونڊي جانور پنڊ پهڻ ٿيل مليا آهن. منڇر وارن تهن مان هاٿين، گهوڙن ۽ رهينوسيراز جانورن جا هڏا پنڊ پهڻ ٿي ويل ملن ٿا. سنڌ اندر مختلف تحقيقاتن رستي جيڪي زندگيءَ جا آثار مليا آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اڄ کان 6 ڪروڙ ورهيه اڳ هتي ڪيترائي جيتن جا قسم، ڪرنگهي دار مڇيون، پکين جا مختلف قسم پيدا ٿي چڪا هئا، جڏهن ته کير پياريندڙ جانورن جو وجود هتي اڄ کان ساڍا چار ڪروڙ ورهيه اڳ تائين ملي ٿو. (6)
انساني ارتقا جو عمل باقي دنيا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان پهريان هند سنڌ (ڏکڻ ايشيا) ۾ ٿيو. سنڌو ماٿر ۾ انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ متمدن زندگي جي لاءِ تمام گهڻي ويڙهه ٿي ۽ انسان فطرت تي قابو پائڻ لاءِ ۽ ان کي سمجهڻ سان گڏوگڏ ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ مختلف ايجادون ڪيون. فطرت ۽ انسان جي وچ ۾ پيدا ٿيل هن ڇڪتاڻ انساني تمدن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ڇو جو ڏکڻ ايشيا يعني هند سنڌ جي موسمي فضا، پاڻي واري فضا ۽ حياتياتي فـضا وغيره انسان جي مادي، اخلاقي ۽ روحاني تشڪيل ڪئي ۽ هن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪري ڏنا ۽ ڏکڻ ايشيا يعني هند سنڌ ۾ اهي مڙئي سهولتون هڪ ئي وقت دستياب هيون. ماهر ان راءِ جا آهن ته انسان جا پراڻي ۾ پراڻا آثار يعني دنيا ۾ سندس هئڻ جي وڌ کان وڌ اڳوڻي ثابتي سنڌو ماٿر ۾ ملي آهي. ڊاڪٽر باشم به ان خيال جو آهي ته اوائل ۾ انساني ارتقا هن ئي خوش نصيب واديءَ ۾ ٿي. (7) علم الانسان جي ماهر هاورڊ موئر ان خيال جو آهي ته انسان جي پهرين اوسر ايشيا جي ڏاکڻين حدن ۾ ٿي، (8) ۽ هو جانورن جي ڪيترن ئي نسلن کي ڏکڻ ايشيائي ڄاڻائي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان پهريان چوپايو مال سنڌو ماٿر ۾ پاليو ويو ۽ پالتو مال جا گهڻا قسم اصل ڏکڻ ايشيائي آهن. هاورڊ موئر مينهن، رڍ، ڇاپرو، ٻڪري، سوئر، ڪڪڙ، ڪتي، خچر، هاٿي ۽ مور کي ڏکڻ ايشيائي (هند سنڌ) جانور سڏيو آهي. پروفيسر ليڪي پڻ ان راءِ جو آهي ته اهي جانور پوءِ ڏکڻ ايشيا يعني هند سنڌ مان ارضياتي دور ۾ ئي بيرنگ پل رستي ٽپي آفريقا، آمريڪا ۽ يورپ تائين پکڙيا. (9) هاورڊ موئر پنهنجي ڪتاب ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪري ٿو ته، ”ايشيا کنڊ جي ڏکڻ ۾ انسان ۽ انسان جي سڀيتا جي شروعات ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ جيوت جي اوسر ۾ انسان جهڙو جانور پهريان ايشيا کنڊ ۾ ئي وجود ۾ آيو.“ (10)
سنڌو ماٿر ۾ انسان 2 ڪروڙ سال اڳ ڌرتي جي ٽئين زماني (Tertiary) ۾ حيواني نسل کان علحده ٿيو. جڏهن ڌرتي جي ٽئين زماني ۾ سمنڊ سنڌو ماٿر جا اتر ۽ اولهه وارا جابلو حصا ڇڏيا. ته اهي وحشي انسان جي رهائش جا اوائلي ماڳ بڻيا. ان زماني جي ماڻهن جا جسم پنڊ پهڻن جي صورت ۾ زمين جي تهن مان ملن ٿا. ڌرتي جي ٽئين زماني جا انسان، وڻ ٽڻ ۽ ٻيون شيون گهڻي وقت گذرڻ ڪري اڄ پٿر جي صورت وٺي چڪيون آهن. (11) هيٺ اسان ان دور جي انسانن جي پنڊ پهڻ ٿي ويل ڍانچن جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي ماهرن مختلف هنڌن تان هٿ ڪيا آهن.
