ريڊيو 86 جو نه وسرندڙ ڪنوينشن
ڊافين آرلينس هوٽل فرينچ ڪوارٽر (French Quarter) ۽ بوربن اسٽريٽ (Bourban Street) جي بلڪل لڳو لڳ آهي، تنهنڪري اسان سڀ ڏاڍا خوش ٿياسين جو اسان جي رهائش اهڙي علائقي ۾ ٿي جتي رهڻ لاءِ هرڪو آتو هوندو آهي ۽ رزرويشن لاءِ پيو واجهائيندو آهي.
واشنگٽن ۾ ڏهن ڏينهن جي رهائش دوران جنهن به ريڊيو يا ٽيليويزن اسٽيشن کي گهمڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ وياسين ٿي ته هر جڳهه تي ريڊيو 86 ڪنوينشن جو چرچو هو. اسان جيڪي به سوال پڇون پيا ته ان جي وضاحت ته فورن ڪئي ٿي ويئي ۽ گڏوگڏ اهو به چيو پئي ويو ته پڇيل سوال بابت وڌيڪ عملي مظاهرو اوهان نيو آرلينس ۾ ريڊيو-86 جي ڪنوينشن ۾ ڏسندا. جتي به وڃون ته نيو آرلينس ۾ ٿيندڙ ان ميلي جي باري ۾ ٻڌايو پئي ويو تنهنڪري جيئن پوءِ تيئن اُڻ تُڻ ۽ تانگهه وڌندي رهي ته اِهو وڏاندرو ميلو بس جيترو جلدي ڏسجي اوترو بهتر.
هوٽل ۾ ڪمرو وٺي منجهند جي ماني کائي ۽ ٿوري دير لاءِ آهلي پياسين ڇو ته اڄ ئي شام جو نيو آرلينس جي 5-اسٽار مئرئٽ هوٽل (Marriott Hotel) ۾ هڪ وڏي پئماني جي مرحبائي گڏجاڻي (Grand Welcome Reception) ۾ شريڪ ٿيڻو هو. شام جو ساڍي پنجين وڳي مئرئٽ هوٽل پهتاسون، جنهن جي هڪ عظيم الشان هال ۾ سڄي آمريڪا جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن کان آيل پروڊيوسرس، براڊڪاسٽرس ۽ سيلز مئنيجرس هزارن جي تعداد ۾ ڪَٺا ٿيندا پئي ويا. بعد ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته ڏهه هزار نمائندن کي دعوت ڏني ويئي هئي جن مان 8500 نمائندن هن عظيم الشان ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي.
پوري ڇهين وڳين وِسل، تُوتارا ۽ بئنڊ باجا وڄڻ لڳا. سوا ڇهين وڳين هوائي فائرنگ ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ هزارن جي تعداد ۾ رنگ برنگي ڦوڪڻا فضا ۾ اڏرايا ويا. ڦوڪڻن تي Radio Convention-86 لکيل هو. هن منظر جو تعلق ڏسڻ سان وڌيڪ ۽ لکڻ سان گهٽ آهي. هڪ هڪ ڦوڪڻو ايترو ته خوبصورت ۽ ايترو ته وڏو هو جو چار ماڻهو گڏجي ڀاڪر وجهن ته به جيڪر ڀاڪر ۾ نه اچي. ان کانپوءِ ٻنهي طرفن کان بلڪل ڳُتيل موٽر سائيڪلن تي سوار بيحد خوبصورت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي جلوس ۾ عاليشان ڊگهين ڪارن جو قافلو آهستي آهستي کليل ميدان طرف وڌندو آيو جن ۾ نيشنل ائسوسئيشن آف براڊڪاسٽرس (National Association of Broadcasters-NAB) جو پريزيڊنٽ ۽ ٻيا نمائندا ويٺل هئا. NAB جي نمائندن سان گڏوگڏ ٻين گاڏين ۾ نيشنل ريڊيو براڊڪاسٽرس ائسوسئيشن National Radio Broadcasters) (Association-NRBA جو پريزيڊنٽ ۽ ڪارڪن موجود هئا.
