جتي شرم به شرمائي وڃي
اسان جڏهن پنهنجي هڪ ٻن ويجهن دوستن کي ٻڌايو ته اسان شرم الشيخ وينداسين ته اسان کي ته سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي پر اهي اسان جي منهن کي ڏسي مسڪرائين پيا. اهي مون کان ته خاص طور تي پڇن پيا توهان شرم الشيخ ويندو مان چوان پيو ته هائو مان ويندس اسان کي ڪهڙي خبر ته اتي ڇا آهي؟ خير الله جو شان جو جڏهن اسان اتي وڃڻ لڳاسين ته قدرت سبب ٺاهيندڙ آهي ته ڪائونٽر تي جيڪو ماڻهو ويٺو هيو اهو ڪو چڱو ماڻهو هو جنهن اسان جا پاسپورٽ به چيڪ نه ڪيا اهو هڪڙو ئي ماڻهو ٽيئي پاسپورٽ وٺي هليو ويو ۽ بورڊنگ وٺي کڻي آيو. اسان اندر وڃي هڪ مسجد ٺهيل هئي ان ۾ ويهي رهياسين. جڏهن فلائٽ جي ٽائيم ٻاهر نڪتاسين ته ٻاهر تماشو! ته سڄي مخلوق يورپ جي ۽ اسان انهن ۾ هلندڙ ڦرندڙ آثار قديمه نظر اچون پيا. خير اسان کي پنهنجي ڪم سان مقصد هو اسان پنهنجي سيٽن تي ويهي رهياسين. ٻيا ساٿي ايترو چئي رهيا هئا ته هر سواري اسان جي طرف ڏسي پئي ته ماڻهو به انهيءَ جهاز ۾ شرم الشيخ وڃن پيا. خير الله پاڪ مهرباني ڪئي اسان هلياسين. جڏهن اتي لٿاسين ته رات جا 9 تي چڪا هئا.