شخصيتون ۽ خاڪا

ڪُوڙي دنيا سچا ماڻهو

قادر جوڻيجي انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي دنيا جي چئن عظيم انقلابين هوچي منھ، پئبلو نرودا، ڪم چي ها ۽ بوبي سئنڊس تي لکيو آهي. جيستائين انهن انقلابين تي لکڻ جي سلسلي ۾ چونڊ جو تعلق آهي ته اهي چارئي هن ويجھڙي دور جا آهن. ٻي ڳالھه اها آهي ته انقلابي هئڻ سان گڏ اهي ليکڪ به آهن.
Title Cover of book ڪُوڙي دنيا سچا ماڻهو

پئبلو نرودا

پئبلو نرودا، چليءَ جهڙي غريب ترين ملڪ جي ڏاکڻي حصي جي هڪ شهر تموڪو ۾ پيدا ٿيو. هو ريلوي مزدور جي گھر ۾ 22 جولاءِ 1904ع تي پيدا ٿيو. سندس نالو ”رڪاردو نيفٽالي ريز“ رکيو ويو، نرودا جو ننڍپڻ، جوڀن ۽ جواني خوبصورتي ۽ سونهن جي گود ۾ گذريو. چليءَ جي ڏاکڻن ٻيلن ۾، جتي قدرتي حسن، سونهن ۽ سچائيءَ جا ساگر ڇوليون ڏيندا رهندا هئا، جتي فطرت جي مشاهدي سندس ڪچڙي ذهن تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا ۽ چتر چٽيا، ورهن گذرڻ تائين سندن شاعري ۾ ماضيءَ جي يادن جا عڪس صاف ۽ چٽا نظر آيا. ماڻس هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي، جيڪا نرودا کي ٽن ورهن جي ڄمار ۾ سلھه وگھي اڪيلو ڇڏي وئي، جوانيءَ جا آثار سندس چهري تي نمايان ئي مس ٿيڻ لڳا هئا جو سندس پيءُ به هڪ ريلوي حادثي ۾ گذاري ويو، سورنهن سالن جي عمر ڏاڍي پرڪشش ۽ عاشق مزاج عمر ٿيندي آهي. ان عمر ۾ ماڻهو يا ته ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ چاهيندو آهي يا ته ڪنهن جو ٿي وڃڻ چاهيندو آهي. ۽ زندگيءَ جي ان سورنهن ڏاڪي تان ڪرڻ جي صورت ۾ يا پار ٿيڻ جي صورت ۾ هر ڇوڪري يا ڇوڪريءَ لاءِ زندگيءَ جا اڻ مندائتا امتحان شروع ٿي ويندا آهن، زندگيءَ جي ان اسٽيج تي هر ماڻهوءَ جي ڇڪ جي قوت ڀرجي ويندي آهي. اسٽيج جي ان ڏاڪي تي هو ”ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج“ ۾ داخل ٿيو جتان فرينچ ٻوليءَ ۾ سند (Certificate) مليس، نهايت ئي سنجيدو ۽ ماٺيڻو نرودا، انهن ڏينهن ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ها هر ماڻهو زندگيءَ جي پهرين امتحان ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ ئي شاعر بڻبو آهي، پاڻ ئي لکيائين.
’غريبن جي اولاد جي لاءِ زندگي ڏاڍي ڪٺن هئي، پر اهو دور مون لاءِ هڪ غريب جي حيثيت ۾ به ڏاڍو ولوله انگيز هيو. ان دور ۾ ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئم، مطالعو به ڏاڍو ڪندو هوس ۽ ان ئي دور ۾ دل به ڦرائي ويٺس.‘
پئبلو نرودا، جديد مارڪسي فلسفي جو بهترين ڄاڻو ۽ پارکو هئو. پر ان هوندي به هو هڪ وڏو قومپرست هو، اسپيني زبان (چليءَ جي قومي زبان) جو سڀ کان پهريون شاعر آهي جو ڏکڻ آمريڪا ۽ اسپين جي ادبي دنيا جي اڀ تي پوري اڌ صديءَ تائين سج جيان روشن رهيو، ڪو به ٻيو شاعر ان عظمت کي گهٽائي نه سگھيو. شروع کان آخر تائين هو بين الاقوامي شخصيت جو مالڪ رهيو. اڻويهن ورهين جي ڄمار ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ روس جي اشتراڪي انقلاب جي ڪاميابيءَ کانپوءِ، اڻويهين صديءَ جي مشهور چيڪو سلاويڪي ڪهاڻيڪار جين نرودا (jan Naruda) متاٿر ٿي پنهنجو نانءُ نرودا رکيائين. پئبلو سان مراد اهي ”حسين ۽ خوبصورت“ !