بيل يونيورسٽي جي هڪ ماهر جي۔ اي۔ ليوس (G. E. Lewis) 1930 ۾ هندستان جي سيوالڪ (Siwalik Hills) جبلن ۾ کوٽائي ڪندي هڪ انسان جو ٻه ڄاڙيون هيـٺيون ۽ مٿيون ڳولهي لڌيون آهن، جيڪي پٿرائجي چڪيون آهن. جن کي هن راماپٿيڪس (Ramapithecus) يعني ”ماڻهو جهڙو پوتر“ جو نالو ڏنو آهي. راما پٿيڪس انسان اڄ کان هڪ ڪروڙ 50 لک سال اڳ جي مايوسين زماني جو انسان آهي. هن انسان جي لڌل پٿرايل بوتي جو وري 1961ع ۾ ٻيهر اڀياس ڪيو ويو ۽ ماهرن هن پٿرايل بوتي کي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قديم انسان قرار ڏنو. انساني علم جي نامياري ماهر ڪلارڪ هاويل (Clark Howell) موجب راماپٿيڪس جيڪو اڄ کان هڪ ڪروڙ 40 لک سال اڳ موجود هيو، هاڻوڪو انساني نسل ان جي اولاد مان آهي. (حوالو: ارلي مئن، ڪلارڪ هاويل، نيويارڪ 1970ع) ان بعد وري پاڪستان جي پوٺار جي علائقي مان پڻ پٿرايل انسان جو ڍانچو مليو، جيڪو 70 لک سال پراڻو آهي. جنهن کي ماهرن سواپٿيڪس (Sawapithecus) يعني ”هر دم زندهه“ جو نالو ڏنو آهي. هن دور جو انسان ڪنهن به قسم جا اوزار ٺاهڻ جو ڏانءُ ڪو نه رکندو هو. هو پنهنجو گذران وڻن جي پاڙن، ميوون ۽ ماکي وغيره تي ڪندو هو. هو اڃان پنهنجي ارتقا جي اوائلي دور ۾ هيو. کيس پنهنجي باندر نما نسل کان ڌار ٿئي ٿورو عرصو گذري چڪو هو. هو پاڻ مان اڳئين دور جون خاصيتون ڪڍي رهيو هو. هو ڳالهائڻ لاءِ زبان کي استعمال ڪرڻ ۽ هلڻ لاءِ ٻه پير استعمال ڪرڻ ۽ هٿن کي ڪم ڪرڻ لاءِ آزاد ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف هيو. (12) مري جي راوت مان به آرڪيالاجي ماهرن کي پراڻي پٿر دور جي انسانن جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن. پنجاب جي مري واري علائقي ۾ ماهرن کي 1983ع ۾ کوٽاين دوران اهڙي انسان جون ثابتيون مليون جيڪي پٿر جا اوزار استعمال ڪندا هئا. هن انساني نسل کي علائقي جا نالي پويان روات انسان (Riwat Man) جو نالو ڏنو ويو. ماهرن ان انسان جي عمر 20 لک سال مقرر ڪئي آهي. (13) جڏهن ته ساڳي علائقي مان 45 هزار سال اڳ جي انسان جي سرگرمين جون به ثابتيون مليون آهن.

[b]سنڌو ماٿري ۾ انساني وجود
[/b]
انڊيا جي رياست آنڌرا پرديش مان آرڪيالاجي جي ماهرن پراڻي پٿر جي دور جا اوزار هٿ ڪيا آهن. جن ذريعي اها ثابتي ملي آهي ته سنڌو ماٿري ۾ جديد انسان (Homo sapiens) اڄ کان 74 هزار سال اڳ موجود هو. ان تحقيق بعد ماهرن کي اها راءِ بدلائي پئي ته دنيا ۾ پهريون جديد انسان 50 هزار سال کان 60 هزار سال اڳ آفريڪا ۾ موجود هو. آڪسفورڊ يونيورسٽي (Oxford University) جي سائنسدان مچيل پيٽراگاليا (Michael Petraglia) آنڌرا پرديش ۾ ان پروجيڪٽ تي تحقيق ڪرڻ بعد دکن هيرالڊ (14) سان ڳالهائيندي اهڙو انڪشاف ڪيو. پيٽراگاليا موجب پراڻي پٿر دور جي انسان جون ان قسم جو ثابتيون هن کان اڳ موجوده پاڪستان جي پوٺوهار ريجن جي سون ماٿري جي ڌابا ڳوٺ مان به مليون آهن. ان ڪري هاڻي اسان چئي سگهون ٿا ته جديد انسان آفريڪا کان به اڳ انڊيا ۾ رهندو هو.
هند سنڌ ۾ هن قسم جي ماڻهو ملڻ کانپوءِ ماهرن کي پنهنجا رايا بدلائڻا پيا ۽ هنن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته دنيا ۾ سڀ کان اول آدم جي پئدائش سنڌو ماٿر ۾ ٿي ۽ سنڌو ماٿر ئي انساني ارتقا جو پهريون مسڪن بڻي. هن کان اڳ دنيا ۾ جيڪي ٻين هنڌن تي قديم انسان جا آثار مليا آهن، سي سڀ سنڌو ماٿر ۾ مليل انسان کان پوءِ جا آهن. جنهن ڪري اسان هاڻ بنا ڪنهن هٻڪ جي سائنسي تحقيقاتي بنيادن تي اها ڳالهه چئي سگهون ٿا ته سنڌو ماٿر اوائلي انساني ارتقا جو بنياد هئي ۽ شروع ۾ هتان ئي انسان پنهنجو پهريون سفر شروع ڪيو.

[b]سنڌو ماٿر ۾ پٿر دور جا ماڳ:
[/b]
جڏهن انسان، حيواني نسل کان ڌار ٿي پنهنجو سفر شروع ڪيو ته هن پنهنجي بچاءَ ۽ کاڌي جي بندوبست لاءِ نوان اوزار تلاش ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي کيس وڻن جون پاڙون کوٽڻ، ميووا ڇنڻ وغيره ۾ مدد ڏيڻ لڳا. اهي اوائلي انساني اوزار هيا پٿر، جن کي ئي پهريان انسان پنهنجي ڪتب آڻڻ شروع ڪيو. ان ڪري جيتري عرصي تائين انسان پٿر جا اوزار استعمال ڪندو آيو، ماهر سندس ان سماجي ارتقائي دور کي ”پٿر دور“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن. سنڌو ماٿر اندر هي دور 10 لک سال کان 4 هزار سال ق-م تائين هليو. هي دور پڻ ٽن مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جيڪي هي آهن:
(1) پراڻو پٿر دور (Paleolithic Age) 10 لک کان 15 هزار سال ق-م
(2) وچون پٿر دور (Mesolithic Age) 15 هزار کان 8 هزار ق-م
(3) نئون پٿر دور (Neolithic Age) 8 هزار کان 4 هزار سال ق-م
اسان هيٺ سنڌو ماٿر جي انسانن جي پٿر دور جي سرگرمين جي پهرين ٻن دورن يعني پراڻي ۽ وچين پٿر دور جو جائزو وٺنداسين.

