تصوف

فائق، فراش جو

ھن ڪتاب ۾ حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي رحمة الله عليہ ۽ سندس اولاد قريشي پيرزاده خاندان جو تذڪرو آھي. ڪتاب جو ليکڪ محمد شوڪت علي پيرزادو آھي.ادل سومرو لکي ٿو: حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده کي جَس هجي جو هُن پنهنجي خاندان جي هڪ عظيم بزرگ مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي ۽ سندس اولاد بابت هي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. فراش جي نسبت سان هن ڪتابَ ۾ اهم ماڻهن جو ذڪر آهي، جن پنهنجو پنهنجو قومي ۽ سماجي ڪردار ادا ڪيو آهي. فراش هڪ مثالي ڳوٺ آهي. سنڌ جا ڳوٺ جيڪڏهن اِن ڳوٺ جهڙا بڻجي وڃن ته هوند بهتر تبديلي اچي سگهي ٿي. حافظ محمد شوڪت علي پيرزاده جو هي علمي پورهيو، سندس جذبي، پنهنجن ڪکن ۽ شخصيتن سان عقيدت ۽ محبت جو مثالُ آهي.

Title Cover of book Faiq Firash Jo

حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي فراشائي سُهروردي جو مرشد قطبن جو قطب حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني سُهروردي

