آمريڪا جو نشرياتي سرشتو
واشنگٽن ڊي سي ۾ پورا ڏهه ڏينهن رهياسون ۽ انهن ڏهن ڏينهن ۾ تمام گهڻيون ريڊيو ۽ ٽيليويزن اسٽيشنون ۽ نيوز ايجنسيز گهميونسين، خوب ليڪچر ٻڌاسين، خوب بحث مباحثا ۽ گرماگرم تقريرون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جيڪڏهن انهن سڀني ڳالهين جو تفصيلي ذڪر ڪبو ته هڪ ته بيان تمام ڊگهو ٿي ويندو ٻيو عام پڙهندڙ جي دلچسپيءَ وٽان به اها ڳالهه ڪانه ٿيندي، تنهنڪري مختصر طور خاص خاص ڳالهيون لکان ٿو. ان اميد ۽ يقين سان ته اُهي مهربان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو باعث ٿينديون.
سڄي آمريڪا ۾ ريڊيو اسٽيشنون ڏهن هزارن کان به مٿي آهن جن ۾ وائيس آف آمريڪا به شامل آهي ۽ ٽيليويزن سينٽرن جو تعداد هزار ۽ يارهن سوَن جي وچ تي آهي. شروع ۾ ته بيحد تعجب لڳو ته آخر هيترين سارين اسٽيشنن تي ڪيڏو نه خرچ ٿيندو هوندو، ڪيترو نه اسٽاف هوندو، ڪيترا سارا نه ماڻهو هوندا ۽ ڇا ته آمريڪا ۾ ريڊيو اسٽيشنن جو شان شوڪت ۽ دٻدٻو هوندو! پر جڏهن ريڊيو اسٽيشنون گهمڻ شروع ڪيونسين ته آمريڪا جي براڊڪاسٽنگ جو ذهن تي سُوار ٿيل ڀُوت الائي ڪاڏي ڀڙڪو کائي اُڏامي ويو. هِتان جي ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنن جي مقابلي ۾ پنهنجي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشنن کي وڌيڪ مانائتو ۽ سٺو سمجهڻ لڳس. پر نه هي معاملو ڪجهه پيچيدو آهي جنهن کي غور سان سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ضرورت آهي.
دراصل آمريڪا ۾ وائيس آف آمريڪا کان سواءِ ٻيون سڀ ريڊيو اسٽيشنون پرائيويٽ يا ذاتي ملڪيت آهن بلڪل ائين جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪو ماڻهو پنهنجو ذاتي دڪان، ميڊيڪل اسٽور يا ڪو ٻيو ذاتي ڌنڌو ڌاڙي کولي ويهي رهي ۽ پيٽ گذران ڪري. آمريڪا ۾ ريڊيو اسٽيشن کولڻ معنيٰ هڪ نفع بخش بزنس جو مالڪ ٿيڻ. مزي جي ڳالهه ته زياده تر ريڊيو اسٽيشنن جي آواز جي پهچ پندرهن کان ويهن ميلن جي مفاصلي تائين محدود آهي. ڇو ته ٽرنسميٽر وڌ ۾ وڌ هڪ ڪلوواٽ جي طاقت جو به مشڪل سان ٿئي ٿو. ان پندرهن-ويهن ميلن جي دائري ۾ ڪا به هڪ اسٽيشن نه هوندي پر ٻه چار اسٽيشنون پيون ٻُڌبيون. پوءِ جنهن به ريڊيو اسٽيشن تي ڊسڪ جوڪي (Disk Jockey) جيڪو رڪارڊن جي بهترين چونڊ وڄائڻ سان گڏوگڏ اوهان سان بهترين نموني ۾ ڳالهائيندو آهي ۽ ماڻهن کي متوجهه ۽ متاثر ڪندو آهي، بهتر کان بهتر هوندو ته اهائي ريڊيو اسٽيشن سڀ کان وڌيڪ ڌوم ڌام واري هوندي ۽ گهڻي کان گهڻي ٻُڌي ويندي. آمريڪا ۾ (Disk Jockey) کي گهڻو ڪري M.C. يا (Master of Ceremony) چوندا آهن. هنن اسٽيشنن تان يڪو تجارتي يا ڪمرشل پروگرام پيا وڄندا آهن ۽ ريڊيو يا ٽي وي اسٽيشن جو مالڪ خرچ پکا لاهڻ کان پوءِ به خوب پئسا بچائي وٺندو آهي.