پئبلو نرودا کي ڪيترائي انعام مليا، 1905ع ۾ سندس بهترين شاعريءَ جي ڪري ”بين الاقوامي امن انعام”International peace Prize“ مليو، ان سان گڏو گڏ ان ئي سال کيس ”لينن ۽ اسٽالن امن انعام’Lenin and Stalin Peace Prize‘ مليو، 1965ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان ادب ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري “Doctor of Literature” سان نوازيو ويو. جيتوڻيڪ هو مارڪس جي جديد سائنسي فلسفي جو پرچارڪ هئو، تنهن هوندي به هن چليءَ جي معيشت ۾ جڏهن ڌارين جي دخل اندازي کي محسوس ڪيو، تڏهن هن جي وجود اندر ويٺل قومپرستي جاڳي اٿي. هن چيو ڪنهن به ڌارئي ۽ ولائتي کي اسان جي ڌرتيءَ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جو حق نٿو پهچي، جڏهن هن محسوس ڪيو ته چليءَ جو مزدور بک ٿو مري ۽ ٻاهريون ڌاريو مزدور عياشي ٿو ڪري تڏهن هن محسوس ڪيو ته قومون ڦرلٽ به ڪنديون آهن.
23- سالن جي عمر ۾ هو هڪ شاعر جي حيثيت سان مشهور ٿي ويو، سندس همت افزائيءَ لاءِ کيس سفارتي نمائندو (Consular) جو عهدو ڏنو ويو، ۽ ان بعد چليءَ جي سرڪار پڻ کيس سفارتي نمائندو بڻائي برما موڪلي ڇڏيو، جتي ميڊرڊ ۾ چليءَ جي قونصل جنرل جي حيثيت سان رهيو. 1924ع ۾ کيس اسپين موڪليو ويو جتي ”فيڊريڪو گارشيا لورڪا“ ۽ ”هرننديز“ ۽ ٻين اسپيني شاعرن سان سندس ڄاڻ سڄاڻ ۽ دوستي ٿي. 1936ع ۾ جنرل فرانڪو جي فوج خلاف اسپين ۾ گھرو لڙائيءَ جي ڪري لورڪا ۽ هرننديز ۽ ٻيا ڪيترائي سندس دوست مارجي ويا. هن کان سٺو نه ٿيو. سفارتي نمائندي جي حيثيت سان پنهنهجي ملڪ کي، اسپين جي جمهوريت پسندن جي حمايتي هئڻ جو اعلان ڪيائين. ان جو نهايت شديد ردعمل ٿيو. ان وقت جي چليءَ جي حڪومت کيس ان عهدي تان هٽائي واپس گهرايو. پئبلو کي ان ڳالھه جو ذرو به خيال نه ٿيو. هو پنهنجي ملڪ وڃڻ بدران پيرس ڏانهن روانو ٿي ويو. جتي هن اسپين جي بي گھر ٿيل سياسي پناهگيرن ۽ جمهوريت پرستن جي آمد ۽ نگراني جو انتظام ڪيو. ۽ ان دؤر ۾ هن اسپين جو گھرو لڙائي تي هڪ نظم ”اسپين منهنجي دل آهي“ Spain is my heart لکي.