[b](1) پراڻو پٿر دور
[/b]
جڏهن اوائلي وحشي ماڻهو وڻن تان هيٺ لٿا ۽ گهاٽا ٻيلا ڇڏيا ته هنن پهريان رهائش لاءِ ميداني علائقا چونڊيا ۽ هو ميداني علائقن ۾ درياهن، ڍنڍن ۽ چشمن ڀرسان رهڻ لڳا. جتي کاڌو پيتو جهجهي مقدار ۾ دستياب هيو. هي دور انسانذات جي ”ٻالڪپڻ“ جو دور هيو. هن دور ۾ وحشي انسان خونخوار جانورن کان بچاءَ لاءِ پٿر ۽ ڏنڊا پنهنجي پهرين اوزار طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. هن اهڙا پٿر گڏ ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي يا پاڻيءَ جي وهڪري ڪري ڀڄي ڀري لسا ٿي ويا هئا ۽ چپترا ٿي تکا ٿي چڪا هئا. جن جي مدد سان هن وڻن جون پاڙون کوٽي، ميووا ڇني ۽ ننڍن ننڍن ٻين ساهوارن کي ماري يا انهن جو شڪار ڪري، انهن کي کاڌي طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.
هن دور ۾ انسان اڃا پنهنجي شروعاتي ارتقائي دور ۾ هيو، نه هن ڪي اوزار گڏ ڪيا هئا يا ايجاد ڪيا هئا ۽ نه وري پوکي راهي ڪرڻ تائين سندس شعور پهتو هو. نه وري هن دور جو انسان مال پالڻ سکيو هو. هو ڇڙواڳ زندگي گذاريندو هو، جتي رات پوندي هئس اتي وڻن تي وڃي سمهي پوندو هو. وري صبح جو اٿي پنهنجي کاڌي خوراڪ جي تلاش ۾ نڪري ويندو هو. جڏهن هن لاءِ کاڌي جي تلاش جيئن پوءِ تيئن مشڪل بڻجڻ لڳي ته هن ٻيلن ۾ رهندڙ مختلف جانورن کي شڪار ڪري انهن جو گوشت پنهنجي غذا ۾ شامل ڪيو. جانورن جو شڪار ڪنهن به اڪيلي ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه هئي. ان ڪري پهريون دفعو ان دور جي انسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ هن اڪيلي زندگي گهارڻ ختم ڪري ٽولن جي صورت اختيار ڪئي. جنهن سان ئي اجتماعي زندگي گذارڻ جو پهريون تصور جڙي راس ٿيو ۽ اهڙي طرح اوائلي وحشي انسان پهريون دفعو ”سماجي جانور“ ٿي پيو. اها ان دور ۾ ”انساني سماج“ جي جڙاوت ۾ وڏي اهم تبديلي هئي. ان تبديليءَ انسان کي اڳتي وڌڻ، پنهنجو نسل وڌائڻ، گڏيل ايجادون ڪرڻ ۽ سماج جي تعمير ڪرڻ ڏانهن وک وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
سنڌو ماٿر اندر پراڻي پٿر دور جي انسانن جي رهائش جا هنڌ ۽ سندن استعمال جا اهي اوزار به لڌا ويا آهن، جيڪي هن پٿر مان جوڙيا هئا. ويجهر ۾ ماهرن پنجاب صوبي جي پوٺار ريجن ۾ راولپنڊي ويجهو ”سون ندي“ جي ڪناري سون ماٿر مان انهن اوائلي انسانن جا اوزار ۽ رهائشي آثار ڳولي لڌا اٿن. جن جي عمر 5 لک سال مقرر ڪئي اٿن ۽ ان دور کي ”سون ڪلچر“ جو نالو ڏنو اٿن. (15)
ماهر ”سون ماٿر“ مان لڌل اوزارن بابت چون ٿا ته اتان جيڪي اوزار صفا هيٺين تهه تان مليا آهن، سي سون ڪلچر جي مٿئين تهه تي رهندڙ ماڻهن کان اڳ جي آبادي جا آهن ۽ انهن کي سون ڪلچر کان اڳ جا اوزار ڪوٺيو اٿن. (16) سون ماٿر مان مليل پٿر دور جي انسانن جي رهائشي آبادي جو تعلق ٻن دورن سان آهي. صفا آخري دور جي عمر 5 لک سال ٿيندي ۽ ٻيو تهه 4 کان 2 لک سال جي وچ جو آهي. پهرين تهه تان اڻ گهڙيا پٿر مليا آهن، ان دور جا ماڻهو اڃا پٿرن کي گهڙڻ ۽ انهن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ مختلف شڪليون ڏيڻ ڪو نه سکيا هئا. هو استعمال لائق پٿر گڏ ڪندا هئا. پر ٻئي دور جا ماڻهو ڪجهه ترقي ڪيل ڏسجن ٿا. جن پٿر مان ڪهاڙيون، تيرن جا منهن ۽ ٻيو وڍ ٽڪ جو جهڙو تهڙو سامان تيار ڪري ورتو هو. ان وقت به هو اڃا کاڌو گڏ ڪندا هئا ۽ شڪار ڪندا هئا. مال ڌارڻ يا پوکي راهي ڪرڻ تائين سندن شعور ڪو نه پهتو هو. (17) سون ماٿر ۾ رهندڙ پٿر دور جي انسانن بابت قديم آثارن جي مشهور ماهر سر مورٽيمر ويلر جو رايو آهي ته، ”پاڪستان (سنڌو ماٿر) ۾ سڀ کان پراڻي ۾ پراڻي انساني آباديءَ جي ثابتي اسان کي راولپنڊي ويجهو سون نديءَ جي ڪنارن تي اڻ گهڙيل پٿرن جي صورت ۾ ملي آهي. اتان مليل اوزارن ۾ ڪي سادي نموني جا ڇرا ۽ ڪهاڙيون مليون آهن، جيڪي لڳ ڀڳ 5 کان 3 لک سالن جي عمر جا ٿيندا.“ (18)