جيئن ڪارُن ۾ NAB جو پريزيڊنٽ ۽ نمائندا لٿا تيئن اوچتو پنج سئو کن اڌ اگهاڙيون حسينائون الائي ڪهڙن ڪهڙن لباسن (خبر ناهي جيڪو ڪجهه کين پاتل هو، ان کي لباس چئي به سگهجي ٿو يا نه) ۾ پئريڊ ڪنديون، مهڪنديون، مُرڪنديون، ناز نخرا ڪنديون NAB۽ NRBA جي نمائندن جي سلامي ڀرينديون اينديون وينديون رهيون. پنج سئو ڇوڪرين جي پئريڊ گهٽ ۾ گهٽ ويهه منٽ جاري رهي. رستي تي بيٺل ماڻهو دل کولي داد ڏيڻ سان گڏ کين ڳلن تي چُميون به ڏيندا رهيا ۽ موٽ ۾ ڇوڪريون به هلندي هلندي کين چُميون ڏينديون ويون. اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته يورپ توڙي آمريڪا ۾ ڪن خاص موقعن تي غير واقف ڇوڪريءَ کي ڳلن يا ڳٽن تي بوسو ڏيڻ اخلاق جي دائري اندر آهي پر چپن تي چُمي هرگز نٿي ڏيئي سگهجي ڇو ته ان فعل کي ٻن ڌرين جي راضپي کانسواءِ غير اخلاقي سڏيو ويو آهي، تنهنڪري جرم آهي. منهنجي آفريڪي ڪارن ڪوجهن ساٿين کان به رهيو نه ٿيو، اُهي به اڳتي وڌي چُمين جو فراخدلانه چشڪارو وٺي موٽيا. ڇوڪرين کي اسان آفرين ڏنو ته اهڙن ماڻهن کي به مايوس نه ڪيائون جن تي جيڪڏهن ڏينهن جو فقط هڪ دفعو به نظر پوي ته رات جو تصور ۾ ڊيڄڙي ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو. اسان جي گروپ جي لائيبيريا جي هڪ دوست پوءِ مون کي هوٽل جي ڪمري ۾ ٻڌايو ته هن کي پنهنجي ماءُ کانسواءِ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حسين ڇوڪريءَ طرفان چُمي نصيب ٿي هئي. ويچارو هڪ بوسي ملڻ کانپوءِ سخت بيتاب ٿي ويو هو ۽ ٻه ٽي ڏينهن ته پُڇا ڪندو رهيو ته اهڙو ڪو جُلوس وري به نڪرندو يا نه؟ پر پوءِ ساٿين کيس سمجهايو ته ميان ڪالهه جهڙو بختاور ڏينهن روز روز ٿورو ئي هٿ ايندو آهي. هاڻي چُپڙي ڪيون نظرن سان پري پري کان حُسن جا جلوا ڏسي Flying kisses سان ئي دل کي خوش ڪندو رهه، نه ته هاڻي چُمي ڀاڪر جي بجاءِ موچڙن ملڻ جو امڪان وڌيڪ اٿيئي.
سوچيم ته محروميون به انسان کي ڪيڏو نه بيوس ۽ مجبور بڻايو ڇڏين. لائيبيريا وارو دوست ٻه ڏهاڙا کن ته سامت ۾ ئي ڪو نه هو. سندس ڪيفيت جو نوٽيس اسان جي ميزبانن به ورتو پر اسان سڀني سندس حمايت ڪندي کين ٻڌايو ته سندس طبيعت ناساز هئڻ سبب هو ڪجهه مايوس ۽ ملول نظر اچي رهيو هو ۽ انشاالله جلد ٺيڪ ٿي ويندو.