مرشد شيخ بهاؤالدين زڪريا قدس الله سره - مشائخن ۽ اوليائن سڳورن جو سرواڻ، بزرگن جي جماعت جو اڳواڻ، وجود جي دائري جو مرڪز، شهود جي سمنڊ جو موتي، لاهوتي اسرارن جو خزانو، ملڪوتي انوار جو سرچشمو، غيبي فيض جو ماڳ، لاريبي مڪاشفات جي ظاهر ٿيڻ جو هنڌ، سبحان جي معرفت جو ڄاڻو، روحاني حقيقتن جي ولايت ۽ آشياني جو شهباز آهي.
ماڻڪ موتي لعل جهڙين خبرن ۽ روايتون آڻيندڙ راوين ائين چيو آهي ته هن بزرگ بهاؤالدين زڪريا جي ولادت جمعي جي رات تاريخ ۲۷ رمضان المبارڪ سن ۵۶۶ هجري مطابق 3 جون 1171ع ۾ ٿي. رمضان المبارڪ جي باقي ٽن ڏينهن ۾ سندس ماءُ، ٻار کي ٿڃ پيارڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ٻار ٿڃ نه پيتي ۽ ائين رهيو جيئن پاڻ روزي ۾ هو.
ڏاتر جنم ڏيڻ تي نئن کير جي وهــائي
سنسار ۾ سفـر کان پهرين ثمر اچي ٿو
سندس وڏو ڏاڏو حاجي ڪمال الدين شاھ قريشي، مڪي معظم کان خوارزم آيو. پوءِ ملتان اچي سڪونت اختيار ڪيائين. اڃان ٻارهن سالن جو ئي هيو ته سندس والد بزرگوار مولانا وجيهه الدين وفات ڪئي.
شيخ بهاؤالدين زڪريا ستن سالن جي عمر ۾ قرآن مجيد جا ٽيهه ئي سيپارا برزبان ياد ڪري ويو. ظاهري علم ۽ باطني صفائيءَ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پاڻ بخارا ويو، جتي پڻ علمي اڃ اجهايائين. اتان حج جي زيارت لاءِ حرمين شريفين ويو، جتي جليل القدر محدث مولانا ڪمال الدين محمد کان حديث جي علم جي تحصيل ڪيائين. اتي رهي ڪجهه مجاهدا به ڪيائين. اتان بيت المقدس ويو. ڀلن پارن تان حج ۽ زيارتون ڪري، دلي مقصد ۽ مطلب پورو ڪري، واپسيءَ ۾ جڏهن بغداد شريف پهتو ته درگاھ ولايت پناھ هدايت آگاھ شيخ شهاب الدين سُهرورديءَ جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. شيخ شهاب الدين، ولايت ۽ عزت واري آسمان جو قطب، معرفت ۽ هدايت جو مرڪز، مِٺن ماڻهن جي قافلي جو اڳواڻ، الله جو ذاڪر ۽ عرفان صمدي جي کاڻ هو.
زيارت کان پوءِ هن بزرگ پنهنجي ارادت جو هٿ، شيخ شهاب الدين سُهروردي کي ڏنو ۽ ان ريت هو ان جو مريد ٿيو. سندس ولايت جو رتبو ۽ فيض ارشاد جو آواز آسمانن جي سطح کان به مٿي پهچي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ راھ جا طالب ۽ سالڪ، شوق ۽ عشق جا اڃايل، ڏورانهيون واديون ۽ ماڳ ۽ منزلون طئي ڪندا، انهي (مرشد) جي درٻار فيض آثار ۾ اچڻ لڳا. کانئس ارادت جو هٿ ۽ خلافت جو خرقو وٺڻ لڳا. فڪر ۽ فيض سان ڀرپور ٿي، پنهنجي پنهنجي وطن، ماڳن ۽ مڪانن ڏي موٽڻ لڳا. ايتري قدر جو سنڌ ۽ هند جي سڀني مشائخن مان به گهڻن بزرگن جي ارادت جو سلسلو، هن خاندان تائين پهچي ٿو ۽ هتان جا ئي فيض يافته آهن. سندس خليفا سنڌ ۽ هند جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي، اسلام ۽ تصوف کي ڦهلائيندا رهيا. اسان جو ڏاڏو حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي به هن فيض رسان روحاني ۽ علمي سمنڊ مان سلوڪ ۽ عرفان، علم ۽ ساڃهه جا درياء پيتا.
اِيَ گتِ غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون
پيهي منجهه پاتار جي، ماڻــڪ ميڙيائـون
آڻــــــــي ڏنائون، هيرو لال هٿن سيــــــــــــن
سندس وفات جي تاريخ ۾ اختلاف آهي. ڪن ۶۶۱ هجري ته ڪن ۶۹۶ هجري ڄاڻائي آهي. کيس ست پٽ ٿيا، جن مان حضرت شيخ صدرالدين عارف وڏو هو، جو کانئس پوءِ سجاده نشين ٿيو. حضرت عارف کان پوءِ ان جو پٽ حضرت رڪن الدين سجاده نشين ٿيو، جو وڏي معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. محمد تغلق سندس وڏي عزت ڪندو هيو. (حديقة الاولياء ص 86 ۽ 87 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

[b]مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جا همعصر:[/b]
حضرت مخدوم صدر شاھ عثمان قريشي سُهروردي جو دؤر، سياسي اعتبار کان نهايت پرآشوب ۽ سياسي ڪشمڪش جو دؤر هيو. مگر مسلمانن جو علمي عروج ۽ روحاني ترقي بدستور قائم هيا. علم ۽ فن جي هر شعبي ۾ جيترا جليل القدر ۽ ماهر اصحاب هن دؤر ۾ پيدا ٿيا، اوترا ٻين صدين ۾ پيدا نه ٿيا. مولانا جلال الدين رومي، شيخ محي الدين ابن عربي، شيخ مصلح الدين سعدي، شيخ شهاب الدين سُهروردي، انهي دؤر جا چند مشهور بزرگ آهن. ظاهري علمن جي ماهرن ۾ محقق طوسي، ابن الحاجب، نجم الدين، امام فخرالدين رازي، ابن صلاح ۽ ابن بيطار قابل ذڪر آهن.
ننڍي کنڊ ۾ به ان وقت اهڙا بزرگ هيا، جن جي علمي فيض ۽ برڪت سان ڪيترن ماڻهن جون دليون روشن ٿيون. انهن مان شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ سندس فرزند ارجمند شيخ صدرالدين ملتاني، قلندر لعل شهباز، شيخ نوح بکري سنڌي، سيد جلال الدين بخاري، شيخ فريد الدين (شڪر گنج)، شيخ الشيوخ پير پٺه، سيد محمد مڪِي ۽ سندس فرزند (سيد بدرالدين بکري ۽ سيد صدرالدين بکري) سندس سيهوڳي قابل ذڪر آهن. هت اسان انهن بزرگن جو مختصر سوانحي خاڪو ذڪر ڪيون ٿا.
٭٭٭