هي سون مان مليل اوزار لوڻي ندي (ننگر پارڪر) جي اوزارن سان مشابهت رکندڙ ۽ هم عمر آهن. (19) هي اهي ئي اوزار آهن، جن سان هاڪڙو تمدن جا ماڻهو ڪم ڪار ڪندا هئا. ماهر سون مان لڌل اوزارن متعلق چون ٿا ته اهي روهڙي ۽ سکر جي هنڌن تان لڌل ابتدائي پٿر جي اوزارن جي سڌريل شڪل آهن. اهي اوزار سکر کان سواءِ واگهو در ڪراچي مان پڻ مليا آهن. لئمبرڪ ان جي تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي جي اڀرندي ڪپر تي واگهي در وٽ ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ پڻ اهڙن اوزارن جي ڪجهه سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. (20) ان دور جي پٿر دور جي انسانن جا اوزار بياس ندي (پنجاب) جي ماٿريءَ مان پڻ مليا آهن. انهن آثارن جو انڪشاف آثار قديمه جي ماهر ب ب لال ڪيو هو ته بياس نديءَ جي ماٿر ۾ پراڻي پٿر دور جا اوزار مليا آهن. (21)
مٿي بيان ڪيل ”سون ڪلچر“ انهن ماڻهن جو ئي آهي، جيڪي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب تائين پکڙيل هئا، ميدانن ۾ رهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ موسم اڃا خشڪ هئي. جڏهن برفباري شروع ٿي، هوائون گهمجي ويون ته انسانن لاءِ کليل ميدانن ۾ رهڻ مشڪل ٿي پيو. جنهن ڪري هنن برفباريءَ کان بچڻ لاءِ غارن کي رهائش لاءِ استعمال ڪيو. جڏهن ته هن کان اڳ اوائلي انسان اڃا غارن جو رخ ڪو نه ڪيو هو. جيئن ته سنڌ اندر جبلن ۽ غارن جو تعداد جهجهو موجود هيو، ان ڪري سنڌونديءَ ۽ ٻين ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي رهندڙ انسانن غارن ۾ پناهه ورتي ۽ اتي وري نئين زندگيءَ جو آغاز ڪيو. انهن غارن مان ملندڙ پٿر جي اوزارن جي باقيات مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ميداني علائقن ۾ رهندڙ پنهنجن ابن ڏاڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري چڪا هئا. (22)
اڄ کان هڪ لک سال اڳ سنڌو ماٿر ۾ اوائلي انسان الهندي وارن جبلن ۽ ٽڪرن جي غارن ۾ رهڻ لڳو. انهن غارن جا آثار سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ مليا آهن. قديم زماني جي ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي ڀرسان شاهه بلاول جي واٽ تان پڻ لڌيون آهن. (23) لکين ورهيه اڳ جا لاش پٿرن جي اوزارن سميت ٽنگا نيڪا مان لڌا ويا آهن. لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي چشمن جي پريان هڪ ٽڪريءَ تي هڪ غار لڌو ويو آهي، جيڪو ”هڪ ٿنڀو“ سڏبو آهي. (24) اهو به نهايت قديم زماني جو غار آهي. خيبر پختون خواهه صوبي ۾ شنگهائو وٽ پڻ ان دور جي ماڻهن جو هڪ رهائشي غار مليو آهي. ماهرن اتان مليل باقيات جي عمر هڪ لک کان 40 هزار سال ق - م مقرر ڪئي آهي. (25)
هن دور ۾ اوائلي انسان ننڍين ننڍين ٽولين جي صورت ۾ غارن ۾ رهڻ لڳو. هي ٽوليون شروع ۾ ڪٽنب، قبيلي يا قوميت جي صورت ۾ منظم ڪو نه هيون. پر هن دور ۾ هو رولو زندگي ڇڏي ڪري ٽولين جي صورت ۾ رهڻ لڳا. هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ ڪري هنن جي دلين ۾ رحم، قرب ۽ پنهنجائپ وارو جذبو پيدا ٿيو. هن وقت انسان اڃا باهه ٻارڻ جو هنر ڪو نه سکيو هو. ان ڪري هو پنهنجي عزيزن کي مرڻ بعد پٿرن هيٺان پوري ڇڏيندو هو. جيئن لاش ڌپ نه ڪري. اهڙيون ڪافي شهادتون سنڌ اندر مليون آهن، جيڪي ان وقت جي مدفن انسانن جون آهن.
