تصوف

فائق، فراش جو

ھن ڪتاب ۾ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ ۽ سندس اولاد قريشي پيرزاده خاندان جو تذڪرو آھي. ڪتاب جو ليکڪ محمد شوڪت علي پيرزادو آھي.ادل سومرو لکي ٿو: حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده کي جَس هجي جو هُن پنهنجي خاندان جي هڪ عظيم بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ سندس اولاد بابت هي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. فراش جي نسبت سان هن ڪتابَ ۾ اهم ماڻهن جو ذڪر آهي، جن پنهنجو پنهنجو قومي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪيو آهي. فراش هڪ مثالي ڳوٺ آهي. سنڌ جا ڳوٺ جيڪڏهن اِن ڳوٺ جهڙا بڻجي وڃن ته هوند بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي علمي پورهيو، سندس جذبي، پنهنجن ڪکن ۽ شخصيتن سان عقيدت ۽ محبت جو مثالُ آهي.

Title Cover of book Faiq Firash Jo

تقريظ ؛ غلام مصطفى راڄپر

سنڌي ٻولي ۾ جنهن موضوع تي سڀ کان گهٽ ڪم ٿيو آهي شايد اهو آهي سنڌ جي پنهنجي تاريخ. سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي مواد ڪيئن مرتب ٿئي ۽ ان تاريخ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو وٺڻ جا اصول ڪهڙا هجڻ گهرجن، اهو به ان سان لاڳاپيل موضوع آهي جنهن بابت اڄوڪي سنڌ ۾ مختلف رجحان ۽ رايا سامهون اچي رهيا آهن.
هڪ رجحان اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جيئن عربي ۽ فارسي تاريخ نويسن سنڌ جي تاريخ لکي آهي ان کي ئي ڪاپي پيسٽ ڪري اڳتي وڌائجي ۽ انهن لڪيرن تي ٻيون لڪيرون ٺاهجن. ڪنهن به نئين زاويي سان سوچڻ جي هر صورت ۾ حوصله شڪني ڪجي. تاريخ جي حوالي سان اهو ڪاپي پيسٽ وارو رجحان حقيقي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ پوري طرح مددگار نه ٿو ٿي سگهي. بلڪه تاريخ بابت ذهني جمود واري رويي جي عڪاسي ڪري ٿو.
ٻي راءِ اها ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته عربي ۽ فارسي ۾ لکيل سڀ تاريخون فاتحن پنهنجي درٻاري خوشامدين کان لکرايون آهن تنهنڪري انهن کي رديءَ جي حوالي ڪري يورپي لوڪن ۽ ليکڪن جي تاريخي تحقيق تي اکيون ٻوٽي اعتماد ڪجي ڇو ته اهي غيرجانبدار ۽ جديد سائنٽيفڪ طرز سان حواله جاتي طريقي سان تاريخ لکڻ جا ماهر آهن. آثار قديمه جي ذريعي دستاويزي ثبوتن سان تاريخ لکن ٿا.
پر اهو نقطه نظر به پوري طرح صحيح قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ڇو ته يورپي لوڪ به ته سنڌ تي حمله آور ۽ قابض رهيا آهن!. اهي به ته سنڌ جي فاتحن ۾ شمار ٿيندا. انهن جو طريقو ٻين فاتحن يعني عربن، ايرانين ۽ وسط ايشيائي آرين ۽ افغانين کان زماني جي حالات يا قومي مزاج ۽ پاليسين سبب جيتوڻيڪ ڪجهه مختلف ٿي سگهي ٿو پر ڪنهن قوم يا ملڪ جي تاريخ مسخ ڪرڻ انهن جي نظر ۾ به ڪو وڏو علمي ڏوھ نه آهي. خاص ڪري جڏهن انهن جو قلم قومي جانبداري جي جذبي سان سرشار هجي جيئن ايڇ. ٽي لئمبرڪ جڏهن سنڌ جي تحريڪ تي لکندو ته ان کي دهشتگردي قرار ڏيندو ۽ سنڌ تي حمله ۽ ميرن سان معاهدن جون ڀڃڪڙيون شايد سندس نظر ۾ ايتريون بريون نه هونديون جيتريون اهي حقيقت ۾ هيون.
