تصوف

فائق، فراش جو

ھن ڪتاب ۾ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ ۽ سندس اولاد قريشي پيرزاده خاندان جو تذڪرو آھي. ڪتاب جو ليکڪ محمد شوڪت علي پيرزادو آھي.ادل سومرو لکي ٿو: حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده کي جَس هجي جو هُن پنهنجي خاندان جي هڪ عظيم بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ سندس اولاد بابت هي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. فراش جي نسبت سان هن ڪتابَ ۾ اهم ماڻهن جو ذڪر آهي، جن پنهنجو پنهنجو قومي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪيو آهي. فراش هڪ مثالي ڳوٺ آهي. سنڌ جا ڳوٺ جيڪڏهن اِن ڳوٺ جهڙا بڻجي وڃن ته هوند بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي علمي پورهيو، سندس جذبي، پنهنجن ڪکن ۽ شخصيتن سان عقيدت ۽ محبت جو مثالُ آهي.

Title Cover of book Faiq Firash Jo

محبت سندو من ۾، پُر پيالو جن!

سنڌ، صدين کان صوفين جي سرزمين ۽ ديندارن جي ڌرتي پئي رهي آهي. ننڍي کنڊ ۾ سنڌ کي “اسلام جو دَرُ” ۽ “ولين جو گهر” ڪوٺيو وڃي ٿو. هتي جون اَڏيون ۽ مَڏيون، ڀنگيون ۽ مَنهيون، ڇپر ۽ ڇاڄا، ڪنڊا ۽ ڪِرڙَ به توحيدي تنوارن ۽ وجودي واين سان واسيل ڏسجن ٿا.
تصوف جي مشهور اسلامي سلسلن مان هتي سڀ کان پهرين سُهروردي سلسلو آيو. جيڪو شيخ شهاب الدين سُهروردي رح کان سنئون سڌو فيض پرائيندڙ: مخدوم نوح بکري رح، هتي آندو. مخدوم نوح بکري رح نه رڳو سنڌ اندر، بلڪ پوري ننڍي کنڊ ۾ سُهروردي سلسلي جو باني آهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو کيس “شيخ الشيوخ” يعني: “مرشدن جو مرشد” چيو وڃي ٿو.
مخدوم نوح بکري رح کانپوءِ، مخدوم بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح، هتي سُهروردي سُلوڪ جون ويرون وهايون. “حديقة الاولياء” مطابق، جڏهن ملتاني مرشد، سُهروردي سائينءَ کان فيض پرائي، ملتان موٽڻ جي موڪل گُهري ته هن کيس فرمايو: “بکر سنڌ ۾ اسان جي خليفي مخدوم نوح بکري رح سان ضرور ملاقات ڪجانءِ!” اتفاق اهڙو ٿيو جو ملتاني مرشد رح، جڏهن بکر پهتو ته بکري بزرگ رح، اڳ ئي الله کي پيارو ٿي چڪو هو. جنهن جو هن کي ڏاڍو ارمان ٿيو.
مخدوم بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح جي محنت سان، سُهروردي سلسلو، سنڌ ۾ اهڙو وڌيو ۽ ويجهيو، جو سنڌ اندر سوين سندس فيض يافته خليفا پيدا ٿيا. انهن مان سکر لڳ فراش ڳوٺ ۾ رهندڙ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح به هڪ هو.
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح ظاهري ۽ باطني فيض ملتان مان پرائي، جڏهن وطن واپس وريو ته هتي مُنهن، مونن ۾ پائي دنيا کان ڪنڊائتو ٿي نه ويٺو، بلڪ هن “هٿ حاج طرف ۽ هينئون، حبيب طرف” ڪندي، پنهنجي ڳوٺ فراش ۽ ڀرپاسي ۾ علم ۽ تصوف جي آبياريءَ سان گڏوگڏ معاشري ۾ ڦهليل براين خلاف جهاد جي “ٽرفلي” سان امت جو اصلاح ڪيو ۽ انسانيت کي شعور ۽ ساڃاھ بخشي. سندس ڪوششن سان پوري علائقي ۾ ڀنگ ۽ تماڪ جو خاتمو ٿيو.
مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح جي اولاد به - جيڪي اڳتي هلي “پيرزاده” سان مشهور ٿيا. سندس گس تي هلندي پنهنجيون حياتيون علم ۽ تصوف، جُهد ۽ جهاد کي ارپيون.