پراڻي پٿر دور جي ماڳن جي وڌيڪ چوک چڪاس ڊسمبر 1975ع ۾ برطانيه جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي جي ماهر ڊاڪٽر الچين ۽ سندس زال ۽ ٻين ٻن ميمبرن سنڌ اندر شروع ڪئي. هنن دعوى ڪئي آهي ته، ”سنڌ ۾ پٿر دور جي انسانن طرفان اوزار ٺاهڻ جي ڪارخانن وارا هنڌ، ماڳ ۽ مڪان موجود آهن...... اسان روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۽ حيدرآباد ويجهو اهڙا آثار معلوم ڪيا آهن ۽ اهڙا ماڳ ۽ مڪان ڏٺا آهن، جن کي پٿر جي دور جي اوزارن ٺاهڻ جي ڪارخانن جا هنڌ چئي سگهجي ٿو.“ انهن آثارن بابت ڊاڪٽر الچين جي راءِ آهي ته اهي آثار پنهنجي خاص نوعيت وارا هنڌ آهن، جن جهڙا دنيا ۾ هن کان اڳ فقط مصر ۾ مليا آهن. پروفيسر الچين هتان مليل اوزارن کي پراڻي پٿر دور جا اوزار سڏيو آهي ۽ انهن جي عمر 50 هزار سال ق - م مقرر ڪئي اٿائين. (26)
هيءُ اهو دور هيو، جو اڃا تائين پوکي راهي ڪرڻ تائين انساني شعور ڪو نه پهتو هو. ان ڪري هو پنهنجي کاڌي جو پورائو مڇي ماري ۽ وڻن مان ميوو ڇني ڪندو هو ۽ گڏوگڏ سنڌو نديءَ جي ڀر وارن ٻيلن مان پکين ۽ جانورن جو شڪار پڻ ڪندو هو. هن شڪار بعد جانورن جي کلن مان هڏن جي ٺهيل سين رستي پنهنجو لباس تيار ڪري ورتو. هاڻ هو قدرت جي رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ لاءِ پنهنجو عقل استعمال ڪرڻ لڳو. جڏهن هن ٻيلن ۾ وڻن جي گسڻ ڪري باهه پيدا ٿيندي ڏٺي ته هن اتان ٽانڊو کڻي اچي پنهنجن اونداهن غارن کي روشن ڪيو. غارن ۾ اها باهه ڏينهن رات ٻرندي رهندي هئي. ان باهه تي هو گوشت پچائي کائڻ لڳا ۽ غارن ۾ ايندڙ خونخوار جانورن کي ڀڄائڻ جو ڪم به باهه کان وٺڻ لڳا. سردين ۾ ڏڪندڙ انسانن کي باهه جهڙي بي بها نعمت هٿ اچي وئي. هو ان باهه کي سانڍڻ ۽ ان کي پنهنجن هٿن سان پيدا ڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳا. هنن کي اها اٽڪل سجهي آئي ته ٻن پٿرن کي پاڻ ۾ زور سان مهٽڻ سان باهه پيدا ٿي پوي ٿي. هاڻ باهه جي دريافت انساني زندگيءَ ۾ عجيب انقلاب آڻي ڇڏيو.
پراڻي پٿر دور جي انسانن پنهنجي دور ۾ ارتقا جا جيڪي حيرت انگيز ڏاڪا طئه ڪيا، انهن ۾ گڏ رهڻ جو تصور پيدا ٿيڻ، باهه جي دريافت ٿيڻ سان گڏوگڏ سندس وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ٻوليءَ جي ايجاد هيو. هن دور ۾ ماڻهن پنهنجي ضرورتن کي آڏو رکي، هڪ ٻئي سان رابطو قائم رکڻ لاءِ، هڪ ٻئي کي ڏکئي وقت تي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ آهستي آهستي ٻولي جي تخليق ڪرڻ شروع ڪئي. مختلف قسم جا اشارا ۽ آواز بامعنى لفظن جي صورت اختيار ڪرڻ لڳا. جن اڳتي هلي هڪ مڪمل انساني ٻوليءَ کي جنم ڏنو. هن دور جي ختم ٿيڻ کان پوءِ انسانذات پنهنجي ارتقا جي ٻئي دور يعني وچين پٿر دور ۾ پهچي وئي.

[b](2) وچون پٿر دور
[/b]
هن دور ۾ پيداواري ذريعن وڌيڪ ترقي ڪئي. اوزارن ۾ سڌارو ۽ واڌارو آيو، تير ڪمان ايجاد ٿي، جنهن ڪري شڪار زور ورتو. پٿر مان نوان اوزار بڻايا ويا، جهڙوڪ: کرپي، ڪهاڙي، ڪنڊي ۽ ڇري. هن دور جي آخر ۾ مٽيءَ جا برتن ٺهڻ شروع ٿيا. ان سان گڏوگڏ جانورن پالڻ جي ابتدا ٿي. جڏهن اوائلي انسان جانور پاليا ته سندس تان ڪم جو بار هلڪو ٿي پيو ۽ کيس بار ڍوئڻ ۽ سواري ڪرڻ لاءِ ذريعو ميسر ٿي ويو. جنهن ڪري سندس ڪيتريون ئي تڪليفون دور ٿي ويون. ان کان سواءِ سندس کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ آسان ٿي پيو. هن پاليل جانورن جو کير ۽ گوشت پنهنجي غذا ۾ شامل ڪري ورتو. هن ئي دور جي آخر ۾ زمين کيڙڻ طرف انسان جو ڌيان ويو. هن ڍنڍن ۽ درياهن جي ڪنارن تي زمين جا ننڍا ننڍا ٽڪرا کيڙڻ شروع ڪيا. پيداواري ذريعن ۾ ترقي ٿيڻ ڪري، ماڻهن جو وڏو تعداد رولو زندگي ڇڏي ڪري مستقل طور آباد ٿيڻ شروع ٿيو. جنهن ڪري برادري نظام وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿيو، ٻوليءَ جي اوسر وڌيڪ تيز ٿي. ماڻهن جي وڏن وڏن ٽولن درياهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن سان پاڻيءَ جي سهنج ۽ شڪار جي سهوليت کي نظر ۾ رکندي رهائش اختيار ڪئي. ڪم گڏ ٿيڻ لڳو، کاڌي پيتي جي ورهاست هڪجهڙي ٿيڻ لڳي.