ٽيون طريقو اهو آهي ته پنهنجي تاريخ پاڻ لکجي پر قومي جذبي تحط هر ڳالهه کي حد کان به وڌائي ڪري پيش ڪجي، پنهنجي ڪمين ڪوتاهين جي پرداپوشي ڪبي رهجي ۽ ٻين جون مثبت ڳالهيون به منفي ڪري پيش ڪجن. اسان جي نظر ۾ اهو طريقو به انهن ٻنهي طريقن کان گهٽ نقصانڪار ڪونهي.
چوٿون نقطه نظر اهو آهي ته تاريخ کي آئينو ڪري ڏسجي. جيئن آئينو آئينو هوندو آهي تيئن تاريخ به تاريخ هوندي آهي. تنهنڪري حقيقتن کي مدنظر رکي انصاف سان تحقيق ڪري تاريخ لکجي. پوءِ جيڪڏهن پنهنجي قوم جون خوبيون سامهون اچن ته انهن کي واضح ڪجي ۽ نئين نسل کي ان شاندار ڪردار کان آگاھ ڪجي جيئن هو پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخي ڪردارن جي مالڪي ڪن ۽ پنهنجي ورثي جو تحفظ ڪن ۽ جيڪڏهن پنهنجن جون ئي ڪي ڪمزوريون سامهون اچن ته انهن تي ڪک رکڻ بجاءِ انهن جو تنقيدي جائزو وٺي ان مان به سبق پرائي اڳتي اهڙين غلطين کان پاسو ڪري مستقبل جون راهون روشن ڪن.
انهن ڳالهين چوڻ جي ضرورت اصولي طور هن ڪري پوي ٿي جو اسان بحيثيت قوم پنهنجي مستند تاريخ لکڻ ۾ پنهنجو علمي حق ادا نه ڪري سگهيا آهيون.
مٿي ڄاڻايل رجحانن نظرين ۽ طريقن جي پاڻ ۾ اختلاف هوندي به ان ڳالهه جي اهميت ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي ته ڪنهن به قوم جي ماضي جي حوالي سان جيڪي مواد ملي ٿو پهريائين ان کي محفوظ ڪجي ۽ ان ۾ جيڪڏهن ڪچون پڪيون ڳالهيون يا ڏند ڪٿائون هجن ته اهي به محفوظ ڪري ڇڏجن پوءِ مستقبل جو نقاد انهن کي مختلف پئيمانن تي پرکيندو رهي.
محترم محمد شوڪت علي پيرزادو هڪ اهڙو نوجوان آهي جنهن کي اها دعوه هرگز نه آهي ته هو ڪو تاريخ نويس آهي يا محقق ۽ نقاد آهي. بلڪه هن پنهنجي خاندان جي بزرگن جي سوانح حيات کي مرتب ڪرڻ جي شوق سان قلم کڻڻ جي جرات ڪئي آهي. خاندانن جي شخصيتن جي سوانح حيات تي قلم کڻڻ به حواله جاتي مواد کي جمع ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. اها به علم تاريخ جي خدمت آهي پوءِ ڇو نه ان جو بنيادي محرڪ پنهنجي ئي خاندان جي سوانح حيات مرتب ڪرڻ هجي جيڪو نسبتن آسان ۽ طاقتور محرڪ آهي.