سندس اولاد ۾ مولانا عبدالفتاح قريشي پيرزادو رح، صاحبِ تصنيف عالم گذريو آهي. جنهن سندس سوانح حيات تي “جامع الڪمالات” نالي ڪتاب لکيو. پر افسوس جو اهو اسان جي ناقدري سبب هيٺ مٿي ٿي ويو. وري به شڪر آهي جو ان جو نچوڙ “شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ” جي صورت ۾ موجود آهي. اهو شجرو، مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح ۽ سندس پٽن جي سوانح جو بنيادي ماخذ آهي.
مولانا دين محمد وفائي رح به شايد “تذڪره مشاهير سنڌ” ۾ مخدوم صاحب ۽ سندس پٽن جو تذڪرو ان شجري تان ورتو آهي. مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي رح جي پهرين سنڌي سوانح حيات، جيڪي حضرت سائين ميان عبدالرزاق قريشي پيرزاده رح لکي آهي، سا به ان شجري کي سامهون رکي لکيل آهي. ،حديقة الاولياء” جي مقدمي ۾ مرحوم پير حسام الدين راشدي صاحب، علامه غلام مصطفى قاسمي رح وٽ “ سوانح شاھ عثمان فراش” جي هجڻ جو تذڪرو ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو به ساڳيوئي “شجره نسب حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ” آهي.
اهو شجرو ڪنهن لکيو؟ ان بابت وڌيڪ ڪا تحقيق نه ٿي سگهي آهي. ساڳيءَ ريت مولانا عبدالفتاح قريشي پيرزادو رح جي ذاتي زندگي ۽ سندس علمي ڪارنامن تي به تحقيق جي ضرورت آهي. مولانا عبدالفتاح قريشي پيرزادو رح ته مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي رح جي سوانح حيات لکي هڪ تاريخي قرض لاٿو، پر پاڻ پونئين کي پنهنجو قرضي بڻائي ويو!!
مولانا عبدالفتاح قريشي پيرزادو رح کان پوءِ، مخدوم صدر شاھ قريشي سُهروردي رح جي اولاد ۾ هڪ ئي دؤر جون ٻه شخصيتون نمايان نظر اچن ٿيون، جن علم ۽ ادب، سياست ۽ سماج، روحانيت ۽ تقوى ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هڪ حضرت مولانا جان محمد قريشي پيرزادو رح تماچاڻي وارو، جنهن وقت جي وڏن عالمن ۽ ڪاملن وٽان ظاهري ۽ باطني فيض پرائي، تماچاڻيءَ جي جنگل ۾ منگل مچايو. ٻيو حضرت سائين ميان عبدالرزاق قريشي پيرزادو رح، جيڪو حضرت مولانا سائين تاج محمود شاھ امروٽي رح جي صحبت ۾ رهي رچي ريٽو ٿيو.
حضرت سائين ميان عبدالرزاق قريشي پيرزادو رح، علم، ادب، تحريڪ، سياست، صحافت، شاعري ۽ ڪتابت جي ميدانن ۾ واھ جو پاڻ موکيو ۽ پنهنجي پويان ايندڙ نسل لاءِ هن انهن ميدانن ۾ اتساھ جو ڪارڻ بڻجي عمل جو گس نروار ڪيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پيرزاده خاندان ۾ سندس اولاد مان ڪئين حافظ، عالم، مفتي، ڊاڪٽر، انجنيئر، صحافي، شاعر، سياستدان ۽ ايماندار ڪامورا پيدا ٿيا. جن وڏڙن جي واٽ تي هلندي چڱو نانءُ ڪمايو. مولانا حڪيم غلام قادر قريشي پيرزادو کان ويندي هن ڪتاب جي ليکڪ حافظ محمد شوڪت علي قريشي پيرزاده تائين سندس نيڪ نام اولاد جو هڪ سنهري سلسلو آهي.
حافظ محمد شوڪت علي پيرزادو جاکوڙي جوان آهي. جنهن “فائق، فراش جو” نالي هي ڪتاب لکي مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ پيرزاده خاندان جي ٻين ناميارن جون سوانح عمريون هڪ هنڌ گڏ ڪري ساراھ جوڳو ڪم ڪيو آهي.
ڌڻي سائينءَ کان دعا آهي ته سندس قلم ويرون وير وڌ هجي جو اهڙا املھ ماڻڪ موتي سنڌ واسين لاءِ پيش ڪندو رهي.

والسلام
طالب علم
[b]ولي الله مهر[/b]
دارالافتاء جامعه دارالعلوم سکر
گورنمينٽ سوسائٽي، ايئرپورٽ روڊ سکر