1942ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران جڏهن هٽلر جي فوجن اسٽالن گراڊ جي شهرين کي گھيري ۾ آڻي انهن جو قتل عام ڪيو ٿي ويو، ان وقت پئبلو نرودا ميڪسيڪو ۾ هو ۽ هڪ سفارتي عيوضي جي حيثيت سان رهيل هو، تڏهن به هن سفارتي آدابن کي انسانيت ۽ انساني همدردي کان مٿاهون نه سمجھائين. جتي به ڪنهن انسان تي ظلم ٿيو، هن هڪ حساس شاعر جي حيثيت ۾ ان ظلم کي ننديو. انسانيت جي معاملن ۾ هن ظلم ۽ انصاف مان ڪنهن به هڪ لفظ جي چونڊ پئي ڪئي، ۽ ظلم جي ڀيٽ ۾ هن هر مظلوم سان انصاف پئي چاهيو ۽ ڪيو. ميڪسيڪو ۾ پڻ اسٽالن گراڊ ڏانهن منسوب ٿيل پنهنجو نظم جيڪو هٽلر ۽ نازي ازم جي خلاف هڪ طويل نظم هئو، اهو ڇپائي ميڪسيڪو جي ديوارن تي چنبڙايو. نظم جو ڪجھ هصو هيئن آهي.

”اي اسٽالن گراڊ......!!
اسان تنهنجي ديوارن تائين نه ٿا پهچي سگھون.
اسان تو وٽ نه ٿا اچي سگھون، اسان تمام پري آهيون.
اي شعلن سان روشن شهر.....!!
تون اوستائين پنهنجو بچاءُ ڪر جيستائين اسان تو وٽ پهچي سگھون،
۽ اسان طوفان ۾ گھيريل انڊيز (آمريڪا جا اصل رهاڪو)،
تنهنجي ديوارن کي انهن سپوتن ۽ سورهن جي چمين سان ڇهي سگھون،
جي تو وٽ اچڻ جي خواهش ۽ اميد وچان تڙپي رهيون آهن“

پئبلو 1974ع ۾ چليءَ جي سينيٽ جو رڪن مقرر ٿيو، 1948ع ۾ چليءَ جي کاٻي ڌر جو صدر گوننزاليز وڊيلا (Gonzalez Videla) چونڊن ۾ کٽڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي نظريي تان ڦري ويو تڏهن پئبلو انهيءَ جي حڪومت جي خلاف آواز اٿاريو، جنهنڪري حڪومت کيس ملڪ دشمن قرار ڏيئي، کيس هٿ ڪرڻ لاءِ انعام جو اعلان ڪيو.
نرودا نه صرف شاعر جي حيثيت سان پر هڪ حق پرست ويڙهاڪ جي حيثيت سان پنهنجي قوم جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. جيستائين جيئرو هئو، سامراج خلاف وڙهندو رهيو، ۽ سامراج کان لاطيني آمريڪا جي آزاديءَ لاءِ مسلسل جنگ ڪندو رهيو. چليءَ ۾ ورهين تائين جمهوريت ۽ آمريت وچ ۾ جنگ هلندي رهي پر نرودا هڪ سپاهيءَ جيان پنهنجي ديس ۽ قوم خاطر ان جنگي محاذ تي پنهنجي عوام جي ڌر رهيو. هو عملي طور ان خيال جو حامي هئو ته ”سياست انسان جو مقدر آهي، سياست کان انڪار ۽ ڀاڄ جي دعوى پڻ هڪ قسم جي بزدلانه ۽ هيڻائپ واري سياست آهي.“
پئبلو نرودا، انتهائي گھٽ نثر تخليق ڪيو، سڄي زندگي هن پنهنجي خيالن ۽ سوچن کي نظم جي روپ ۾ عام ماڻهو جي ڏکن ۽ سورن سان ڳنڍيندو رهيو.
ايتريقدر جو نرودا اکرن ۽ لفظن جو جادوگر ڪوٺجڻ لڳو.