ڳوٺ فراش جي قريشي پيرزادن جو هي خاندان غالبا پنجين صدي هجريءَ ۾ مڪي شريف کان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو آهي. هي تقريبا اهو دؤر آهي جڏهن يمن ۾ صليحي اسماعيلي خاندان جي حڪومت آهي. ۴۵۰ هجري ۾ مڪو شريف سندن گورنري هيٺ رهيو آهي. هي سلطان صلاح الدين ايوبي (۵۳۲ هجري - ۵۸۹ هجري / 1138ع - 1193ع) کان ڪجهه اڳ جو وقت آهي. (جنهن بعد ۾ مڪي شريف کي عباسين جي گورنريءَ ۾ موٽائي آندو ۽ خطبي ۾ هڪ دفعو ٻيهر عباسي خليفي جو نالو وٺڻ شروع ڪيو ويو) تاريخ جي ان دؤر ۾ مڪي جي گورنريءَ تي وقت بوقت ڇڪتاڻ به پيدا ٿيندي هئي. ٿي سگهي ٿو ته قريش قبيلي جو هي خاندان ڪن اهڙين حالتن سبب مڪي شريف مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيو هجي. جيتوڻيڪ اهو به فقط هڪ اندازو آهي، هن خاندان جي نسب نامي ۾ ذڪر ٿيل نالن تي به وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ هن خاندان جي ٽين پيڙهيءَ ۾ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رح (۵۹۰ هجري - ۶۶۳ هجري) مخدوم بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح کان براھ راست فيض يافته آهن ۽ کانئن پوءِ سندن فرزند مخدوم صدرالدين قريشي رح (۶۳۰ هجري - ۶۸۳ هجري) سندن مسند سنڀالي آهي بعد ۾ هن قريشي خاندان کي پيرزاده به شايد ان مناسبت سان ئي چيو وڃي ٿو ته پير يعني مرشد جي اولاد. انهن بزرگن جي حالات زندگيءَ بابت بنيادي ماخذ مولانا عبدالفتاح قريشي فراشائي رح جي ڪتاب “جامع الڪمالات” آهي. مولانا عبدالفتاح قريشي رح پاڻ به هڪ وڏو عالم ۽ الله جو نيڪ ٻانهو هو پر سندس ولادت وفات بابت اڃان تائين چٽائي نه ٿي سگهي آهي. اهڙيءَ طرح هن خاندان جون علمي ديني اصلاحي خدمتون صدين تي محيط آهن پر اڄوڪي سنڌ ان کان پوري طرح واقف نه آهي. محمد شوڪت علي جو هي ڪتاب ان واقفيت لاءِ مددگاري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
سنڌ ۾ ڪيترا وڏا وڏا علمي، ديني ۽ اصلاحي ماڻهو اهڙا به گذريا هوندا جن جي پونئيرن پنهنجي وڏن جي ڪم تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هوندو. پر محمد شوڪت علي پيرزاده جي هيءَ جاکوڙ ۽ اهڙي طرح فراشن ۾ مدرسي ۽ لائبريري جي سلسلي کي اڳتي هلائڻ ۾ هن خاندان جي نئين نسل جي دلچسپي اهڙي نيڪي جو ڪم آهي جو انشاءالله سندن لاءِ به اجر جو باعث ٿيندو ته وڏڙن لاءِ به صدقه جاريه آهي.
جنهن وقت کان مونکي ياد آهي ته سنڌ مان حج ڪرڻ لاءِ حاجي سڳورا اڪثر ڪري سامونڊي سفر طئي ڪري وڃي مڪي شريف پهچندا هئا ته اتي معلم جا فرائض ادا ڪندڙ سنڌي معلمن مان هڪ معلم محمد احمد صباغ السنڌي نالي به هوندو هو جنهن جي معرفت حاجين ڏانهن خط وڪتابت جو سلسلو به جاري رهندو هو. هن ڪتاب ۽ سندس ليکڪ کان اهو معلوم ٿيو ته اهو الصباغ به فراشن جي هن قريشي پيرزاده خاندان مان آهي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ڪافي وقت تائين ان جو سندن اباڻي ڳوٺ ۾ وقت بوقت اچڻ وڃڻ به جاري هو، جنهن کي هن توڙ تائين نباهيو.
