ڪراچيءَ کان هوسٽن
آمريڪا وڃڻ جو ٻيو سبب اهو به هو ته منهنجي ڀاءُ هدايت بلوچ جي پُٽ ۽ منهنجي ڀائٽيي ممتاز ۽ منهنجي ماروٽ فيض جي سڪيلڌي نياڻي ۽ پنهنجي پياري ڀاڻيجي انيتا فاطمه کي الله تعاليٰ پُٽ عطا ڪيو هو، سو دل سَٽون پئي کاڌيون ته پنهنجن ٻچن جي گلن جهڙي ٻچڙي کي به ڏسي پنهنجي دل خوش ڪري اچان.
5 نومبر 2012ع تي اميريٽس ايئرلائينس (EMIRATES) جي اُڏام EK-506 ۾ دبئيءَ لاءِ روانو ٿيس. ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ شخص ٽيليفون تي ميمڻڪي سنڌيءَ ۾ ٿي ڳالهايو. جڏهن ٽيليفون تي ڳالهائڻ بند ڪيائين ته ساڻس عليڪ سليڪ ٿي. جڏهن مون سان ڳالهائڻ لڳو ته صاف سنڌيءَ ۾ ٿي ڳالهايائين، پر پوءِ به ڪراچيءَ جي ميمڻن وارو لهجو سندس ڳالهائڻ مان صاف محسوس ٿي رهيو هو. گفتگو ۾ واپارين واريون ڌنڌي ڌاڙيءَ جون ڳالهيون چوريندي پڇيائين: ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ وراڻيم: ”هوسٽن.“ ”ڪنهن وٽ ٿو وڃين؟“ پنهنجي پُٽ اعجاز لاءِ ٻڌايومانس ته ”ان وٽ ٿو وڃان“. پڇيائين: ”تنهنجو پُٽ هوسٽن ۾ ڇا ڪندو آهي؟“ وراڻيم. ”بزنس ڪندو آهي.“ ڏٺم ته هڪدم سندس چهري تي سَرهائي اچي ويئي. چيائين. ”يار، پنهنجي پُٽ جو نمبر ڏي ته آءٌ هوسٽن ۾ بزنس ڪرڻ لاءِ کانئس مشورو وٺندس“. ڀڳيءَ دل سان اعجاز جو ٽيليفون کيس ڏنم. جهاز ۾ جڏهن ويٺاسين ته شڪر ڪيم جو سندس سيٽ مون کان ڪافي پري هئي تنهنڪري جهاز ۾ سندس ڌنڌي گاڏڙ گفتگو کان بچي ويس ۽ فطرت جي مالڪ کي شايد اهو منظور هو ته واپاريءَ جي بدلي ۾ منهنجي ڀر واريءَ سيٽ تي مون کي اهڙو ساٿي ڏيئي ڇڏيائين جو دل باغ بهار ٿي ويئي. هڪ خوبصورت ڇوڪري منهنجي ڀِڪ ۾ ويٺي هئي. مون کانئس پڇيو: ”تون به هوسٽن پيئي وڃين؟“ ”ڪئناڊا پيئي وڃان ۽ اُتي ئي رهندي آهيان!“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ فضيلت ڀري ۽ بااخلاق نظر آئي. پڇيومانس: ”پاڪستان ڪنهن ڪم ڪار سانگي ويا هيئو؟“ چيائين: ”منهنجي امان ۽ منهنجو ڀاءُ ڪراچيءَ ۾ رهندا آهن، انهن سان ملڻ ويئي هيس“. پوءِ ڪراچي شهر جي ڏاڍي تعريف ڪيائين ته کيس ڏاڍو وڻيو ۽ سامونڊي ڪنارن تي جيڪو سئر ڪيو هيائين ان کان به ڏاڍي متاثرهئي. اترين علائقن جي سئر سفر جو به ٻڌايائين ۽ تعريف ڪندي چيائين ته پاڪستان ڪيڏو نه خوبصورت ملڪ آهي. دل ۾ چيم: ”واقعي بيحد خوبصورت ۽ شاهوڪار ملڪ آهي پر دهشتگردي، بدعنواني ۽ اسان جي نااهل۽ ڪرپٽ حاڪمن ان کي اوتروئي بدصورت بنائي ڇڏيو آهي جيترو ٻاهرين سياحن کي سرسري نظر وجهڻ سان اسان جو ملڪ خوبصورت نظر اچي ٿو“.