وڌيڪ دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو، ڪجهه وقت لاءِ ريڊيو اسٽيشن کولي ٿو ۽ ان عرصي ۾ هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته کيس براڊڪاسٽنگ جي ڌنڌي مان ڪو خاص نفعو نه ٿيو هو بلڪ اُٽلو کيس نقصان پيو پهچي ته هو پنهنجي ريڊيو اسٽيشن ڪنهن ٻئي ماڻهو کي وڪڻي به سگهي ٿو، بلڪل ائين جيئن اسان پنهنجي ڪا به ذاتي ملڪيت، جاءِ، جڳهه، دڪان، ڪار، گڏهه يا گهوڙو جڏهن به چاهيون ته ٻئي کي وڪڻي ڇڏيون.
اڃا به وڌيڪ مزيدار ڳالهه اوهان جي پڙهڻ جي منتظر آهي ڪيترين ئي ريڊيو ۽ ٽي وي اسٽيشنن تي اسان ڪُل عملو (Staff) اٺن-ڏهن ماڻهن کان وڌيڪ ڪو نه ڏٺو ۽ سڄي اسٽيشن چئن يا پنجن ڪمرن کان مٿي ڪانه هئي. ان ۾ به ٻه يا ٽي اسٽوڊيوز، باقي هڪ يا ٻه ڪمرا. اُتي اسان واري بادشاهي آهي ئي ڪانه. نه ڪو پٽيوالو، نه اسٽوڊيو ڪمشنر، نه ڪو انجنيرن جو اٽالو، نه زبردست آفيسون، نه سيڪيورٽي تي بيٺل عملو ۽ نه وري ٻيو نشوونما جو ڪو سامان وغيره. بس اتي هڪ پروڊيوسر، هڪ انجنير، هڪ ايم-سي يا ڊسڪ جوڪي ئي سڀ ڪجهه آهن. انهن جي مٿان فقط هڪڙو مئنيجر آهي پر اُهو پڻ پنهنجي ڪم جو ماهر ۽ بزنس ۾ بيحد چالاڪ ۽ هوشيار هجي ٿو.
پاڪستان توڙي انڊيا ۾ ريڊيو جي براڊڪاسٽنگ هائوس جي تصور اچڻ سان ئي عام ماڻهو کي پهريون ته اهو خيال ايندو آهي ته اسٽيشن تي وڃبو ڪيئن؟ پهريون ته گيٽ تي سپاهي بندوقون جهليون بيٺا آهن. عام ماڻهوءَ لاءِ ريڊيو اسٽيشن تي ڪنهن آفيسر يا پروڊيوسر تائين پهچڻ به مشڪل مرحلو هوندو آهي، جيستائين ڪا دوستي يا واقفيت نه هجي. ان جي ابتڙ آمريڪا جي ريڊيو اسٽيشن هڪ دُڪان جيان آهي جتي اوهان جڏهن به چاهيو ته گهڙي وڃو. وڌ ۾ وڌ اسٽوڊيوز وٽ اوهان کي خود احتياط ڪرڻو آهي ڇو ته اُتي سڀڪو ماڻهو پڙهيل لکيل آهي، تنهنڪري اسٽوڊيوز ۾ اندر هروڀرو ڪُڏي ڪاهي نه پوندو. پهريون ته آمريڪا ۾ پهچي اهو عجيب نفسياتي جهٽڪو لڳو ته عجيب براڊڪاسٽنگ هائوسز آهن جتي نه سيڪيورٽي جو انتظام، نه ڪو جهل پل ڪرڻ وارو. ڇا جو ممنوع علائقو (Prohibited Area) بس اوهان رستو ورتيون وڃو. هڪ دڪان، ميڊيڪل اسٽور ٻيو ڪو بوڪ شاپ هوندو، ٽيون ڪو جنرل اسٽور هوندو ته چوٿون دڪان ڪا ريڊيو يا ٽي وي اسٽيشن به ٿي سگهي ٿي. نه اُتي ڪا وڏي ديوار هوندي ۽ نه وري ڪو جهنگلو يا ڪنڊيدار تار هوندي. ان صورتحال کي ڏسي جڏهن