تقريظ : عبدالوهـاب چاچڙ
اما بعد! سنڌ ۾ پيرزادن جا مختلف خاندان آهن، ڪي جيئي شاھ سکر واري جا خدام، ته ڪي وري قريشي شيخ ٿريچاڻي وارن جا مائٽ، ٺري ميرواھ وارا ته ڪي وري مخدوم صدر شاھ عثمان فراشن واري جا خاندان. اهي سڀ خاندان پنهنجي تاريخ رکن ٿا ۽ هر هڪ خاندان تي ڪتاب لکجي ته سونهي ٿو، پر اسان جي اهل علم جي غفلت سبب اهو سڄو ڪم رهيل آهي. اسان جا ماڻهو ان کي ڪسرنفسي جو نالي ڏيئي پنهنجي جند ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. حقيقت اها آهي ته ڪسرنفسي جي ڪري پنهنجي شخصيت تي نه لکبو آهي. هتي مسئلو پنهنجي شخصيت تي لکڻ جو نه آهي، پر پنهنجن وڏن عالمن، فاضلن ۽ مشائخن جي سوانح لکڻ جو آهي، ان جو ڪسرنفسي سان تعلق نه آهي. بلڪ صرف پنهنجي غفلت ۽ ڪوتاهي جو مسئلو آهي.
حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽي جهڙي عظيم هستي تي تقريبا هڪ صدي کان پوءِ پي ايڇ ڊي مقالو لکيو ويو، جڏهن ڪافي گوشا سوانح جا ميسارجي چڪا هئا. حضرت امروٽي جي شاعري تي “ڪليات” جي عنوان سان هڪ شخص ڪتاب لکيو. ڪليات معنى حضرت امروٽي جي سڀ شاعري، مون سان اهو صاحب مليو ۽ ڪليات پيش ڪيائين. مون چيو حضرت امروٽي جي فارسي شاعري به آهي، جيڪا اوهان نه آندي آهي. مون چيو پارسي شاعري حضرت امروٽي جي ڇپيل آهي. “فتح القوي في نسب النبي” پارسي جو ڪتاب آهي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو. جنهن جو قطعه طبع حضرت امروٽي جو چيل آهي پر ڪليات ۾ نه آهي.
سيد محمود شاھ بخاري جي پي ايڇ ڊي مقالي لکڻ مهل تائين حضرت امروٽي جا خطوط، ۽ ٻيا فرمودات گڏ ٿي چڪا هئا ۽ سائين جن جا ملفوظات ۽ فرمودات به ناپيد ٿي چڪا هئا. حضرت سائين حمادالله هاليجوي جي حياتيءَ تي به هڪ ناقص مقالو لکيو ويو، جنهن کي پي ايڇ ڊي مقالو چوڻ ئي مناسب نه آهي. مطلب ته ڪن دانشورن، سوانح حيات تي تحقيقي ڪم ڪيو، پر يا ته ناقص ڪيائون يا وقت کان پوءِ ڪيائون.
اسان جي نوجوان محقق، پنهنجي مانائتي خاندان تي ۽ خاندان جي فائق ۽ لائق شخصيتن تي وقتائتو ڪم ڪيو آهي ۽ وڏي جاکوڙ سان ڪيو آهي. الله تعالى هن نوجوان محمد شوڪت علي کي وڌيڪ لکڻ جي توفيق عطا فرمائي. ليکڪ، جن خانداني شخصيتن تي لکڻ فرمايو آهي انهن مان حضرت مولانا جان محمد تماچاڻي وارو به آهي. اهو بزرگ اسان جي استاد حضرت مولانا مظهرالدين انڍڙ جي والد صاحب حضرت مولانا قمرالدين انڍڙ جو شاگرد هو ۽ اسان جي استاد مولانا مظهرالدين انڍڙ جو شروعاتي استاد هو، پر مزاج جي هم آهنگي نه هجڻ ڪري حضرت استاد سائين مولانا عبدالڪريم ڪورائي ڪٽبر وٽ وڃي پڙهيو. اسان روهڙي ۾ ميان جان محمد جا مريد ڏٺا جيڪي پڪا موحد هئا.
حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده وڏي ۽ طويل تاريخ کي سهيڙيو آهي، بلڪ پوري دؤر کي هڪ جامع انداز سان آندو آهي. جيڪڏهن هر محقق پنهنجي پنهنجي خاندان ۽ انهن جي شخصيات تي قلم کڻي ته وڏا ڪارائتا دفتر ٺهي پون. ڪم مشڪل نه آهي پر همت ۽ توجه جي ڪمي آهي.
شال الله تعالى تحقيقي ڪم جي صلاحيت رکندڙن کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين!
[b]عبدالوهـاب چاچڙ[/b]
چيف ايڊيٽر ماهوار “شريعت” روهڙي
صدر جامعه العربيه دارالعلوم الشرعيه روهڙي