دل گهرئي دوست ڊاڪٽر امداد سيهڙ سان ملاقات
آءٌ به پهرئين ڏينهن تي جيئن ئي هوسٽن پهتو هوس ته ڊاڪٽر صاحب جي پُڇا ڪرڻ تي ممتاز ٻڌايو هو ته امداد صاحب پاڪستان ويل آهي پر هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچڻ وارو آهي. بهرحال ڊاڪٽر امداد جي گهر وڃڻ جو پروگرام ٺاهيوسين. منهنجو پٽ اعجاز ۽ ڀائٽيو ممتاز ڊيوٽيءَ تي هئا، تنهنڪري برادرم عبدالواحد ڪاڇيلي کي چيم ته مون کي ڊاڪٽر امداد جي گهر ڇڏي اچي. جيئن مٿي لکيو اٿم ته ڪاڇيلو صاحب دلبر شخص آهي، بنا دير مون کي امداد صاحب وٽ پهچائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اسان ڪلوٽ کان شام جو 4 وڳي نڪتاسين ۽ پورن ٻن ڪلاڪن جي ڊرائيو کانپوءِ امداد صاحب وٽ پهتاسين.
ڊاڪٽر امداد صاحب منهنجي ڪري پنهنجن ٻن دوستن امان الله تُرڪ ۽ ظفر آغا کي به دعوت ڏيئي پنهنجي گهر گهرائي ورتو هو. ڪاڇيلي صاحب کي جلد واپس وڃڻو هو پر امداد صاحب کيس وڃڻ نه ڏنو ۽ حُجت ڪندي کيس چيائين: ”ته يار اڄ ماني مون سان نه کاڌئي ته مزو نه ايندو، تنهنڪري مهرباني ڪري ماٺ ڪري ويهي رهه“. امداد سان ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ تمام ويجهو رشتو رهيو آهي ان ڪري ورهين پڄاڻان اڄ هتي هوسٽن ۾ ملڻ جي موقعي تي شعر جون ٻه چار سٽون ڄڻ خود بخود لکجي ويون جيڪي سڀني کي پڙهي ٻڌايم:
ٿيو هوسٽن ۾ اڄ ملڻ، ويا ڳُڻ پراڻا ڳائجي،
ناتا نوان، تازا ٿيا، ويا دل اندر دهرائجي،
امداد سان قربن ڪڙيون، ويون نِت نيون گرمائجي،
رشتا عنايت پيار جا، ويا ڄڻ وري ورجائجي.
سڀني دوستن کي شعر ڏاڍو وڻيو ۽ امداد ڏانهن ڏٺم ته ائين لڳو ڄڻ هو گهَري سوچ ۾ غرق ٿي ويو هجي ۽ ماضيءَ ۾ لياڪا پائي رهيو هجي.
ڊاڪٽر امداد سيهڙ سان منهنجي ملاقات 1988ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي هئي جتي هو ايس.ڊي.ايم هو ۽ آءٌ تڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر هئس. هر طرف دوستن ۽ مهربانن جو ان وقت ڪيڏو نه خوشگوار ۽ دوستيءَ وارو ماحول هو. شيخ علي محمد صاحب حيدرآباد جو ڪمشنر هو. شفيق پراچا، جيڪو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي منهنجو ساٿي اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر هو، سو هاڻي حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر هو. محترم محمد بچل ساڱري حيدرآباد جو ايس.ايس.پي (سينيئر سپرنٽيڊنٽ پوليس) هو، ڊاڪٽر امداد سيهڙ اسسٽنٽ ڪمشنر (ايس.ڊي.ايم) ته وري نظام الدين جتوئي صاحب ڊائريڪٽر انفرميشن هو. هر ٻئي ٽئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن جي گهر تي ڪچهري ٿيندي هئي. تڪلف وارا طعام ۽ مانيون هڪ طرف ته يارن جون ميٺاج ۽ محبت واريون ڪچهريون ٻئي طرف هيون.