مون کي ريڊيو پاڪستان جو خيال آيو ته دٻدٻو، شان شوڪت، تقدس، ٺٺ ٺانگر، رعب تاب وغيره ته نظر آيا مگر جيڪا ڳالهه هيڏي ساري ٺٺ ٺانگر، رعب تاب ۽ دٻدٻي جي باوجود نه مون کي ٿي نظر اچي نه ئي ڪنهن ٻئي کي اُها هيءَ ته تمام گهٽ ماڻهو اسان وٽ هاڻي ريڊيو ٻُڌن ٿا. ريڊيو گهٽ ان ڪري ٿو ٻُڌو وڃي جو ميڊيا جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ ان جي اهميت يا افاديت گهٽجي ويئي آهي، سا به فقط انڪري جو مارشل لا جي پوئين حڪومت يا ٻين حڪومتون عوام جي امنگن وٽان ان کي نه هلائي سگهيون ۽ براڊڪاسٽنگ جي پاليسي به عام سياسي حالتن وانگر گهُٽ ۽ ٻوسٽ جو شڪار ٿي ويئي. ريڊيو ٻُڌڻ لاءِ آهي ۽ نه ڪوڙي رعب تاب ۽ دٻدٻي ڏيکارڻ جي جڳهه. جڏهن آمريڪا ۾ مون پرائيويٽ ريڊيو يا ٽيليويزن اسٽيشنون ڏٺيون، جن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان، ته اُتي مون کي اجائي ٺٺ ٺانگر جي بجاءِ معياري ۽ تفريحي پروگرام ٻُڌڻ ۾ آيا جن لاءِ ماڻهو ڇِتا ۽ چريا (Crazy) آهن.
اسان وٽ اڳي ئي پابنديون ۽ حڪومتن جون طرحين طرحين پاليسيون، ويتر مارشل لا وارن سالن ۾ ته رهيو کهيو نور به چٽ ٿي ويو. چي سائين! فلاڻو گانو نه هلايو، جو ان ۾ ڪجهه فحاشي آهي، فلاڻو گيت اسلامي معاشري ۾ وڄائڻ ٺيڪ نٿو لڳي، فلاڻي شاعر يا اديب کي پروگرام نه ڏيو جو هو ڪافر، ملحد يا نظريئه پاڪستان جي خلاف آهي يا پاڪستان جي استحڪام ۽ سالميت جو دشمن آهي. استحڪام ۽ سالميت جا لفظ ته اسان ڄائي ڄم کان وٺي اڄ تائين ٻُڌندا آيا آهيون تنهنڪري انهن لفظن ۾ هاڻي ڪو به اثر نه رهيو آهي. ائين ڪندي ڪندي سوين نغما، گيت، غزل ۽ فلمي نغما بند ٿي ويا ۽ ڪيترن ئي وڏن وڏن، ناميارن اديبن ۽ شاعرن جي لکڻين تي اُنهن جي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي داخلا تي بندش پئجي ويئي. ته ماشاالله ماڻهن به ريڊيو کي ٻُڌڻ گهٽائي ڇڏيو. عام ماڻهن جو اهو خيال بنهه غلط آهي ته ٽي ويءَ جي اچڻ کانپوءِ ريڊيو جون نشريات متاثر ٿيون آهن، ها ڪجهه نه ڪجهه فرق ضرور پيو آهي پر مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ريڊيو تي گهڻي کان گهڻي وِندر مهيا ڪئي وڃي، دلچسپ ۽ معلوماتي پروگرام پيش ڪيا وڃن، ريڊيو تي ڪنهن خاص خبر جي تصديق لاءِ بي بي سي ٻُڌڻي نه پوي ته مون کي يقين آهي ته ريڊيو پروگرام تمام گهڻا ٻُڌا ويندا.