سنڌو ماٿر اندر وچون پٿر دور 15 هزار کان 8 هزار ق - م تائين هليو. هن دور جي انساني وسندين جا آثار گجرات، ڪاٺياواڙ، سکر جي ويجهو روهڙي، ڪراچي، حيدرآباد ۽ منڇر ڍنڍ جي پسگرداين مان مليا آهن. (27)
هن دور جا ماڻهو پنهنجا پٿر جا اوزار چقمقي پهڻ مان تيار ڪندا هئا. جيڪي کيس اروڙ جي کنڊرن (سکر) جي آس پاس وارين ٽڪرين مان ملندا هئا. ماهرن اتان چقمقي پهڻ جو اهڙو ڪارخانو ڳولي لڌو آهي. اهي چقمقي پهڻ جا اوزار ان ڪري وڌيڪ استعمال ۾ ايندا هئا، ڇو جو چقمقي پهڻ سخت هجڻ ڪري گهڻو ڪري وڍ ٽڪ جو سامان ڇريون، ڪات، ڪنڊيون انهيءَ مان پائيدار ۽ سٺيون ٺهنديون هيون. جيڪي وري تکيون ڪري استعمال ڪيون وينديون هيون. لئمبرڪ ڄاڻائي ٿو ته اهڙي اوچي قسم جا اوزار ۽ انهن جي ٺهڻ جا هنڌ روهڙي ۽ ڪوٽڏيجي لڳ آهن. اهڙائي ڪيترائي هنڌ وچولي ڪوهستان ۾ ۽ ٻيا ڪيترا سامونڊي ڪپر سان ڏاکڻين ٽڪرين وٽ به آهن. (28)
هن دور ۾ اوزارن ۾ ترقي اچڻ ڪري ۽ ٻيو ته برفاني دور ختم ٿيڻ ڪري ماڻهو نون علائقن ڏانهن ڦهلجڻ لڳا. هنن وڏي تعداد ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ۽ ٻڪريون وغيره پالڻ شروع ڪيون. هن دور جي ماڻهن جي رهائشي هنڌن تان مٽيءَ جا ٺهيل برتن پڻ هٿ آيا آهن، جيڪي تمام شروعاتي قسم جا آهن، جيڪي هٿ تي ٺاهيا ويندا هئا، اڃا چڪ جو استعمال ڪو نه ٿيو هو. هيٺانهين سنڌ جا ماڻهو گهڻو ڪري هن دور ۾ مڇيءَ جو شڪار وڌيڪ ڪندا هئا. سندن ان دور جا اوزار ٺارو ٽڪري ۽ گولف ڪلب ڪراچي ڀرسان مليا آهن. روهڙي طرف مليل ٻه ماڳ شهنشاهه بلوچ ۽ نواب پنجابي به هن دور جي انسانن جون وسنديون آهن. هن دور جا ٻيا آثار ماهرن هاڪڙي درياهه جي ڪنارن سان پڻ لڌا آهن. جن کي پٿر جا اوزار روهڙي طرف کان هاڪڙي درياهه رستي پهچندا هئا. (29)
هن دور جي ماڻهن پٿر کي وڍي ٽڪي خاص شڪليون ڏئي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. هنن کاڌي کي پچائڻ لاءِ پٿر جون پاٽيون ۽ تراکڙيون استعمال ڪرڻ شروع ڪيون. آهستي آهستي اوائلي انسانن پنهنجي پٿر جي اوزارن کي سڌارڻ شروع ڪيو. هاڻي هو پٿر مان عمدي قسم جا اوزار ٺاهڻ لڳا. هنن مڇي پڪڙڻ لاءِ ڪنڊيون، پٿر جا نيزا، پاڻي ڍوئڻ لاءِ جانورن جي کلن مان پکالون ٺاهي ورتيون. ان کان سواءِ ان ئي دور ۾ پٿر جون بهترين ڪهاڙيون، ڇريون ۽ ٻيو وڍ ٽڪ جو سامان ٺاهيو ويو. اهڙيون شيون لوڻي ندي (ننگر پارڪر) ۽ ٻين هنڌن تان مليون آهن. (30) اهڙي قسم جا ٻيا اوزار ڪئپٽن ريڊ ڊڪ 1941ع ۾ ڊرگ روڊ (ڪراچي) يعني سنڌ جي ڏکڻ اولهه طرف لڌا آهن. جيڪي گهڻو ڪري پهرين جي چنڊ جي شڪل جا آهن. شايد اهي مڇي مارڻ جا اوزار يا تيرن جا ڦر ئي هجن. جن جا ڪاٺ جا ڳن گهڻي وقت گذرڻ ڪري مٽيءَ ۾ ملي ويا آهن. (31)
هن دور ۾ شڪار لاءِ نوڪدار تکن اوزارن ۽ ٻئي وڍ ٽڪ جي سامان شڪار کي وڏي هٿي ڏني ۽ هاڻ ماڻهن جا ٽولا سيوستان، مڪران، هاڪڙي ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن وارن ٻيلن ۾ شڪار لاءِ نڪري پيا. ان وقت هاڪڙي ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن وارن ٻيلن ۾ هاٿي، گينڊا، باندر، چيتا ۽ ٻيا قسمين قسمين جانور رهندا هئا. هن دور کي ماهر شڪاري ۽ مال ڌاريندڙ ماڻهن جو دور چون ٿا. ڇو ته هن دور ۾ اڃا زراعت ڪا بيان ڪرڻ جهڙي ترقي ڪانه ڪئي هئي ۽ نه وري هن دور جا ماڻهو قبائلي نظام هيٺ گڏ ٿي سگهيا هئا. هو اڃا ننڍن ننڍن خاندانن ۽ برادرين ۾ ورڇيل هئا، جيڪي خوني رشتيداريءَ تي ٻڌل هيون.