چليءَ جي رهاڪن کي چوڌاري سندس لفظ ۽ جملا متحرڪ ۽ چرندڙ پرندڙ محسوس ٿيا. ائين پئي محسوس ٿيندو هئو ڄڻ سندس گيتن کي زبان مليل آهي ۽ اهي گھٽيءَ گھٽيءَ ڳالهائيندا ٿا رهن، هن شاعريءَ ۾ روايتن کان بغاوت ڪئي. ۽ روايتي شاعريءَ کان تمام اڳڀرو نڪري ويو. ماريو پراز چيو ”نرودا جي شاعري، شام جي وقت لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ڏانهن مائل پس منظر ۾، دف جي تال تي رقص ڪندڙ انقلاب جي ديويءَ جو سرمدي نغمو آهي.“ اسپيني شاعر، ناٽڪ نويس ۽ عظيم قلم ڪار فيڊريڪو گارشيا لورڪا هڪ ڀيري پئبلو جو ذڪر ڪندي چيو ”هن شاعر کي فلسفي کان وڌيڪ موت سان انس آهي، عقل ۽ فهم جي بدران موت کي ويجھو ٿو وڃي ۽ رت جي راند کيس مس کان وڌيڪ پسند آهي.“
پئبلو نرودا پاڻ به هڪ ڀيري پيرس ۾ تقرير ڪندي پنهنجي فن ۽ قلم کي قوم وارن سان ڳنڍڻ جو درس ڏنو. هن محسوس ڪرايو ته جنهن قلم ڪار جي قلم جو واسطو غلام ۽ مظلوم سان ناهي، جنهن قلم ڪار جي قلم جي مس جو ناتو آزاديءَ سان وڙهندڙ جوڌي جي رت ۽ پورهيت جي پگھر سان ناهي اهي قلم ڪار ۽ قلم بي زبان آهن، لاوارث آهن اجايا آهن. ھن تقرير ڪندي چيو”جو ڪجھ انسانن جي بهتريءَ لاءِ لکي سگھجي ٿو اهو مان لکان ٿو، مان اهو ئي لکان ٿو جيڪو ڪجھ ڏسان ۽ محسوس ڪريان ٿو، ۽ شاعريءَ جي ايجاد کان مون کي خدا پناھه ڏيندو.“ عجيب اتفاق هي آهي ته نرودا زندگيءَ جو شاعر هو پر سندس شاعريءَ جو سڀ کان وڏو موضوع موت هئو.
نرودا ڪڏهن به پنهنجي سياست ۽ ساهت (شاعري) وچ ۾ ڪنهن ٽين شيءِ کي ديوار بڻجڻ نه ڏنو. سندس شخصيت ۽ وجود خود سياست ۽ شاعري وچ ۾ هڪ فولادي ديوار بڻيل هو. جنهن جي هڪ طرف سياست هئي ته ٻئي طرف شاعري. 1970ع ۾، جڏهن نرودا چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صدارتي اميدوار جي حيثيت هڪ عام جلسي ۾ تقرير ڪندي هن چيو هو ته :
”مون پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ ڪڏهن به ان مسئلي تي ناهي سوچيو، ته مان پنهنجي جيون کي سياست ۽ شاعريءَ جي جڙتو ۽ هٿراڌو خانن ۾ ورهائي ڇڏيان، مان چليءَ جو ڄائو ۽ اتي جو ئي رهاڪو آهيان، چليءَ جو هڪ اهڙو پٽ، جنهن کي پنهنجي قومي وجود جي بدنصيبين ۽ ڏکاين ۽ دشوارين جي ڄاڻ رهي آهي، جنهن قوم جي هر ڏک، ۽ سک ۾ انهن ڀاڱي ڀائيواري ڪئي آهي، ان جو ساٿ ڏنو آهي، مان هنن لاءِ اڻ ڄاڻ ۽ اجنبي ناهيان، مان انهن منجھان ئي اهيان، مان قوم جو هڪ جز آهيان، منهنجو واسطو به چليءَ جي هڪ پورهيت گھراڻي سان آهي، ۽ مان ڪڏهن به حاڪم ٽولي جو ٻانهن ٻيلي ناهيان رهيو، ۽ نه ئي اقتدار جو بکيو رهيو آهيان، مون پنهنجو نظريو پنهنجو مستقبل ۽ پنهنجو عمل ساعريءَ ذريعي عام ماڻهوءَ تائين پهچايو آهي، چليءَ جي ماڻهن جي طرفداري ۽ خدمت کي مون هميشه پنهنجو پيشو ۽ فرض ڄاتو آهي، مون انهن جا ئي گيت ڳاتا آهن ۽ انهن جي حفاظت لاءِ ئي زندھه آهيان.“
1970ع ۾ صدارتي اميدوار جي حيثيت سان هڪ خوبصورت صحافي ڇوڪريءَ ريٽا گيوبرٽ، پئبلو نرودا کان سندس سياسي ۽ ادبي نظرين جي بنياد تي هڪ اهم انٽرويو ورتو. جڏهن ھن نرودا کان پڇيو ته جيڪڏهن اوهان کي صدارت جي عهدي يا نوبل انعام مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته اوهان ڪنهن جي چونڊ ڪندا.