[b]مخدوم نوح بکري[/b]
شيخ نوح بکري قدس سره - مرشدن جو مرشد، عظيم مشائخن مان ناليوارو، روحاني توفيق ۽ تحقيق جو صاحب، وڏن اوليائن مان بزرگ ٿي گذريو آهي. هو الله تعالى جو قبول پيل ٻانهو ۽ مولا جي محبت ۾ مستغرق متوالو هو. شيخ شهاب الدين سُهروردي جو مريد هو ۽ سڌو سنئون کانئس فيض پرايو هيائين. هو “فرشته” يعني: پراڻي بکر ۾ رهندو هو. ذڪر فڪر، ورد وظائف ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو.
روايت آهي، ته جڏهن شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني بغداد شريف پهتو ۽ ڪامل مرشد شيخ شهاب الدين سُهروردي جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. جڏهن ان جو مريد ٿي واپس وطن (ملتان) وڃڻ جي اجازت پئي ورتائين، تڏهن شيخ شهاب الدين سُهروردي کيس فرمايو ته: “اسان جي مريدن مان هڪ هدايت وارو مريد (شيخ نوح بکري) سنڌ جي فرشته (بکر) شهر ۾ آهي، انهيءَ وٽ ضرور وڃجان، ڇاڪاڻ ته هو هدايت وارو اڳيئي هيو، رڳو مهميزي مام جي طلب هئي. مطلب ته هن ڏيئو، وٽ ۽ تيل پنهنجو آندو، اسان رڳو سندس ڏيئي کي ٻاري روشن ڪيو”. پر اتفاق اهڙو ٿيو، جو جڏهن هو فرشته (بکر) ۾ پهتو ته مخدوم نوح بکري، اڳ ئي الله وٽ پهچي چڪو هو. ان جو شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ حسرت مان ملتان موٽي ويو. هينئر مخدوم نوح بکري جو مدفن بکر جي قلعي ۾ (سکر، روهڙي واري روڊ تي ئي پل جي ڀرسان) آهي. (حديقة الاولياء ص 117 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