ساڻس ڳالهائڻ جي شروعات مون ڪئي هئي پر نالي پُڇڻ جي اڳرائي هُن ڪئي. ”منهنجو نالو عنايت بلوچ آهي“. کيس ٻڌايم، “آءٌ به مسلمان آهيان. اصل ڪينيا جي رهواسڻ آهيان پر هاڻي منهنجي مستقل رهائش ڪئناڊا ۾ آهي ۽ منهنجو نالو شاهين آهي“. پوءِ ته هڪ ٻئي سان ڄڻ دوستي ٿي ويئي. دبئي ايئرپورٽ تي کيس ۽ مون کي ٻه ڪلاڪ ترسڻو هو تنهنڪري هڪ ڪيفي ۾ وڃي ڪافي پيتيسون ۽ گفتگو جو سلسلو جاري رهيو. مون کان ائڊريس ورتائين ته آءٌ اوهان ڏي خط لکنديس. مون سندس ائڊريس نه ورتي پر ساڻس واعدو ڪيم ته جيئن سندس خط مليو ته فورن کيس جواب لکندس. ڪافي پيئندي مون کي ياد ڏياريائين ته: ”اوهان جي فلائيٽ جو ٽائيم ويجهو اچي ويو آهي“. خوشگوار ۽ وڻندڙ ساٿ جي ڪري مون کي خبر ئي نه پيئي ته وقت ڪيترو جلد گذري ويو. هڪ ٻئي کي خدا حافظ چئي پنهنجو پنهنجو رستو ورتوسين.
اميريٽس ايئرلائن ۾ منهنجي ٽڪيٽ ته منهنجي پياري دوست لکمير جروار جي معرفت هڪ ٽريول ايجنٽ بوڪ ڪئي هئي پر اوٽ موٽ جي سيٽن ڪنفرم ڪرڻ جو ڪم منهنجي پُٽ ڪامران ڪيو هو. پر بدقسمتيءَ سان دبئيءَ کان هوسٽن سيڪٽر جي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ اُڏام جي سيٽ ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به بوڪ نه ٿي سگهي هئي. بس الله جو آسرو ڪري ڪراچي ايئرپورٽ جي چيڪ اِن ڪائونٽر تي ويٺل بوڪنگ ڪندڙ اسٽاف جي ماڻهوءَ کي چيم: ”يار تنهنجا ٿورا ڳائيندو رهندس جي تون مون کي Leg Space جي سيٽ (اهڙي سيٽ جتي ڄنگهون ڊگهيري آسائش سان سفر ڪري سگهبو آهي) بوڪ ڪري ڏين“. بوڪنگ تي ويٺل شخص مانائتو ۽ فضيلت وارو نظر آيو سو هن منهنجو عرض اگهائيندي Leg Space جي سيٽ ڪنفرم ڪري ڏني، جنهنڪري دبئيءَ کان هوسٽن جو 16 ڪلاڪ لڳاتار ۽ ڊگهي اڏام جو سفر تمام سٺو ۽ آرامده گذريو. پنهنجي ٻوليءَ جي چوَڻي ياد پيئي:
چڱو لکيو جن، مندو سي نه پسن،
توڙي روههَ رهن، ته به کنڊون کائن کير سان.
ڪراچيءَ کان دبئي پهچڻ ۾ پورا ٻه ڪلاڪ لڳا. ڪراچيءَ مان جهاز صبح جو 6 وڳي روانو ٿي پاڪستان جي وقت مطابق 8 وڳي دبئي پهتو. ان وقت دبئيءَ ۾ مقامي وقت مطابق صبح جا 7 ٿيا هئا. اهڙيءَ طرح دبئي جو وقت پاڪستان کان هڪ ڪلاڪ پٺتي آهي.
