ڪوهه طور جي سفر بابت
نحمده العظيم و نصلي عليٰ رسولہ الڪريم
اما بعد:
سيدنا موسيٰ عليه السلام جي حالات ۽ سيدنا محمد مصطفيٰ ﷺ جي واقعات جي پاڻ ۾ نهايت هڪ جهڙائي آهي. ان ڪري قرآن مجيد ۾ موسيٰ عليه السلام جي واقعن جو تفصيلي ۽ گهڻو ذڪر ٿيل آهي. هجرت کان اڳي ۽ بعد الهجرة جي احڪام ۾ نمايان فرق آهي. جيئن موسيٰ عليه السلام جي خروج ۽ قبل از خروج ۾ نمايان فرق هو. هجرت کان اڳي جهاد جو حڪم نه هو ۽ هجرت کان پوءِ جهاد شروع ٿيو ته رسول الله ﷺ پاڻ جن غزوات جي قيادت ڪرڻ فرمائي اهي ستاويهه هئا ۽ سريا انهن کان علاوه هئا. حضرت موسيٰ عليه السلام تي خروج کان اڳي قتال لاڳو نه هو پر خروج سان ئي قتال جا حڪم اچي ويا ۽ پنهنجي علائقي کي آزاد ڪرائڻ ۽ جابرن کي نيست و نابود ڪرڻ جا احڪام اچي ويا مطلب ته موسيٰ عليه السلام جي زندگي ۽ محمد مصطفيٰ ﷺ جي حيات طيبه جي پاڻ ۾ گهري مناسبت آهي. ﴝﶌ ﴝﲉڹﴒﭐﺫ ﴝﳀإ ﰦﭑﺫ ﴝﮎ ﶾ ﱕﻹﭒﺫ
۾ الله تعاليٰ ٽن نبين جي بنيادي مرڪزن جو ذڪر ڪندي اهو فرمايو. جيئن بائبل جي سفر شريعت جي باب 32 آيت 2 ۾ اهڙو اشارو ٿيل آهي. ان ۾ آهي ته،“ خداوند سينا مان آيو ۽ شعير بيت المقدس مان انهن تي ظاهر ٿيو ۽ هو فاران جبل مان چمڪيو.” شعير، بيت المقدس جي وادي جبل جو هڪ نالو آهي. فاران ان جبل جو نالو آهي جنهن تي مڪو شهر ٻڌل آهي. طور تي موسيٰ عليه السلام جي شريعت نازل ٿي. طور سينا جي جبل کي يهودين ۽ عيسائين وٽ اها ئي حيثيت حاصل آهي جيڪا اسان مسلمانن لاءِ مڪي شريف جي آهي. اڃان مصر ۽ شام جي فتح نه ٿي هئي ته جبل طور جا پادري حضرت رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ آيا ۽ جبل طوربابت امان نامو وٺي آيا جيڪو امان نامو اڄ به ڪوه طور جي ميوزم ۾ موجود آهي ۽ حضرت عمرو بن العاص رضه فاتح مصر ڪوه طورتي مسجد تعمير ڪرائي جيڪا اڃا تائين محفوظ آهي، جنهن ۾ وڏي عرصي کان پوءِ نماز پڙهڻ جي سعادت سائين جن کي حاصل ٿي. گهڻن مسلمانن کي اها معلومات ڪونه هئي اسان جي مرشد سائين اهو سفر ڪري اهڙي عجيب معلومات ڏني آهي. ڄڻ تہ پڙهندڙ پاڻ انهيءَ سفر ۾ شريڪ آهي. اهو سفر به عجيب آهي ته ان بيان جي دلنشيني به واهه جو آهي. اسان چاهيو ته ان بيان جي عجيب بيان کي عام پڙهندڙن تائين پهچايو.
مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ
چيف ايڊيٽر ماهوار شريعت سکر
18 اپريل 2016ع مطابق 10 رجب المرجب 1437هه