[b]سماجي زندگيءَ جو جائزو
[/b]
شروع ۾ سماج اندر طبقن جو وجود ڪونه ٿيو هو، ڪو به ظالم ۽ مظلوم، آقا ۽ غلام ڪو نه هيو، سڀني انسانن جو رتبو هڪ جهڙو هيو. ماڻهو هڪ ٻئي جو استحصال ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي زندگي گذاريندا هئا. سماج ۾ طبقاتي نظام تمام گهڻو پوءِ وجود ۾ آيو. ان ڪري طبقاتي نظام کان اڳ جي هن نظام کي سماجي سائنس جا ماهر ”ابتدائي ڪميونزم“ يا ”راڄوڻي نظام“ چون ٿا.
سنڌو ماٿر ۾ پراڻي پٿر دور ۽ وچين پٿر دور جي ماڻهن جي سماجي زندگي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾ هتي اڃا طبقاتي نظام جو بنياد ڪو نه پيو هو. سڀ ماڻهو گڏجي پيداوار ۾ حصو وٺندا هئا، جن ۾ عورتون، مرد، ٻار ۽ ٻڍا شامل هوندا هئا ۽ هو سخت جدوجهد کان پوءِ حاصل ڪيل پنهنجي روزيءَ کي هڪ ٻئي ۾ برابر ونڊي ورڇي استعمال ڪندا هئا. ان دور ۾ نجي ملڪيت جو بنياد ان ڪري پئجي نه سگهيو هو ته اوزارن جي اڻ هوند ۽ سادگيءَ ڪري ڪو به اڪيلو ماڻهو ان لائق نه هوندو هو ته هو اڪيلي سر ڪو ڪم ڪري سگهي. هن کي هر وقت پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن جي مدد جي ضرورت پوندي هئي. جيئن شڪار ڪرڻ وقت، ڦل گڏ ڪرڻ وقت سڀ گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ هنن کي سخت محنت ۽ مشقت کان پوءِ به مس ايترو کاڌو يا شيءَ نصيب ٿيندي هئي، جنهن مان پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪري سگهن. ان ڪري فاضل پيداوار جي جمع ٿيڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿيندو هو. ان ڪري ذخيره اندوزي ڪرڻ ان دور ۾ ناممڪن هئي. (32) هن دور ۾ ڪنهن به حڪومت، رياست يا قانون جو تصور ڪو نه هيو، سڀ ماڻهو گڏجي پنهنجو بچاءُ ڪندا هئا. خونخوار جانورن جي حملن ۽ ٻاهرين حملي آورن سان گڏجي جنگ ڪندا هئا. هنن وٽ ان وقت علائقائي ورهاست جو تصور به موجود ڪو نه هيو. هو فطري حدبندين اندر رهندا هئا، يعني هو اتي وڃي پنهنجا ديرا ڄمائيندا هئا، جتي خوراڪ وافر مقدار ۾ ملندي هئن ۽ پاڻي جو سهنج موجود هوندو هو.
هن دور ۾ سنڌو ماٿريءَ جا رهواسي وحشي دور مان نڪري، اڪيلي زندگي گذارڻ واري عادت ڇڏي برادرين ۽ خاندان ۾ متحد ٿيا. اهي برادريون ۽ خاندان خوني رشتن تي ٻڌل هوندا هئا. شروعات ۾ منجهن آزاد جنسي تعلقاتن جو رواج هيو. آزاد جنسي تعلقاتن ڪري ڪنهن به پيدا ٿيندڙ ٻار جي باري ۾ ڪا به خبر ڪانه پوندي هئي ته ان جو پيءُ ڪهڙو آهي. ان ڪري نسب جو سلسلو ماءُ کان هلندو هو. ان ڪري قديم سماج ۾ عورت جي وڏي عزت هوندي هئي. عورت ئي سڄي خاندان تي راڄ ڪندي هئي. هڪ برادري يا خاندان اندر جيڪي به مرد يا عورتون هونديون هيون سي سڀ هڪ ٻئي سان جنسي تعلقات رکندا هئا، جنهن ۾ رشڪ يا رقابت جي ڪا به گنجائش نه هوندي هئي. (33) ان ڪري هن دور جي سماج کي سماجي سائنس جا ماهر ”ماءُ آدرشي سماج“ جو نالو ڏين ٿا، ڇو ته هن دور ۾ عورت ئي حڪمران هئي. هو ئي برادرين ۽ خاندان جي اڳواڻ هئي. کاڌي جي ورهاست، نسلي پرورش ۽ پاليل مال جي سار سنڀال سندس ذمي هوندي هئي.