[b]سيد محمد مڪِي[/b]
هي ٻاهرين بزرگن ۽ اوليائن مان آهي، جنهن بکر سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، سندس والد محمد شجاع، ايران جي ڳوٺ “مشهد” جو رهاڪو هو، اتان حج لاءِ اسريو، کيس واٽ تي شيخ شهاب الدين سُهرورديءَ جي زيارت نصيب ٿي، ان کان فيض پرايائين ۽ شيخ کيس نجيب سيد ۽ اهل الله ڄاڻي داماد بڻايو. اتان جڏهن مڪي شريف پهتو ته کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد مڪِي رکيو ويو، مڪه مڪرمه کان واپس اچي وري پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ “مشهد” ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. حضرت علي رضا جي مقبري ۾ کيس دفنايو ويو.
سيد محمد مڪِي اباڻو وطن ڇڏي، سنڌ جي شهر فرشته يعني: بکر ۾ سڪونت پذير ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر بکر (ڊي سي آفيس جي سامهون) ۾ آهي. بکر جي ساداتن جو اهوئي مؤسس اعلى آهي.
سيد محمد مڪِي کي چار پٽ هڪ گهرواريءَ مان ۽ ٻه پٽ (سيد شمس ۽ سيد ماھ) ٻئي گهرواري مان هيا. پهرين چئن مان سيد صدرالدين ۽ سيد بدرالدين بکر ۾ ڄاوا.
سيد صدرالدين بن محمد بن محمد شجاع بکري، پنهنجي وقت جي اڪابرن مان هو ۽ رجب ۶۰۹ هجري ۾ بکر ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وفات محرم ۶۶۹ هجري آهي. سندس مزار بکر جي قلعي ۾ آهي. سکر، روهڙي، ٺٽي ۽ هندستان جي ساداتن جون مختلف شاخون موصوف جي نسل مان هليون آهن.
سيد بدرالدين بن محمد بن محمد شجاع بکري سنڌي علم ۽ تقوى جو صاحب هو. هن جي ولادت ماھ شعبان ۶۳۰ هجري ۾ بکر شهر ۾ ٿي ۽ اتي ئي وڌيو ويجهيو، علم ۽ طريقت کي پنهنجي والد کان پرايائين. سيد جلال الدين سرخ بخاري، هڪ ٻئي پٺيان هن جي ٻن ڌيئرن زهره ۽ فاطمه سان شادي ڪئي. اچ جا بخاري سادات انهيءَ بيبيءَ جو نسل آهن. (مقالات قاسمي ص 277 ۽ 278 ليکڪ: علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ حديقة الاولياء ص 40 ۽ 41 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

[b]حضرت بابا فريد گنج شڪر[/b]
حضرت بابا فريد گنج شڪر، چشتي طريقي سان منسلڪ هو. معرفت جي اعلى عهدي تي فائز هو. سندس نالو مسعود فريدالدين ۽ لقب گنج شڪر هو. سندس ولادت جي تاريخ ۶۵۹ هجري ۽ وفات ۶۶۴ هجري آهي. والد بزرگوار جو نالو مولانا جمال الدين سليمان هئس ۽ ديوان چاولي مشائخ، ضلعي ملتان جا ويٺل هيا. پاڻ اڃان ننڍو ئي هو ته سندس والد بزرگوار وفات ڪري ويو. سندس والده ڳوٺ جي عالم وٽ پڙهڻ ويهاريو. جتان ابتدائي تعليم حاصل ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ملتان آيو، جتي قرآن شريف حفظ ڪيائين ۽ مولانا منهاج الدين جي مسجد ۾ فقه جو مشهور ڪتاب “نافع” شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن “نافع” ڪتاب پڙهي رهيو هو ته خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي، مسجد ۾ نماز پڙهڻ آيو. حضرت خواجه جي نظر تيز اثر، حضرت بابا فريد کي گهائي وڌو. ٿوري ئي گفتگو کان پوءِ حضرت خواجه جي دست حق پرست تي بعيت ڪيائين.
جڏهن حضرت خواجه صاحب دهليءَ روانو ٿيو، تڏهن حضرت بابا فريد به ساڻس همراھ ٿيو. اڃان ٽي منزلون طئي ڪيائون ته، حضرت خواجه صاحب کين سڏي چيو ته “ اڃان اتي ترس ۽ ظاهري علمن جي تحصيل ۾ پوري ڪوشش وٺ، ڇاڪاڻ جو بي علم زاهد، مسخرو يا شيطان آهي”.
مرشد جي حڪم موجب موٽي ملتان آيو ۽ ڪجهه وقت اتي رهي، تعليم حاصل ڪري، قنڌار هليو ويو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. اتان بغداد شريف ويو، شيخ الشيوخ شهاب الدين عمر سُهرورديءَ، سيف الدين باخزري، سعدالدين حمدي، بهاؤالدين حموي، شيخ اوحدالدين ڪرماني، شيخ فريدالدين نيشاپوري جهڙين هستين جي صحبت مان فيض پرايائين.
پنجن سالن جي سياحت کان پوءِ، پنهنجي مرشد جي خدمت ۾ دهليءَ ويو، جنهن غزني دروازي جي برج جي هيٺيان هڪ حجرو کيس مرحمت فرمايو، جيئن اتي رياضتون ۽ مجاهدا ڪڍي. مرشد کان اجازت وٺي “هانسيءَ” هليو آيو. معتقدن جي هجوم کان بيزار ٿي “اجودهن” هليو آيو، جتي ڪجهه اڪيلائي ۽ سڪون ڏسي رهي پيو.
سندس مريدن مان ڪيئي وڏا عارف ٿيا، جن مان حضرت نظام الدين اولياء دهلويءَ جو نالو قابل ذڪر آهي. (مقالات قاسمي ص 276 ليکڪ: علامه غلام مصطفى قاسمي)
٭٭٭