هينئر ان خاندان وارا سعودي عرب ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ڪي پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. تاريخي روايت موجب جيئن ته هي قريشي خاندان اصل ۾ مڪي شريف کان آيو ته ان خاندان جا ڪي فرد وري ساڳيو مڪي وڃي پهتا جهڙوڪ انهن لاءِ ائين ٿيو ته “پهتي اتي مٽي، جتان جو خمير هو”.
آزاديءَ جي تحريڪ واري دؤر ۾ هن خاندان جو هڪ روشن چشم وچراغ حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده رح (1884ع - 1968ع) حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رح جو فيض يافته، وطن جي آزاديءَ جو سرگرم سپاهي ۽ انقلابي ڪارڪن، استاد، اديب، شاعر، ڪاتب، صحافي ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي، جنهن وطن جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي سرڪاري ملازمت به ڇڏي ڏني. سندس ديني، علمي، ادبي، سياسي ۽ صحافتي خدمتون ايتريون آهن جو انهن تي مستقل تحقيقي ڪم ٿيڻ گهرجي. سندس هڪ فرزند سنڌ جي مجاهد عالم ۽ تحريڪ آزاديءَ جي اڳواڻ مولانا محمد صادق کڏي واري جي تربيت هيٺ رهي سنڌ جي قديم ديني درسگاھ مدرسه مظهرالعلوم کڏي مان پڙهي فارغ ٿيو ۽ مولانا حڪيم غلام قادر پيرزاده (1910ع - 1950ع) جي نالي سان مشهور ٿيو. ان به ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا ۽ ڪيترن جي ڪتابت ڪئي.
1939ع ۾ سنڌ حڪومت، وزير تعليم جناب پير الاهي بخش جي نگرانيءَ ۾ جڏهن سنڌ ۾ زوري تعليم ڏيڻ وارو پروگرام جاري ڪيو ته سکر ضلعي ۾ باامانت لائق ۽ فائق ماڻهو طور، ديني مدرسي جي فارغ التحصيل مولانا حڪيم غلام قادر پيرزاده کي سرڪاري تعليمي نظام کي سڌارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اٽينڊنس اسسٽنٽ طور مقرر ڪيو ويو. اهڙن مثالن مان انهن الٽرا سيڪيولر دانشورن کي به سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، جيڪي سنڌ ۾ امپورٽڊ لبرل فاشزم جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ پنهنجي باڪردار قومي انقلابي ديني عالمن جي شاندار تاريخ مان جان ڇڏائڻ کي جدت پسندي جو نالو ڏين ٿا جيڪا حقيقت ۾ جدت پسندي نه پر عجلت پسندي آهي.
افسوس ته مولانا حڪيم غلام قادر پيرزادو پنهنجي استاد ۽ مربي مولانا محمد صادق کڏي واري کان به ٻه سال اڳ ۽ پنهنجي والد ماجد کان ۱۸ سال اڳ 1950ع ۾ بخار سبب لاڏاڻو ڪري ويو. گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ڏينهڙا ٿورڙا.
حضرت سائين ميان عبدالرزاق پيرزاده جو ٻيو فرزند ميان محمد قاسم پيرزاده (1932ع - 1998ع) جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي وفات وقت ۱۸ يا ۱۹ سالن جو نوجوان هو. پنهنجي والد ۽ ڀاءُ کان پوءِ سندن علمي، ادبي ۽ سياسي ورثي جو خانداني وارث ٿيو. نئين سنڌ جي سياسي، سماجي، صحافتي ۽ طباعتي تاريخ ۾ هن مڻيادار ماڻهو جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو، ان جا ڪيترائي اکين ڏٺا شاهد اڃا تائين جيئرا آهن ۽ ڪنهن هڪ طبقي تي مشتمل ناهن. اهو عجيب زمانو هو جڏهن سنڌ جي سياسي، سماجي، صحافتي، ادبي ۽ قومي ڪارڪنن کي سکر جا سمورا رستا ميان محمد قاسم پيرزاده وٽ وڃي پهچندا هئا.