آمريڪي براڊڪاسٽرس جي راءِ آهي ته ڀلي اليڪٽرانڪ ميڊيا ڪيڏي به ترقي ڪري وڃي پر پوءِ به ريڊيو جي نشريات تي ڪو خاص فرق نه پوندو ڇو ته:
• ريڊيو اوهان سان هرجڳهه تي ساٿ ڏيئي سگهي ٿو. ڪار ۾، سفر ۾، گهمندي ڦرندي، ويندي باٿ روم ۾ به ريڊيو ٻُڌي سگهجي ٿو پر ٽيليويزن جا پروگرام جيئن ته ڏسڻ سان تعلق رکن ٿا انڪري ٽيليويزن هر جڳهه تي ساٿ نٿو ڏئي سگهي.
• ٻهراڙين ۾ ڀلي کڻي ٽيليويزن ڳوٺن ۾ به پهچي ويو آهي پر ڪم ڪار ڪرڻ وقت، لابارن ۾ گاهه ڪرڻ ۾ ڳاهه ڳاهڻ ۾ هر ڪاهڻ ۾ مطلب ته هر ڪم ۾ ريڊيو هر هڪ جي هٿ ۾ آهي ئي آهي. ٻول ڀلي پوري طرح سمجهه ۾ اچن يا نه اچن، سُر، سنگيت ۽ سازن جو آلاپ ئي جهنگلن، واهڻن ۽ وستين ۾ روح کي راحت پهچائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي.
• ايڪيهين صدي شروع ٿي چُڪي آهي پر اڃا تائين ٻاهرين دنيا جي خبرن ٻڌڻ جو ذريعو يا ٻاهرين دنيا ۾ اسان متعلق معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو ريڊيو ۽ فقط ريڊيو ئي آهي. توڙي جو هاڻي سڄي دنيا ۾ ٽيليڪميونيڪيشن سئٽلائيٽ ذريعي ٽيليويزن جا پروگرام ڏسجڻ شروع ٿي ويا آهن پر پوءِ به جيئن مون مٿي وضاحت ڪئي آهي ته ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ جيڪو فطري فرق آهي، ته ريڊيو جون نشريات پوءِ به زياده متاثر نه ٿينديون ۽ شرط اهو آهي ته سٺا ۽ دلچسپ پروگرام ۽ سچيون خبرون نشر ڪيون وڃن. اسان اهو الائي ڪڏهن سمجهنداسين ته ماڻهن وٽ هاڻي وِندر ورونهن جا ڪيترائي اڻ ميا ذريعا موجود آهن ته پوءِ جيڪڏهن ريڊيو انهن کي گهربل وِندر مهيا نه ڪندو ته هو ريڊيو پاڪستان کي ڇڏي وڃي آل انڊيا ريڊيو ٻُڌندا.، سريلنڪا براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن ٻُڌندا، بي بي سي ٻُڌندا، جي ٽي وي به کين وِندُر مهيا نه ڪئي ته هو وڃي هندستاني فلمون يا ڊِش ائنٽينا ڏسندا. اسان پنهنجن مهربانن ۽ ڏسندڙن، ٻُڌندڙن کي ٻيو ڪنهن به طرح سان مجبور نٿا ڪري سگهون ته ريڊيو ٻُڌن يا وري ٽي وي ڏسن سواءِ ان جي ته اهڙا پروگرام نشر ڪيا وڃن جن کي هو پسند ڪن ۽ جن تي پاليسي يا ڪنهن اجائي پابندي جو ليبل لڳل نه هئڻ گهرجي.
وري ڳالهه آمريڪا جي پرائيويٽ ۽ ننڍڙين ريڊيو ۽ ٽيليويزن اسٽيشنن کان شروع ٿا ڪريون ڇو ته ڪيتريون ڳالهيون اڃا رهجي ويون آهن جيڪي جيستائين واضح نه ڪبيون ته مهربان پڙهندڙ مطمئن نه ٿيندا.