[b]مشائخن جو رهبر شيخ صدرالدين ملتاني سُهروردي[/b]
هيءُ محققن جو اڳواڻ، الله جي پهتل ٻانهن جو سرواڻ، ملت ۽ دين جي روشني شيخ صدرالدين عارف، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو وڏو فرزند هيو. والد بزرگوار کان پوءِ هدايت ۽ ارشاد جي مسند تي ويٺو. جهان، سندس فيض ۽ سج جهڙي سوجهري سان روشن ٿيو. سندس فيض ۽ ارشاد جو پڙاڏو، فرش کان وٺي عرش تائين پهتو.
شيخ صدرالدين جي ولادت ۶۲۱ هجري / 1224ع ۽ وفات ۷۰۹ هجري / 1309ع ۾ ٿي. پنهنجي والد شيخ بهاؤالدين زڪريا سان گڏ، قلعي قديم ملتان ۾ دفن ٿيو. هينئر ٻئي هڪ روضي ۾ اندر مدفون آهن. (حديقة الاولياء ص 88 ۽ 89 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭

[b]سيد عثمان مروندي[/b]
سيد عثمان مروندي (قلندر لعل شهباز) شهباز لقب، اشرف ذات ۽ پاڪ نسب آهي. سيوهڻ ۾ سندس واھ جو سهڻو روضو آهي! سيد عثمان جي وطن بابت مختلف روايتون آهن. “الوحيد سنڌ آزاد نمبر” ۾ ائين ڄاڻايو ويو آهي، ته “آذربائيجان (آرمينا) جي ڳوٺ ‘مرند’ ۾ تولد ٿيو”. ‘مرند’ جو شهر درياء خدي جي اوڀر ۾، درياء جي هڪ شاخ جي ڪناري تي آباد هو، جيڪا “خدي” ۾ اچي ملي ٿي. هي شهر آذربائيجان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ تبريز کان اتر اولهه ۾ چاليہن ميلن جي فاصلي تي آهي.
محترم علامه غلام مصطفى قاسمي پنهنجي “علمي ڊائريءَ” ۾ ولادت جو سن ۵۵۲ هجري نقل ڪيو آهي. قلندر صاحب ستن سالن جي عمر ۾ قرآن ڪريم حفظ ڪيو. ازان سواءِ ٿوري ئي عرصي ۾ عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ به مهارت حاصل ڪيائين.
پاڻ جڏهن بلوغت جي سن کي پهتا، تڏهن بابا ابراهيم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ان جا مريد ٿيا. سڄو سال سندن خدمت ۾ رهي ڪماليت کي پهتا ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيائون. مرشد کيس هڪ سنگ مقبول (گلوبند) ۽ بادام جي هڪ عصا پڻ عطا ڪئي. اهو سنگ مقبول هينئر لعل سائين جي درگاھ جي ڪٽهڙي جي اتر پاسي سيرانديءَ کان لٽڪيل آهي ۽ عصا پڻ اتراندي پاسي کان رکيل آهي.
حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ حضرت سيد عثمان مروندي جن پاڻ ۾ گهاٽا يار ته هيا، پر ڪن تذڪرن لکيو آهي، ته حضرت سيد عثمان، حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا کان به فيض پرايو. “خزينة الاصفياء” جو صاحب لکي ٿو ته “حضرت سيد عثمان، حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا جو خليفو آهي”.
سنڌ جا اهي ڀاڳ هيا جو دنيا جو اهڙو عظيم عارف، صوفي ۽ قلندر حضرت سيد عثمان مروندي، سير و سفر ڪندي سيوهڻ کي پنهنجي مستقل سڪونت لاءِ اختيار ڪيو ۽ “سنڌڙيءَ جو شهباز” سڏجڻ ۾ آيو.
نه هر که طرف کله کج نهاد تند نشست - کلاهداري و آئين سروي داند
هزار نکتئه باريک تر زمو اينجاست - نه هر که سر بتراشد قلندري داند
(حافظ شيرازي ۷۹۱ هجري)
(تذڪره شهباز - 1969ع ليکڪ: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
٭٭٭

