سفرناما

ڪوهه طور جو سفر

حضرت مولانا حافظ پير ذوالفقار احمد نقشبندي مجددي دامت برڪاته دين جي تبليغ ۽ ماڻهن جو دليون عشق الاهي سان ڀرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪرڻ فرمايو آهي. حضرت سائين جن ڪوه طور جو سفر ڪرڻ فرمايو ۽ افريڪي ملڪ زيمبيا جي هڪ مجلس ۾ انجو احوال بيان ڪيائون جنهن کي هندستان جي عالم مولانا صلاح الدين سيفي (گجرات) قلم بند ڪيو ۽ مڪتبة الفقير آڪٽوبر 2009ع ۾ میں کہاں کہاں نہ پہنچا تری دید کی طلب میں (سفر کوہ طور) جي نالي سان شايع ڪيو.
سنڌ جي مشهور، علمي ۽ اصلاحي رسالي ماهوار “شريعت” ۾ ٻن قسطن (ڊسمبر 2015ع ۽ جنوري 2016ع) ۾ شايع ٿيو.
Title Cover of book ڪوهه طور جو سفر

ناڪامي

ڪافي سال پهريان هڪ دفعو مصر وڃڻ ٿيو ڪوشش ڪئي ته اتي وڃڻ ٿئي پر ٻڌايو ويو ته اتي عيسائين ۽ يهودين جو هولڊ آهي ۽ اهي ان علائقي ۾ مسلمانن جو وڃڻ پسند ناهي ڪندا پر جيڪڏهن هڪ اڌ وڃي به سهي ته اهي انکي گم ڪري ڇڏيندا آهن خبر ئي ناهي پوندي ته ڪاڏي ويو؟ ڇو جو اهو انهن وٽ ائين معظم آهي جهڙي طرح اسان وٽ بيت الله معظم آهي. جيئن اسان بيت الله جو حج ڪندا آهيون اهڙي طرح يهودي ان جڳهه جو حج ڪندا آهن. جتي حضرت موسيٰ عليه السلام ڪلام فرمائيندا هئا، اتي انهن کي وڏو فخر آهي ته انساني تاريخ ۾ الله پاڪ پنهنجي ٻانهي سان ڪلام فرمايو جيئن اسان معراج کي وڏي زور شور سان بيان ڪندا آهيون ته يهودي ماڻهو طور سينا تي موسيٰ عليه السلام جي وڃڻ ۽ هم ڪلامي کي وڏي تفصيل سان بيان ڪندا آهن. تنهن ڪري اهي هر سال ان جڳهه جو حج ڪندا آهن ۽ جڳهه به انهن وٽ مقدس آهي. تنهنڪري اهي ناهن چاهيندا ته اتي ڪوئي ٻيو وڃي. جيتوڻيڪ ان وقت ته ڪو حساب نه ٺهي سگهيو پوءِ خيال ايندو رهيو ته ڪڏهن وينداسين.