مير سلامت حسين ٽالپر پاران
تاريخ کي پرجهڻ ۽ پڙهڻ ان ڪري ضروري آهي جو ان سان ماضي جي حقيقتن، سچاين ۽ پنهنجي وڏڙن ۽ بزرگ هستين جي علمي ۽ فڪري پورهئي ۽ حالات جي سُڌ ملي ٿي. سجاڳ ۽ ترقي يافته قومن ۾ پنهنجي وکريل تاريخي وکر کي سهيڙڻ لاءِ کوجنائون ۽ علمي مواد جي ڇپائي جو ڪم زور تي آهي. پر اسان وٽ تاريخ جي مضمون بابت جاڳرتا جو هجڻ اطمينان جوڳو ناهي.
اسان جي پياري دوست محمد شوڪت علي پيرزاده ماضي ۽ حال جي بزرگ هستين ۽ ناليوار شخصيتن جي زندگي، علمي ۽ فڪري پورهئي بابت جيڪو قلم کنيو آهي، ان سان سندن ديني، دنوي ۽ مذهبي خدمتن سان گڏ، ان دؤر جي حالات ۽ واقعات بابت آگاهي ٿئي ٿي. سندس لکڻين جون حدون ڪنهن خاص علائقي، دؤر يا عهد تائين محدود ناهي، پر سندس ڪتاب ۾ مايه ناز ۽ اعلى مرتبو رکندڙ شخصيتن جو ذڪر مخدوم بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي شاگرد، خاص خليفي ۽ فراش جي پيرزادن جي بنياد مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي کان شروع ٿئي ٿو.
حافظ صاحب هن ڪتاب جي تياري ۾ چڱي خاصي محنت ڪئي آهي. ليکڪ: “فائق، فراش جو” مواد مختلف حصن ۾ ورهايو آهي ته جيئن ماضي جي وسيع تاريخي مواد کي ننڍن عنوانن ۾ ونڊي ورڇي، پڙهندڙن لاءِ سهولت پيدا ڪئي وڃي. خاص طور تاريخ جي مضمون ۾ گهري دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ هي ڪتاب وڏو رهنما ثابت ٿيندو. هن ڪتاب مان عام پڙهندڙن کي به چڱو خاصو لاڀ ملندو. هن ڪتاب ۾ ليکڪ جو تحقيقي فڪر، تجسس ۽ علمي ذوق ظاهر ٿئي ٿو. سندس تخيل قوت، ادراڪ ۽ تحقيق جي بٺي مان پچي تيار ٿيندڙ هن تاريخي ڪتاب بابت اهو ويساھ قائم ڪري سگهجي ٿو ته ماضي جي بزرگ هستين جي نيڪ نامين، علمي خدمتن جو اهو وکر پڙهندڙن جي علمي ۽ فڪري صحت تي بهتر اثر ڇڏيندو.
هونءَ ته تاريخ جو مضمون هڪ ويڄ جيان پڙهندڙن جي اخلاقي، سماجي ۽ ذهني صحت جي سڌاري ۾ اهم ڪردار نڀايو آهي. حال ۽ آئيندي جي سفر مان جيڪڏهن ماضي کي هڪالي ڪڍجي ته اسان پنهنجو حقيقي رستو وڃائي ويهنداسين. ڇو ته تاريخ، ماضي جي تجربن، علمي تحقيق ۽ غلطين مان پرائڻ جو اهم موقعو ڏئي، اسان کي پنهنجي مستقبل لاءِ نوان گس ۽ پيچرا آڇي ٿي. جيڪڏهن تاريخ کي استاد ۽ رهنما بڻائي، اسان پنهنجي حال ۽ آئيندي کي سنوارينداسين ته اهو عمل اسان کي پنهنجي اخلاقي، سماجي ۽ ديني طور سگهاري ڪردار جي اڏاوت ۾ مدد ڏيندو.
حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جهڙا ماڻهو تاريخ جي اونداهين مان جرڪندڙ ڪردار ۽ سندن علمي ذخيرن کي ڳولهي هٿ ڪرڻ واري جيڪا قلمي جاکوڙ ڪئي آهي اها ساراھ جوڳي آهي. سندس اها تحقيق ۽ علمي ڪِرت ظاهر ڪري ٿي ته نفسانفسي ۽ دنيا جي لوڀ ۾ ننهن کان چوٽي تائين غرق ٿيل هن سماج ۾ اڄ به اهڙن آدرشي ۽ صحتمند سوچ رکندڙن نوجوانن جو ڪال ناهي، جيڪي علم جي روشني جا ڳولائو آهن.
مان محمد شوڪت علي پيرزاده جي انهي علمي ڪوشش کي بيٺل پاڻي ۾ اڇلايل پٿر جيان سمجهان ٿو. جنهن مان يقينن لهرون جنم وٺنديون. هي ڪتاب اڄڪلهه جي ماٺار ۽ جمود واري حالتن ۾ نئين سوچ ۽ فڪري لوچ کي جنم ڏيندو. ان سان نوان فڪري لاڙا ۽ واٽون جڙنديون. ماضي جون اهي ساروڻيون ۽ اهم شخصيتن جي ڪيل علمي پورهئي ۽ فڪري جهت جا چونڊ حواله نئين ٽهي جي روين ۽ ڪردار ۾ تبديلي جا نوان رنگ ڀريندا. انهن کي علم ۽ تاريخ جي اهميت ۽ افاديت کان آگاھ ڪندا.
[b]مير سلامت حسين ٽالپر
فارمَر جرنَلسٽ[/b]