هن دور جي انسانن جي ايجادن تي جيڪڏهن نظر وجهجي ٿي ته خبر پوي ٿي ته هن دور ۾ انسانن جيڪي اڳ الف اگهاڙا گهمندا هئي، تن شڪار ڪيل جانورن جي کلن سان پنهنجا تن ڍڪڻ شروع ڪيا. پنهنجو تن ڍڪڻ جو خيال کين اوگهڙ ڍڪڻ بدران سرديءَ يا گرميءَ کان پاڻ کي بچائڻ ئي هيو. جنهن اڳتي هلي ستر ڪرڻ جي شڪل اختيار ڪئي. هن دور جي وڏي ۾ وڏي ايجاد باهه جي دريافت پڻ هئي. باهه جي مدد سان هو گوشت پچائي ۽ نرم ڪري واپرائڻ لڳا. هن دور جي انسانن جا اوزار پٿر، ڪاٺين، هڏن ۽ سنڱن جا ٺهيل هوندا هئا. هن دور ۾ انسان فطرتي محتاجيءَ مان نڪري، خود خوراڪ پئدا ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو. اهڙي طرح لکين سالن تي ٻڌل سماجي ارتقا جو هيءُ دور انسانذات جي ارتقائي سفر ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.


[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون
[/b]
1. انساني ارتقا جي هن سڄي سلسلي کي سمجهڻ لاءِ هيٺيان ڪتاب ڏسڻ گهرجن:
• ايلين، ميخائيل ۽ ايلينا سيگان، ”انسان بڙا ڪيسي بنا“ ڪراچي 1982ع
• مغل، سڪندر، ”ارتقا جي ڪهاڻي“ حيدرآباد 1985ع
• موئر، هاورڊ، ”وحشي جيوت جا نشان“ حيدرآباد
2. مغل، سڪندر”ارتقا جي ڪهاڻي“ ص- 65، 106، 116-117
3. پروئل هنري ابي، ”انسان جي قدامت“ ماهوار سائنس، فيبروري، 1982ع ص- 43
4. اينگلس، فريڊرڪ”منتخب تصنيفات“ حصو 3، ماسڪو 1973، ص- 7
5. بريفالٽ، رابرٽ، ”تشڪيل انسانيت“ ص- 98
6. Panhwar, M.H. “Chronological dictionary of Sindh” P- 1-3
7. Basham A.L. “The Wonder that was India” P-10
8. موئر، هاورڊ، ص- 94
9. Leaky, L.S.B. “The Stone Age of Africa” P-21
10. موئر، هاورڊ، ص- 99
11. مهرچند، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“ ص- 53
12. Panhwar, M.H. “Man in Sindh” Sindhological Studies, Summer 1982, Institute of Sindhology Jamshoro, P-14-15,18
وڌيڪ ڏسو: پنهور ايم ايڇ، ”سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت“ ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 2-1984، ص- 161
13. Ref: B. Bower, Early Tool Making: An Asian Connection, Science News (1988).
Riwat Man
14. Kalyan Ray, Homo sapiens may have reached India 74,000 yrs ago, New Delhi, Mar 3, 2010, DHNS
http://www.deccanherald.com/content/56043/homo-sapiens-may-have-reached.html
See also: Patnaik R, Chauhan P, India at the cross-roads of human evolution, J Biosci. 2009 Nov;34(5):729.
See also: http://www.ncbi.nlm.nih.gov/pubmed/20009268
15. Gordon, G.H. Col, “The stone Industries of Holocene in India and Pakistan” Ancient India No: 6, 1950, P-64
Also refer: Sorly, H.T. “Sindh Gazetteer” Karachi, 1968, P-105-106
Pithawala M.B. “Historical geography of Sindh” P-20
16. Paterson. T.T. and Orummond, H.J.H, “Soan-The Paleolithic age of Pakistan” Karachi, 1962
17. Gauhar, Altaf, “Twenty years of Pakistan” Karachi, 1969, P-622
18. Wheeler, S.M. “The Archaeology of Pakistan” The Cultural heritage of Pakistan, Karachi, 1955, P-20
19. Panhwar, M.H. “Chronological dictionary of Sindh” P- 7-8
20. لئمبرڪ، ايڇ. ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-83
21. Panhwar, M.H. “Chronological dictionary of Sindh” P- 7to 14
22. Sorly, H.T. “Sindh Gazetter” P-106 to 109
23. مهرچند، ڀيرومل، ”قديم سنڌ“ ص-54
24. Cousens H. “The Antiquities of Sindh” P-45
25. Channa, M.H “Pre Harappan Civilization in Indus Valley” Sindh Quarterly, 1978, P-19
26. Report “Bulletin” Vol: 5, 1975-76, Institute of Sindhology p-18
27. گنڪوفسڪي، يوري، ”پاڪستان ڪي قوميتين“ ماسڪو 1976ع، ص31
28. لئمبرڪ، ايڇ ٽي، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-84 ۽ 113
29. Panhwar, M.H, “Man in Sindh…” Sindhological Studies-Journal, Institute of Sindhology, Jamshoro, Summer 1982, P-22
30. Patterson, “The World Correlation of Pleistocene” P-395
31. لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“، ص-84 ۽ 113
32. ليف ليونتيف، ”سياسي معاشيات“ ماسڪو 1975ع، ص- 20-22
يا ”معاشري ڪي سائنس“ ماسڪو 1977ع، ص-88-89
33. فريڊرڪ، اينگلس، ”خاندان، ذاتي ملڪيت اور رياست ڪا آغاز“ منتخب تصانيف حصو: 3 ماسڪو 1973ع ص-207-208