پڙهندڙ جي ذهن ۾ اهو سوال ضرور پيدا ٿيندو ته جڏهن ته ميڊيا جا ٻه مکيه ادارا آمريڪا ۾ بلڪل آزاد آهن ته پوءِ ته هر قسم جي فحاشي ۽ بي حيائي ۽ اگهاڙپ جي به مڪمل آزادي هوندي؟
ان سلسلي ۾ پهريون ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکي وڃي ته فحاشي، بي حيائي يا اگهاڙپ جا معيار اسان وٽ پنهنجا آهن ته آمريڪا ۾ بلڪل مختلف آهن. جيڪا ڳالهه اسان جي معاشري ۾ بي حيائيءَ جو باعث آهي سا آمريڪا ۾ عين اخلاقيات ۾ شمار آهي. پر هروڀرو ائين به ڪونهي ته آمريڪي معاشرو صفا مادر پدر آزاد ۽ ڇڙواڳ آهي جنهن سان ڪو به ضابطو لاڳو نٿو ٿئي. اُتي به اخلاقي معيار آهن، جن جو پرچار ريڊيو ۽ ٽيليويزن ذريعي تمام موثر نموني ڪيو وڃي ٿو. مثال طور: 17-18 سالن جي عمر کان اڳ جنسي تعلقات ۾ ملوث ٿيڻ کي نشرياتي ادارن تان سختيءَ سان نِنديو وڃي ٿو. يا ٻار ڪيرائڻ (Abortion) جي عمل کي به هو بُرو چون ٿا توڙي جو آمريڪي معاشري توڙي پوري يورپ ۾ تمام ننڍي ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي حمل ٿي وڃي ٿو ۽ اُهي ٻار ڪيرايو ڇڏين. ٿورو عرصو اڳ ٻارنهن سالن جي هڪ ڇوڪريءَ جي تصوير (نيوز ويڪ) رسالي پنهنجي ٽائيٽل تي ڇاپي هئي جنهن جو عنوان هو (Children having children) يعني ٻارڙن کي به ٻار پيا پيدا ٿين. – ههڙا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾.
اُنهن سڀني ڳالهين جي باوجود به، آمريڪي معيار موجب، نشريات ۾ ڪنهن امڪاني فحاشي يا بي حيائيءَ جي واقعي يا انديشي کي روڪڻ لاءِ فيڊرل ڪميونيڪيشن ڪميشن (Federal Communication Commission) مقرر ٿيل آهي، جيڪا نشرياتي ادارن کي کولڻ وقت کين لائسنس جاري ڪندي آهي.
(Federal Communication Commission) کي جيڪڏهن اِها خبر پوي ته ڪنهن به نشرياتي اداري تي آمريڪي معيار مطابق فحاشي يا بي حيائيءَ کي عام ڪرڻ جو الزام آهي ته فيڊرل ڪميونيڪيشن ڪميشن باقاعدي انڪوائري ڪندي ۽ جيڪڏهن اداري تي ڏوهه ثابت ٿي ويو ته فورن اُن جو لائسنس به رد ڪيو ويندو. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ڪيئي دفعا ان قسم جا واقعا ٿيا آهن ۽ لائسنس رد ٿيا آهن. ظاهر آهي ته لائسنس رد ٿيڻ جي صورت ۾ اهو ادارو پنهنجون نشريات جاري نٿو رکي سگهي. ان صورت ۾ ڪيس ڪورٽن ۾ هلن ٿا يا وري اهو ادارو لِکت ۾ معافي وٺي سگهي ٿو ۽ Federal Communication Commission ان کي معاف ڪري ٻيهر لائسنس بحال ڪري سگهي ٿي.
هڪ ٻي ڳالهه جي وضاحت به جلدي ڪري ڇڏيان، ممڪن آهي ڳالهه ذهن تان تِرڪي وڃي. وضاحت اها آهي ته سڀ اسٽيشنون به هڪ جهڙيون ناهن. ڪيتريون اسٽيشنون ڪافي وڏيون هيون. اسان جي اسٽيشنن کان به گهڻيون وڏيون جتي جديد ترين مشينون ۽ ڪمپيوٽر فِٽ ٿيل آهن. هڪ هڪ اسٽوڊيو يا بوٿ شايد اوتري رقم سان ٺهي تيار ٿيو هوندو جيتري رقم ۾ اسان جي سڄي اسٽيشن ٺهي هوندي. اي پي پي (APP) جو ادارو به ڏٺوسين، جيڪو نهايت ئي جديد ۽ حيران ڪندڙ آهي ۽ سَون جي تعداد ۾ ان جو اسٽاف آهي. پر اهڙين وڏين اسٽيشنن جو تعداد تمام گهٽ آهي.