نرودا چيو“مسئلو اهڙين غير حقيقي شين جي چونڊ جو ناهي“ يعني هن ساھت (شاعريءَ) آڏو صدارت ۽ ڪنهن نوبل انعام کي غير حقيقي ڪوٺي ادب جي حقيقت کي اهم تسليم ڪيو. جڏهن نوجوان ڇوڪري ”ريٽا گيوبرٽ“ ٻيهر کانئس پڇيو ته ”ڀلا فرض ڪريو ته جنهن ميز تي اوهان ويٺل هجو ان ميز تي هڪ طرف صدارت جو عهدو رکيو وڃي ۽ ٻئي طرف نوبل انعام ته.....؟؟“ نرودا ٺھه پھه ورانيو ”مان ان ميز تان اٿي ڪنهن ٻي ميز تي وڃي ويهندس.“ ۽ پوءِ آخر چليءَ جي مقبول ۽ مڃيل صدر ”ڊاڪٽر سلويڊار آئيندي“ جي حق ۾ صدارتي اميدواري تان هٿ کڻي ويو. جيڪي ڳالهيون اهو ظاهر ٿيون ڪن ته پئبلو نرودا پنهنجي ڏات ۽ شاعريءَ کي انهن مڙني شين کان عظيم، مهان ۽ مٿاهون ٿي سمجھيو. هن آڏو لوڀ لالچ ۽ خوشامد جي ڪابه اھميت ۽ حيثيت ڪانه ھئي. ھن جي شخصيت ۽ اڏولتا ڪنھن به لالچ آڏو جھڪڻ واري نه هئي.
اسان جي سنڌي اديبن ۾ جيڪو وڏ ننڍائي ۽ پاڻ پڏائڻ واورو جيڪو رجحان آهي، اهڙو ساڳئي قسم وارو لاڙو چليءَ ۾ پڻ هئو. جڏهن نرودا جي ڏات کي ذات آڏو ٻين اديبن جون تخليقون ۽ ذات ڪنهن به مقابلي واري حيثيت ۾ نه اچي سگھيون تڏهن، اتي جي اديبن نرودا تي مختلف قسم جا الزام هڻڻ شروع ڪيا، ڇو ته انهن نرودا کان اڳ لکڻ شروع ڪيو هو، پر پوءِ هن جي ڀيٽ ۾ غير اهم ۽ اجايو. تڏهن اديب چوڻ لڳا ته ”ڏسو.....ڏسو هو (پئبلو) ڪيئن زندگي گھاري ٿو، سمنڊ جي ڪناري تي هن جو گھر آهي، ۽ هو اونچا شراب پئي ٿو.“
جڏهن 12 سيپٽمبر 1973ع تي چليءَ جي عوامي حڪومت، کاٻي ڌر جي نمائنده دنيا جي پهرين جمهوري طريقي سان چوبنڊيل مارڪسي حڪومت جي صدر 65 ساله ڊاڪٽر سلويڊار آئيندي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. جنهن جي حق ۾ خود پئبلو نرودا صدارت جي عهدي تان هٿ کنيو هو. آئيندي فوجي ٽولي آڏو پيش پوڻ بجاءِ ۽ چليءَ جي ننڍڙي فوجي ٿورائي (اقليت) آڏو جھڪڻ بجاءِ زندگيءَ جو نذرانو ڏنو، ۽ ثابت ڪيو ته جنهن جو ڪنڌ قوم آڏو جھڪي، ٿو ان جو ڪنڌ ڪنهن فوجي آڏو نه ٿو جھڪي سگھي، جنهن جو ڪنڌ ڪنهن مظلوم آڏو جھڪي ٿو، ان جو ڪنڌ ڪڏهن به ڪنهن ظالم آڏو نه جھڪندو. ڇو ته سجدو صرف هڪ ڀيرو ڪنهن هڪ ئي قوت کي ڪبو آهي. مرندي وقت سندس اهي لفظ هئا ته ”مان قوم جي غدارن سان ڪڏهن به سوديبازي يا ٺاھه ڪري نه ٿو سگھان.“ ۽ آئيندي جي موت پئبلو نرودا کي ايترو ته ڏک پهچايو، جو هو ڏکايل رهڻ لڳو. پر پئبلو نرودا جو موت پڻ هڪ وحشيانه خوني حملي ۾ ٿيو، 24 سيپٽمبر 1973ع تي هيءَ خبر آئي ته ”اسپيني زبان (چليءَ جي قومي زبان) ۽ دنيا جو عظيم شاعر پئبلو نرودا سرطان وگھي مري ويو.