سفرناما

ڪوهه طور جو سفر

حضرت مولانا حافظ پير ذوالفقار احمد نقشبندي مجددي دامت برڪاته دين جي تبليغ ۽ ماڻهن جو دليون عشق الاهي سان ڀرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪرڻ فرمايو آهي. حضرت سائين جن ڪوه طور جو سفر ڪرڻ فرمايو ۽ افريڪي ملڪ زيمبيا جي هڪ مجلس ۾ انجو احوال بيان ڪيائون جنهن کي هندستان جي عالم مولانا صلاح الدين سيفي (گجرات) قلم بند ڪيو ۽ مڪتبة الفقير آڪٽوبر 2009ع ۾ میں کہاں کہاں نہ پہنچا تری دید کی طلب میں (سفر کوہ طور) جي نالي سان شايع ڪيو.
سنڌ جي مشهور، علمي ۽ اصلاحي رسالي ماهوار “شريعت” ۾ ٻن قسطن (ڊسمبر 2015ع ۽ جنوري 2016ع) ۾ شايع ٿيو.
Title Cover of book ڪوهه طور جو سفر

وادي مقدس

خير اڳتي جتي اسان پهتاسين ان جڳهه جو نالو “ وادي مقدس” آهي. اها تقريبا اٺن نون ڪلوميٽرن جي پهاڙي آهي. وچ ۾ هڪ وادي آهي. ڪوهه طور پهاڙ جي مٿان ساوڪ ناهي جيئن ڪشمير ۽ مريءَ جا جبل سرسبز(چهچ ساوا) هوندا آهن. هي ائين ناهي بلڪ احد، جبل نور ۽ جبل ثور وانگر ئي هڪ جبل آهي ۽ ڳاڙهي گرينئٽ جو ٺهيل آهي، هارڊ پٿر آهي. جيڪي بيت الله ويا آهن اتي جيڪي بيت الخلاء جي اندر سرخ گرينئٽ استعمال ٿيل آهي. هي ان طرح جو گرينئٽ آهي. ان ايڏي وڏيءَ وادي ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو گاهه ڦٽل نظر اچي پيو هتي ته انهن هڪ هوٽل ٺاهيو آهي. جيڪا فائيو اسٽار هوٽل آهي. جيڪو تمام خوبصورت ٺاهيو ويو آهي اها ته اسان کي پوءِ خبرپئي ته ملڪن جا سربراهه جيڪي هتي ايندا آهن اهي هن هوٽل ۾ رهندا آهن. اهڙي طرح فرانس جو صدر هتي رهيو، اٽليءَ جو صدر هتي رهيو ۽ مصر جو صدر رمضان جا آخري ڏهه ڏينهن ان ۾گذاريندو آهي ته جتي ملڪن جا پريزيڊنٽ رهندا هجن ته اها ڏاڍي ئي اهم جڳهه هوندي آهي. ان هوٽل ۾ گهڻي سيڪورٽي هئي. اسان جو هڪ ساٿي اندر ويو ۽ استقباليه ۾ وڃي ڳالهه ڪئي ته انهن چيو ته توهان هتي ڪيئن؟ ان چيو ته اسان هتي رات رهڻ آيا آهيون. اسان جي بڪنگ نٿي ٿي سگهي هاڻي. الله جو شان ڏسو ائين ٿيو جو جنهن نوجوان ان ۾ بڪنگ ڪرائي هئي انجي سڄي پڙهائي امريڪا جي هئي ۽ اهو نوجوان ان ٻولي ۾ ڳالهائندو هيو. ان دبئي مان فون تي بڪنگ ڪرائي هئي. انهيءَ هوٽل ۾ جيڪا عورت استقباليه تي بڪنگ ويٺي رهي هئي. هوءَ سمجهي رهي هئي ته شايد ڪو امريڪي ڳالهائي رهيو آهي. انهيءَ ان جي ڪريڊٽ ڪارڊ مان رقم به ورتي. بهرحال هوٽل ۾ بڪنگ ڪندڙ هي تصور ڪيو هو ته ڪو امريڪي اچڻ وارو آهي. جڏهن اسان حاضر ٿياسين ته اهي اسانکي ڏسي حيران ٿيا هاڻي اهي شڪلون ڏسي چوڻ لڳا ته توهان هتي نٿا رهي سگهو ۽ جڏهن بڪنگ ڪوڊ نمبر ڏسندا آهن بڪنگ موجود هئي. انهيءَ سوچ ويچار ۾ تقريبا پنجيتاليهه منٽ گذري ويا. خير انهن رهڻ لاءِ اسان کي هڪ ڪمرو ڏنو. اسان پنهنجي دوستن کي چيو ته دوستو الله تعاليٰ حضرت موسيٰ عليه السلام کي فرمايو هو “ انک بالواد المقدس طويٰ(طہ12) ( توهان هڪ مقدس وادي طويٰ ۾ آهيو) هيءَ اها وادي آهي ۽ اسان قسمت سان تهجد ۽ مراقبه ۾ اها رات گذاري. جڏهن صبح ٿي ته اسان ناشتو ڪيو پوءِ اسان جبل طور جي طرف روانا ٿياسين.