[b]سيد جلال الدين سرخ بخاري[/b]
جڏهن حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني بغداد ۾ رهندو هو ته اتي سندس ملاقات سيد علي سان ٿي، جيڪو شيخ بهاؤالدين زڪريا جي موڪلائي وڃڻ کان پوءِ سندس تعريف ڪندو رهندو هو. سندس صاحبزادو سيد جلال ان تعريف کان متاثر ٿي، حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا سان ملڻ ملتان آيو، جتان ٿي سنڌ جي شهر بکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين.
سڄو نالو جلال الدين ۽ لقب “سرخ” هو. پاڻ حضرت شيخ بهاؤالدين صاحب سان سير و سفر ڪيائين، ۽ کانئس خلافت جو خرقو به حاصل ڪيائين. وڏي معرفت جو صاحب ٿي گذريو آهي. سفينة الاولياء جي صاحب سندس لاءِ لکيو آهي:
جليل القدر و جامع علوم ظاهر و باطن بودند
عزيزن قريبن جي لاوت چاوت جي ڪري سيد جلال 1244ع ۾ بکر مان لڏي وڃي اچ ويٺو. سندس طفيل “اُچ” ۾ اسلام جي غير معمولي اشاعت ٿي ۽ اسلام جو مرڪز بڻجي ويو. ان کان پوءِ پنجاب ۾ جهنگ سيالان شهر جو بنياد وڌائين. سڄي حياتي پنجاب ۽ سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ ڪندو رهيو. ڪيترين ئي قومن سندس هٿ تي اسلام قبول ڪيو. 95 سالن جي عمر ۾ 1291ع ۾ “اُچ” ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. کيس ٽي پٽ حضرت سيد احمد ڪبير، سيد بهاؤالدين ۽ سيد محمد ٿيا. سيد محمد کي حضرت سيد جلال الدين بخاري مخدوم جهانيان گشت فرزند ٿيو، جو وڏي پايي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. حضرت شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي پوٽي حضرت رڪن الدين جو وڏو خليفو هو. دهليءَ جو بادشاھ فيروز تغلق سندس وڏو معتقد هو ۽ کيس “شيخ الاسلام” جو عهدو سونپيو هيائين. (تذڪره شهباز - 1969ع ص 67-69 ليکڪ: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
٭٭٭