“ اها ته هئي سرڪاري خبر.... پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي ان خبر بعد جڏهن ماڻهو سندس گھر پهچڻ لڳا، تڏهن سندس لاش ڊٿل ۽ تباھه ٿيل گھر جي ويراني ۾ پيل هو. سندس لاش جي چوڌاري ڪئبن ۽ درين جا ڀڳل شيشا، ڦاٽل تصويرون، ڪتاب، پنا ۽ آڳاٽي زماني جا ٿانوَ، چوڌاري وکريل پيا هئا، محسوس ائين پئي ٿيو ته سندس گھر مٿان ڪنهن دستي بمن سان حملو ڪيو آهي، ڇو ته سندس گھر ۾ سمهڻ واري ڪمري جي حالت ان ڳجھ کي اگھاڙو ڪري ڇڏيو ته ”نرودا پنهنجي موت نه بلڪ دستي بم جي استعمال ۾ مئو آهي.“ ۽ صدر آئيندي کان پوءِ فوجي حڪومت جو هي ٻيو سياسي قتل هو، ڇو ته فوجي جنتا سمجھي پئي ته پئبلو نرودا صدر آئيندي جو گھاٽو دوست ۽ کاٻي ڌر جو مڃيل اڳواڻ هئو جيڪو مستقبل ۾ سندن حڪومت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگھيو ٿي.


[b]پئبلو نرودا جي شاعري
[/b]
اڄ 24 سيپٽمبر آهي، يعني پئبلو نرودا جي ڏهين ورسي، مون کي پڪ آهي ته چليءَ ۾ اڄ سندس ورسي شايان شان نموني عقيدت سان ملهائجي رهي هوندي، ڇو ته نرودا اڪيلو ناهي. مان هتي ويهي سندس تي هي مضمون لکي، کيس عقيدت جا گل پيش ڪري رهيو آهيان، جيئن مان به نرودا جي مظلوم پوئنرن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سندن ڏک ۾ شامل ٿي سگھان، ڇو ته نرودا چليءَ جي سورهه ماڻهن جي رت ۽ پورهيت ماڻهن جي پگھر کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شاعري تخليق ڪئي، هو چليءَ جي قوم جي زبان ۽ دل جو ڌڙڪو هو. سندس پوري زندگي مظلوم ۽ غلام ماڻهن ۽ قومن جي حق ۾، ظالمن سان وڙهندي گذري، ۽ دنيا ۾ اڄ به ڪيتريون قومون غلام ۽ ماڻهو مظلوم آهن. ”تيستائين پئبلو نرودا زندهه رهندو، جيستائين هن مظلوم ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مٿان غلامي ۽ ظلم جو تصور موجود آهي.“

[b]خوشين جي ورهاست
[/b]
مان پنهنجي جيون جا هڙئي ڏک درد،
هن حياتيءَ لاءِ ڇڏيون ٿو وڃان،
پر مان هينئر پنهنجي ماضيءَ جي پيڙائن دکن ۽ دردن کي وساري چڪو آهيان،
۽ هيئنر مون کي اها به ڄاڻ ناهي ، ته مون انهن کي ڪٿي وڃايو،
جيڪڏهن مون انهن کي جھنگل ۾ ڏٺو،
ته اهي انگورن جي وڻ تي چڙهندڙ انگوري جانور جيان پسنديون،
جيڪي ان جي پنن سان گڏ مٿي اڀرندا آهن،
۽ اتي وڃي ختم ٿيندا، جتي تون ختم ٿيندينءَ
تنهنجي ڪنڌ ۾ يا هوائن جي ڪنڌ ۾،
جيڪڏهن اهي ٻيهر نه اڀرندا،
ته توکي ٻيءَ بهار جي روپ ۾،
ٻيهر اچڻو پوندو.!!


