سفرناما

ڪوهه طور جو سفر

حضرت مولانا حافظ پير ذوالفقار احمد نقشبندي مجددي دامت برڪاته دين جي تبليغ ۽ ماڻهن جو دليون عشق الاهي سان ڀرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو سفر ڪرڻ فرمايو آهي. حضرت سائين جن ڪوه طور جو سفر ڪرڻ فرمايو ۽ افريڪي ملڪ زيمبيا جي هڪ مجلس ۾ انجو احوال بيان ڪيائون جنهن کي هندستان جي عالم مولانا صلاح الدين سيفي (گجرات) قلم بند ڪيو ۽ مڪتبة الفقير آڪٽوبر 2009ع ۾ میں کہاں کہاں نہ پہنچا تری دید کی طلب میں (سفر کوہ طور) جي نالي سان شايع ڪيو.
سنڌ جي مشهور، علمي ۽ اصلاحي رسالي ماهوار “شريعت” ۾ ٻن قسطن (ڊسمبر 2015ع ۽ جنوري 2016ع) ۾ شايع ٿيو.
Title Cover of book ڪوهه طور جو سفر

تجليءَ واري وڻ جي پاڇي ۾

ان کان پوءِ اسان هڪ جڳهه تي وياسين ان جو نالو رکيو اٿائون برننگ بش (شجر تجلي) حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي گهرواري اميد سان هئي ۽ ٿڌ به ڏاڍي هئي. جڏهن اهي هڪ جڳهه تي پهتا ته حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته تون انتظار ڪر مون کي پري کان باهه نظر اچي رهي آهي. “ آتيکم منها بقبس او اجد علي النار هديٰ” (طہ 14) يعني مان توهان جي لاءِ ان مان ٿوري باهه کڻي اچان ٿو يا جيڪڏهن باهه نه به ملي ته اتي ڪنهن کان ڏس ملي ويندو.حضرت موسيٰ عليه السلام باهه کڻڻ آيو هو پر اهو هڪ وڻ هئو ۽ ان تي الله جي تجلي (چمڪ) ٿي رهي هئي. ۽ ان تجلي جو نور باهه وانگرنظر اچي رهيو هو. حضرت موسيٰ عليه السلام جڏهن ان جي ويجهو آيا ته آواز آيو “ فاخلع نعليک انک بالواد القدس طوي” ( توهان جتين کي لاهيو ڇو ته توهان پاڪ وادي طويٰ ۾ آهيو) ۽ “ انني انا الله لا الہ الا انا فاعبدني واقم الصلواة لذکري” ته اهو برننگ بش( شجر تجلي) آهي ان باري ۾ اهو نه ٿو چئي سگهجي ته اڃا تائين اهو ئي موجود آهي. پر انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن اهو پراڻو ٿيندو آهي ته ڪومائجي ويندو آهي. ان کي ڪٽيندا آهن ۽ ان جي اندران نئون ڦٽندو آهي بس اهو آهي جو انهيءَ جڳهه تي ان نسل جو اهو وڻ ڦٽندو رهيو آهي ان جا پن ساوا هوندا آهن ۽ ڪرندا به نه آهن انهن ماڻهن ان وڻ کي هٿ پهچڻ جيترو مٿي ڪٽي ڇڏيو آهي ان وڻ کي ماڻهو ڏسڻ ويندا آهن۽ انهن جي نظر۾ ان وڻ کي ڏسڻ ائين آهي جيئن حج جو هڪ رڪن ادا ڪرڻ خير اسان کي ٻڌايائون ته اهو سامهون برننگ بش (شجر تجلي) آهي مان پنهنجي دوستن کي چيو ته اسان قرآن مجيد جي هڪ آيت تي عمل ڪريون؟ چوڻ لڳا سائين ڪهڙي؟ مان چيو “ فاخلع نعليک” جتيون لاهيو. الله تعاليٰ هن جڳهه تي موسيٰ عليه السلام کي اهو حڪم فرمايو هيو. اڄ اسان به قرآن پاڪ جي ان آيت تي عمل ڪريون، اهڙي طرح اسان جتا لاٿا ۽ اڳتي جيڪي چند قدم هئا پيرين اگهاڙو هلياسين اتي وڃي ان وڻ ۾ ٻيو ته ڪجهه ڏسڻو ڪونه هو. ان ڪري ان جي ويجهو پٿر جي بينچ تيوڃي ويٺاسين اتي اسان چيو ته ڏسو ادا هي اها جڳهه آهي جتي الله پاڪ جي تجلي لٿي هئي. اها ڳالهه قرآن پاڪ مان ثابت آهي ته الله پاڪ ان کي مقدس جڳهه چيو آهي ته اهي تجليون ختم ته ڪونه ٿيون هونديون. اڃا تائين موجود هونديون. تنهنڪري ويهو توبه، ذڪر ۽ مراقبو ڪريون خبر نه آهي اسان کي ڪيترو وقت لڳو ڏهه منٽ يا اڌ ڪلاڪ البت اسان خوب مراقبو ڪيو جڏهن اٿياسين ڇا ڏسون ته فوج جو ڪرنل سامهون بيٺو آهي. اهو سينٽ ڪيٿرائڻ جي سيڪيورٽي اسٽاف جو هيڊ هو. جڏهن ان ڏٺو ته اسان گيٽ ۾ داخل ٿياسين. ڊگها ڪپڙا پٽڪا ۽ ڏاڙهيون ته اهو اچرج ۾ پئجي ويو هيو ۽ اسان کي وڊيو ڪيمرا جي ذريعي چيڪ ڪري رهيو هو ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ ڇا ڪري رهيا آهيون؟ جڏهن اسان اتي ڪنڌ جهڪائي دير تائين ويٺا رهياسين ته اهو ويجهو ٿي ڏسڻ آيو ان ڪري جو اها انهن لاءِ نئين شيءِ هئي ته هي ماڻهو آيا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيا آهن. جڏهن اٿياسين ته اهو سامهون بيٺو هو ۽ ڏاڍو ناراضگي ۾ هو مان ان کي هيلو هاءِ ڪئي جيئن ان موقعي تي ڪبي آهي ۽ مان مسڪرائي ان جي طرف ڏٺو پر ان بلڪل نه مسڪرايو هو ناراضگي ۾ رهيو ۽ پڇيائين توهان ڪٿان آيا آهيو؟ اسان چيو پاڪستان کان ان جو پهريون سوال هو ته توهان هتي ڇو آيو؟ توهان سعودي عرب وڃو. پوءِ اسان ان کي سمجهايو ته ڀائو موسيٰ عليه السلام اسان جو به پيغمبر آهي. بس مونکي اندازو ٿيو ته هي ناراض لڳي رهيو آهي. پوءِ الله پاڪ مهرباني ڪئي ته خاموش ڪم (توجهه)اهو ڪم اچي ويو. ڪجهه وقت ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي ته هو ڪجهه اسان سان مانوس ٿي ويو ۽ ان کي اسان جي مسڪين شڪل پسند اچي وئي پوءِ مونکي چيائين ته توهان کي اها جڳهه ٻڌايان جيڪا توهان جي ڏسڻ جي آهي؟ اسان چو ڇو نه؟