[b]مولانا جلال الدين رومي[/b]
مولانا، ۶ ربيع الاول ۶۰۴ هجري (1207ع) تي اوڀرندي ايران جي شهر “بلخ” ۾ پيدا ٿيو، جيڪو هينئر افغانستان جو حصو آهي. قديم زماني ۾ هيءُ شهر ٻڌڌرم جو مرڪز هو. حضرت ابراهيم بن ادهم رح به هن شهر ۾ پيدا ٿيو هو. مولانا روميءَ جو پورو نالو محمد ۽ جلال الدين سندس لقب آهي. سندس پشت، ستن پيڙهين کان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ تائين پهچي ٿي. مولانا جو والد سلطان العلماء مولانا بهاؤالدين، بلخ جي مشهور مشائخن مان هو. رومي صاحب جي عمر ۲۴ سال هئي ته سندس والد ۱۸ ربيع الثاني ۶۲۸ هجري وفات ڪري ويو.
مولانا رومي شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. والد جي وفات کان پوءِ ٻئي سال علم ۽ فنون جي تڪميل جي غرض سان شام ڏانهن ويو ۽ حلب جي مدرسي حلاويه جي دارالاقامه ۾ قيام ڪيائين ۽ مولانا ڪمال الدين جو شاگرد ٿي رهيو. شاگرديءَ جي زماني ۾ عربية، فقه، حديث، تفسير ۽ علم معقول ۾ اهڙو ڪمال حاصل ڪيائين، جو جيڪڏهن ڪو مشڪل مسئلو پيش ايندو هو ۽ ڪنهن کان حل نه ٿيندو هو ته ماڻهو، مولانا ڏانهن ايندا هيا.
ان وقت تائين مولانا تي فقط ظاهري علمن جو رنگ غالب هو. ديني علم جو سبق ڏيندو هو، واعظ ڪندو هو ۽ فتوى لکندو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ سندس ملاقات، پنهنجي والد جي شاگرد، شيخ برهان الدين ترمذي سان ٿي، جنهن کيس معرفت جو رستو ڏيکاريو. مولانا جي روحاني تربيت ۾ سڀني کان وڌيڪ حضرت شمس تبريز رح جو حصو هو، چنانچه پاڻ چوي ٿو ته:
مولانا ازخود شــد مولانا رُوم رح
تاغلامِ شمس تبريزي رح نه شد
مولانا رياضت ۽ مجاهديت ۾ يڪتا هو. پٿرڻي ۾ وهاڻو بلڪل استعمال نه ڪندو هو. ڄاڻي واڻي نه ليٽندو هو. زور جي ننڊ ايندي هيس ته ويٺي ويٺي آرامي ٿيندو هو. نماز جو وقت ٿيندو هو ته ڪهڙي حالت ۾ به هوندو هو ته به جلد ئي قبلي ڏانهن منهن ڪندو هو ۽ چهري جو رنگ بدلجي ويندو هيس. نماز ۾ نهايت سنجيده هوندو هو.
مزاج ۾ نهٺائي ۽ حد درجي جو زهد ۽ قناعت هيس. سڀئي بادشاھ ۽ امير سوکڙيون موڪليندا هيا، مگر مولانا پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکندو هو. فيض ۽ ايثار جو اهو عالم هو، جو جيڪڏهن ڪو سوالي ايندو هئس ته قميص، جبو يا جيڪي به تن تي هوندو هيس، سو لاهي ان کي ڏئي ڇڏيندو هو.
سندس صبر ۽ تحمل جا مثال، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڏاڏي حضرت سيد عبدالڪريم شاھ (بلڙيءَ واري) جي زندگيءَ ۾ ملن ٿا، جنهن تي مثنوي جو تمام گهڻو اثر هو. جنهن جو ثبوت هن جي بيتن مان ملي ٿو. سن ۶۷۲ هجري ۾ قونيه ۾ زبردست زلزلو آيو ۽ لڳاتار چاليہه ڏينهن رهيو. سڀئي ماڻهو بيحد حيران ۽ پريشان هيا. آخرڪار مولانا وٽ آيا ته ڇا هيءَ آسماني بلا آهي؟ مولانا فرمايو ته زمين بکايل آهي ۽ لقمو چاهي ٿي ۽ انشاءالله ڪامياب ٿيندي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مولانا روميءَ جي طبيعت ناساز ٿي. ماهر حڪيمن ڪوشش ڪئي مگر ڪجهه به نه حاصل ٿيو. مولانا کان جڏهن پڇيو ويندو هو ته توهان خود، پنهنجي مزاج جي ڪيفيت بيان فرمايو ته مولانا بنهه ڪو ڌيان ڪو نه ڏيندو هو. بيماريءَ جي خبر عام ٿي ته سڄو شهر عيادت لاءِ اچڻ لڳو ۽ مشائخ، عالم، امير ۽ هر طبقي ۽ درجي جا ماڻهو بي اختيار زار و قطار روئندا رهيا. آخر آچر جي ڏينهن، سانجهيءَ مهل ۵ جمادي الثاني ۶۷۲ هجري (17 ڊسمبر 1273ع) تي وفات ڪيائين. صبح جو جنازو کنيو ويو، ٻار، جوان، پوڙها، امير، غريب، عالم ۽ جاهل، هر طبقي ۽ هر فرقي جا ماڻهو جنازي سان گڏ هيا. عيسائي ۽ يهودي پڻ جنازي جي اڳيان انجيل ۽ توريت پڙهندا ۽ نوحه ڪندا رهيا. وقت جو بادشاھ به جنازي سان گڏ هيو. شام ٿيندي ٿيندي جنازو قبرستان پهتو. چاليہن ڏينهن تائين ماڻهو مزار جي زيارت لاءِ ايندا رهيا ۽ اڄ تائين ماڻهن جو ساڳيو حال آهي.
سندس تصنيفن مان هڪ ته مثنوي آهي، جيڪا ڇهه هزار ڇهه سؤ ڇاهٺ شعرن تي مشتمل آهي ۽ جنهن متعلق جاميءَ چيو آهي:
هست قرآن درزبانِ پهلوي
(ماهوار “پيغام” ڪراچي، ص 33، ڊسمبر 1978ع،)
٭٭٭