[b]پاڇا ۽ سپنا
[/b]
اسان سڀئي هڪ ئي ماءُ (ڌرتيءَ) جا ڄاوا آهيون،
ساڳيو ئي حال انگورن جي پوک جو آهي،
ٻه انگور جا داڻا.....يعني،
ڳاڙهي رنگ جو ۽ اڇي رنگ جو،
زندگيءَ جو سڄو حسن ۽ سڄي خوبصورتي،
اهو ئي ڳاڙهو رنگ ۽ اڇو رنگ آهي،
جيڪو ظاهر آهي، اهو به چٽو ناهي،
هر شيءِ ڌرتي ۽ مٽي به ناهي،
پاڇا ۽ سپنا سڀ منهنجي ملڪيت آهن،
Explanation”سمجھاڻي نظم ۾ پئبلو نرودا لکيو“
”تون پڇندينءَ.....!! گلاب جي ڳاڙهن گلن جون قطارون ڪٿي آهن،
ماورائيت،”Metaphysics “ ڳاڙهن گلن جي پنکڙين ۾ ڪٿي لڪل آهي،
ڪٿي آهي، اها برسات جو کن کن ۾ لفظن ۽ پکين کي هڪ هڪ ڪري ٻاهر ڪڍندي رھي آھي.
مان ٿو توکي پنهنجي جيون ڪهاڻي ٻڌايان،
انهن منهنجي گھر کي گلن جو گھر چيو هئو،
۽ برابر ”جيرانيس“ ”Geraniums “ گل ٽڙيا بيٺا آهن،
منهنجو گھر گلن جو پناهه گاهه هئو،
جن ۾ کلندڙ ٻارڙا ۽ ڊڪندڙ (پاليل) ڪتا هئا،
مراقشي، فوجي دستا، ۽ هوائي جهاز وٺي،
موت جا سوداگر آيا،
انهن قاتلن سان گڏ اتي پادري به هئا،
جي کين آشيرواد ڏيڻ آيا هئا،
۽ رستي تي ٻارڙن جو رت ائين وهڻ لڳو،
جيئن هميشه کان وهندو آيو آهي.“


(مرڻ کان اڳ پئبلو نرودا سامراجين جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف نفرت جو اظهار پنهنجي آخري نظم ۾ ڪيو، جيڪو هن پنهنجي موت کان ڪجھ ڏينهن اڳ لکيو)

”اڄوڪي سيپٽمبر73ع جي تلخ ڏينهن ۾.
تاريخ جي سڀني خونخوار ۽ وحشي مروئن گڏجي،
اسان جي قومي جھنڊي کي ڌرتيءَ مٿان ڪيرائي وڌو آهي،
تو ڪيترو بي ڏوهي انسانن جو رت وهايو آهي،
تون جو پنهنجي جاگيردار مالڪن جي ٽڪرن تي پلجي ٿلهو متارو ٿيو آهين،
تون اهو فورو لٽيرو ۽ ڌاڙيل آهين، جنهنجو آخري ٺڪاڻو شيطاني دوزخ آهي،
تون هزارين ڀيرا فاحشه جي جسم جيان خريديو ۽ وڪيو ويو آهين،
تو کي نيويارڪ جي وحشي بگھڙن پنهنجن جو قاتل بڻائي مڪو آهي،
توهان جا هٿ، پنهنجي ئي ديش واسين جي رت ۾ ٻڌل آهن،
ٽڪرن جا بکيئو...... ۽ هوا جا عصمت فروش سوداگر......!!