اسان جي ٻي فلائيٽ EK-211 جيڪا پڻ اميريٽس ايئرلائين جي هئي، دبئيءَ جي وقت مطابق صبح جو 9:45 تي رواني ٿي. مون زندگيءَ ۾ دنيا جا ڏاڍا سفر ڪيا آهن پر اڄوڪو سفر لڳاتار اُڏام جي حساب سان ڊگھي ۾ ڊگهو سفر هو. جهاز ۾ ويهڻ شرط ٻڌايو ويو ته اسان پورن سورهن ڪلاڪن ۾ هوسٽن پهچنداسون. مون پنهنجي سفرنامي ”سهسين ٿيا سارنگ“ ۾ 8 ڪلاڪن جي مخلتف فلائيٽس جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ اهو ذڪر ٿيل آهي ته هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچڻ ۾ اڪثر ڪري اسان جي اڏام 8 ڪلاڪن جي هوندي هئي. هڪ ٻه ڀيرا اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ سفر فقط ڏهن ڪلاڪن تائين ڪيم پر اڄوڪي 16 ڪلاڪن جي لڳاتار اُڏام جي انائونسمينٽ ٻُڌندي ئي ڄڻ ڇِرڪي ويس. ٿيو به بلڪل ائين. پهرين پنجن-ڇهن ڪلاڪن گذرڻ کانپوءِ ئي بوريت محسوس ٿيڻ لڳي. هڪ دلچسپ ڪتاب کولي ويهي رهيس پر پوءِ سفر جي بوريت ۾ ڪتاب پڙهڻ جو پورو لطف حاصل ڪري نه سگهيس. ٿوريءَ دير کانپوءِ اسان جو جهاز هوا جي زور (Air Pockets) سبب جهٽڪا هڻڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ته اُهي جهٽڪا ايترا ته زوردار هئا جو مسافرن سخت پريشانيءَ جو باعث بنجي ويا. ڪلاڪ ڏيڍ تائين اهي جهٽڪا ايندا رهيا ۽ سڀني مسافرن کي چيو ويو ته سيٽ بيلٽ ٻَڌي ڇڏين، ان ڪري اسان کي حفاظتي بيلٽ لڳاتار ٽائيٽ رکڻا پيا. هڪ ٻن مسافرن تي زور پئجي ويو ۽ ٽوائليٽ (Toilet) ڏانهن وڃڻ لڳا پر ايئرهوسٽيس کين اوڏانهن وڃڻ نه ڏنو ۽ ويچارا واپس وڃي پنهنجن سيٽن تي ويٺا. ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ وڃي جهٽڪا بند ٿيا ۽ مسافرن جي چهرن تي ٻيهر رنگ ۽ رونق جا پاڇا نمودار ٿيڻ لڳا. هڪ ايئرهوسٽيس کي مون چيو ته: ”مهرباني ڪري مون کي اهو ٻڌاءِ ته دبئيءَ کان هوسٽن تائين ڪهڙن مکيه شهرن مٿان اسان جي جهاز کي گذرڻو هو“. چيائين ته: ”مون کي خبر ڪانهي باقي مان جهاز جي ڪپتان کان پُڇي اوهان کي ٻڌايان ٿي“. ٿوريءَ دير ۾ مون کي هڪ پنو آڻي ڏنائين ۽ چيائين ته نائب ڪپتان صاحب چوي ٿو: ”هونئن ته اسان ڪيترن ئي شهرن مٿان گذرنداسون پر وڏا ۽ مکيه شهر هي آهن. وارسا (پولئنڊ)، ڪوپن هئگن (ڊينمارڪ) ۽ ٽورونٽو (ڪئناڊا)“.
امارات (EMIRATES) جي اُڏام بهرحال ڪافي آرامده هئي. سندن کاڌي پيتي جو انتظام نهايت ئي اعليٰ معيار جو هو. ايئرهوسٽيس جوسز پياري پياري اسان کي ٿڪائي ڇڏيو هو. ڪنهن وقت جوس پيئڻ تي دل نٿي چاهيو، پر حسِين چهرن جي موهيندڙ مُرڪ ۽ نفيس هٿن سان جڏهن اُها جوس پيش ڪئي ٿي ويئي ته مون جهڙن حُسن جي پوڄارين کي مجال ئي ڪانه ٿي جو اهڙي من موهيندڙ پيشڪش کي ٺُڪرائي سگهجي.