[b]حضرت بو علي قلندر[/b]
سندس نالو شرف الدين ۽ لقب بو علي قلندر هيو. حضرت امام اعظم ابو حنيفه جي اولاد مان هيو. ننڍپڻ ۾ ئي اڪابر عالمن کان ظاهري علمن جي تحصيل ڪيائين. اسلامي دنيا جي سياحت ڪري، بزرگن کان فيض پرايائين. حضرت شمس تبريزيءَ ۽ مولانا جلال الدين رومي کان خرقو حاصل ڪيائين. آخر دهلي ۾ اچي، قطب مناري جي ڀرسان ٽيهه سال درس ۽ تدريس جو فيض جاري رکيائين. ان کان پوءِ مٿن جذب ۽ سرمستيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي ويئي، جا آخري عمر تائين مٿس قائم رهي. “حڪم نامه” ۽ ٻيا ڪجهه رسالا، تصوف بابت تصنيف ڪيائين. ۱۱۹ سالن جي عمر ۾ ۷۲۴ هجري (1324ع) ۾، رمضان المبارڪ مهيني جي ۱۳ تاريخ تي وفات ڪيائين ۽ ڪرنال ۾ مدفون ٿيا. (تذڪره شهباز - 1969ع ص 77 ليکڪ: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
٭٭٭

[b]پير پٺو[/b]
شيخ پٺو، دين جو سردار ۽ سلطان آهي. عرفان ۽ يقين جي ميدان جو شهسوار آهي. عارف، ڪامل ۽ ولي الله آهي. پير پٺو ديولي، ڪنيت ابوالخير، لقب شاھ عالم ۽ نالو حسين پٽ راجپار پٽ ڪاهو پٽ سخيرو ذات جو اپلان آهي. سندس ماءُ جو نالو سلطاني ڌيءَ شرفو آهي. هيءُ بزرگ ابتدا ۾ - جتي هينئر ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي - جيئن لعل، کاڻ ۾ لڪل هوندو آهي، غار ۾ رهندو هو. شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني دل جي روشني سان، هن جي وجود کي سڃاڻي، گمنامي جي گوشي مان ڪڍي کيس مريد ڪيو. (حديقة الاولياء ص 100 تاليف: سيد عبدالقادر شاھ ٺٽوي / نصرپوري)
٭٭٭