بي رحم قاتل ڪاسائيو....!!
بي اصول ظالمن جي ٽولي جا ساٿاريو،
توهان جي جيون جو مقصد،
بي ڏوهي ماڻهن کي اذيتون ۽ بک ڏئي مارڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناهي!!

[b]تنهنجو چهرو
[/b]
تنهنجا نيڻ اتر کان اتر ڏانهن،
ڪنهن بهار جي مند ۾ ٽڙندڙ مکڙيءَ جيان ٽڙن ٿا،
تنهنجي بي بها مرڪ، تنهنجي ئي لبن جي اڀ مٿان،
ڪنهن ويڳاڻي ۽ تنها چنڊ جيان اڀري ٿي پوي،
تنهنجا آهستگيءَ سان کنيل قدم، مشڪل سان نظر اچن ٿا،
۽ سج.....!! تنهنجي ڪاريهر جهڙن ڪارن زلفن مٿان،
اڀرڻ کي خوشيءَ جي انتها سمجھي ٿو،
تنهنجو خوبصورت ۽ جسم......!!
سخت پر خوبصورت پٿر سان بڻيل آهي،
جيئن منهنجو.......!!


[b]ٻارڙي جو غسل
[/b]
هن ڌرتيءَ مٿان قديم ۽ آڳاٽي محبت،
ٻارڙن جي جسمن کي وهنجاري سهنجاري،
سينڌ ڪڍندي، ڦڻي ڏيندي،
محبت هن جي پيرن ۽ گوڏن کي سڌو ڪندي،
غير متحرڪ وجود ۾ تحرڪ پيدا ڪندي،
صابڻ ۽ پاڻي هن جي جسم جو مير ڌوئي ٿو،
۽ هڪ معصوم ٻارڙي جو جسم،
ماڪ ڀنل مکڙيءَ جيان مهڪي ٿو،
۽ ٻارڙو مامتا جي ھوائن ۾ ساھه کڻڻ لاءِ مٿي اٿي ٿو اوھه.....!!
ڪيڏي پيار ۽ پاٻوھ ۾ شديد نگهداري هيٺ پلجي ٿو،
ننڍرو ۽ خوبصورت معصوم ٻار،
خوبصورت نظرن جو فريب،
۽ بي جان جدوجهد......!!


[b]مقدس محبت
[/b]
بارش منهنجي ڀنل ڪنهن مقدس قبر جيان،
پنهنجي جھوني ۽ پراڻي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۽،
ڪنهن ڌارئي وحشي ۽ قاتل جي ڪوس گھر ۾،
ڌرتيءَ جي دلير ۽ سورهه جوڌن جي وهندڙ رت سان ڳوهيل مٽيءَ مان،
تنهنجو منهنجو چهرو ۽ جسم بڻيو آهي،
ان قتل عام ۾ مري ويندڙ زندگي،
اڄ به آزاديءَ جا گيت الاپي ٿي،
پر تون، او منهنجي پياري........!!
تون جھنگل منجھ منهنجي لڪل خوشبوءِ جا سڀئي خزانا،
کڻي واپس آئي آهين....!!
۽ تو جتان جتان منزل ڏانهن وڌندي،
ڪو پيچرو ۽ گس ٺاهيو آهي،
اهو ڪنهن پل صراط کان گھٽ ناهي،
ڌرتيءَ خاطر وڙهندڙ جوڌي کي،
انعام ۾ مليل اڀ ڏار تلوار جي ڌار جيان چمڪندڙ،
تو پنهنجي بي پناهه محبت ۽ پيار،
منهنجي وجود ئي قبضو ڪيو آهي ۽ هينئر،
مان تنهنجي محبت ۽ پيار جي نظرن ۾،
نظر بند ۽ قيدي آهيان.