هاڻي اعلان ٿيو ته ٿورڙي دير ۾ اسان هوسٽن ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون تنهنڪري اسان کي حفاظتي بندن ٻَڌڻ لاءِ چيو ويو. هوسٽن ايئرپورٽ تي موسم خراب هجڻ سبب جهاز کي هڪ ٻه چڪر هوا ۾ لڳائڻا پيا، نيٺ مقامي وقت مطابق شام چئين وڳي جهاز لئنڊ ڪيو. اهڙيءَ طرح پورن ساڍن سورهن ڪلاڪن جي لڳاتار اُڏام کانپوءِ هوسٽن پهچي وياسين. اميگريشن وارن ڪيترن مسافرن کان چڱا خاصا سوال ٿي ڪيا پر هميشه وانگر مون کي هڪ منٽ اندر فارغ ڪري ڇڏيائون. جيئن ٻاهر آيس ته منهنجو پُٽ اعجاز، ڀائٽيو ممتاز ۽ ڀائرن جهڙو ماروٽ فيض ايئرپورٽ تي موجود هئا. ايئرپورٽ تان سڌو ممتاز ۽ انيتا جي گهر پهتاسون. رستي تي ٽرئفڪ ڪافي جام (Jam) هئي.
ممتاز جي گهر فيض، حُسنه (فيض جي شريڪِ حيات)، ممتاز، انيتا (ممتاز جي وائيف)، آءٌ، فاروق، منهنجو پُٽ اعجاز موجود هئاسين. ٿوريءَ دير کانپوءِ نئون مهمان يعني ممتاز ۽ انيتا جو پُٽ زوهيب ننڊ مان جاڳيو جنهن کي ڏسي دل بهار بهار ٿي ويئي. خوبصورت ۽ بخت وارو نظر آيو. ٻه-چار ڪلاڪ ڪچهري ڪئي سون، مگر مجال آهي جو هڪ سيڪنڊ لاءِ به زوهيب کي روئندو ڏٺو هجي. مون کي دل ۾ حسرت رهجي ويئي ته زوهيب کي جيڪر ڏسان ته هو روئي ڪيئن ٿو. ننڍڙي زوهيب کي باغ بهار ڏسي منهنجي ذهن ۾ ڪجهه شعر سِرجڻ لڳا. ڪچهريءَ کان فقط ڏهن منٽن جي اجازت وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آيس ته ٻه چار سِٽون لکجي ويون جيڪي ٻاهر وڃي سڀني کي ٻڌايم ۽ سڀئي ڏاڍا خوش ٿيا:
سنڌي چوسٽو:
اي انيتا فاطمه! ممتاز! آهيو خوش نصيب،
دائمي وسنديون اوهان تي رب جون شل رحمتون،
ٿيو عنايت هڪ نئون ناياب آ تحفو زوهيب!
ان جي صدقي ۾ اوهان تي ٿينديون نازل نعمتون.
اردو قطعو:
ہیں انيتا فاطمه! ممتاز! کتنے خوش نصيب،
ميرے رب نے دامنِ اُميد ان کا بھر ديا،
پھول جيسا چاند جيسا خوبرو بيٹا زوهيب!
ديکھئے الله نے اُن کو عنايت کرديا.
رات جو دير تائين ڪچهري ڪري فاروق جي گهر پهتاسين ۽ پهچڻ شرط بستري تي اهڙا وڃي ڪِرياسين جو ٻئي ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي وڃي اکيون کُليون. غسل ڪري تازو توانو ٿيس. ٿوريءَ دير کانپوءِ اعجاز ۽ فاروق به اُٿيا. شام جو 8 وڳي ڌاران فيض، ممتاز ۽ انيتا به پهچي ويا ڇاڪاڻ ته اڄ رات جي ماني جي ميزباني فاروق پنهنجي ذمي ڪئي هئي. فاروق منهنجي ڀاءُ هدايت بلوچ جو ٻيو نمبر پُٽ آهي ۽ اُهو به ويهن ٻاويهن سالن کان آمريڪا ۾ رهندو آهي.
اعجاز ٻڌايو ته نيويارڪ کان نعمت جو فون آيو هو جنهن اوهان جي پُڇا ڳاڇا ڪئي ۽ اوهان کي کوڙ سارا سلام موڪليا اٿائين. نعمت منهنجي چاچا غلام مصطفيٰ مهجور (مرحوم) جو وڏو پُٽ ۽ منهنجو سڳو سوٽ آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان وٺي نيويارڪ ۾ رهندو آهي. الله جا لک شڪرانا جو اسان جي خاندان ۾ محبتن جو رشتو مضبوط رهندو آيو آهي ۽ ڪلفتن يا نفرتن ڪڏهن به اسان جي اڱڻ تي پير نه پاتو آهي.