اڌ مُنو ڪلاڪ اهو جشن هلندو رهيو اُن کانپوءِ نيشنل ائسوسئيشن آف براڊڪاسٽرس جو پريزيڊنٽ تاڙين جي گونج يا اڃا به اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته تاڙين جي وڏ ڦڙي مينهن جهڙي وسڪاري ۾ نمودار ٿيو ۽ اچڻ شرط هن اعلان اچي ڪيو I declare Radio-86 Convention Open(مان ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جي افتتاح ڪرڻ جو باقاعدي اعلان ڪريان ٿو). بس هيڏانهن سندس اعلان ڪرڻ ۽ هوڏانهن ٻيهر چُمين ڀاڪرن جا دور شروع ٿي ويا. هزارن جي تعداد ۾ شراب ۽ شئمپن جي بوتلن جون ٻُجيون هوا ۾ اڏامڻ لڳيون. مئخانن جا مُنهن کلي ويا. پئمانن تي پئمانن جو دور شروع ٿي ويو ۽ سڀ ڪنهن پنهنجا پنهنجا گلاس مٿي ڪري Cheers! Cheers!! چوڻ شروع ڪيو. مون جهڙي صوفيءَ لاءِ بيئر جا دَٻا به موجود هئا، پر پوءِ ڪافي همٿ ۽ حوصلو آيو تڏهن جڏهن هڪ ڇوڪري ۽ ٽي مرد منهنجي هٿ ۾ بيئر ڏسي مون ڏانهن وڌي آيا ۽ هڪ ٻئي کي چِيئرس چئي مخاطب ٿياسون ۽ مرحبا ڪئي سون.
نيشنل ائسوسئيشن آف براڊڪاسٽرس (NAB) طرفان تيار ڪيل مخصوص قسم جون بئجون، جن تي نمائندي ۽ سندس ملڪ جو نالو لکيل هو، هر هڪ نمائندي کي لڳل هُيون تنهنڪري پري کان ئي نالو پڙهي هڪ ٻئي سان ائين ٿي مخاطب ٿياسون ڄڻ ديرينه دوست هُجون، يا وري ڪي وڇڙيا مليا هُجون. بئجن جو لڳڻ، مئرئٽ هوٽل ۾ داخلا لاءِ به بيحد ضروري هو ڇو ته ڌارين ماڻهن جي به ڏاڍي پيهه لڳي پيئي هئي ته ڪنهن طرح داخلا ملي پر اندر داخلا تي سخت پابندي هئي.
ڀلا پيهه ۽ رش ڇو نه هجي؟ ڀلي آمريڪا وارا ڪلبن ۾، ناچ گانن ۾ يا ٻين مختلف محفلن ۾ وڏا وڏا فنڪشن ۽ جشن ڏسندا هجن ۽ خوب لطف اندوز ٿيندا هجن پر ريڊيو-86 جو اڄوڪو ڪنوينشن پنهنجو مَٽ پاڻ هو. مون لنڊن جي رايل البرٽ هال ۾ هڪ عظيم الشان ميوزڪ شو ڏٺو. پئرس ۾ وڏا وڏا جشن ڏٺم. پينانگ (ملائيشيا) ۾ پڻ هڪ وڏو عوامي ميلو ڏٺم پر اهڙو رنگين، دلڪش، دلفريب ۽ جاذب نظر نظارو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو.
مان جڏهن هي بيان لکان ويٺو ته به ريڊيو-86 جي ڪنوينشن جو اهو عظيم الشان ۽ حسين استقبالي منظر تصور ۾ آڏو پيو ڦري ۽ دل پيئي چوي ته ڪاش! وقت جو ڪانٽو پُٺتي موٽي پوي ۽ وري اُهو جشن هجي، وري حُسن جي جلون جي هر طرف هُٻڪار هجي، وري نيڻ ٺرن ۽ وري دل باغ باغ ٿي وڃي.
8500 ريڊيو جي نمائندن مان ائين سمجهو ته اڌ کان جيڪڏهن وڌيڪ نه ته پورو اڌ ڇوڪريون هُيون ۽ باقي نوجوان مرد هئا.