فراشن جو قريشي پيرزاده خاندان نئين سنڌ جي تاريخ ۾ مٿي ڄاڻايل مختلف حوالن سان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ تعليم، تصنيف ۽ تاليف سان گڏوگڏ سياست ۽ صحافت پريس، طباعت ۽ طبابت، مطلب ته ڪو به پيشو هنن لاءِ اوپرو نه رهيو آهي. جيلن ۽ ريلن تائين به پهتا آهن. سنڌ جي قومي تاريخ هن خاندان جي سڃاڻپ کان سواءِ اڌوري آهي. ان موقعي تي مونکي عرب شاعر المتنبي جو بيت ذهن تي تري آيو آهي:
الخيل والليل والبيداء تعرفني - والسيف والرمح والقرطاس والقلم
“مون کي گهوڙو به سڃاڻي ٿو، رات به سڃاڻي ٿي، صحرا به سڃاڻي ٿو، تلوار ۽ نيزو به سڃاڻن ٿا ته قلم ۽ ڪاغذ به سڃاڻن ٿا”.
(يعني آئون گهوڙي سواري ۾ شهسوار، تلوار ۽ نيزي جو ماهر، بهادر ۽ جانباز آهيان ته قلم ڌڻي اديب ۽ شاعر به آهيان. مون راتين جا پنڌ ۽ اوجاڳا به ڪيا آهن ته جهنگ جهر به جهاڳي ڏٺا آهن، تنهنڪري منهنجي لاءِ زندگيءَ جو ڪو به ميدان اوپرو ڪونهي)
محمد شوڪت علي پيرزاده جس لهڻي جنهن هن ڪتاب ذريعي پڙهندڙن سان پنهنجي خاندان جي بزرگن جو اجمالي تعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. ان طرح سان ڪافي سارو مواد سامهون آيو آهي جنهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان انهن بزرگن جي زندگي بابت وڌيڪ معلومات مهيا ٿي سگهي ٿي.
“فائق، فراش جو” نه رڳو فراش ڳوٺ جي قريشي پيرزاده خاندان بابت مواد مهيا ڪري ٿو، بلڪه هن ۾ فراش ۽ ان جي پسگردائي جي پراڻي تاريخ جو ڪجهه تذڪرو به اچي وڃي ٿو. اهڙي طرح سوانحي مطالعي جي ضمن ۾ هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ بابت اسان جي ڄاڻ ۾ ڪارائتو اضافو ڪري ٿو. آئون هن ڪتاب جي سموري مواد يا ان جي فني خوبين ۽ خامين تي تفصيلي تبصرو ڪرڻ مناسب نٿو سمجهان. يقينا جتي ڪتاب جي تعريف ٿيندي ته اتي ڪي تنقيدي پهلو به سامهون ايندا. پر اصل اهميت ان ڳالهه کي ڏيڻ گهرجي ته مواد جمع ٿي رهيو آهي، جيڪو اسان جي معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي ۽ اها معلومات انهن عظيم شخصيتن بابت آهي جيڪي اسان جو گڏيل قومي ورثو آهن.
ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ مختلف شخصيتن جي سوانح حيات بابت تحقيق ۽ مطالعي جو رجحان وڌيو آهي ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن يا علائقن جي حوالي سان به ڪتاب سامهون اچي رهيا آهن. جن ۾ ڪيترين ئي شخصيتن بابت ڪارائتي معلومات ملي ٿي.
اميد آهي حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي ڪتاب پڻ سنڌ جي سوانحي تحقيق ۽ مطالعي جو شوق رکڻ وارن لاءِ علمي ذخيري ۽ معلومات ۾ اضافي جو باعث بڻبو.


[b]غلام مصطفى راڄپر[/b]
ناظم، بيت الحڪمت، مدرسه مظهرالعلوم کڏو، ڪراچي
ايسوسيئيٽ پروفيسر اسلاميه سائنس ڪاليج، ڪراچي